عرش عظيم جي عروج جو بيان
عرش عظيم کي طواف ڪندڙن سڀني فقيرن جي پوشاڪ سفيد ۽ نوراني هئي. انهن مان شيخ عطار رحمته الله اڳتي اچي مون کي هٿ کان وٺي عرش عظيم جو طواف ڪرايو طواف ڪندي جڏهن چوٿين دروازي وٽ پهتاسون ته ڏٺم ٿه ذات ذوالجلال الله تبارڪ وتعاليٰ سرخ رنگ جي هڪ عاليشان ڪرسيءَ تي وڏي رعب تاب ۽ حشت بادشاهيءَ سان ويٺو آهي. سندس سر مبارڪ تي هڪ سونو شاهنشاهي دو عالم جي تاجداريءَ جو ڇٽ پيل هو ڏسڻ سان شيخ عطار صاحب جي هٿ مان هٿ ڇڏائي انهيءَ ذات جي سيني ۾ پيهي ويس. جيئن ڦڙو درياهه ۾ پوي ۽ هڪ ٿي وڃي. فقير به ائين عين درياه ٿي پيو ڪرسيءَ جي هيٺان جيڪا هڪ عاليجاهه شيءَ پيل هئي ان جي ڳالهه نه ڪبي جڏهن ذات ۾ محيط ٿياسي تڏهن مان پاڻ کي انهيءَ وسع کرسيه السموات والارض تي ويٺل ڏٺو. ٻاهران پي ڏٺم ته الله تعاليٰ ويٺل هو. غوطي بعد مان پاڻ الله ٿيس. حديث: اذاتم الفقر فهو الله جي معنيٰ جي خبر پيئي ته اها جاءِ آهي. فقيري جي اها انتها آهي ٻانهي منجهنان الله ٿيڻ. اسان جي ذڪر بيهڻ جي اها جاءِ هئي. اتي اسان جو ذڪر هلڻ بند ٿي ويو. پوءِ جلد ئي عرش عظيم تي پهتاسين. اتي جنهن وقت گم ٿيڻ جي حالت ٿي ته وجود ۾هڪ آواز پيدا ٿيو اهوعربيءَ ٻولي جولفظ اناالحق هو جيڪو اسان جي لئو لئو مان جاري رهيو ٽي ڏينهن ٽي راتيون مون پاڻ کي ٻنهي جهانن جو بادشاهه پي سمجهيو. هتي مان جو لفظ ضروري آهي. ڇو ته اسان جو لفظ ٻيائي جمع آهي فقير جنهن به منزل جي ڳالهه ڪندو ته انهيءَ جاءِ تي بيهي ڪندو نه وري زماني جي تعريف لاءِ يا ماضيءَ ۽ استقبال جي فقير جي اڳيان ماضي ۽ استقبال آهن ئي ڪونه هيءَ جاءِ تمام زور واري آهي منصوري حد ۽ حلا جي حالت هن جو نالو آهي. هتي هستي ۽ بيخوديءَ جي بي انداز حال ٿيندو آهي. ان حال ۾ ڪنهن به آدميءَ جو اچڻ روبرو. برداشت آهي. اوجاڳي وارا پسندا ايندا اهن ڇو ته انهن حدن ۾فقير جي ننڊ پڻ ختم هوندي آهي. ايتري قدر جو ٻارهن مهينا ننڊ نه ايندي انا الحق واري حالت ۾ مان پنهنجي ڀاءُ کي رات جو اٿاريو هو ته ڳوٺ وارن روزازل واري ڏينهن مون کي سجدو نه ڪيو. هو ان ڪري کين وٺي اچ ته مان کي سجدو ڪن ڇو ته مان ٻنهي جهانن جو الله آهيان. منهجي نفساني ڀاءُ زماني واري سياڻپ سبب ماڻهن کي نه ٻڌايو ته متان ماڻهو ڪفر سمجهن.
بيت
عشق جنهن سر آئيو.تنهن سر ڏٺائين تاج وڪلاهه
دائما دارين جو ٿيو. شاهه عالي بادشاهه
عشق نار الله يحرک ماسوا الله ٿيو گواهه
پاڻ سڃاڻي پانهنجو اثبات ڪيائين الا الله
ليس في الدارين الا هو عشق آيو يڪ نظر
انا الحق واري موقع ۾ اهڙي طاقت ٿيندي آهي جو مئل کي قم باذني چئبو ته اهو جيئرو ٿي پوندو. حضرت شمس الحق تبريز به ان جاءِ تي بيهي قم باذني چيو هو . يعني اُٿُ منهنجي حڪم سان ائين چئي مئو جيئرو ڪيو هئائين. ان وقت جيڪڏهن فقير الوهيت وارو ڪم ڪندو ته سندس وجود جو سر وڍيو. مگر ان حالت ۾ سر جو سانگ ڪونه ٿيندو آهي جسم کان اهڙي بيزاري ٿيندي جو چوندو ته اڄ ۽ هاڻ قتل ٿئي ته بهتر آهي. اهي پورا ٽي ڏينهن مون کي انبيائن اوليائن طواف ڪيو. اهي ٽيئي ڏينهن مان عرش عظيم واري ڪرسيءَ تي الوهيت جي شاعري شان ۽ قوت سان ويٺو هيس. ان لاهوتي منزل ۾ ڪنهنجو به احتياج نه هو. انبياءَ اولياءَ زمينون آسمان سڀ پنهنجي هٿ جي ٺهيل مخلوق پي سمجهيم. بي انداز لاپرواهي هيئي هر وقت زبان تي انا الحق جاري هو.
بيت
من خدايم من خدايم من خدا. نيست ديگر غير من درود سريٰ
يعني مان خدا آهيان مان خدا آهيان مان خدا . مون کي سواءِ ٻنهي جهانن ۾ ٻيو ڪير به نه آهي،
ان حالت ۾ ان محلات ۾ جيڪي راز ڏٺم سي کولڻ جهڙا نه آهن، مگر هڪ شيءَ جيڪا مون کي اتي هٿ ۾هئي جنهن کي اسم اعظم جو ڀالو چئبو آهي. سو ظاهريءَ به مان ٺهرائي هٿ ۾ ڪيو. جيئن بيدل سائين فرمايو آهي. ته ڀالا. نفي اثبات والا جان جسم وچ کوڙين يار ٻيون به گهڻيون ئي شيون هيون پر مون کي نيزو پسند آيو ان وقت خاڪي وجود جي رڳن جي ڌمڪار مان ڪنهن تي به انا الحق انا الحق جو آواز پي آيو. ظاهري زبان به انا الحق جي آواز سان پي چري هن حالت ۾سڀني عاشقن اسجدني يعني مون کي سجدو ڪيو. جا هوڪا پي ڏنا. بسطامي صاحب لااِلا اَنا فاعبدني سبحاني ما اعظم شاني جو نعرو هنيو شاهه منصور نروار ٿي اناالحق جو دم هنيون جنهن تي رسمي مسلمان کيس. سوليءَ تي چاڙهيو. آخر باهه ۾ ساڙي خاڪ دجدلا ۾ڪجهه هوا ۾ اڏاريائون رسمي مسلمان عشق الاهي جي اثباتي جي اها عزت ڪئي.انهن کي عشق جو اهو قدر هو.رسول الله ﷺ انا احمد بلا ميم ۽ عمادُ الفَقَرُاَن يّکُون کُفراَ جون حديثون فرمايون فقيريءَ جي اڳيان ڪفر ڪهڙو آهي پاڻ گم ڪري الله اثبات ڪرڻ من خدايم جو نعرو هڻڻ. جنهن کي عام ماڻهو الله سڏائيڻ ڪري ڪافر ڪوٺيندا آهن.
بيت
عشق رابا کافري خويشي بود کافري خود عين درويشي بود
يعني عشق کي ڪافريءَ سان پنهجائپ هوندي آهي. عشق جي ڪافري خود درويشي آهي.
عشق جو هن ڪفر سان ناتو آهي. من منا عشق نار الله يحرک ماسوا. عشق باهه آهي غير کي ساڙي ڇڏيندو آهي هيءَ خودي جڏهن عشق ۾غائب ٿئي ٿي خدا خود عرش جو صاحب ٿيئي. جيئن ڦڙو درياهه ۾ ٿئي ٿو. غرق . ڦڙو خود درياهه آهي ناهي فرق
رسمي مسلمان تيستائين نالي جو مسلمان آهي جيستائين اسم اعظم جي طاقت سان پاڻ مان نڪري معنوي معراج نٿو ڪري
تيستائين حقيقي مسلمان نه آهي. دلي طرح مسلمان نه آهي هن کي اندران ڪفر جو جڻيو ٻڌل آهي.اهو نفس جوقيدي ۽ فرمانبردار آهي. تيستائين هر هڪ مسلمان جي روح جي ڳچيءَ ۾وجود جي رهڻ جو ڪافريءَ وارو جڻيو ٻڌل آهي. تازو مسلمان تڏهن ٿيندو جڏهن پاڻ مان نڪري معراج ڪندو. تيستائين هي مائٽن واري رواج تي ٿو هلي. اُهي ڪوري هئا ته هي به ڪوري ٿيو. ڪڙمي هئا ته هي به ڪڙمي ٿيو.اهو جڻيو تڏهن ڇڄندس جڏهن آسماني منزلون ماڻي عرش عظيم تي پهچندو. ٻانهپ کي درياهه اعظم ۾ ٻوڙيندو.جيئن پاڻيءَ جوڪوزو درياهه ۾ هارجي پوي. پوءِ ڪوزو ڪونه لڀندو درياهه ئي درياهه هوندو.
حديث قدسي: اَخَرِج بِصغَائي الا خلقي، مَن رَاک فَقَد راني من احبک فقد احبني،
انهن جي اها حد آهي جو انهن جو ڏسڻ الله جو ڏسڻ آهي. هن جي حب الله جي حب آهي ٻانهپ جو ٻيڙيون ٽثيس ته پوءِ اهو شاهه آهي. عرش اعظم جو مالڪ آهي. ان محلات ۽ الوهيت جي ڪرسيءَ جو به مالڪ آهي. پوءِ اهو فقير من اراد ان يجلس مع الله فليجلس مع اها.تصوف يعني جيڪو چاهي ته مان الله سان محبت ڪريان ته ان کي گهرجي ته اهل تصوف واري فقير سان صحبت ڪري ته گويا الله سان صحبت ڪيائين ان فقير جي صحبت خدا جي صحبت آهي.