مخدوم غلام صاحب (مخدوم طالب الموليٰ جي والد) جي فقير صاحب کي دعوت ڪرڻ جواحوال
اهو ڏسي مخدوم صاحب فقير صاحب کي دعوت نامي سان گڏ 200 روپيه به ڪرائي لاءِ مني آرڊر ڪري موڪليا. جنهن تي فقير مخدوم صاحب ڏانهن لکي موڪليو ته سائين مخدوم صاحب پاڻ وٽان ڍونڍ ڪڍي اسان ڏي ڇو موڪليو ۽ پئسا واپس موڪليائونس. مگر کين سندن سڪ ۽ خلوص جو احساس ٿيو ان ڪري هڪ ڏينهن پاڻ ۽ سندن فرزند ميان علي گوهر فقير ۽ امين محمد فقير ۽ زوار علي اڪبر کي ساڻ ڪري وڃي هالن ۾ پهتا. مخدوم کين ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. ادب ۽ احترام سان سندن آڌرڀاءٌ ڪيائون. فقير صاحب کي پاڻ سان گڏ کڻي ويهاريائون ۽ حلوه جو ٿالهه تيار ڪرائي سندن اڳيان رکيائون. حلوو ڪو واڻئي جو ٺاهيل هو جنهن ڪري حلوو کائڻ کان انڪار ڪيائون .جنهن تي مخدوم صاحب کين چيو ته اسان جا فقير ته سڀ ڪجهه کايون ٿا وڃن.
ان کانپوءِ فقير صاحب کي مخدوم صاحب پان سان وڃي بنگلي ۾ ويهاريو ۽ اڪيلائپ ۾ ڪچهري ۽ توحيد جي رهاڻ ۽ گفتار شروع ڪئي. رهاڻ بعد سڀني گڏجي دعوت وارو طعام کاڌو ٻه ڏينهن فقير صاحب اتي رهيو ۽ موڪلائڻ وقت مخدوم صاحب فقير صاحب جي کيسي ۾ 400 روپيا نذراني طور وڌا ۽ چيائون ته نذر الله نياز حسين قبول ڪريو. پوءِ فقير صاحب اجازت وٺي ڳوٺ موٽي آيو.
روايت آهي ته 1930ع ۾ فقير صاحب کي سخت بخار ٿي پيو. ڳالهائڻ کان به خاموش ڪري ويا. ڳوٺ جو هندو حڪيم وسندمل هو ان کي آندو ويو. ان نبض ڏسي چيو ته ابا فقير صاحب وصال ڪري ويا آهن. توهان ڪفن دفن جي تياري ڪريو. حڪيم واپس ويو ۽ فقير صاحب ٿوريءَ دير بعد اٿي ويهي رهيا. پاڻ فرمائڻ لڳا ته آءُ بيماري جي تڪليف سبب خاڪي جسم مان نڪري الله تبارڪ وتعاليٰ جي بارگاهه ۾ حاٰضر ٿيو هوس .مگر ان بادشاهه لم يزلي حڪم فرمايو ته تون موٽي وڃ توتي ڪجهه ڪم رکيل آهن. ان ڪري آءٌ موٽي آيو آهيان ۽ ڪجهه وقت لاءِ هت رهندس. پوءِ روئڻ وارن کي به پاڻ منع ڪيائون.