عشق جي ڳالهه
عام ماڻهو چوندا آهن ته زمين اڍائي قدم آهي اهو سراسر غلط آهي مگر اسان لاءِ ته ڪل زمين هڪ قدم به نه آهي عاشق جي هڪ وک هٿ ته ٻي لامڪان جي تخت تي پهچي ٿي. آسماني حدون ۽ منزلون هي آهن.(1) فنا في الشيخ يعني ملڪوت ۽ عالم ارواح (2) فنا في الرسول يعني جبروت (3) فنا في الله يعني لاهوت اهي سڀ ڪثرت آهن. ڪنهن وقت کان پوءِ ڪثرت فنا ٿيندي ۽ باقي باالله رهندو. جا هميشه لاءِ آهي اهي ٽيئي منزلون عاشق جي دل تان بس ٿينديون آهن جيئن درياهه موج ڪري ٽن ڪوهن تان ٻيڙن کي مهاڻن سميت ڇڪي اچي ڪن ۾ غرق ڪندو آهي. پوءِ نه ٻيڙي رهندي نه مهاڻو رهندو. رڳو درياهه رهندو. ان طرح هي وجود ٻيڙي آهي. ملاح نفس اٿس تيئن بقا باالله جي منزل به عشق عظيم نه سج نه چنڊ آهي. اهو هڪ بيحد ملڪ آهي. اهو ملڪ عرش عظيم کان اٺوڻ پنڌ پري آهي. جنهن کي بيحد ملڪ چئبو آهي.
مصرح
“ من به مهر تيز درياه آمد . آمدم من درعجب جا آمد
يعني تيز تکي درياهه جي ڪن ۾ آيو آهيان مون کي حيرت آهي ته ڪهڙي عجب جاءِ تي آيو آهيان. قائم فقيري ان کي چئبو آهي ان منزل کانپوءِ هر هڪ شيءِ ۾ اها هڪ ذات پيو ڏسندو.
ڏسڻ ٻن قسمن جوآهي. (1) نفساني اکين سان نفساني صورت ڏسبي ذات وارين اکين سان ذات ڏسبي. جيڪو طالب جسم مان نڪري معراج ڪندو ته اها منزل ان طالب جي آهي. اها منزل لامڪان آهي.جيڪو طالب خاڪي جسم ۾ مئو ته اهو خاڪ ٿيو. جيڪو جسم جي قيد کان آزاد ٿيو سو پاڪ ٿيو. سچو فقير به اهو آهي جيڪو پاڪ ٿيو. مولاٰ علي عليه السلام سائين فرمايو آهي.ته من عرف نفسه فقد عرف ربه جنهن پاڻ سڃاتو تنهن الله کي سڃاتو پوءِ اهڙي فقير کي سجدو ڪرڻ سڌو سئون خداکي سجدو آهي ڇو ته ان جو وجود حقيقي ڪعبه آهي.
حديث: قلب المومنين بيت الله مومنن جي دل الله جو گهر آهي،
اسان جڏهن معراج تي وياسون ته پهريون قدم پنهنجي سر تي رکيوسون ته پريان مطلوب ذاتي مرشد پندرهن قدمن تي نظر آيو ڏسڻ سان اسان جو رنگ روپ مرشد جهڙو ٿي ويو. جڏهن سندس ويجها ٿياسون ته مطلوب چيو. ته آءُ ته هلون ” ائين چوڻ بعد مٿي وڃڻ لڳاسون جڏهن پهرئين آسمان تي پهتاسون ته آسمان مان لنگهڻ وقت ورق اٿلائڻ جيتري دير لڳي يا وک کڻڻ جيتري آسمان مان لنگهڻ وقت ايتري لذت آئي جو پنج سئو زبانون هجن ته به بيان ڪري نه سگهجي. هيءَ ته سندس هٿ سان ٺهيل آسمانن جي سير ۾ لذت آهي مگر انهن سڀني ۽ منهنجي جوڙيندڙ۾ ڪيڏي نه لذت ۽ خوشي هوندي جنهن وقت فقير فنا في الوجود يعني فاينما تولو فثم وجهه الله ٿيو ان حال ۾ کيس هڪ هفتو رهڻو پوندو. هفتي کان پوءِ طالب کي مطلوب ذاتي ڪامل مرشد وٺي وڃي معراج ڪرائيندو
فنا في الوجود ڇا آهي ست ڏينهن کاڌو پيتو بند ۽ ڳالهائڻ بند ٿي ويندو. ستين آسمان مان عشق جي هڪ متڪلم صورت پيدا ٿيندي جنهن جي ڏسڻ سان فقير تي وجد جي حالت طاري ٿيندي پکين يا ڪنهن ساز جي آواز سان به وجد ٿيندس.
معنوي صورت جي سونهن حُسن زيب ۽ دٻدٻو سندس تخت تاج ۽ پٿريڻن جي روشنائي اهڙي آهي جو هي دنيا وارو سج اڳيائنس لڄي پيو ٿئي جيئن بادشاهه اڳيان ڪوٽوار لڄي ٿيندو آهي. چنڊ جو حال ته گهڻو گهٽ آهي.
بيت
اُڀريو سج حقيقت جو، تارا ٿيا تباهه
وحدتي وصال جو. صاحب تاج ڪلاهه
ڪري آيو ڪاهه ڀڳائين ڪوٽ ڪفر جو
جڏهن مطلوب سان گڏ ٻيو آسمان طئي ڪيوسون ان وقت جيڪڏهن ڪو تکو اوزار ساڻ هجي ها ته يڪدم پاڻ ماري وجهون ها. ڇو ته سير آسماني وقت معنوي صورت به سامهون هئي ڇهه آسمان لنگهي ستين تي ٿي وياسين ته اتي اسان ٻنهي ان صورت جو اهڙو طواف ڪيو جو جيئن مشين ڦيٿا تيز ڦرندا آهن. پوءِ طواف ڪندي معنوي معشوق جي سيني ۾ اڳ ۾ مرشد غوطو هنيون پٺيان اسان به غوطو هنيون طواف ڪرڻ مهل جڏهن اسان سندس تخت اڳيان سجدو پي ڪيو ته ان محبوب اسان جو سر خنجر سان وڍي شرابا طهورا جو جام پياريو. هر دم ۾ هزار هزار جام شراب جا پيتاسون. هن جاءِ جي قرآن ۾ شاهدي ٿو ڏئي وَ سَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُوْرًا(۲۱)اِنَّ الْاَبْرَارَ یَشْرَبُوْنَ مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًاۚ يعني سندن پالڻهار انهن کي پاڪ شراب پياريندو. بيشڪ ڀلارا پياريا ويندا . پيالن ۾جنهن ۾ ڪافور مليل هوندو.
منجهان ڪيف ڪلال جي جنين پيتو جام
موتو قبل انت سولي تن سرجام
حسن جا هنگام تنين سر سنباهيا.
انهيءَ عشق جي ڪيف ڪلال جي منهن محراب ۾ هزار ورهين جي نماز ادا ڪئي سون. ان موقعي کان اڳ ۾ ايڪيهه ڏينهن ۽ راتيون ننڊ ختم ٿي ويئي هئي . رڳو ذڪر حقاني رهيو . طلب واري وقت ۾ اها ڪل ڪانه هئي ته ڪو فقيري جي پويان ڪو معراج ۽ ساقي ۽ ڪلال خانو به آهي هي حال جيڪو ڏسندو تنهن کي خبر پوندي. 21 رات جي ٽهائي باقي هئي ته هڪ آواز ٻڌم هاتفي جيئن ڪو ماڻهو سڏ ڪندو آهي آسمان کان آواز ٿيو ته اي فولاد علي توکي پير مولا علي جي دفتر ۾ داخل ڪيوسون. هاتفي آواز ٻڌڻ سان لئو لئو ٺري پيئي جيئن. ڪنهن اڃايل کي پاڻي ملي يا ڪنهن قيدي کي آزادي ملي. ان کان پوءِ پهر ڏينهن تي ٻيو آواز ٿيو ته پاڻ ۾ نظر ڪر.ان آواز ۾ اهڙو ته ڪواثر ۽ نشو هو جو زوريءَ اکيون بند ٿي ويون ستين آسمان تي معنوي صورت اڀري پيئي.پوءِ اکيون پٽي جاڏي پيو نهاريان تاڏي سڄڻ سامهون ڪيترو به اکيون ٻوٽيان يا ڪنهن جڳهه ۾ وڃان يا سوڙ وجهان ته به اها صورت آڏو هيم ان موقعي ته سلطان ابراهيم بن ادهم تي وڃڻ ٿيو ۽ اتي جبل جي غار ۾ وڃي ويٺس ته به اها صورت آڏ نه ٿي. ان معنوي صورت کي جڏهن طواف ڪندي سجدو بس ٿيو ته تڏهن مون منجهان ٻه صورتون نڪتيون. هڪ کٻي پاسي کان ۽ ٻي سڄي پاسي کان کٻي پاسي واري صورت کي هيڊي رنگ جي پوشاڪ ۽ سڄي پاسي واري صورت کي ڪاري پوشاڪ هئي ملڪوت واري بادشاهه فنا في الشيخ کان پڇيوسون جنهن فرمايو ته هيڊي پوشاڪ وارو ڪفر ۽ ڪاري پوشاڪ وارو دين آهي. اهي اڄ هتي ختم ٿيا. انهن جي پهچ هيستائين هئي ان وقت معنوي محبوب اسان کي سلطان العارفين جو لقب ڏنو ٿيا. دين ڪفر ٻئي دور ديدان دوست اڙايون. ساقي صاحب کي اڇي رنگ جو ڇٽ مٿي ۾ پيل هو. يعني اڇي تاج جنهن کي چانديءَ جي ڪلنگي هئي ان تاج جي چوٽيءَ ۾ اڇو پٽ جو گل لڳل هو. تخت به سفيد رنگ جو هو. دين ڪفر جي ڌار ٿيڻ بعد يڪدم نظر اٺين آسمان مان ٽپي مٿي ويئي .
بيت
عشق جي اوقات ۾ دين ڪفر ٿيو ڌار
محبتي مهندار سورهيه سوليءَ چاڙهيا.
ان بعد هو هوا ۾هڪ رفرف يعني ڏولي نظرآئي اول ان ڏوليءَ کان طواف ڪيم ان ۾ هڪ صورت هئي اها فنا في الرسول جي منزل هئي. جنهن کي جبروت چئبو آهي . پري کان اها صورت پي ڏٺي سين جڏهن ان ۾ ٽٻي هنئين سين ته اسان پاڻ هئاسون. دين ڪفر جي ڌار ٿيڻ وقت حيرت لڳي ته هيءَ ڪهڙو عجيب ڪرشمو آهي جو ڪڏهن اڳ ۾ نه ٻڌو هوسون نه ڪتابن ۾ پڙهيو هو سون نه ڪنهن عالم فاضل اها ڳالهه ٻڌائي هئي .
جبروت جي منزل ۾ اسان کي لولاڪ جو ڇٽ مٿي ۾پيل هو ۽ اسان ان حال ۾ ٽي هفتا اتي رهياسون. ان موقع ۾ اسان تي اهو حال هو جو دين اسلام تي سخت ڪاوڙ هئي ۽ بر خلاف هئاسونس. ۽ ڪفر جا لفظ نڪتا. اهي لفظ ڏسڻ ۾ ڪفر هئا مگر هئا عين دين ان تي زباني ڪلمه گو مسلمان اسان سان لڙيا. ان حالت ۾ اسان کليو اعلان ڪيو ته اولهه طرف واريون سڀ مسيتين ڊهرائجن ۽ اوڀر واري حقيقي ڪعبه کي سجدو ڪجي ۽ ڪرائجي. ڇاڪاڻ ته اسان لدني علم وارو جيڪو اسرار ڏٺو سو ٻنهي جهانن کي هلائيندڙ سوا پهر سج واريءَ جاءِ تي اوڀر طرف آهي. جو ٻيا سڀ طرف ان اوڀر طرف جا تابعدار آهن. عام ماڻهن جو ملامتون اسان جو قُوت آهن گِلا بدنامي ۽ خواري عشق جو زيور آهي. نيڪنامي نفس جو قُوت آهي. جيڪو فقير بدنامي کان ڀڄي ۽ نيڪنامي لاءِ ڪوشش ڪري ته اهو عشق بادشاهه وٽان تڙيل آهي جنهن فقير نماز پڙهي ته ان مان ڪجهه نه ٿيندو اهو عامي ماڻهن کان به پري آهي. ڇو ته هو ٻانهو آهي. ٻانهي مان نيڪي نه ٿيندي حديث ۾ آيو ته لاَ خَيرَ في عَبِده وَلَو کَانَ صَالِحَا، ٻانهو توڙي نيڪ هجي ته به ان مان چڱائي نه ٿيندي.
آدميءَ کان حضرت عشق ٻه ڪم ٿو گهري (1) عبديت(2) ربوبيت (3) يعني يا ته ٻانهپ جو حق ادا ڪيو يا مون منجهه محيط ٿيو. جيئن ڦڙو درياه ۾ پوي فقيري آهي درياه ۾ ڦڙو ملي هڪ ٿي وڃڻ عين درياه ٿيڻ.
ربوبيت آهي سئي مان ترار ٿيڻ عبديت آهي گسي گسي ترار مان سئي ٿيڻ، پوءِ جنهن فقير دم جو رستو ڇڏي نماز پڙهي ان جو حال به ترار مان سئي ٿيڻ جهڙو آهي.
بيت
روزو ۽ نماز آهي بهشت جي راهه
قرب جي ڪلاهه نه پائيندا نماز سان
رسول الله ﷺ جن نماز ان ڪري پڙهندا هئا جو عرب جا ماڻهو جهالت جي ڪري هٿ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪندا هئا. جن کي بت پرستيءَ کان روڪي حقيقي معبود جي سجدي ڪرڻ جي سکيا ڏنائين پاڻ ڪريم جن به ساڻن گڏجي نماز پڙهندا هئا. جئين استاد شاگردن کي الف به ياد ڪرائڻ لاءِ ساڻن گڏجي پڙهندو آهي نه ته استاد کي الف ب جي ياد ڪرڻ جي ضرورت ڪانه هوندي آهي تيئن حضرت رسول الله ﷺ کي به نماز پڙهڻ جو احتياط ڪونه هو. ڇو ته پاڻ فرمايو اٿن ته“ مَن رَانِي فَقد راءَ الحَقُ. يعني جنهن مون کي ڏٺو تنهن ڄڻ الله کي ڏنو.
عشق اصل لا ابال آهي. جڏهن جلوو ڪندو آهي ته اتان پراڻن رسمن رواجن کي چٽ ڪندو آهي ڇو ته جڏهن حضرت سرور ڪائنات ﷺ جن پنهنجو نئون دين ۽ قانون جاري ڪيو ته جيڪو اڳ ۾ اڪثر ڪري حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي دينن کان مختلف هو. جيڪو عربن کي ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو آخر ان عشق الاهي سڀني قوتن کي ناس ڪري نئون نغارو وڄايو. جيڪو اڄ تائين قائم آهي.
اهو محمد مصطفيٰ ﷺ جيڪوظاهري ۾ لکي پڙهي نه پيو ڄاڻي انکي عشق شهنشاهه لدني علم جو ماهر عالم ڪيو جو جنهن جي لکيل ڪتاب ۾ جيڪي حروف مقطعات ٿا سڏجن انهن جي معنيٰ ۽ نفسير لاءِ ساري دنيا جا فاضل اديب ۽ عالم اڄ تائين حيران ۽ پريشان آهن.ان هوندي به معنيٰ يا تفسير ڪير به ڪري نه سگهيو آهي.
عشق اهڙو شهنشاهه آهي جو جيڪڏهن ڪنهن ڪافر وٽ ايندو ته ان کان مسلمانيءَ جا هوڪا ميمبر تي چاڙهي ڏياريندو. اگر مسلمان وٽ ايندو ته ان جي زبان مان ڪفر جا ڪلمان چورائيندو. جيڪي گهڻو ڪري ظاهر ۾ دين اسلام جي ابتڙ هوندا.
بيت
محمد تاجدار هر دو عالم
محمد سپهدار هر دو عالم
يعني پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻنهي جهانن جا تاجدار ۽ بادشاهه آهن حضرت رسول الله ﷺ جن وَ مَاۤ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ(۱۰۷) ٻنهي جهانن جي گادي ۽ تخت تي ويهي نئون اعلان ڪيو. اڳين ۽ سٺ روزا رکڻا هئا ۽ زباني ذڪر ڪندا هئا. اڳين نبين جي دين مان هڪ هڪ جزو پنج وقتي نماز جا عادي ڪرايائين. يدخلون في دين الله جو آرڊر پاس ڪيائون واذکر ربک في نفسک تضرعا وخيفته دون الجهر يعني ذڪر ڪيو اله جي پنهنجي دم سان ڳجهو ۽ سواءِ پڌرائي جي فاذکر الله ذکرا کثير العلکم تُفلِحون. ذڪر ڪيو آلله جو ڪثرت سان جيئن توهان ڪامياب ٿيو. حديث: العلماءُ في امتي کاالا انبياءِ بني اسرائيل منهنجي امت جا عالم سڳورا ائين آهن جيئن بني اسرائيلن جا نبي هوندا هئا. عالم اهي جن کي علم ظاهري ۽ علم باطني ٻئي هجن. صرف ظاهري علم وارو عالم نٿو ٿي سگهي ڇو ته صرف ظاهري علم وارو باطني علم کان غير واقف هوندو آهي ڇو ته ظاهري علم سان حق حاصل نه ٿيندو آهي علم لدني کانسواءِ يدخلون في دين الله نه ٿي سگهندو. العلماءُ ورثه الا نبياءُ يعني عالم نبين جا وارث اهل الله ۽ عارف عاشق آهن. من عرف نفسه فقد عرف ربه وران عالمن لاءِ اها بشارت آهي.
حضرت رسول الله ﷺ ۽ حضرت موليٰ عليه السلام جن اهو خاص رستو اهل صفحه واري جماعت جن ۾اندازن چار سئو آدمي هئا. انهن کي سمجهايو هئائون. حضور سرڪار جن وٽ مسلماني لاءِ جماعتون انيديون هيون انهن جي سڀني ۾ نظر وجهندا هئا انهن مان جيڪا دل الله اثبات ڪرڻ جهڙي سمجهندا هئا ته ان کي خاص دَم وارو رستو ٻڌائي صفحه واري جماعت ۾ داخل ڪندا هئا ٻين کي توحيد جي اثباتي جي لائق نه هجڻ ڪري کين عام دين وارو روزو نما حج زڪوات ۽ ڪلمه قرآن وارو رستو سمجهائيندا هئا. ڇو ته هو عشق جي بار کڻن جهڙا ڪين هئا. هو ان عامي دين واري رستي تي خوش ٿي ويندا هئا.
حضرت رسول الله ﷺ جيڪو معرفت جو کير ولوڙيو هو ان مان جيڪو دين الله وارو مکڻ نڪتو سو موليٰ علي عليه السلام. اهل بيتن ۽ خاص صفحه وارن اصحابن کي کارايو هئائون. باقي لسيءَ ۾ ٻه ٽي مٽ پاڻيءَ جا وجهي عام سوالن کي ورهائي ڏنائون اها ورهاست عام آدمين کي ملي. عام آدمين کي عام رستو نماز ۽ روزي وارو سمجهايائون.
جيڪو قيامت جي گرميءَ ۽ باهه جو بچاءُ آهي عام رستو اٿئي روزو نماز خاص رستو اٿئي سوزو گداز.
اهو خاص رستو به سينه هلندو ٿو اچي. انهن اهل صفح وارن ۾ خليفه الله حضرت موليٰ علي عليه السلام هو ۽ ٻيا ابوذر غفاري سلمان فارسي، بلاول اويس قرني ۽ مقداد ۽ حبيب ابن مظاهر جن مکيه هئا.
حاصل مقصد ته حضرت رسول الله ﷺ جن تي ٻه ڪيفيتون هيون. عبديت جي ڪيفيت ٻي احديث جي ڪيفيت. حديث ۽ بيخوديءَ جي ڪيفيت ۾ جيڪي ڳالهايائيون سو ڪلام الله ۽ حديث ۽ قدسي چيو ٿو وڃي. عبديت واري ڪيفيت جي ڳالهه کي حديث نبوي ٿو سڏجي.
بيت
حال مخفي ڪيو. محمد خلق کان
وحي حق جي قلب جنهن ڪيو هي بيان،
جڏهن اوري اڌ ۾ رهيو هو جبرئيل
پوءِ پريان جي ڪئين ڪيائين قال قيل
وحي جو پردو ان ڪري ڪيائين جو قرآن ۾ اڪثر ڪري اِني انا الله جا نعرا هر هنڌ آهن. جيڪڏهن ڪلام پنهنجي کي ڪلام الله نه چون ها ته عرب گمان ڪن ها ته خدائي نعره ٿو هڻي. ۽ دعويٰ ٿو ڪري. هو ته بتن جا پوڄاري هئا. کين شڪ پوي ها. ته اڳ ۾ نبي سڏائي اڄ الله ٿو سڏائي. مٿن نبوت ۽ خلق جي پيشوائي جو بار به هيو. ان کان سواءِ محبوب جي راز جي ڳالهه هميشه خواب لهڻ يا ملائڪ جي اوٽ وٺي ڪبي آهي. قل جو لفظ قرآن ۾ گهڻين جاين تي آهي. ان جو مطلب هي آهي ته رسول الله جو مقدس روح جنهن من راني فقدراءَ الحق ۽ انا احمد بلا ميم جو دم ٿي هيو. سو بيخودي جي حالت ۾ محمدي وجود کان ٻاهر نڪري محمد مصطفيٰ ﷺ جي وجود کي پيو چوي ته اي محمد ﷺ مسلمانن کي ٻڌاءِ ته هو اسان جو حڪم مڃين. ڇو ته حضور پر نور جو پاڪ روح مقدس جسم جي قيد کان لاقيد هو. ٻيا روح انهن جي بوتن جا قيدي هئا هميشه دستور آهي ته قيدين جي مٿان حڪمران به قيدي هوندا آهن. پر سڀني قيدين لاءِ لاقيد جو حڪم ضرور مڃڻو هوندو آهي.
بيت
قيد اعظم جسم جهڙو ڪونه ٻيو. جو جسم جي قيد سو قيدي ٿيو
آهه محمد ۽ علي الله هڪ . آهه برحق ڳالهه هيءَ تنهن ۾ نه شڪ
ذات ايزد پوش احمد جو ڪيو. لئه سڌاري پوش چمڙي ۾ لڪو
آدمي ذات الاهي کان ڏاڍا ته ڪين هئا. مگر سبب هي هو ته ذات الاهي منزل مقدس ۽ مبريٰ جلواه دار روح آهي. جنهن جي تاب طور سينا جبل ساڙيو هو ۽ موسيٰ جهڙي نبيءِ کي خر موسيٰ صعقا مدهوش ڪيائين. جسم ظاهر آهي روح باطن آهي. ظاهر ۽ باطن ٻئي هڪ ٻئي جي خلاف آهن جيئن ڏينهن رات جي خلاف آهي پوءِ ان ڪري انبيائن عليه السلام جن جا روح ۽ وجود عام ماڻهن جي وجود کي هدايت ڪرڻ ۽ سمجهائڻ آيا. ڇو ته هميشه جنس جنس سان خوش ٿيندي آهي ٻڪريون ٻڪرين سان ۽ آدمي آدمين سان ٺهندا آهن، مثال جيئن طوطي کي سيکارڻو هوندو آهي. ته ان جو ٻچو هٿ ڪري ان جا ڪن ميڻ سان بند ڪبا آهن، پوءِ سندس آئينو اڳيان رکي ماڻهو لڪي وڃي لفظ اچاريندو آهي. طوطو آئينه ۾ پنهنجي جنس ڏسي ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي.
اهڙي طرح انبيائن اوليائن ۽ عارفن جي وجود ۾ ذات ذوالجلال لڪي گفتار ڪئي. عام ماڻهن مسلمانن رسول خدا کي محبوب خدا سڏيندا آهن. اها ڳالهه برابر سچي آهي معشوق لااحتياج هوندو آهي. عاشق کي احتياج هوندو آهي. معشوق وٽ عاشق هر وقت پيو ايندو معشوق عاشق وٽ قسمت سان ويندو آهي. جبرائيل جڏهن رسول الله جي بلند پراوازي وقت اوري اڌ ۾بيهي رهيو اهو ڪٿان ۽ ڪهڙا پيغام آڻيندو. جبرائيل پنهنجي مقام تان وار جيترو به چري نٿو سگهي. سُري ٿو ته سڙڻ جو امڪان اٿس. پوءِ جبرائيل جي ڪهڙي حيثيت جبرائيل ڇا آهي. جبرائيل ته اسان فقيرن جي اڳيان به ڪا حيثيت نه ٿو رکي مگر جيئن ڪوٽوار جي اڳيان هجي ته ڇا؟
رسول الله ﷺ خود حديث ۾ فرمايو آهي ته لي مع الله وقت لا يسمعني فيله ملڪ مقرب ولا نبيءُ مرسل. يعني اسان ڪنهن وقت الله سان هوندا آهيون ته مقرب ملائڪ ۽ مرسل نبي به عجب ۾ هوندا آهن،
حضرت رسول الله ﷺ ته اسان جو هادي رهبر آهي مگر اهي مقرب ملائڪ جبرائيل، اسرافيل، عزرائيل ۽ ميڪائيل عليه السلام عرش عظيم کان هڪ طبقو ٿا رهن. انهن يا ٻين مرسل نبين کي عرش تائين پهچ ڪانه آهي. اهو وقت هيڪڙائي جو هوندو آهي. جنهن ۾ اَنَا اَنت فَاَين اِني يعني مان ته تون ئي آهيان پوءِ مان جدا ڪٿي آهيان اهو آهي. وجداني حال. ٻن جي گنجائش آهي ئي ڪانه ته ٽيون جبرائيل ڪير آهي جو اتي بيهندو ۽ سمائبو
عارفن رندن قلندرن ڇو راز ظاهر ڪري من خدايم جا نعرا هنيا. شمس الحق تبريز قم باذني چئي مئو جياريو. اها الوهيت ۽ خدائي طاقت هئي نڪي آدميءَ کي اهڙي طاقت ٿيندي. ڇاڪاڻ ته انهن عارفن تي نبوت ۽ خلق جي رهبريءَ جو بار ڪونه هو. هو عاشق الاهي ۾ مست هئا ۽ مجذوب هئا. حديث: رفع العلم بالمجنون.
مگر ته به ظاهري بصيرت وارا نهن کي قتل ڪرائڻ کل لهرائڻ ۽ سوليءِ چاڙهڻ کان ڪين مڙيا. هو جسم ترڪ ڪري بحر اواگهه ۾ گم ٿيل هئا. ان ڪري هو عام جي رواج ۽ ٻوليءَ کان ابتڙ ۽ باطن بين هئا.
باطني توحيد جي زبان عامي نه سمجهيا. ان ڪري هنن سان وڙهيا. جيئن رسول الله کي عربن تڪليفون ڏنيون. ڇو جو اهي به عشق جي اُبتي ٻولي سمجهي نه سگهيا. کين مجذوبيءَ جا الزام پي ڏنائون. جنهن جي جواب ۾ بخوديءَ ۾ ڪلام الاهيءَ مان جواب ملين ته وَ مَا هُوَ اِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعٰلَمِیْنَ۠(۵۲) ۽ وَ قُلْ جَآءَ الْحَقُّ وَ زَهَقَ الْبَاطِلُؕ-اِنَّ الْبَاطِلَ كَانَ زَهُوْقًا(۸۱) جڏهن حق آيو ته باطل فنا ٿيو. تحقيق باطل يعني ڪوڙ تباهه ٿيندڙ شيءِ آهي. انبيائن کي ڏک پيش ٿيا ڇو جو اهي ڏک عشق پنهنجي دوستن کي ڏيندو آهي .حديث: ته اَلدنيا سِجنُ المومنينَ، يعني سڀني عاشقن کي تڪليفان پيش آيون مگر جن کي پاڻ زنده ٿو رکي تن جو نالو ڪيئن گم ٿيندو. مگر تصديع ڏيندڙن کي عشق اهڙو گم ڪيو جو سندن قبرون به گم آهن. الله وارن جا زيارت گاهه اڄ به قائم آهن انهن جي خاڪ به چمجي ٿي.
عشق شهنشاهه اهڙو آهي جو جنهن وات اچي ته تيليءَ مان ٿنڀ ڪريس گداگر کي بادشاهه بنائي.
بيت
عشق ڪري ٿو جيت روشنائي
دور ٿئي ٿي اتان اونداهي.
عشق آهي ۽ ٻيا سڀ در جا پناگر آهن بلڪ پناگرن جا به پنا گرن جا به پناگر آهن.
عشق جي گفتار ڪندي.اسان کي وري جبروت جي ياد آئي هن جا ٻه نالا آهن (1) مقام محمود (2) فنا في الرسول. اتي رسول الله ﷺ جن جي روح مقدس جي پاڪ تصوير هئي جيڪا احد مان احمد ٿي پر خاڪي وجود واري نه هئي. خاڪي وجود کي محاسن يعني ڏاڙهي آهي مگر هن پاڪ مقدس روح کي ڏاڙهي ڪانه هئي. رف رف ۾ويٺل جو نمونو ڏٺو سون. سو به ائين جيئن شينهن جو نقل ٻلي آهي. هڪ دفعو طواف ڪري ان رسولي روح جي سيني ۾ ٽٻي هنئين سون. غوطه هڻڻ کانپوءِ ان رف رف تي اسان پنهنجو پاڻ کي ڏٺوسين ان طرح ايڪيهه ڏينهن ان رف رف رهياسون. اتي اسان کي لولاڪ جو ڇٽ پٽيل هو. اها رف رف اٺين ۽ نائين آسمان جي وچ ۾هو ۽ هوا ۾هلندي ٿي رهي اهي ايڪيهه ڏينهن هر روز مٿي تي هٿ ڦيرائيندا هئاسون ته خاڪي هٿ ڇٽ کي لڳي ٿو يانه
ان وقت فقير کي نا احمد يا رسول خدا سڏائي سگهي ٿو. ڇا لاءِ ته ان وقت ۾ فقير جو روح ۽ رسول خدا جو روح هڪ آهي. ان حال ۾ فقير جي نظر نه اولياءَ تي نه انبياءَ تي مگر ڪنهن تي به ڪانه هوندي اٿس. زماني جو بادشاهه ته عام خلق وانگر خسيس ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پاڻ کي اولوالعزم بادشاهه لا احتياج سمجهندو رهندو. جبروتي منزل ۾ سڀني مقامن وارا مئل ماڻهن جا روح ڏسڻ ۾ ايندا آهن مڪمل روءِ زمين جو ڪشف حاصل ٿيندو. نيڪ توڙي گنهگار روح سڀ پيو. ڏسندو. گنهگارن جو حال هن طرح هوندو آهي. سندن ٽنگن ۾ ٻه ٿلهيون لوهه جون سنگهرون ٻن شاخن واريون هر ڄنگهه ۾جدا چيلهه کان مٿي هڪ ٿلهي زنجير جنهن جو ڪڙو ڳچيءَ ۾ پيل هوندن ۽ رڪوع جي حالت ۾ لاشي جي مٿان بيٺل هوندا ۽ نظر سيني ۾ هوندن. هر هڪ جو منهن اتر طرف هوندو. آهي ساري دنيا جي روحن جو منهن اتر طرف ڪرڻ جو قانون آهي. هيڏي هوڏي نهارڻ جي اجازت ڪانه هوندي اٿن. يٰسين: مبارڪ ۾ڳن جيڪو گنهگارن لاءِ اَغْلٰلًا فَهِیَ اِلَى الْاَذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ(۸).جي ها معنيٰ آهي. جيڪا اکئين ڏٺي سون اها حقيقت جبروت واري جاءِ ۾ کلندي آهي. رسولي منزل ۽ ملڪوت ۾ به اها حقيقت جبروت واري ظاهر ٿيندي آهي. ٻين چئن مقامن ۾ اهو حال سڄو سال تائين جاري رهندو. پوءِ اهو ڪشف گهٽ ٿي ويندو مگر چاهيندو ته ڏسندو.
حضرت آدم عليه السلام کان اڄ تائين ڪل انبياءَ اولياءِ ڏٺل ٻڌل اڻ ٻڌل سڀ اچي فقير جي حضور ۾ حاضر ٿيندا. جيڪي پنهنجي روحاني زبان سان پنهنجو نالو ۽ احوال ٻڌائيندا .
رستم پهلوان جيڪو اوليائن جي قطار ۾ نه آهي سو به فقير جي حضوري ۾ اچي حاضر ٿيندو. نه رڳو مسلمان پر هندو فرنگي يهودي نيڪ توڙي بد سڀ اچي حاضر ٿيا.
بيت
عشق ان درياه اعظم بيڪران. بحر گونان گون بي پايا عيان،
هر دم عالم آهي. جنس خاشاڪ جيئن موج طغياني ۾ عشق پاڪ تيئن
عشق آهي لا يزال ۽ لم يزل بارنگي باچون باصورت مثل،
عامن لاءِ عشق بي رنگ آهي بي چون ۽ بي مثال آهي.
مگر خاصن لاءِ بار رنگ باصورت ۽ بامثال آهي .عامن کي باطن جي ڏسڻ جون اکيون ڪونه آهن. اهي ٻه اکيون ظاهري ته جانورن کي به آهن. جيڪي نفساني ۽ بيڪار آهن. جيئن بوتي کي اکيون آهن ائين روح ۽ قلب کي به اکيون آهن جيڪڏهن ڪنهن کي پڪ نه اچي ته ڪٺل جانور جي قلب کي ڏسي ته ان ۾ به ڪن ۽ اکيون آهن جيڪي مخفي آهن. جن جا ڇپر سج راسين وانگر روشن ڏسڻ ۾ ايندا. اهي وڏي ڪوشش سان ڏسبيون آهن. عام طرح ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن.
فقير ان کي چئبو آهي جنهن کي چار اکيون هجن ۽ چارئي کليل به هجنس. اهي چارئي اکيون سڀ ڪنهن کي هونديون آهن. مگر روحاني ٻه اکيون بند ٿيون رهن. جن جي کولڻ جو سرمون ۽ جوهري ڪجل. اسم اعظم آهي ان جي ڪمائڻ سان گهڻي وقت کانپوءِ کلنديون آهن.
ان جو مثال هي آهي ته جيئن انسان خواب ڏسي ٿو ۽ هوندو ستل ننڊ ۾ آهي انوقت ظاهري اکيون ڪن ۽ هٿ پير بند هوندا آهن. پوءِ جيڪو روح المقدس آهي جنهن جي حوالي دم آهي.اهو سير لاءِ نڪري ٿو ڇو ته جسم جي قيد ۾ بند رهڻ ڪري ماندو ٿو ٿئي. جيڪو خواب جي حالت ۾ پاڻ کي جسم سان گهمندو ڏسي ٿو. اهي ٻيون اکيون آهن جن سان ڏسي ٿو. خواب جي حالت ۾ ننڊ ستل کي جسم ياد ئي ڪونه هوندو آهي. ته ڪو مان فلاڻي جاءِ تي بيٺو آهيان ڪهڙي به سير تي هجي توڙي هزارن ڪوهن جي پنڌ تي هجي ته به سجاڳ ٿيڻ وقت يڪدم بوتي ۾ گهري ويندو. يقين ڄاڻو ته آدمي ۽ انسان ان جو نالو آهي جيڪو خواب وقت نڪري ٿو. هي جسم ته سندس پوشاڪ آهي. جيئن خواب ۾ جسم مان نڪري ٿو. ٿيئن جڏهن هن وجود کي اسم اعظم ڪمائڻ سان الوهيت جو نشو چڙهندو ته پوءِ سجاڳي هوندي به هن جسم مان نڪري معراج ڪندو. جيڪي آدمي جسم مان نڪري معراج تي نه ويا سي هن جسم جي قيد ۾ رهجي ويا. سي قيامت تائين قبر تي جسم جا قيد ٿيا رهندا. عام عربيءَ جي اعميٰ لفط مان ورتل آهي ته من کان في اعميٰ فهو في الاخرت اعميٰ. يعني جيڪو هن دنيا ۾ ڏسڻ کان انڌو آهي ته اهو آخرت ۾به انڌو هوندو.
اسان عشق شهنشاهه کي بارنگ ۽ باصورت ۽ بامثال پيا ڏسون ڇو ته جيڪڏهن بي رنگ بي صورت ۽ بي مثال هجي ها ته اسان کيس ڏسي ڪين سگهون ها. ان ڪري اسان عشق کي صورت سان ڏٺو. ان ڪري اسان باصورت ٿا. چئون مثال جيئن قالب مان سرنڪتي آهي. ساقلب جي مهانڊي ۾ همشڪل هوندي آهي. ٻيو ته فوٽو ٺاهڻ وارو ڏينهن ۾ هزارين تصويرون ويٺو ٺاهي. جيڪي آدمي جي شڪل تي ٺاهي ٿو. سندس جاءِ ۾ هزارين تصويرون ڀتين تي لڳل ڏسبيون آهن. اهڙيءَ طرح هي دنيا به عشق جو دوڪان آهي عشق پاڻ فوٽو گرافر آهي. حديث: خلق آدم عليٰ صورته يعني آدمي پنهنجي تصوير جي نموني تي ٺاهيائين،
بيت
عشق ۽ آدم ۾ تر جو فرق ناهه
عشق آدم ۾ سمورو غرق آهي.
فرهاد جو قصو مشهور آهي جنهن شيرين جي عشق ۾ ڪاٺ جي ڪهاڙي سان جبل ڀڃي پاڻي وهايو هو. جيڪا نهر اڄ تائين ان جاءِ تان وهي ٿي. جنهن جي ويڪر پندرهن فوٽ آهي. ۽ ايران ۾ آهي. ”قصو شيرين “ يعني شيرين جي محلات به اتي آهي هيءَ ته ظاهري صورت ۽ مجازي عشق ايتري طاقت هئي جنهن جبل ڀڳو باقي ذات ذوالجلال وارو حقيقي عشق ايتري طاقت وارو نه هوندو جو وجود جي جبل کي ذاتي عشق جي طاقت سان ڀڃندو. جسم جي ڀڄڻ مهل جيڪا وادي دنڪرندي سان اڀري عرش عظيم ۽ لامڪان تائين وهندي. جنهن جي عشق الاهي جي فيض ۽ توحيد جي گفتار سان آسماني برسات وانگر آبادي ٿيندي. ان پاڻي جي وهڪري کي ڪوبه بند نٿو ڪري سگهي. دم ڪوڏارو ۽ ڪهاڙو آهي. طالب حقاني فرهاد آهي. جبل هي وجود اٿس ڀڳيءَ کان پوءِ قيامت تائين ان جو نعرو بلند رهندو.
بيت
بحر وحدت مان اڀي جا نهر ٿي. تنهن جي آمد رفت شام وسحر ٿي.
عشق ڏيکاريو اسان کي لامڪان تخت يزداني بلندي آشيان.
هن ۾ جو چڙهيو ٿيو سو مرد آهه. صاحب المعراج عاشق خرد آه
نانءُ ان جو تاجدار دوجاهن حڪم ان جو تحت فوق لامڪان.
ملڪوت ۽ جبروت ۾ پهچڻ سان توحيدي ڪلامن ٻڌڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي ملڪوت ۾ بيقراري ۽ جبروت ۾ڪجهه قرار هوندو آهي. رسول الله ﷺ جن ان جاءِ جو نالو فنا في الرسول آهي. رسول الله ﷺ جن ان جاءِ تي بيخوديءَ جي حالت ۾ قدسي حديث: فرمائي آهي ته لولاک لما خلقه الا فلاک ۽ اول ماخلق الله نوري يعني پهريائين الله منهنجو نور پيدا ڪيو.برابر اهو نوراني چهرو ڪائنات ۾ پهريون نمبر آهي ڇا لاءِ ته نائين آسمان تي يعني عرش عظيم تي احمدي روح آهي. زمين تي وجودي حالت ۾ محمد نالو اٿس.
بيت
صاف صوفن حق سڃاتو احد احمد اهه هڪ
قول هي عارف چيو سچل جي قول ۾ ناهي ڪو شڪ
احد برعرش است احمد برفلک محمد برزمين زين نام يک
يعني عرش تي احد آسمان تي احمد زمين تي محمد ٿيو آهي ان هڪ نالي سان اسان جو ان جاءِ تي ايڪيهه ڏينهن لاڳيتو عروج ۽ نزول هو. هت به اچون پيا ۽ وري يڪدم ان رف رف ۾ وڃي پيا پهچون هيءَ اها جاءِ آهي جنهن لاءِ قرآن ڪريم فرمايو آهي ته اِنَ المُتَقِينَ علي رفرف بشڪ پرهيز گار رَفرَف تي هوندا.
ايڪيهين ڏينهن خيال ٿيو ته فنا في الله ۽ بيخودي جو ملڪ اڃا پري آهي
جنهن موقعي ۾ اسان کي چيائين ته پاڻ ۾ نظر ڪر. نظر ڪرڻ سان نشو پئجي ويو نشي ۾ ڏٺوسي ته ستين آسمان تي هڪ حقيقت جو سج اڀريو. ان کي سج چئجي يا صورت انساني چئجي. دنيا وارا سج چنڊ ان جي جتيءَ جو مٽ به نه آهن. جڏهن هفته گذرڻ کانپوءِ مطلوب ذاتي مرشد گڏجي اتي پهتو ته مرشد به ان ۾ گم ته اسان به گم ان ۾ ٿياسون سڄو هفتو اسان جو عروج ۽ نزول جاري هو. ڪنهن وقت جسم ۾ اچڻ ته وري واپس وڃڻ ان طرح غوطه پي لڳا . مرشد رڳو اسان کي وٺي واقف ڪيو پوءِ ساري سير ۾ مرشد ڏسڻ ۾ ڪونه آيو .پوءِ مرشد به پاڻ ٿي پياسون. ان حالت ۾ فنا في الوجود ۽ فاينما تولو فثم وجه الله واري واديءَ ۾ شاهه حسن واري صورت ڏسڻ سان ذڪر اسم اعظم هٽجي ويو. جيڪو اڳ ۾ زور سان هلندو هو. ذڪر مان هڪ آفت نڪتي ۽ جوهر پيدا ٿيو. ان کانپوءِ اسان جيڪڏهن اسم اعظم جو هڪ ڀيرو ٿي ڏنو ته اها ان جوهر واري شيءَ لک دفعا پي ڦري جنهن جو نالو فڪر آهي. جيئن ڪنهن دوا جي مڻن ڪاڙهڻ سان جوهر نڪرندو آهي. ائين فڪر ذڪر جو جوهر اهي جهنجي ڏسڻ سان ڏاڍي حيرت لڳي ان معنوي فڪر معنوي سج کي هڪ ڀيري ذڪر سان هڪ لک دفعا طواف پي ڪيوسي. سجدي ڪندي معنوي صورت اڳيان گوڏا ڀڃي پي ويٺاسون معنيٰ جي مالڪ کي هڪ انگريزي نمونه جو خنجر هٿ ۾ هو جنهن جو مٿيو ڳاڙهي رنگ جو ۽ پوئتي مڙيل هو اهو خنجر ترار جي اڌ جيترو هو هر. سجدي وقت اسان جو سر ان خنجر سان ڌڙ کان ڌار ٿي ٿيو. هڪ سر جي وڍجڻ بعد ٻيو سر پيدا پي ٿيو ۽ وحدت جو جام ٿي مليو.ان معنوي صورت جو هٿ گهڻي قتل ڪرڻ ڪري ڪارائي تائين رت سان ڳاڙهو ٿيل هو. اهو اهڙو ملڪ آهي جو پاڻيءَ جي هڪ ڍڪ لاءِ سر وڍرائيندا آهن اهي ست ئي ڏينهن قتل جي ڪار ۽ طواف ٻئي گڏ پي هليا. ستين ڏينهن معنوي صورت اڳيان ماٺ ڪري بيٺاسون ان کانپوءِ جبروت نظر آيو جبروت اُڀ سرا وياسون. جبروت يعني فنا في الرسول ۾ معنوي شاهه قرباني گهري. ان وقت ۾ اسان وٽ هڪ نئون ننڍو ڏاند هو جنهن لاءِ حڪم ٿيو ته جيڪو ان ڏاند جو گوشت کائيندو تنهن کي ابراهيم واري گهٽي جي گوشت کائڻ جيترو ثواب ملندو. مگرهن شرط سان ته ان قربانيءَ کي ظاهر ڪر ۽ ماڻهن کي ٻڌاءِ مگر مٿس. نالو شيطان جي ختمه جو رک شيطان جي نالي ٻڌڻ سان اسان کي ڏاڍو حذر پيدا ٿيو.ته اتي جبروتي احمد صاحب روح چيو ته تو حذر خوف ڇو ٿو ڪرين. هيترو آسماني سير ڪيو اٿئي توکي ڪو شيطان نظر آيو پوءِ يقين ٿيو. پوءِ اسان زور سان هوڪا ڏيئي چيو ته هي شيطان جو ختمون اٿو جيڪو شيطاني نالي جي اوٽ ۾ کائيندو اهو بهشت ۾ داخل ٿيندو. جيڪو نه کائيندو تنهن کي ٻه مهينا جيل ۾ 25 روپيا ڏنڊ پوندو. پوءِ اسان پلاءُ تيار ڪيو ويساهه وارن کاڌو بي ويساهن نه کاڌو نه کائڻ وارن کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان جيل اچي ويو.
مصرع
مرا از گرد ابليس فشاندند
يعني مون کي شيطان جي پويان ڦٽو ڪيائون.
عشق جو معراج صاف دل ۽ صدق اليقين آهي جيئن ڪيو. معراج احمد عشق جو حق اليقين عشق ديان الٽيان بازيان اُلٽِ بازيگر ڪوئي ويکي.