تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

شاهه منصور جي حقيقت

شاهه منصور جي وجود ۾ وحدت جي اک پيوند ڪئي ويئي. جا هن محبت جي پاڻي سان پالي وڏي ڪئي. جڏهن ڦر ڪيائين ته ان مان انا الحق جو ميو پيدا ٿيو. جيڪي مسلمان ان راز جا واقف نه هئا تن شاهه منصور کي پنهنجي شهر مان تڙائي ڪڍيو. مگر توحيد ۽ الاهي فيض ڪٿي لڪي نه سگهيا. شاهه منصور جتي پيو وڃي اتي سندس هزارين طالب پيا ٿين. بغداد شهر جا ماڻهو کيس جادوگر سمجهي پٺيان پيا لڳا وتن. ڪن ماڻهن وقت جي حاڪم جا ڪن ڀريا ته شاهه منصور وٽ ايتري خلق گڏ ٿي آهي. سو ضرور بغاوت ڪري. حڪومت سان جنگ ڪندو. حڪومت کي ڊيڄاري کيس اُتان به شهر نيڪالي ڏياريائون. جو آخر مسافر ٿي هند. سنڌ. چين، ايران، خراسان ماورا ۽ النهر. بصري، مڪي ۽ بلخ ملڪن ۾ گهميو، انهن ملڪن ۾ به هن فقيري حال ۽ توحيد جو ٻج وڌو. انهن ملڪن ۾ اسم اعظم جو جيڪو معراج جو رستو آهي. سو پکيڙيائين.
شاهه منصور ٻارنهن سال تستر ۾ رهيو جتي شيخ جنيد کان فقيري ۽ توحيد جو مسئلو پڇيائين. جنهن تي شيخ جُنيد وائڙو ٿي ويو. جواب نه ڏنائين. جنهن تي شاهه منصور کيس. اڻ ڄاڻ سمجهي کائونس منهن نه ڦيرايو. سوال هي هو ته الله نفس ۽ شيطان ٽيئي گڏ آهن. انهن کي ڌار ڌار ڪري سمجهاءِ. جيڪو هو ٻڌائي نه سگهيو مگر عشق شهنشاهه اسان کي ٻڌايو آهي.
ظاهر وارا شاهه منصور جهڙي عارف جي ٻولي سمجهي نه سگهيا. تڏهن ئي سندس خلاف ٿي بيٺا. عشق جي ٻولي اڙانگي آهي. عام ڇا سمجهندا ان مخالف سبب شاهه منصور خراسان ويو. ۽ ڪجهه وقت نيزوزيستان ۽ ڪرمان ۾ رهيو. پوءِ موٽي ايران آيو. اتي توحيد جي گفتار نالي هڪ ڪتاب لکيائين. اهواز جي رهاڪن کي اهو ڪتاب ڏاڍو پسند آيو. اهي ماڻهو کيس حلاج الا اسرار سڏڻ لڳا.
شاهه منصور ٻه سال مڪي ۾ هڪ سال بصري ۾ پوءِ اهواز ۾ رهيو، اتان عالمن عمر ۽ ابوعثمان ساڻس دشمني ڪئي. تنهن ڪري اتان اِئين چئي نڪتو ته هتان جا ماڻهو مون تنگ ٿا ڪن. تنهن ڪري. اوڀر وارن ملڪن ڏانهن وڃان ٿو، تي عام آدمين کي حقاني راهه ڏيکاريندس ائين چين ڏانهن ويو. هندستان مان ٿيندو. سنڌ ۾ آيو. ان وقت سنڌ ۾ عربن جي حڪومت هئي. سنڌ جا ماڻهو شاهه منصور کي ابو المغيث يعني فرياد ٻڌندڙ بابو سڏيندا هئا. چين جا ماڻهو کيس ابو المعين. چوندا هئا ۽ پارس جا ماڻهو کيس ابو عبدالله عارف سڏيندا هئا. خراسان جا جيڪي سندس طالب هئا، اهي کيس ابوالمسمين يعني عقل جو ابو سڏيندا هئا. خوستان جا ماڻهوکيس. حلاج الاسرار چوندا هئا. مگر بصري وارا کيس مخبر التوحيد سڏيندا هئا. بغداد وارا طالب معطلم سڏيندا هئا.
شاهه منصور پاڻ پڃارو ڪونه هو. مگر هڪ دفعي ڪپهه جي ڍير وٽان اچي لنگهيو. اشاري سان سموري ڪپهه ڪڪڙن کان ڌار ڪيائين، ان ڪري مٿس،حلاجُ معنيٰ پڃارو لقب پئجي ويو. شاهه منصور ماڻهن کي توحيد ٻڌائي الله ڏي رجوع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. مگر ماڻهو سندس دشمن ٿي پيا. هڪ دفعي ڪنهن شخص پڇيس ته سائين توهان جو مذهب ڪهڙو آهي.جنهن تي جواب ڏنائين ته پنجاهه سالن کان ڪنهن به مذهب سان تعلق نه رهيو آهي.مگر عشق الاهي هٿ ڪيو اٿم، ڇاڪاڻ ته سڀ مذهب بهشت ۽ دوزخ جا پائبند آهن. مذهب ته قبر جي بچاءُ لاءِ هٿ ڪبو آهي.۽ نماز به هزارين ورهين جي هڪ دم ۾ پڙهي هيم. هر هڪ سان غسل به ڪندو هيس. هجي ڪو ته ان جملي جي معنيٰ ٻڌائي.اها معنيٰ اهو ٻڌائيندو جيڪو منصب ۾ شاهه منصور جهڙو هوندو. شاهه منصور هزار ورهين. جي نماز هڪ دم ۾ پڙهي. مگر اسان ستن هزارن ورهين جون نمازون هڪ دم پڙهيون آهن، هر هڪ دم سان وضو به ڪيوسون ۽ سمورو قرآن به هڪ دم ۾ پڙهيوسون. اها الٽي مام آهي. جيڪا ڪو سمجهندو جيڪو هن ملڪ ۾ ويو هوندو سوئي ڄاڻندو. هڪ دفعي شاهه منصور، ابراهيم خواص کان پڇيو ته ڇا پيو ڪرين. چيائين : توڪل کي پڪو پيو ڪريان. شاهه منصور چيس. توڪل نفس ۽ پيٽ جي پائيبند آهي. توحيد ۾ ڪڏهن فاني ٿيندين.! هيءَ سڄي عمر نفس جي تابعداري ۾ گذريئي، باقي ڪڏهن توحيدي ڏي هلندين! جنهن تي ابراهيم خاموش ٿيو.
هڪ دفعي شاهه منصور ڳالهه ڪئي ته موسيٰ عليه السلام ابليس کي چيو. اي تڙيل، آدم کي سجدو ڇو نه ڪيئي، جي کيس سجدو ڪرين ها ته ڪونه تڙجين. ها جنهن تي ابليس چيس ته وڏي بيوقوفي ته تو ڪئي، جو الله کان ديدار گهريئي ۽ توکي چيائين ته انظر اِلَي الجبل، يعني جبل ڏي نهار. تو الله کان منهن موڙي جبل ڏانهن نهاريو. مون ته خدا کي جواب ڏنو ته توکان سواءِ ٻئي جي اڳيان نه جهڪندس.
هڪ دفعي شاهه منصور کان ڪنهن موسيٰ ۽ فرعون بابت پڇيو جنهن تي پاڻ چيائين ته ته ٻئي حق تي هئا. جنهن کي ازل ۾ جيئن هلايائون ائين پيا هلن. وري پڇيائونس: الله وٽ پهچڻ جو ڪهڙو رستو ۽ فاصلو آهي پاڻ چيائين: ٻه قدم هڪڙو دنيا تان هٿ کڻ ۽ ٻيو عقبيٰ تان هٿ کڻ ته اجهو ٿو موليٰ وٽ پهچين. صوفي واحد ذات حق آهي نه هو ڪنهن کي ڄاڻندو نه هن کي ڪو ڄاڻيندو. الله کي جيڪو ڳوليندو سو لهندو. عارف جي دل نشانو آهي. ۽ عشق نشان چٽيندڙ، پوءِ عشق جو نشانو ڪيئن گسندو. عاشق تي خلق جو ملامتون ۽ تهمتون ۽ طعنه ٿين ته کيس وار جيترو به ڏک نه ٿئيس. اهو خلقِ عظيم آهي.
ازل کان ابد تائين جيڪي آهي. سو وحدت آهي. ازدها جي وات ۾ ٻيئي جهان ائين آهن جيئن درياهه ۾ ڪک آهن. عشق جي درد جي تصوير ڪڍجي. ته سڀ جهان اوڏهين ڏسن. ڪنهن کي به بهشت ۽ دوزخ ياد نه هجي. دنيا ڦٽي ڪرڻ نفس جو زهر آهي. عقبيٰ ڦٽي ڪرڻ دل جو زهر آهي پاڻ کي ڦٽي ڪرڻ روحاني زهر آهي. آدمي جيستائين پاڻ مان نٿو نڪري تيستائين اهو رسول الله جي دل تي بار آهي.
هڪ دفعي شاهه منصورکان پڇيائون ته نماز ۾ ٻڪن واري دعا الله وٽ پهچي ٿي يا نه؟ پاڻ چيائين ته ڪونه ٿي پهچي. صوفي اهو آهي جيڪو اک جي پنبڻيءَ سان ٻيئي جهان کڻي وڃي. عشق اهڙو آهي جو ارادو ڪري ته سئي جي پاکي مان ظاهر ٿي پوي. جيڪڏهن حجاب ڪري ته زمين ۽ آسمان مان به لڪي وڃي.
سڌان نفس جي حياتي آهن حق دل جي حياتي آهي ۽ عشق روح جي حياتي آهي. جيڪي سازسروز ذات الاهي لڪايا آهن جيڪڏهن انهن کي ظاهر ڪري ته سڀ موجودات نچڻ لڳي جيڪڏهن پنهنجو انهن کي ظاهر ڪري ته سڀني جو دم نڪري وڃي. پڇيائون ته صبر ڇاکي چئجي؟ پاڻ چيائين ته ڪهن آدميءَ جا هٿ پير وڍجن ۽ سوليءَ تي لٽڪائنس ته به دانهن نه ڪري. عجب جو اهو حال شاهه منصور تي نازل ٿيو. شاهه منصور کي ماڻهو سمجهي نه سگهيا. مگر منڪر ٿي ساڻس وڙهيا .
311 هجريءَ ۾ خليري مقتدر با الله وٽ ماڻهن دانهيو ته شاهه منصور انا الحق جو نعرو ٿو هڻي ۽ الله ٿو سڏائي. جنهن تي کيس خليفي گهرائي چيو ته انا الحق نه چئو. مگر هو الحق چئو. پاڻ چيائين ته هوالحق اهو چوندو جنهن جو الله وڃايل هوندو ۽ الله کان ڌار هوندو مگر مان پاڻ الله آهيان منهنجي ڳالهه اهو سڃاڻندو. جنهن پاڻ سڃاتو هوندو منصور ڪٿي آهي منصور ته بحرا واگهه ۾ ٻڏي ويو. حضرت شاهه منصور کي خلق جي هجوم جي روبرو سوليءَ تي چاڙهيو هئائون. ٽي هزار ستر ته صرف ملان ۽ قاضي هوا. ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهڻ وقت کائونس پڇيائون ته عشق ڇا آهي پاڻ چيائين ته اڄ به ڏسندو سڀاڻي ۽ پرينءَ به ڏسندو. ان ڏينهن شاهه منصور کي سوليءَ تي چاڙهيائون ٻئي ڏينهن لاش کي باهه ڏنائونس ٽئين ڏينهن هوا ۽ دجله درياهه ۾ وڌائونس.
سوليءَ وقت هڪ طالب آخري وصيت جي گهر ڪيس جنهن کي چيائين ته پنهنجي نفس کي ذڪر ۾ محو ڪر نه ته توکي حرص جي کوهه ۾ اڇليندو. جتان نڪري. نه سگهندين. وري کائونس پُٽ وصيت طلب ڪئي جنهن کي چيائين ته پُٽ سارو جهان روزي نماز ۽ عبادت جي ڪوشش ۾ هجي ته تون معرفت ۽ علم لدني هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجانءِ علم لدني جو هڪ نُڪتو ساري جهان جي جنن انسانن جي عبادت کان افضل آهي. شاهه منصور کي پيرن ۾ ٻيڙيون پيل هيون ته به چالاڪ ۽ هوشياريءَ سان پيو گهمي پڇيائونس. ته اهو ڪهڙو سبب آهي چيائين ته وجود جي ٽنگوٽي کي بند ڪيون عرش عظيم ڏي ٿو وڃان.
تڏهن خوشي ٿي ٿئي اناالحق جو نعرو هڻندو هي عربي شعر پڙهيائين

نَدِیمی غَیر مَنْسُوب اِلٰا شَیءِ مِنَ الحیَفُ
سَقانی مِثْل مایَشرَب کَفَعْل ضیف بالضیفُ
فَلَما ذارَب الکاسُ دَعَایا الَنَطیع ُ والسیفُ
کَذا مِنْ یشرَبُ الراحُ مَعَ النبینُ باالصیف
يعني منهنجو محبوب حيف ڪرڻ جهڙو نه آهي . جڏهن وٽس ويس ته مون کي شراب ڏنائين جيئن ميزبان مهمان جي عزت ڪندو آهي کارايائين ۽ پياريائين مان عشق جي شراب جا پيالا پيتا ته محبوب نطع کڻي پٿاري ( نطع معنيٰ چمڙي جو وڇايو جنهن تي مجرم کي قتل ڪيو ويندو آهي) ۽ ترار ڪڍي ڪهڻ لڳو. ان شراب جو مُلهه سر ڪپائڻ اهي جيڪو عشق ازدهان کان هاڙهه جي مند ۾ ڪهنو شراب وٺي پيئندو ته ان جو حال اهو ٿيندو.
شاهه منصور جڏهن سوليءَ تي پهتو ته تختيءَ کي چمي ڏنائين ڏاڪي تي پير رکندي چيائين ته جيڪي گهريو هيم سو اڄ حاصل ٿيو، جسم جي قيد مان اڄ آزاد ٿو ٿيا. سندس طالب دانهون ڪري چوڻ لڳا ته قبلا توکان پوءِ هي ملان ۽ قاضي اسان کي به ماريندا پاڻ کين چوڻ لڳو ته مونکي مارين جي اوهان کي ماريائون ته ٻيڻا ثواب هٿ ڪندا.
سوليءَ وقت شيخ شبليءَ پڇيس ته عشق ڇا آهي؟ ۽ تصوف ڇاکي چئجي؟ ان کي چيائين ته هي جيڪي ڏسين ٿو اهو سڀ ڪجهه عشق ۽ تصوف آهي. ان ڏينهن ماڻهن شاهه منصور کي پٿر پي هنيا. ريس تي شيخ شبلي به شاهه منصور کي گل هنيو ته دانهن ڪيائين. پڇيائونس ته پٿرن تي دانهن نه ڪيوَ مگر گل تي دانهن ڪيوَ. جواب ۾ چيائين ته عام ماڻهو معذور ۽ بي خبر آهن هي شيخ باخبر آهي.ڄاڻي ٿو ته شاهه منصور کي پٿر هڻڻ جائز ڪين آهن. انهن بخبرن جي پٿرن جو نه ڏک ٿو ٿئيم ۽ نه ايذاءٌ ٿو اچيم. مگر هن خبر واري جو ڏک ٿو ٿئيم،
پوءِ شاهه منصور جا هٿ وڍيائون کلي چيائين ته مون کي ٻيا هٿ به آهن جيڪي عرش عظيم کان لنگهيل آهن. انهن جي وڍڻ جي اوهان کي طاقت ڪانهي. وري شاهه منصور جا پير وڍيائون جهن تي چوڻ لڳو ته هي پير وڍيا اٿو جن سان زمين تي سير پي ڪيم مگر اڃا مونکي ٻيا پير به آهن جن سان هماءُ ۽ عُنقاءَ پکي وانگر ٻنهي جهانن کان پرتي جو سير ٿو ڪيان هجيوَ طاقت ته اهي پير به وڍيو. پوءِ پنهنجي رت منهن ۽ ٻانهن کي مکڻ لڳو. جنهن ماڻهن پڇيس ته رت ڇو ٿو منهن کي مکين. چيائين ته مردن جو گل گونو ۽ عطر سندن رت هوندو آهي. ٻيو ته متان رت وهڻ ڪري منهن هيڊو ڏسو ۽ سمجهو ته خوف ٿيو اٿس ۽ وڌيڪ عربيءَ ۾ چيائين ته فیِ العِشْقِ لَا ُیصَحُ وُضُوئھما اِلّٰا بِدَمِّ يعني عاشق جو رت کانسواءِ وضو صحيح ڪونه ٿيندو آهي. سوليءَ تي چڙهڻ وقت ڪنهن پڇيس ته معراج ڇا آهي. چيائين ته مردن جو معراج سوليءَ جي ڏاڪي ۽ تختي تي ٿيندو. زبان وڍجڻ کان ٿورو اڳ ۾ قرآن ڪريم جي هيءَ آيت پڙهيائين:

یَستَعجلُھا الذِینَ الآیُوء مِنُونَ وَالذِینَ آمَنو مُشْفِقُون مِنْھَا وَیَعْلَمُون اَنہ الحَقُ
يعني جي ايمان نٿا آڻين سي تڪڙ ڪندا آهن جن ايمان آندو آهي سي مهربان آهن انهن مان ڄاڻين ٿا ته هو حق تي آهي.

ان بعد خليفي مقتدر با الله عاشق جو سر وڍڻ جو حڪم ڏنو سر وڍجڻ وقت پاڻ کِلي ڏنائين. پوءِ شاهه منصور جي هر هڪ عضوي مان انا الحق جو آواز بلند ٿيو. آخر سڀني عضون کي ڪٽي ڪپي قيمون ڪيائون ته انا الحق جو آواز بند ڪونه ٿيو. ايتريقدر. جو سندس هٿن پيرن جي آڱرين مان به سوڳيو آواز پي آيو. آخر سندس ڪٽيل جسم کي باهه ڏيئي ساڙيائون خاڪ مان به آواز آيو. آخر ڪار اها خاڪ دجلو درياهه ۾ وڌائون ته درياهه موج ڪري شهر بغداد ۾ گهري پيو. وهندو پاڻي مان به ساڳيو. آواز پي آيو بغداد تي مصبيت اچڻ لڳي طوفان نوح جاري ٿيڻ لڳو. پر شاهه منصور اڳ ۾ پنهنجي طالب کي سمجهايو هو ته جڏهن مسلمان منهنجي لاشي جي خاڪ درياهه ۾ وجهندا ته درياهه موج ڪندو ۽ بغداد ٻڏڻ لڳي ته اوهان هڪ دم منهنجي گودڙي کڻي درياه ۾ اڇلجو. ان ڪري پاڻي کي ايندو ڏسي طالب گودڙي کڻي درياهه ۾ اڇلجو، ان ڪري پاڻي کي ايندو ڏسي طالب گودڙي کڻي درياهه ۾ اڇلائي ته پاڻي جو چاڙهه ختم ٿي ويو. ۽ شهر ٻڏڻ کان بچي ويو.
حسين بن منصور حلال الاسرار عشق مڪان پنهنجي طالبن ڏانهن خط عربي ۾ هن طرح لکندو هو.
“ من الله هُوَ لَا ربي الااولُ النُورُ سَلا طِحو لا مِع َوالا صلُ الا صلی والحُجۃ ُالحج
وَرَبُ لَا رَبَابُ ورب الطورُ نِیَازُ الغیثُ مصباح ُالنُورُ المتصور فی کل صورتہ اِلیٰ عبدہ فلان ”
يعني: مان اهوازلي ۽ منڍ وارو الله آهيان جيڪو سڀني چمڪندڙ نورن جو اصل نور آهي ۽ جملي حجتن جي حجت آهيان پالڻهار جو پالڻهار آهيان ۽ طور سينا واري موسيٰ جو الله آهيان برسات موڪلڻ وارو سج جو نور مان آهيان. سڀ ڪنهن صورت ۾ ظاهر ٿيڻ وارو مان آهيان هي خط فلاڻي ٻانهي ڏي آهي.
شاهه منصور جا طالب وري ڏانهنس هيٺينءَ عبارت ۾ خط لکندا هئا:
سُبحانک یا ذَاتَ الذات منتھی غَایَتَ الذَاتُ یا عظیم یا کَبیرُ ۔ اَشھَدُ اَنکَ البَاری القدیم، المُنیرُ المتصور فِی کُل زمان وفیِ زماننا صُورۃ الحُسینُ بن منصور عَبدک ومِسکینکَ وفقیرک المُستجیرُ المُنیبُ اِن الراجعی برحمتک عا علام الغیوب یقول ھذا ھذا
يعني: تنهنجي تعريف سان شروع تون سڀن هستين جي هستي آهين. تون سڀني خوشين جي ابتدا. اي عظيم اي ڪبير. مان شاهدي ٿو ڏيان ته تون بيشڪ باري قديم آهين. سج چنڊ جو پيدا ڪندڙ آهين. سڀني وقتن ۾ ظاهر ٿيندڙ آهين اسان جي وقت ۾ حُسين بن منصور جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهين. فقط تهنجو ٻانهو مسڪين فقير تنهنجو فقير . تنهنجي مدد جو محتاج تنهنجي پناهه جو اميدوار تنهنجي رحمت جو طالبگار. بيشڪ تون مون تي پنهنجي رحمت موڪليندين. اي ڳجهه ڄاڻيندڙ تون ئي اسان جون هي التجائون اگهائيندين.راوي البيروني.
شيخ جنيد بغدادي ۽ شيخ شبلي روح ان وقت راز جا واقف نه هئا تڏهن پي شاهه منصور جي خلاف فتوائون ڏنائون. حڪومت جي به مٿن زور هو. شاهه منصور کانپوءِ راز جا واقف ٿيا.
اسان هي معراج وارو ۽ آسماني اشتهار ٿا ڪڍون ته جيڪو شاهه منصور کي گهٽ وڌ يا ڪچو چوندو ته ان کان الله ۽ رسول بيزار آهن اهو صوفي آهي ته غير واقف ۽ ٻنهي جهانن ۾ انڌو آهي. اهو ۽ سندس پيءُ ڏاڏو ۽ سندس ست پيڙهيون ڏوهاري آهن. اسان اُن کي لعنت جو ڪفن ۽ سندس پيشاني تي داڳ ٿا لڳايون. قيامت ۾ به سندس ڪفس تي لعنت جا ٽاڪا لڳل هوندس. اهو انا الحق جو نعرو نه رڳو منصور جي واتان نڪتو پر رسول ﷺ خدا جي واتان به نڪتو انا احمد بلا ميم جي حديث مشهور آهي مَن راني فَقد راءَ الحقُ. مان رَاني فقد کَفَرَ. يعني آءٌ احمد آهيان پر ميم کانسواءِ جنهن موکي ڏٺو تنهن الله کي ڏٺو. جنهن مون کي ڏٺو سو ڪافر ٿيو.
“ من راني فقد راءَ الحق موج ۾ مرسل چيو. هنيو طبل ته صاحب تاج جي قدسي حديث آهي ته.“
یَتَقَربُ الانسان بِالفَرآئض ۔ فَاذا اَحبِکَ اَحبَنی مَنِ قَصَدَکَ قصَدَنی مَنِ رَاک فَقد رَانی کُنتُ سَمِعَہ وبصرہ وَیَدک ولسانہ وَرِجِلہ وبی یسمع وبی یبصر وبی ینطق وبی یمثی وبی یبطش
ترجمو: جڏهن انسان ڪمال کي ٿو پهچي ته ان سان جنهن ٻئي به صحبت ڪئي ته ڄڻ الله سان صحبت ڪيائون جنهن ڏنو ڪجهه ان کي ته ڄڻ الله کي ڏنائين. جنهن ان سان ملڻ جو ارادو ڪيو ته ڄڻ الله سان ملڻ جو ارادو ڪيائين. الله ٿو فرمائي ته مان ان جا ڪن آهيان جنهن سان ٻڌي ٿو. مان ان جي اک ٿو ٿي پوان جنهن سان هو ڏسي ٿو. ان ڪامل انسان جي زبان ٿي ٿو پوان جنهن سان هو ڳالهائي ٿو. ان جا هٿ پير ٿو ٿي پوان جنهن سان هو ڪم ڪار ٿو ڪري. هاڻي ڏسو ته اتي منصور ڪاٿي رهيو. حديث موجب ڪامل انسان جو وجود حقاني وجود ٿو پوي.
قال غوث اعظم حديث قدس. الا نسان سري وانا سره. يعني رب العالمين ٿو فرمائي: انسان منهنجو راز آهي ۽ مان انسان جو راز آهيان

لَوعرَفا اِلا نسان مَنزِل الانسانِ يَقُول في کُل ِنَفسِ فيِ اللهِ الغنا وَاَنَ الَمَلکُ لا َمَلِکُ اِلا انا
ترجمو: جيڪڏهن انسان پاڻ کي سڃاتو ته چوندو ته هر هڪ ساهه ۾ الله آهي مان بادشاهه آهيان مون کان سواءِ ٻيو ڪجهه بادشاهه ڪونهي. حضرت علي المرتضيٰ عليه السلام فرمائن ٿا ته اَنا عَربُ بلا عَينُ. يعني مان عرب آهيان سواءِ عين جي انا قسيم النار وَالجنه يعني بهشت ۽ دوزخ ورهائڻ وارو به آهيان.
حضرت بايزيد بسطامي عليه رحمت فرمائين ٿا ته لوائي اعظم من لواءِ محمد ﷺ سبحاني مان اعظم شاني لااله الا انا فاعبُدني. يعني، منهنجو جهنڊو پور نور ﷺ جي جهنڊي کان وڏو آهي مان پاڪ آهيان منهنجو شان وڏو آهي. مون کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ڪونهي منهنجي ئي عبادت ڪريو.
حضرت شاهه شمس الحق فرمايو آهي. اسجدني قم باذني. يعني مون کي سجدو ڪريو.
مئل کي چيائين ته منهنجي حڪم سان اُٿ ته هو جيئرو ٿي اٿيو. شيخ جنيد بغدادي مستيءَ جي حال ۾ چيو ته ليس سِوا اللهُ في جُبَتي. يعني منهنجي خاڪي چولي ۾ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي.
مولانا جلال الدين رومي فرمائي ٿو:
آن منم هم خود انا الحق گفتني است باده ازما مست شُدنئي ماازاوهمه عالم ازما هست نئي ماازوا
يعني مان اهو آهيان. جيڪو پاڻ انالحق ٿو چوي شراب کي منهنجي ڪري مستي ٿي آهي. نڪي ان جي مستي مون تي ٿي آهي، سارو جهان مون منجهان آهي، نڪي مان ان مان آهيان اهي جملا شرابا طهورا لاءِ آهن نه ڪي هن دنيا واري شراب لاءِ آهن.
باده در جوشش گائي جوش ماست، چرخ گردش اسير هوش ما است
شراب اسان وٽان جوش سوالي ورتو اهي. آسمان اسان جي حڪ جو آهي پائيبند آهي
آهڙي طرح حضرت سلطان قلندر شهباز نه نعرو هنيو آهي،
شهباز لامڪانم بيرون زکون ومکانم، مسجودانس جان ام مطلب تو آشيانم،
لامڪان جو شهباز آهيان ٻنهي جهانن کان آزاد آهيان. انسانن ۽ جنن جو الله آهيان مطلب ته تنهنجو آستانو آهيان.
من ام عثمان مروندي که يار خواجو منصورم ملامت ميکند خلق که من برادرمي رقصم.
مان عثمان مروندي آهيان خواجه منصور جو يار آهيان خلق ٽوڪون ٿي ڪري. مگر مان سوليءَ تي به نچان ٿو.

حضرت شاهه عنايت شهيد کي يار محمد ڪلهوڙي شهيد ڪرايون ٺٽي مان دهليءَ سرنيزي تي کڻايون پيا وڃن ته مجذوب مست ڏسي پڇيس: “ پير پريان جي پڙ ۾ ڪنهن چيئه تان پاءِ ” هڪدم سر مبارڪ جواب ڏنو: ديراست کي آواز منصور کُهُنُ شدا اکنون من جلوء دهم وارو رسن را”. يعني شاهه منصور جي انا الحق جي نعره کي گهڻو وقت ٿي ويو هو. ان ڪري سوليءَ تي پهچي انهن کي نئون ٿو ڪريان .
حقيقت ۾ شاهه منصور صوفين عاشقن جو سرتاج آهي. هر هنڌ هنِڌ، سنڌ ۾ سندس ذڪر مشهور آهي. مولانا جلال الدين رومي، شاهه منصور جي قاتلن کي غدار ٿو سڏي، عشق جو اسلام شاهه منصور ۽ شمس الحق تبريزي جهڙن عارفن روشن ڪيو، انهن انسانن هن جهان ۾ الله وارو دين اظهار ڪيو الله جي دين کي شاهه منصور اهڙو پڌرو ڪيو. جو عشق جي حال سندس لاشو به ساڙائي ڇڏيو. سڄي دنيا ۾ عارفن جو قبرون زندهه آهن، مگر شاهه منصور جي قبر نه لڀندي اهڙو هن شهنشاهه امتحان پاس ڪيو جوقيامت تائين سندس نالو روشن رهندو ملن ۽ قاضين سمجهيو ته کيس ساڙي سندس خاڪ هوا ۾ اڇلائڻ سان سندس نالو گم ٿي ويندو، پر هو ته ائين فضا ۾ پکڙجي ويو. ۽ سڀني صوفين جو سرتاج ته حضرت امام حسين عليه السلام آهي. مگر حضرت امام حسين کانپوءِ هن پنهنجي سر جو اهڙو امتحان ڏٺو جو ٻئي ڪنهن به صوفيءَ ائين نه ڪيو آهي،

رومي صاحب جا بيت
بود منصور عجب خوش زنده حال، در ره توحيد اور اقصد کمال.
شاهه منصور عجب خوش ۽ زنده حال هيو. توحيد جي راهه ۾ ان جا سوين ڪمال آهن.
شير مانده غره انا الحق نمود، گئو چو گان عشق منصور ربود.
شينهن وانگر انا الا حق جي گجگوڙ ڪيائين. عشق جي ميدان جي منصور گوءِ کڻي ويو.
درس ده استاد جمله عاشقان که باتحمل بُردبار ظلم شان.
سڀني عاشقن کي سبق ڏيندڙ استاد هو.انهن جي ظلم جو بار وڏيءَ بردباري سان کنيائين.
عارفن اندر تحير مانده اند، عاميان در عبرت اوهم شدنده.
سڀ عارف حيرت ۾ پيل آهن. عام ماڻهو پڻ ان جي عبرت ۾ آهن،
بات سوار تاخت برجمله جهان ، لاابالي راکمر بسته عيان
سڄي جهان ۾ هڪ سوار گهوڙو ڊوڙايو ظاهر ظهور بي پرواهي ٿي ڪمرٻڌائين
خلق بروئي جمع جمله صد هزار ، يک تن نعره زده آن نامدار.
ان تي لک ماڻهو گڏ ٿيا. هڪ ڄڻي نامدار تيرن مان نعرو هنيو
سه هزار هفتادن ازعالمان همچون مورو مدخ بروئي مفتيان
ٽي هزار ستر عالم هئا، ڪولين ۽ ماڪوڙن وانگر اتي مفتي گڏ ٿيا هئا.
امتحان عشق راداه همين آفرين برورح پاکش آفرين.
عشق جو اهڙو امتحان ڏنائين. جو ان جي پاڪ روح کي به آفرين هجي،
عضو هائي خاک پاکش سوخته ، نعره انا الحق همه افروخته
ان جا خاڪي عضوا پاڪ ساڙي ڇڏيائون، ته به هر عضوي مان انا الحق جو نعرو کڙو ٿيل هو.
عبديت رابر خانه اش برباد کر، احديث راخر قئه آباد کرد.
ٻانهپ جو گهر داٿائين احديث جو لباس آباد ڪري ڇڏيائين.
صوفيان رافخر منصور آمده عين وحدت نور برنور آمده
صوفين کي منصور تي فخر آهي جو وحدت جي نور کي اعليٰ نور ڪيائين .