حڪايت : ڳالهه
منشيءَ محسوس ڪيوته جيڪو الله جي پنڌ ۾ هلندو سوئي الله کي لهندو پر سَتُ يعني توڪل به رکي جيئن هن منشيءَ سمجهيو ائين اڄ ڪالهه جا ملان قاضي يا عوام ماڻهو الله کي ڪونه ٿا سمجهن. جن کي الله جي گهرج اهي تن کي الله سڏي ٿو. هڪ ٻن لفظن يا حرفن وسيلي پاڻ ڏي گهرائي ٿو وٺي. مگر جن کي نٿو گهرائي تن کي مخلوق جي درن تي ٿو رلائي
ظاهر جا عالم فاضل هن توحيد جي ڳالهه کان انڌا آهن اهي رڳو نفس ۾ غرق آهن ۽ دنيا جي جهان کي پنهنجو ڪيون ويٺا آهن. هر وقت گمراهي ۽ بد ڪم ڪن ٿا. جن الله کي اقرب ويجهو ڄاتو تن سڃاتو، الله به تنکي سڃاتو، گمراهن جي دل بيمار آهي. وَ اَمَّا الَّذِیْنَ فِیْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ فَزَادَتْهُمْ رِجْسًا اِلٰى رِجْسِهِمْ وَ مَاتُوْا وَ هُمْ كٰفِرُوْنَ(۱۲۵( قرآن. يعني جن جي دلين ۾ بيماري آهي الله انهيءَ تي پليدي کان پليدي وڌائيندو آهي. اهي دليون ڪثيل ۽ بيمار آهن الله نه ڏسنديون.
مثال: مورهه نئه قلات کان جبلن جي ڀر ڏيندي سيوهڻ کان سنڌو درياهه ۾ پوي ٿي. ان نئه جي ڀرسان هڪ بروهي ريڍار رهندو هو هڪ ڏينهن شينهن جو ٻچو ان نئه ۾ لڙهندو اچي ان ريڍار جي ڀرسان لنگهيو. بروهيءَ ان کي پڪڙي کڻي ڌاريو رڍن جي واڙ ۾سنگهر سان ٻڌائينس. پاليندي وڏو ڪيائينس هورڍن سان هري مري ويو. ڏينهن جو رڍن سان گهمي شام جو وٿاڻ تي موٽي ايندو هو. رڍن سان شينهن جي هوندي ڪوبه گدڙيا بگهڙ ڪونه ايندو هو. بروهي کي به پڪ هوندي هئي تنهن ڪري رڍن سان گڏ به ڪونه ويندو هو.
هڪ دفعي جبل مان هڪ شينهن اچي بروهيءَ واري شينهن سان گڏيو چيائينس ته تون ڪيئن رڍن سان گڏ ٿو گهمين. مون وانگر شينهن آهين. ڇو شڪار سان گڏيو ٿو وتين. بروهي واري شينهن چيس ته مان رڍ آهيان شينهن ڪٿي آهيان. پوءِ جابلو شينهن پڇ مان ٺڪاءُ ڪڍي ڏيکاريس. اهو ڏسي بروهي واري شينهن به پنهنجي پڇ مان ٺڪاءُ ڪڍيو جابلو شينهن جهٽ ڏيئي هڪ رڍ ماري وڌي. اهو ڏسي بروهي واري شينهن به ائين ڪيو. ائين ٻنهي گوشت ۽ رت کاڌو آخر سارو ڌڻ ماري ٻيئي جبل ڏانهن هليا ويا.
هي آدمي به عرش اعظيم واري وڏي شينهن جو ٻچو آهي جيڪو ڪثرت جي نئه ۾ لڙهي هت آيو .آهي بروهي ريڍار هي نفس اٿس. وَنفخَتُ فِيهِ مِن رُوحِي. جي آيت موجب هي معرفت جي ذاتي شينهن جو ٻچو آهي جابلو شينهن مرشد اٿس. رڍون نفساني خيال اٿس. جن جو ڌنار آهن ناسوت ۾ نفس اٿس. هن کي چاريندي ورهيه گذري ويا آهن بيخبريءَ ۾ڪراڙو ٿي ويو آهي. جو پاڻ کي به رڍ ٿي سمجهي. جڏهن مرشد اچي هدايت ڪيس ۽ آسمانن جي عروج ۽ نزول جا ٽپا سيکاريائينس. خيالات جا ڌڻ اسم اعظم جي ڌڪن سان ماري ختم ڪيائينس. معراج مهل مرشد گڏجي وڏي جبل يعني عرش اعظيم ڏي وٺي ويس. جوئي هيو سوئي ٿيو. ساڳيو شير خدا ٿيو.
بيت
غره کن توشيرواري شير حق، تارسد آن غره برهفتم طبق
اي حق جا شينهن تون شيهن وانگر گوڙ ڪر جيئن تنهنجي اها گوڙ ستين آسمان تي پهچي.
ميش مرهوم وجودت کن فنا.تارهي زاين جسم فاني دربقا،
پنهنجي وجود جي وهم واريون رڍون فنا ڪر ته جيئن هن فاني جسم مان نڪري بقا جي ملڪ ۾ رهين.
پنجئه شير خدائي آرزود تاکه اندر عشق گم گرد دوجود،
خدائي شينهن جو چنبو جلدي مٿي ڪر ته جئين تنهنجو وجود عشق ۾ گم ٿئي.
چيست پنجه اسم اعظم ذکردان ، قوت شير الاهي بيکران،
چئبو ڇا آهي. اسم اعظم جو ذڪر سمجهه ان لاهي شينهن جي طاقت بي انداز آهي.
طالب ومطلوب کوه آسمان برورند پاءِ کوبان جان فشان
طالب ۽ مطلوب آسمان واري جبل تي نچندا جان قربان ڪندا ويندا.
غرق گشتند هردو اندر رنور هو، ڪل شيءِ هالک اليٰ وجهه
ٻيئي هو واري نور ۾ غرق ٿيندا. ان جي ذات کانسواءِ هر شيءِ فنا ٿي ويندي.