فقير صاحب سان اميرن ۽ نوابن جو ملاقاتون
روايت آهي ته مير علي نواز”ناز “ مهراڻي واري زمين مان هڪ هزار ايڪڙ جو پروانو مئيخانه تي آڻي ڏنو، مگر فقير صاحب وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائينس ته جنهن توهان کي مير صاحب بادشاهي ڏني آهي سو اسان کي روز ڏيڻ ۾ غريب ڪونه ٿيندو. اسان توهان جا احسانمند ڇو ٿيون.اسان جو ذات حق پاڪ ۾ پورو ڀروسو آهي. مير علي نواز خان فقير صاحب ڏانهن خط نهايت آداب واري عبارت سان لکندو هو جيڪي سندن درگاهه تي موجود آهن.
ان کانسواءِ قيصر خان مگسي جيڪو مگسي قبيلي جو سردار هو. اهو خود درگاهه تي هر سال ايندو هو ۽ پاڻ فقير صاحب جو طالب هو فقير صاحب کي ڪيترا ڀيرا دعوت ڪري جهل مگسي به وٺي ويو هو سندن سارو ڪٽنب فقير صاحب جن جو عقيدت مند هو.
خان بهادر امام بخش خان جتوئي به فقير جو عقيدتمند ۽ طالب هو، جيڪو پڻ وڏي احترام ۽ عزت سان وٽن ايندو رهندو هو. ڪيترائي ڀيرا فقير صاحب کي دعوت ڪري سندن بنگلي تي وٺي ويندو هو.
سرائي امداد علي ٽالپورن وارو به فقير جو طالب هو. هڪ دفعي سرائي امداد علي ڪربلا معليٰ ۽ نجف اشرف جي زيارت تي ويو. مولا علي عليه الصلواتُ والسلام جن جي درٻار ۾ زار زار روئي ۽ ٻاڏائڻ لڳو. جڏهن سندن اک لڳي کيس ننڊ اچي وئي ته خواب ۾ حضرت مولا عليه الصلواتُ والسلام سندس مٿان اچي بيٺا ۽ کيس فرمايائون ته اسان تو وٽ تنهنجي ڳوٺ جي اوڀر طرف فولاد علي فقير جي صورت ۾ رهون ٿا. تون ان سان ملندو ڪر. ان سان ملندين ته ڄڻ اسان سان ملاقات ڪيئي. بس سندس خواب پورو ٿيو. جاڳڻ سان انجام ڪيائين ته جڏهن ڳوٺ ويس ته اول وڃي فقير صاحب جي پيش پوندس.
جڏهن واپس آيو ته اول ته سندس ڳوٺ بدران سڌو سنئون فقير صاحب جن وٽ اچي حاضر ٿيو ۽ کين خواب جو سمور احوال پيش ڪيائين. فقير صاحب جن جي قدمن تي ڪري پيو ۽ آخر تائين سندن جانثار ٿي رهيو.
هڪ دفعي مجلس جي موقعي تي سرائي امداد علي نواز ۽ زوار غلام حسين حاجاڻي فقير صاحب وٽ آيا. فقير صاحب کين چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ حضرت امام حسين عليه الصلوات والسلام جن جي عزاداري جي شروعات حضرت فقير غلام حيد گودڙيي ڪئي هئي. مگر هاڻي جيئن پوءِ تيئن ماڻهو عزاداري گهٽائيندا ٿا وڃن. تنهن ڪري اوهان اسان کي ڪنهن ڪاريگر کان تازيو ٺهرائي ڏيو ته جيئن اسين به عزاداري کي وڌيڪ ترقي وٺرايون. اهو ٻڌي سرائي امداد علي ٽالپور وڏن مان پنهنجو ٺهيل تازيو کڻائي اچي فقير صاحب وٽ پهچايو جيڪو هر سال محرم جي موقعي تي سينگاريو ويندو آهي.
زوار غلام حسين حاجاڻو به فقير سائين جو طالب هو. هو مرحوم فقير صاحب کي منصور زمانه چوندو هو. نهايت عقيدت ۽ احترام سان فقير صاحب وٽ ايندو رهندو هو. فقير صاحب کان مثنوي روميءَ مان چند سبق به پاڻ ورتا هئائين .
حاجي غلام قادر خان انڙ صاحب لاڙڪاڻي وارو به فقير صاحب جو طالب هو. جڏهن به فقير صاحب وٽ ايندو هو ته ادب وچان هيٺ ويهندو هو. هي صاحب نهايت سخي دل انسان هو. نرم دليءَ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. آواز ڪلام ٻڌڻ سان زارو قطار روئيندو هو. فقير صاحب جي چوڻ مطابق هن کي فنافي الشيخ جو در جو حاصل هو.
دعا طلبي لاءِ امير علي لاهوري ۽ ڪمشنر محمد اسماعيل عرف نُونُ صاحب به ساڻس ملاقات ڪئي هئي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به سندن قادر الڪلامي کان بيحد متاثر هو ۽ وٽن ملڻ لاءِ به ڪيترا ڀيرا سندن مئيخانه تي هلي ايندو هو.
مرحوم ڊاڪٽر عطا محمد حامي 1982ع ۾ فقير سائين حضرت غلام حيدر گودڙيي جن جي ميلي تي آيو. جو کيس فقير صاحب جي ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس لاءِ سڏايو ويو هو. راقم الحروف حامي صاحب کان پڇا ڪئي ته ميان حامي صاحب توهان جو فقير فولاد علي سائين لاءِ ڪهڙو رايو آهي ته پاڻ چيائين ته ادا فقير صاحب بحر عميق هو. ان جي پوري وصف ٻڌائڻ لاءِ مون وٽ لفظ ڪين آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ٽماهي مهراڻ رسالي ۾ فقير صاحب جي مختصر سوانح ڇپرائي هئي.
سيد عطا حسين شاهه ۽ سيد عابد حسين شاهه موسوي روهڙيءَ کان به وٽن ايند ا هئا.
سيد پير علي شاهه جج جيڪو سول ڪورٽ ٺريءَ ۾ مقرر ٿيو هو. سو به فقير صاحب جي ملڻ کانپوءِ ڏاڍو متاثر هوندو هو.
ان کان سواءِ دور قريب جا اديب به وٽن ڪجهه نه ڪجهه پرائڻ لاءِ ايندا هئا. جيئن علي احمد بروهي. ولي داد خان بروهي اعواڻ مختيار ڪار غلام قادر سومرو سول جج ٺري ميرواه. پرائيس ڪنٽرولر جلباڻي صاحب به وٽن گهڻو ايندا ۽ فيض پرائيندا هئا.