مهاڳ
هن ڪتاب ۾ فقير صاحب مطلوب اڳيان صدق دل سان سر جهڪائڻ اسم اعظم جي ذڪر کي عروۃ الوثقيٰ ڄاڻي مضبوطيءَ سان پڪڙڻ. اسم ڪمائڻ دم قدم جو خيال رکڻ جنهن طور ۽ طريقي سان سمجهايو آهي، شايد اهڙي سمجهاڻي اڳ ڪنهن به تصوف جي ڪتابن ۾ آيل يا ڏنل نه آهي.
بار بار مثال ڏيئي اها ڳالهه سمجهائي ويئي آهي، سچل سرڪار جي چوڻيءَ مطابق ته ”تون ته آيو آن هتي ڪهڙي ڪم ميان، ڇو ٿو وطن وسارين پانهنجو”.
۽ اڪثر ڪري هن ڪتاب ۾ اهڙا مثال، تشبيهون ۽ استعارا شامل آهن. جو هر هڪ سادي طبع وارو اٻوجهه به تصوف جي آفاقي رستن کي سٺيءَ طرح سمجهي سگهي ٿو.
اي مرد درميدان بيا گرسه رو د رفتن پده
يعني، مرد ٿي ميدان ۾ اچ سروڃي ته پرواه نه ڪر ۽ وڃڻ ڏي
هن ڪتاب ۾ هادي شهنشاهه حضرت فولاد علي فقير جسم جي
هستي ۽ هئڻ کي وڃائي واٽ وٺڻ لاءِ هر گهڙي للڪاريندي نظر ٿو اچي. جيئن حضرت فقير غلام حيدر گودڙبه جن فرمايو آهي ته.
هي وڃي تان هو ٿئي، تڏهن ڳالهه ساري پئي پڌر،
“ڪوڙيون ڪتابن جون پڙهين اٿئي، زهد تقويٰ سڀ ضرر”.
يعني جسم سان جنبي جنگ جوڙ، اهو نفس نامراد ۽ نحس اڪبر اٿيئي. ان جي مخالفت مان ۽ ذڪر اسم اعظم وسيلي معنوي معراج کي پهچڻ ممڪن آهي.
نفس جون نگاهون هميشه عيش عشرتن ۽ سٺي طعام قيام لاءِ کتل هونديون آهن. انهن کان پاڻ کي پري رکڻ لاءِ مثال ڪردار هٿ ڪري، فقير صاحب سوليءَ سنڌيءَ ۾ سمجهايو آهي. ڌنار جي پور لئي جي پاڙ ۾ واڙ ٺاهڻ ۽ لئي جي پور ۾ گدڙ جو لڪيل هئڻ ۽ روزانو گهٽا مارڻ، سندن ٻاهر ڪاڏي به پير جو نيشان نه هجڻ، اهو سڀ ڪجهه اندران نفس جي وهمن ۽ خيالات کي نظر ۾ رکڻ ۽ نفس کي لڪل وجود ۾ دشمن موجود هئڻ جا نصيحت ڀريا نڪتا ٻڌايل آهن. جن تي عمل ڪرڻ سان آدمي پنهنجي حياتيءَ جي پونجي، يعني دمن وارو خزانو خيالات جي گدڙن کان محفوظ بنائي ٿو سگهي. جيئن پاڻ فرمائن ٿا ته.
“ نفس اعظم بت بود اندر وجود ، جمله عالم ميکنداور اسجود”
وجود ۾ نفس وڏو بت موجود آهي، سڄي دنيا جا ماڻهو ان اڳيان ساجد ٿيا بيٺا آهن. قرآن پاڪ به ان نفس کي نفس اماره سڏيو آهي ۽ حڪم ڪيو اٿس ته:
وَمَنْ يُوقَ شُحَّ نَفْسِهِ فَأُولَئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
يعني، جنهن پنهنجي نفس کي سڌن ۽ حرص کان بچايو پوءِ آهي ڪامياب آهن.
دم جي ذڪر ڪمائڻ لاءِ قرآن ڪريم ۾ پڻ حڪم صادر آهي ته:
وَاذٗکُر رّبَّک فِی نَفٗسِکَ تَضرُّعَا وَ خِیفَۃٗ وَ خِیفَۃَ وَدُونَ الٗجھر مِنَ القَولِ بِالغُد وِّ الا صالِ
يعني، ڪيو ذڪر خدا پنهنجي جو پنهنجي ساهه ۾ عجز ۽ عاجزيءَ سان، مگر مخفي طرح ۽ متان غافلن مان ٿيو.
ان آيت جو سهارو وٺي فقير صاحب بار بار تاڪيد ڪيو آهي ته دم کي سنڀال. دَمُ غافل نه رهه الله تبارڪ وتعاليٰ جي عارفن ته ايترو تاڪيد به ڪيو آهي ته جو دَمُ خدا جي ياد کان سواٰءِ ٿو کڄي ته ڄڻ اُهو دَمُ ڪفر ۾ ٿو هلي. يعني جو دَمُ غافل سو دَمُ ڪافر. اڃا به وڌيڪ “ ته دَمُ دي سرت سنڀال رکين”. اهو دم هئي اسرار الاهي دا. هڪ دم نال الله دي هو وڻ بهتر ڪنون بادشاهي.
هن ڪتاب ۾ فقير صاحب هادي شهنشاهه دنيا جا لذات مذا ترڪ ڪرڻ لاءِ ته تاڪيد ڪيو آهي، مگر آخرت يعني عُقبيٰ تان به هٿ کڻڻ جا مشورا ڏنا اٿس. پاڻ فرمائين ٿا ته، دنيا جا طالب کدڙا آهن، عُقبيٰ جا طالب ماديون (عورتون) آهن. مگر الله جا طالب مرد آهن. ان ڳالهه جي تائيد ۾ مولانا روميءَ صاحب به فرمايو آهي ته:
“ حوران به رخ نمايند، بی توچه کار آيند”.
يعني بهشت به هڪ عاشق کي لالچ ڏني وئي آهي ته جيئن ڪي سڌڙيا بهشت جي حورن ۽ ميوات جي لذتن ڏانهن لڙي پون ۽ کائونس اوجهل هجن، پر مردن ته انهن بهشتي دلاسن کي به ٺهڪرائي چيو آهي ته توکان سواءِ حورون ۽ قصورون ڪهڙي ڪم جون آهن، اسان کي اُتي جڳهه عنايت فرماءِ جتي تون سامهون هجين. جتي تون نه هجين ته اسان اهڙِي بهشت کي به باهه ڏينداسون.
آدميءَ لاءِ دنيا جا مال متاع اولاد ۽ زالون دشمن قرار ڏنا ويا آهن، ڇو ته الله جي ياد کان آهي غافل ڪرڻ جا اسباب آهن. قرآن ڪريم ۾ آهي ته.
انّ منْ ازْ وَاجِکم وَاٗولا دیکُمٗ عَدُوَّالّکُمٗ فَاحٗزرُوھُمٗ
ترجمون: يعني، آهي دشمن اٿوَ اُنهن کان ڊڄو.
اهڙيءَ طرح عيش عشرتون ڪشف وڪرامات، بهشت ۽ باغ، نهرون، سڀ رغبت ڏيارڻ جون شيون آهن. فقير صاحب هن ڪتاب ۾ انهن لالچن ۾ نه ڦاسڻ جا وچن ورجايا آهن.
اصل عبديت جي پوش کي ڦاڙي، روحانيت واري قطري کي واپس عروج ڪرائي، وحدت جي واديءَ ۾ غرق ڪري، خود عين درياه ٿي پوڻ جا ڏس ڏنا آهن،
هجي ڪو مرد مجاهد پروانو ۽ رند رندانو،
جيڪو جان جو ڏئي نذرانو ۽ وڃي هٿ ڪري
موج جو مئخانو. آسماني عروج حاصل ڪري،
وڃي ٺاهي عرش آشيانو. پوءِ اتي وڄائيندو
انا الحق جو نعرو ۽ اهو ئي رهندو ٽنهي جهانن ۾ سوڀارو.
مطلب تي هي ڪتاب الفقر لا يُحتاج الا الله خدا کان سواءِ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪڍڻ جو درس ٿو ڏئي، ڇو ته جيئن ته هن ڪتاب ۾ هڪ دفعو هاٿيءَ جي هندستان ڏسڻ بعد هو ڪٿي به اڙيو نه رهندو، جيئن هاٿيءَ جو اصل وطن هندستان آهي، پوءِ ڀلي ان کي عراق ۾ رکو، مگر جنهن وقت وطن ياد پيس ته جبلن درياهن مان اڙيو نه رهندو، وڃي پنهنجي وطن هندستان نڪرندو، ائين هي آدميءَ جو روح به اصل مقام الاروح مان عرش عظيم تان آيل آهي. هتي سندن، جسم جي رشتن ۽ لذات مذات جا ڏاوڻ وجهي، هن کي هتي بند رکيو ويو آهي. جڏهن آهي ڏاوڻ ڇنائين ته سڌو وڃي پنهنجي اصلوڪي ملڪ عرش عظيم تي پهچندو. پوءِ پيو ايندو ويندو. جيڪڏهن هت رهڻ جو خيال پيس ته هت رهندو ۽ وطن ياد پيس ته امالڪ اڏريو وڃي عرش تي نڪرندو.
ٻين سڀني ڪتابن ۾ ٻنهي جهانن جو ڳالهيون ڏٺيون ۽ پڙهيون اٿئون، مگر ٽئين جهان جي ڳالهه ڪنهن به ڪتاب ۾، ڪنهن به عالم يا اڪابر نه ڪئي آهي، جيڪا هڪ نئين ۽ عجيب حقيقت هن ڪتاب جي نظر مان ڪڍڻ سان معلوم ٿيندي، جيڪا عارفن عاشقن کانسواءِ ڪنهن جي سمجهه ۽ ادراڪ ۾ به نه آهي. حضرت سچل سرمست هڪ بيت استعاري وانگر استعمال ڪيو آهي. جنهن ۾ پاڻ فرمائن ٿا ته:
حدين وڃي هر ڪو، لاحد وڃن پير،
سچو سي فقير، جيڪي حد لاحد لنگهي ويا.
هن ڪتاب ۾ بيحد ملڪ جو بيان نهايت عمدي ۽ واضح لفظن ۾ ڪيل آهي، جيڪا هڪ حيرت انگيز حقيقت آهي، اڳين ڪتابن ۾ معراج فقط حضرت سرور ڪائنات لاءِ مخصوص حقيقت سمجهي ويندي هئي، مگر فقير ته مثال ڏيئي واضح ڪيو آهي ته هارون رشيد دجلا تي پنهنجي لاءِ پل جوڙائي هئي، سابه اڄ تائين موجود آهي. باقي حضرت رسول صلي الله ﷺجن جيڪو معراج جو رستو جوڙايو، هو اهو ڪو بند ٿي ويو ڇا؟
سوال آهي مسافر جي محنت ۽ اورچائيءَ جو ته هلندڙ طالب ڪيتري قدر اورچ آهي ۽ جانباز ۽ جانفشاني سان ٿو پنڌ ڪري، جيترو تکو هلندو اوترو پنڌ جلد نبرندس، نه ته ويٺن تان واري وري ويندي آهي. ڪيترائي عاشق عارف معراج جا صاحب ٿيا آهن ۽ ٿيندا پيا اچن.
هن ڪتاب ۾ اهڙا راز سمايل آهن. جيڪي سڀ اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل آهن. هن ڪتاب جي اچڻ سان سنڌي ادب ته بجاءِ خود پر علِم معرفت کي سمجهڻ لاءِ به ڪليدي ڪردار ثابت ٿيندو.
الله اورانهون ڇڏي، پنڌ پراهئون پيا،
بنا نالي سپرين، سي اڃا ڪي ٻيا،
واڪيندا ويا، صادق ٻڌيون سندرا،
خادم درگاهه
فقير عطا فولادي
ڳوٺ مينگهوفقير شر
تعلقه ميرواه ضلع خيرپور ميرس
سنڌ
5 مئي 2009ع