تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

چند طالبن جو احوال

[b]سجاده نشين فقير علي گوهر فقير
[/b]
سندن اڪيلو فرزند سن 1337 هجري مطابق 1918ع تاريخ 14 محرم الحرام ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ تولد ٿيو. سندن پالنا ۽ پرورش سندن والد بزرگوار حضرت فولاد علي فقير جي نظر هيٺ ٿي. پاڻ سنڌي فائينل جو امتحان شڪارپور سينٽر مان پاس ڪيائون. بعد ۾ فارسي زبان جي تعليم لاءِ ٽڳڙن جي مدرسه ۾ داخلا ورتائون. جتي مرحوم قاضي غلام محمد تعليم ڏيندو هو. فارسي علم جي تحصيل سڪندر نامونگار دانش ۽ بهار دانش تائين ڪيائين. اردو به ٽڳڙن ۾ پڙهيا. عربي ڳوٺ جي مولوي فيض محمد شر کان حاصل ڪيائون. ان سان گڏ گرمکي شاستري ۽ علم سمندرڪ يعني پاميسٽري يا وديا ريکا هندوستان مان آيل هڪ پنڊت کان سکيائون.
پاڻ علم تصوف يا ويدانيت جا يگانا ماهر هئا. دور قريب جا پاڻ واصل با الله بزرگ هئا پاڻ پنهنجي والد بزرگوار جا دست بيعيت طالب هئا. جنهن جي برڪت سان کين معرفت جو معراج حاصل هو. سندن به ڪيترائي طالب آهن. سماع ٻڌڻ جا بيحد شوقين هئا. سماع ٻڌڻ سان مٿن وجد حال طاري ٿيندو هو. پاڻ خود به موسيقي جي علم کان بيخوبي واقف هئا. ڳائڻ ۽ طلبه نوازي سندن ماهرانه مشغله هو.
سندن تصويرخواه تشبيه سندن والد بزرگوار سان ملندڙ جلندڙ هئي. البت قد وقامت ۾ ڪجهه ننڍا هئا. پاڻ محاسن ۽ مٿي جا وار رکرائيندا هئا. نفس کي ملامت جو بار رکڻ لاءِ هڪ دفعي روئي تراشي به ڪرائي هئائون.
پاڻ گيڙوءَ جو پهرياڻ ڪڏهن الفي به پهريندا هئا. خاص موقعن تي گلابي رنگ جي پوشاڪ ۽ مٿي ۾ ڪڏهن ڪلاهه ته ڪڏهن چانديءَ جو ڇٽ جيڪو هادي شهنشاهه فولاد علي فقير سائين لاءِ سندن طالب نور علي فقير سومرو محرابپوري ٺهرايو هو پهريندا هئا. جڏهن دستار ٻڌندا هئا ته دستار جي پلاند سان منهن تي نقاب ڏيندا هئا. هر وقت حال خيال فقيراڻو هون. ڪڏهن ڏسبو هو ته توحيد جي گفتار سان طالبن کي تلقين ويٺا ڪندا هئا. ڪڏهن ڏسبو هو ته پاڻ ويراڳ ڳائي محفل پيا سينگاريندا هئا
پاڻ بلند پايه جا شاعر هئا. سندن شعر سنڌي، سرائيڪي، عربي، فارسي ۽ هندي ۾ آهن. پاڻ شعر جي سڀني صنعتن تي طبع آزمائي ڪندا هئا. پاڻ شاعريءَ جا هيٺيان بياض ترتيب ڏنائون.
(1) خادم القرآن (2) روشن جهان،(3) ابيات سلطاني (4) يڪرنگ، (5) بيرنگ،(6) عشقيه (7) جوهر الامڪان (8) ابيات عشق، (9) صوفيءَ جي سيرب I،(10) صوفيءَ جي سيرب II، (11) عربيءَ ۾ انشاءَ الله (12) شبد گرمکيءَ ۾(13) طوفان البکاءُ. (14) ابيات توحيد (15) ابيات معرفت (16) بياض ڪافين جو جنهن ۾ جمله ڇهه سئو ڪافيون آهن،(17) شمس العارفين.
سڀ ڪتاب سندن تصنيف ڪيل آهن. اڳ ۾ شعر ۾ ٻيا تخليق بيخود وغيره استعمال ڪيا هئائون. پڇاڙيءَ ۾ سڀني شعرن مان اهي تخلص ڪٽي علي گوهر نالو لکيو هئائون. هاڻي سندن جمله شاعري سندن نالي سان آهي. جيڪو مرتب جو والد ماجد هو.
مثال

ڪافي I
عشق ۾ سر ڏيڻ ڪاٽي سخاوت هن کي چئبو آهه
مرڻ اُن جي محبت ۾ شهادت هن کي چئبو آهه
ڪري جو عشق جي دعويٰ خوديءَ کان ٿئي اول خالي
انا الحق ورد آه ان جو تلاوت هن کي چئبو آهه
تصور يار جو هردم رکڻ آهي رياضت هيءُ
ڏسڻ ديدار دلبر جو عبادت هن کي چئبو آهه
عشق جي انتها ڇاهي پڇو منصور کان يارو
جلائي سر ڏيڻ سجده شجاعت هن کي چئبو آهه
عشق جي آهي حالت هيءُ سدائين سوز آه تازو
عشق ۾ جان پرزه ٿيڻ عنايت هن کي چئبو آهه
عشق آ ”علي گوهر“ مدامي محو معشوقن
آئينه ذات دل ان جي بصارت هن کي چئبو آهه


ڪافي 2
عشق جي موج مستيءَ ۾ سوين نالا سڏاياسي
مڪمل موج منصوري صورت سڀ ۾ سماياسي
منارا عرش جا جوڙي عرش ڪرسي بناياسي
ڪري ڪم ڪار ڪثرت جو آدم حوا ٿي آياسي
ڪڏهن عيسيٰ ڪڏهن موسيٰ اهي نالا ڌراياسي
ڪڏهن احمد ڪڏهن حيدر عرب ۾ هل مچاياسي
ڪڏهن منصور ٿي پياسي. انا الحق دم الاياسي
ڪڏهن ملتان ۾ مستي مئا جيئرا ڪراياسي
ڪڏهن فولاد فائز ٿي عشق جا بار چاياسي
ڪڏهن هن رمز رنديءَ سان نجا نعرا لڳاياسي
علي گوهر بات وحدت جي سچل کي ڀي سکاياسي
ڪڏهن غلام حيدر ٿي شرن ۾ رنگ رچاياسي

سائين جن کي ڇهه فرزند هئا سندن سجاده نشين فقير شاهه مردان سائين آهي اسدا لله ۽ سلام الله سائين جن جي حياتيءَ ۾ گذاري ويا هئا. باقي فقير علي شير مستوار ۽ فقير شمس الحق ۽ احمد جام تعليم يافته نوجوان آهن جيڪي درگاهه جي فقراءَ جي سڀئي گڏجي نگهداشت ۽ سار سنڀار ڪندا ٿا اچن. سائين شاهه مردان جو وڏو فرزند سائين ياسين علي آهي. جنهن جو پڻ درگاهه جي خدمت ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي.


[b]ميان دوست علي فقير
[/b]فقير سائين فولاد علي شهنشاهه جي وڏي ڀاءُ محمد خان جو اڪيلو فرزند 1330 هجري ۾ پيدا ٿيو. سندن ننڍپڻ کان پيءَ جو سايو مٿانئن لهي ويو. سندس پالنا فقير سائين جن پاڻ ڪئي.
پاڻ جڏهن ٻارهن سالن جا ٿيا ته هادي سائين فولاد فقير کي جام وحدت عطا ڪيو مگر ذڪر ڏيڻ وقت کين فقير سائين غلام حيدر گودڙيه جن جي روضه پاڪ ۾ وٺي آيا ۽ کين ڪجهه وقت اتي ويهي مراقبه ڪرڻ لاءِ چيائون ڪجهه وقت مراقبه ۾ ويهڻ بعد ٻاهر ڊوڙندي اچي مرشد پاڪ کي چوڻ لڳا ته سائين ڏاڏي غلام حيدر گودڙيه سائين مون کي ڀاڪر پائي چيو ته تهنجي فقيري قبول ڪئي سون. توکي مبارڪ هجي. اهو ٻڌي فقير سائين ڏاڍو خوش ٿيا.
فقير دوست علي اڪثر ڪري رياضت ڪندا هئا پنهنجي زمين پاڻ آباد ڪندا هئا. جنهن مان درگاهه جي ننگر جو پورائتو ٿيندو هو، هٿ ڪار ۾ دل يا رڏي هوندي هين. ذڪر کان غافل نه رهيا. هر وقت حال جي ڪيفيت ۾ رهندا هئا.
هڪ سال ڏاڍيون برساتيون پيون ماڻهن جا فصل ختم ٿي ويا ۽ ڳوٺ وارن مان هڪ ماڻهو وٽن دعا گهرڻ آيو ته جيئن مينهن بند ٿين. اهو ٻڌي پاڻ ڪجهه وقت ماٺ ۾ ويهي رهيا ۽ پوءِ ان شخص کي چيائون ته ابا حضرت رسول الله جي حضور ۽ عرض ڪيم جيڪو قبول ڪري تسلي ڏني اٿن ته آئينده سڄو سال ميهن ڪونه وسندو. پوءِ ٿيو به ائين جو سڄو سال مينهن ڪونه وٺو.
محمد صالح نالي ذات جو ڀيو اڀريءَ جو ويٺل هتي تپيدار ٿي آيو هو، جيڪو فقير سائين وڏي جو طالب هو. ان کي پٽ جو اولاد ڪونه ٿيندو هو. هڪ دفعي دوست علي فقير کي سوال ڪيائين ته فقير دعا ڪر ته پٽ جو اولاد ٿئي. ان تي دوست علي فقير چيس ته توکي درگاهه الاهي مان پٽ وٺي ٿا ڏيون جن جا نالا علي نواز ۽ شاهنواز رکج. پوءِ فقير جو قول پورو ٿيو ۽ ٻنهي پٽن جا نالا اهي رکيائين.
فقير دوست علي چوڏهين محرم سن 1364 هجري مطابق 20 ڊسمبر 1944 ۾ سموري فقراءَ کان موڪلائي چادر پائي سمهي پيا ان طرح سان دم پرواز ڪري ويو. سندن مزار شريف فقير سائين فولاد علي جن جي ڀرسان اوڀر طرف روضي ۾ آهي.

[b]حضرت ساماڻو فقير مست
[/b]هي مست بادشاهه ڳوٺ ڊيڍاڻو تعلقه ٺري ميرواهه جو ويٺل هو. فقير ابتدا ۾ مال چاريندو هو. پاڻ فقير حضرت فولاد علي سائين جن جو طالب ٿيو طلب پڇڻ سان ئي ذڪر سان لڳي ويو. دنيا جا سڀ لاڳاپا ترڪ ڪري ڇڏيائين.ائين مٿس مستي جي ڪيفيت اچي ويئي خوراڪ خوشيون سڀ ختم ڪري ڇڏيائين ۽ پنهنجي نفس تي قهار ٿي ويو. ايتري قدر جو پاڻ دونهين دکائي ويهندو هو ۽ پاڻيءَ جو دلو باهه تي رکيل هوندو هيس جنهن وقت به اڃ لڳندي هيس ته ان دلي مان گرم پاڻي پيئندو رهندو هو. ماني ۽ ڀاڄي ۾ ڪچو ۽ دلي وارو پاڻي ملائي پوءِ کائيندو هو. پاڻ هميشه هڪ جاءِ تي ڪونه رهندو هو. ڪي مهينا گهنڊ ۾ رهيو پوءِ ٿڌو عرف غلام علي زوار شاهنواز ۽ زوار نجف علي وٽ رهندو هو. پوءِ خدا بخش شر جي ڳوٺ ۾ ديدار احمد ۽ محمود شر جن وٽ رهيو.
ان بعد محراب پور فقير الله رکيو خاصخيلي وٽ رهندو هو. اتي وٽس خدمت لاءِ فقير الله بخش مير بحر درازن وارو ۽ صديق فقير سهتو عنايت علي فقير نوناري حاضريءَ ۾ رهندا هئس.
ان کانپوءِ سيد قلندر شاهه وٽ گمبٽ ۾ رهندو هو اتي به محراب پوري فقير خدمت ۾ ايندا رهندا هئس مگر سندس خاص خدمت سيد قلندر شاهه ۽ سندس فرزند دلبند ڪندا هئا. فقير وٽ روزانو ڪيترائي سوالي ايندا هئا. انهن وٽان جيڪو نذر ملندو هيس ته انهن پيسن مان قرآن شريف خريد ڪندو ويندو هو. کيس قرآن شريفن گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. سَون جي تعداد ۾ قرآن شريف گڏ ڪيائون. پاڻ پئسو ڏيندڙ کان هٿ ۾ نه وٺندا هئا. کيس چوندا هئا ته زمين تي رکيون هليو وڃ ڪجهه دير بعد انهن پئسن مان قرآن شريف آڻائي رکندا هئا.
سندن پوشاڪ تمام سادي ۽ اڪثر ڪري گوڏ ٻڌندا هئا. سدائين رلي ويڙهي ويهندا هئا. گمبٽ ۾ سندن خدمت سيد قلندر شاهه ۽ سندن فرزند سائين علي گوهر شاهه گمبل شاهه سائين غلام شاهه عرف ڏاڏا سائين سيد غوث علي شاهه جن خوب چاڪري ڪئي. پاڻ سائين ڏاڏا عرف غلام شاهه کي پنهنجي ڀاڱي جو سمجهندا هئا.
جمله سادات فقير صاحب جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا ۽ فقير صاحب جو به ساڻن ڏاڍو پيار ۽ محبت هئي. فقير سائين گمبٽ شهر ۾ تاريخ 22 مهينو رجب سال 1970ع ۾ وصال ڪيو سندن مزار شريف سيد قلندر شاهه ۽ سندن خاندان جي مقبرن ڀرسان آهي مٿن هڪ ئي هال ٺهيل آهي. هڪ دفعي ڪنهن سيدن مان فقير سائين سان اعتراض ڪيو ته تون شر ٿي سيدن جي حاويليءَ ۾ ٿو وڃين اهوصحيح ته ڪونه آهي. پاڻ کيس جواب ڏنائون ته ابا اسين به مديني مان سيد ٿي آيا آهيون.

[b]مرحوم امين محمد فقير
[/b]هي فقير ڇٽي جو ٽيون نمبر پٽ هو. مرحوم عبد الواحد فقير ۽ مرحوم غيبي فقير سندس وڏا ڀائر هئا. هن جو ذهن ننڍائي کان تيز هو ۽ پاڻ صورت ۾ به دلڪش هئا. جنهن ڪري پاڻ پيءُ کي گهڻو پيارا هئا. پاڻ صرف سنڌي ٽي درجه پڙهيا هئائون.ڇو ته ان وقت هن ڳوٺ ۾ وڌيڪ تعليم جو ڪوبه بندوبست نه هو. ڳوٺ مينگهو فقير جا ويٺل هئا.
بعد ۾ فارسي حضرت فولاد علي سائين وٽ تار نامي تائين پڙهيا ۽ فقير هادي پاڪ کين ڪجهه حصه مثنوي مولانا جلال الدين ۽ ديوان آشڪار پڙهيائون. ان مختصر تعليم سان سندن ذهن کلي پيو ۽ اڳتي سمورو مثنوي پاڻ پڙهيائون.
قرآن پاڪ ناظران مرحوم محمد اسماعيل جلباڻي وٽ پڙهيائون فقير سائين صحبت ۾ رهڻ ڪري سندن طبيعت تصوف ڏي مائل ٿي پيئي. مگر فقير صاحب سان ان وقت ۾ ڳوٺ وارن جي سخت مخالفت هوندي هئي. ان وقت ۾ جيڪو به فقير صاحب وٽ صحبت لاءِ ويندو هو ته ان کي به سڪون سان رهڻ ڪونه ڏيندا هئا. فقير جي صحبتن کي به ڪافر چوندا هئا مگر ان هوندي به پاڻ مرشد هادي جي صحبت ۾ ننڍي هوندي کان رهندا آيا. عارف ڪامل جي صحبت ۾ رهڻ ڪري پاڻ به زماني جي هر برائي کان امان ۾ رهيا. هادي سائين سندس عقيدت ۽ احترام ڏسي کيس جام وحدت نوش ڪرايو. پاڻ سڄي ڄمار ان اسم سان محو ۽ مستغرق رهيا.
پاڻ سفر خواه حضر ۾ هادي سائين سان گڏ هوندا هئا. هادي سائين سان هم صحبت رهڻ ڪري سندن گفتار ۾ اهڙي ته رواني هئي جو هر وقت حاضر جواب هئا. کين ڪيترائي مثال آيات قرآني احاديث نبوي ﷺ بر زبان ياد هونديون هيون.
هادي سائين وٽ ڪيترائي پري پري کان مولوي بحث لاءِ ايندا هئا ته مرحوم امين محمد فقير سندن زبان بندي ڪري ڇڏيندا هئا.
پاڻ قد جا پورا پنا جسم ڪڻڪ رنگو منهن ويڪرو اکيون ڪاريون ۽ نڪ ڪنڍو هين. ڏند گهاٽا هين. منهن ۽ مٿي جا وار رکيل هئن. محاسن مڪمل رکيل هين.
لباس ۾اڇو پهريان ۽ سلوار پهريندا هئا. پهراڻ مٿان الفي ۽ دستار گيڙوءَ رڱيل پائيندا هئا. پير ۾هٿ جي موچڪي جتي پائيندا هئا. ڪلهن تي به چادر گيڙوءَ جي پائيندا هئا.
سندن گذر گذران رياضت تي هو. ڪڏهن به ڪنهن کي سوال نه ڪندا هئا. هميشه سادو کائيندا هئا. سموري زندگي سادگي ۾ گذاريائون. رات جو پهريون پهر ننڊ ڪانه ڪندا هئا. ۽ جاڳي مراقبو ڪري ذڪر اسم اعظم ڪمائيندا هئا. بعد ۾ شاهه شمس الحق تبريز حضرت بو علي قلندر . حضرت قلندر لعل شهباز ۽ سيد ثابت علي شاهه جا منقبت ۽ مناجاتون وڏي آواز سان پڙهندا هئا.
ڪڏهن حضرت سچل سرمست جي ڪافي “مانَ اچن اُهي ڪائون موهي ويا جيڪي ماري” چوندي روئي ڏيندا هئا. سموري ڄمار پنهنجي مرشد هادي جي محبت ۽ صحبت ۾ گذاريائون. ڏينهن ۾ صرف ڇهه ڪلاڪ گهر جو ڪم ڪار ۽ سار سنڀال لاءِ گهر ايندا هئا. نه ته سمورو وقت هادي جي صحبت ۾ رهندا هئا.
پاڻ ڇهين مارچ سن 1966ع مطابق 11 ذوالقعد سن 1386 هجري ڏينهن جمع وقت 11 بجي منجهند جو شاهه عبدالطيف ڀٽائي جا بيت پڙهندي هن دارالفنا مان دارالبقا ڏي راهي ٿيا. پاڻ شعر ۾ خاصي طبع آزمائي هين. جنهن مان هيٺ ڏنل ٽيهه اکري تمثيل طور ڏجي ٿي.

ٽيه اکري
786


الف حق اظهار اظهر نور نافع نامور، آهي اسد الله غالب انما اطهر علي،
ب برابر بادشاهه عرش اعظم متکيٰ، بربام بالا دائما در دست حق دفترعلي،
ته تنهنجي توڪل جو ترهو طالبن کي تار ۾، هيڻن جو همراهه همدم منجهه قبرمحشر علي،
ث ثنا قرآن ۾ ڪئي پاڪ حق پروردگار، من کنت مرسل ڪيو بيان عرب وعجم اظهر علي،
ج جاني جان جانان طالبن مطلوب تون، جنهن جي جيءَ ۾ جاءِ جانب ذڪر تنهن اڪثر علي،
ح حيات جاودان ۾ جيڪو عاشق لايموت، تنهن چکيو ترار طالب سراڏي خنجر علي،
خ ڪري خوشنود خوشتر جام جوجانا ڏئي، جو پئي هر دم جيئي آن باده برتر علي،
دال دل ۾ جنهن هجي ديدار دلبر جي مدعا، شد مدينه مصطفيٰ آن باب حق حيدر علي،
ذال آهي ذوالعليٰ حق نام تنهنجو عرش تي، آهه ڪرسي قرب تنهنجو زيب زيباور علي،
ري ربوبي راز حق جي بخش سائل کي ردا، ذوق محبت شوق شاهي برهه حق برتر علي،
زي زور آور زير بالا ناهه مثلث مرتضيٰ، شان شوڪت شاهه مردان شير يزدان نر علي،
سين سرور دو جهان ڪيو لحمک ولحمي عيان، انت مني وانامنه. شد برهه آن برسر علي،
شين شد شبير خدا اعليٰ علي مرتضيٰ، چون يدا الله فوق باشد ساقئي ڪوثر علي،
صاد صاحب صورت ومعنيٰ ۾ مالڪ دين جو، ظاهر وباطن همه هوڪو حقي حيدر علي،
ضاد ضارب ضرب سان ضايع ڪيا اهلِ فتن، بت شڪن يا ڪو بهادر مرتضيٰ مظفر علي،
طويٰ طه يٰس مزمل ڪهيعص، ڪل ۾ڪئي تعريف تنهنجي ڪل ڪفيٰ قادر علي،
ظوي ظهور ظاهر باطن همه يڪتا توئي، نور نافع درد دافع ثاني پيغمبر علي،
عين اعظم عشق تنهنجو آهه جڳ ۾ آشڪار، سمجهه تونمن راست گويم اول و آخر علي،
غين غرق اندر بحر شوتان پيس تون عاشقا، آهه ان درياهه اعظم جو سچو گوهر علي،
ف فنا فاني جهان سڀ فرقتِ حباب آهه، ٿي بقا جنهن کي لقا ديدار حق دلبر علي،
ق قرآن قرب ڪامل حيدر ڪرار جو، مخزن اسرار موليٰ معنوي مصدر علي،
ڪ ڪعبه ۾ ولادت آهه جنهن ڪعبه صدف، ٻئي نه ڪنهن اهڙي عنايت شهنشاهه اکبر علي
لام لاحد لامڪان جوشان شاهان شهسوار، عرش اعظم پاڪ جو موليٰ اُتم افسر علي،
ميم موليٰ مومنن مهندار ناصر انبياءَ، هم نفس نورِ نبي روز شفا محشر علي،
نون نافع نور نرمل ناز پرور نيڪنام، معراج واري ملڪ ۾ نورالهديٰ همسر علي،
واو وارث وصل والي عاشقن جو پيشوا، مرتضيٰ مختيار هِت هُت باطن وظاهر علي،
هه هميشه هر دور عالم ۾ علي آهه تاجدار، تاجدارِ شهنشاهان مرتضيٰ مقرر علي،
لا حق لولاک لما خلقت الا فلاک چيو، شاهه جو واهه شان اعليٰ قدرت علي،
ء تنهنجي امر ۾ برق ومطر آب وهوا، هر همه حيوان شجر جن وانس آمر علي،
ي يقينا برد رت ساجد شده محمد امين، پرت جو پيالو پيار خون آب مئي خاور علي،


[b]سجان فقير هندو
[/b]هي فقير لاڙڪاڻو جو ويٺل هو. فقير سائين فولاد علي قدس سره فقير غلام قادر انڙ وٽ لاڪاڻي ويندو هو. جيڪو سندن صادق طالب هو. سجان فقير به سائين جو ٻڌي اتي اچي سندن طالب ٿيو. طالب وٺڻ بعد هن پنهنجو دوڪانداريءَ وارو ڌنڌو ڇڏي ڏنو. جيڪڏهن مائٽ کيس دوڪان هلائڻ لاءِ تنگ ڪندا هئا. ته هي گراهڪن کي اڻ توريو ساماڻ کڻي ڏيندو هو. ان ڪري مائٽن کيس دوڪان هلائڻ کان منع ڪئي ۽ هي گهران نڪري وڃي جهنگ ۾ گذارڻ لڳو ۽ مست ٿي ويو.
هڪ دفعي فقير سائين. وٽ آيو ته پڇيائونس ته سجان فقير طلب ورتي کانپوءِ ڪو ديدار ٿيو اٿيئي. پاڻ چوڻ لڳو ته قبلا حضرت پير موليٰ عليه السلام جو جوڙو ڏٺو اٿم. ته فقير سائين پڇيس ته پوءِ ڪيئن ڏٺئه جنهن تي چيائين ته سائين ڇا ٻڌايانوَ ننڍو صاحب جور آهي يعني زور آهي وڌيڪ آهي.
ٻئي دفعي سجان فقير محفل ۾ويٺو هو ته فقيرسائين ڪنهن ٻئي طالب کان پچيو ته ابا الله ياد ته ڪريو ٿا. الله ڏٺو اٿو. ان تي سجان فقير جوش ۾ اچي ويو ۽ يڪدم چوڻ لڳو ته سائين مون کان پڇو ته مان سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ٻڌايانوَ. ان تي فقير سائين کيس ٿڌو ڪيو ته ابا توکان ته پڇان ئي ڪونه ٿو. ائين نه ڪر راز ظاهر ڪرڻ ڏوهه آهي. مان اڻ واقف کان ٿو پڇان تون ماٺ ڪري ويهه.
سجان فقير يڪتارو وڄائيندو هو جيڪو اڄ تائين محراب پور ۾ علي نواز فقير جي مئي خاني تي موجود آهي.


[b]شاهه علي فقير دشتي
[/b]هي فقير هنڊياريءَ جي ڀرپاسي ۾ ويٺو هو. سندس پويان اڄ تائين ان ماڳ تي ويٺا آهن. سندن پوين جي اڻ پڙهيل هئڻ ڪري سندس جنم جي تاريخ ملڻ ناممڪن آهي. فقير جوانيءَ ۾ هارپو ڪندو هو. ڏاڍو ڪمائيندڙ هو. جوانيءَ ۾ فقير سائين کان سن 1336 هجريءَ ۾ وحدت جو رستو پڇيائين. هن جي ذڪر هلڻ جو اهو انداز هو جو سندس هر هڪ دم سان سندس سيني مان نڙ جي آواز جهڙو سريلو آواز نڪرندو هو. سندس منهن سواءِ ڪنهن تيل وغيره جي سڻڀو پيو لڳندو هو. ذڪر جي شوق ۾ ڇير جامون پائي مرشد جي اڳيان اچي نچندو هو نچڻ وقت سندس زبان مان بي اختيار بيت نڪرندا هئا. جن مان صرف هڪ بيت ملي سگهيو آهي.
مونکي من جو محرم ملي ملي ساري خلقت ڀلي پئي کلي کلي
درگاه تي فقراءَ لاءِ سرَنِ جا ٽوٽا ٺاهيندو هو. سندس زبان مان جيڪا دعا نڪرندي هئي سا قبول پئجي ويندي هئي. ڪنهن کان به ڪجهه ڪونه گهرندو هو. ايتري قدر جو کاڌو به ٻن ٽن ڏينهن تائين گهري ڪين کائيندو هو.
ميلي جي موقعي ۾ به هادي سائين طالبن کي تاڪيد ڪندا هئا ته ابا شاهه علي فقير کي ضرور ننگر ڪرائجو جو هو گهري ڪين کائيندو آهي.
هڪ دفعي گهر ۾ويٺو هو سندس ڀاءُ ٺريءَ وڃڻ لاءِ سنبريو. فقير کيس چيو ته ادا ميڏي ڪاڻ ڪفن دا ڪپڙا ڳڌي آوين. متان ٻيا پنڌ ڪرڻا پووئي. اسان ڪن قاصد آيا هي. اڄ شام مين آپڻي اصلي وطن تي ويسان.اهو ٻڌي سندس ڀاءُ کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳس ته ادا خوش ٻيٺا هين ۽ ڳالهيان ول ڪفن ديان پيا ڪريندا اين. خير گُهر ميڏا ڀِرا ”
آخر هو شهر هليو ويو. مگر ڪفن لاءِ ڪپڙو ڪونه آندائين جڏهن ٽيپهري ٿي ته فقير پنهنجي کٽ تي چادر پائي سمهي پيو. ٿوري وقت کان پوءِ جو چادر اٿلائي ڏسن ته فقير ته وصال ڪري ويو هو. اهو سال 1978ع هو.


[b]فقير الله رکيو خاصخيلي
[/b]هن فقير جي والد صاحب جو نالو نبي بخش فقير هو. ذات خاصخيلي ويٺل محراب پور شهر هو. صرف سنڌي چار درجه پڙهيل هو. زمين جو ڪم ڪار ڪري گذر ڪندو هو. ان کانسواءِ درزڪو ڪم به ڪندو هو.
فقير جوانيءَ ۾ ارڏو هو. مگر طالب ٿيڻ بعد سڀ ارڏايون ڇڏي ڏنائين. ذڪر سان محو رهندو هو ۽ مرشد سان ڏاڍي محبت. هيس هادي سائين ڏانهن طلب لاءِ کيس سندس ڀاءُ. رجب علي فقير وٺي آيو.
هادي جي صحبت لاءِ بار بار پيرين پيادو. محراب پور کان درگاهه تي ايندو رهندو هو. ۽ سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي ڏنائون. پاڻ محراب پور کي ڇڏي پير انڙ جي مقام ڀرسان وڃي آستانو اڏيائون. سندن آخري آرامگاهه به اتي آهي. جتي 17 شعبان سندن فرزند فقير علي نواز فقرائي ميلو لڳرائيندو آهي.
سندن ڪلام
پڪ رکيل کلي آهه الا، جنهن وڏو ڪوٽ ڪفر جو ڊاهي الا
فاذکروني اذکرکم جو ڏس ڏنو ڪنهن ڏاهي الا
من عرف واري مام موچاري سچو سخن سو آهي الا
انا احمد بلا ميمي مام مرشد سمجهائي الا
هاديءَ مرشد ياد رکيل چاهه منجهان ٿو چاهي الا

فقير علي نواز سندن مسند نشين آهي سندن درگاه جا ڪيترائي طالب آهن. فقير علي نواز پڻ طريقت جو رستو ٻڌائيندو ٿو رهي. هر سال هادي پاڪ جي ميلي جي موقعي تي ٽنڊي آدم مان بهترين زربفت جي چادر تيار ڪرائي اچي چاڙهيندو آهي ۽ سموري طالبن جي سنگ سميت اچي پنهنجي ڪافي جوڙي محفل ماچيندو آهي. فقير علي محمد لاڙڪ به هر سال تاج نئين جوڙائي اچي عرس تي چاڙهيندو آهي.

[b]فقير نور علي سومرو
[/b]سندن اصل نالو نور الله هو. مگر سندن هادي پاڪ سندن نالو نور علي فقير رکيو. سندن والد صاحب جو نالو در محمد هو. ذات جا سومرا ويٺل شهر محراب پور آهن. 1947ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائون، سندن جنم 22 مارچ 1932ع آهي. تعلقه ميهڙ ضلع حيدرآباد ۾ سيد علي اڪبر شاهه جي جامع عربيه مان فقه ڪنزقد وري ۽ مشڪوات شريف تفسير بضاوي پندرهن سيپارن تائين پڙهيا ۽ هدايت نحو پورو ڪيائون. مئٽرڪ جو امتحان پرائيويٽ طرح پاس ڪيائون 1949ع ۾ پرائمري ماستري ملين جيڪا ترڪ ڪيائون تپيداري ۾ سليڪٽ ٿيا مگر ٽريننگ اڌ ۾ ڇڏي گهر موٽي آيا.
1963ع ۾ بي اي پاس ڪيائون، بعد ۾ ايم اي به ڪيائون 1971ع ۾ بي ايڊ پاس ڪيائون آخر نئشلائيزڊ مڊل اسڪول ۾ تعمير ملت ۾ ايس اي ٽي مقرر ٿيا. 1971ع ۾ هائي اسڪول ميوو سيال عرف سيال آباد ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيا. پرائيويٽ اسڪول 1972ع ۾ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سرڪار پنهنجي ذمه کڻي سرڪاري ملازم قرار ڏنو. 1992 ۾ ملازمت تان رٽائر ڪيائون هادي شهنشاهه جو مٿن گهڻو راض هو. کين عشق جو مولوي ڪري ڪوٺيندا هئا. فقير الله رکيو خاصخيلي جو مٿن مجازي نظارو هو.سندن ڪمپائونڊري ڪورس به پاس هو. جنهن ڪري يوناني حڪمت به ڪندا هئا.
آخر ستين صفر 1429 هجري 2008ع جي ڊسمبر مهيني ۾ مختصر علالت سبب دارالبقا ڏانهن راهي ٿيا سندن آخري آرامگاهه هادي شهنشاهه جي درگاهه ۾ پيرانديءَ وٽ موجود آهي.

[b]زوار عطا حسين عرف عطا فولادي فقير
[/b]عطا حسين ولد محرم امين محمد فقير جي گهر ۾ ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ تاريخ پنجين شعبان 1392 هجري پنجين آگسٽ 1942ع برزو ڇنڇر ڏينهن پيدا ٿيو. پيءُ کي پهريون پٽ ڄائو مگر پيءُ کي ٻين پٽن ڄمڻ بعد هن کي پنهنجي ڀاءُ فقير عبدالواحد جي حواله ڪري ڇڏيائين ڇو ته هو هن جو چاچو لا ولد هو. مگر اهو به 1950ع ۾ گذاري ويو. هن سنڌي ست درجه ڳوٺ جي مينگهو فقير شر اسڪول ۾ پڙهيا بعد ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ گهنڊ عرف رسولپور جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. جتان پهرين ٻيون ۽ ٽيون درجه انگريزي پاس ڪري هاءَ اسڪول ٺريءَ مان مئٽرڪ پاس ڪيائون 1963ع ۾ 1964۾ ماستري مليس. 1966ع ۾ سندس والد وصال ڪري ويو ۽ هي ست ڀائر هئا جن مان هي وڏو هوس ۽ باقي ٻيا سڀ ننڍا هئا.
ماستريءَ جي پگهار مان گهر پورت به ڪندو هو ۽ ننڍن ڀائرن کي پڙهائيندو به هو. جن مان حاڪم علي هائي اسڪول ٽيچر آهي ۽ عضنفر علي پرائمري ماستر ۽ سر احمد علي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ٿيو.
1975ع ۾ بي اي پاس ڪيائين ۽ 1978ع ۾بي ايڊ ڪيم ۽ 1987 ۾ ايڇ ايس ٽي ٿيس.مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪيائين 1990ع ۾ ايم ايڊ ڪيم ۽ ايم اي سنڌي به پاس ڪيائين ۽ باالآخر 2003ع ۾ رٽائر ٿيو.
هادي پاڪ جي صحبت ۾ اچي ڪري 1963 ۾ سندن طالب ٿيا. سائين فولاد علي شهنشاهه جن جي گفتار دوران فارسي سکي ورتائين ۽ ڪجهه مطالعاتي ڪوشش سان عربيءَ جي به ڄاڻ پيس. ناظران قرآن پاڪ مختلف استادن وٽ پڙهيو ۽ مئٽرڪ ۾ آپشنل سبجيڪٽ طور به فارسي جو سبجيڪٽ کنيو ۽ پڙهيو هئائين. جنهن ڪري فارسي سٺي سمجهه ۾ اچي ويس. ايتري قدر جو فارسيءَ ۾ آزادانه گفتگو به ڪري سگهندو آهي ۽ ڪجهه فارسيءَ ۾ شعر وشاعري به ڪري ٿو.
هادي سائين فولاد علي طريقه حيدري ۾ تلقين ڪيس ان ڪري حب علي تو رحمت الله بغض علي تو لعنت الله جو عقيدو رکندو آهي.
شاعري اردوءَ. سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۽ هنڌيءَ ٻولين ۾ به ڪئي اٿس. جيڪو پنهنجو بياض ڪليات عطا فولادي نالي پنهنجي ڪتب خانه ۾ قلمي صورت ۾ موجود اٿس.
1990ع ۾ هادي سائين فولاد علي سائين جي روح الاعظم مان چونڊ اقتباس ڪڍي گنجينهءِ فولاد نالي ڪتاب پنهنجي خرچ سان ڇپرايو هئائين. 2000ع ۾ ايران ۽ مشهد پاڪ ۽ قم شريف جي زيارت ڪيائين ۽ 2004 ۾ ايران کان ٿيندو عراق موليٰ ڪربلا معليٰ ۽ نجف اشرف جي زيارتن جوشرف حاصل ڪيو هئائين.
هاڻي به محترم علي نواز گهانگرو روشني پبلڪيشن جي مالڪ محترم آيت الله عرف عاجزي لغاري جي رهنمائي سان ڪتاب مڪمل چپرائڻ جو وعدو ڪيو آهي جنهنڪري صحت جي ساٿ نه هجڻ هوندي به هي بياض روح الاعظم جو لکي پورو ڪيو اٿس. درگاههِ رب العزت ۾ آسرو آهي ته ڪتاب انشاءَ الله تعاليٰ ڇپجي منظر عام تي ايندو ۽ آءُ محبوب حقاني مرشد ذات سبحاني حضرت فولاد علي سائين. ۽ حضرت علي گوهر فقير شمس الحق فولادي جن جي حضور اڳيان حاضر ٿي خوش بابا ٿيندس. آمين ثم آمين

فقط عطا فولادي
28 اپريل 2009ع


شعر عطا فولادي
استدعا فارسيءَ ۾

يا رحيمي يا کريمي يا غفار، بخش کن عصيان ماريا ستار.
من سيه روپرز عصيان نابکار، درکرم لا تقنطو اميدوار.
آهه وه وزاري گريه ماراشنو، کيست در ديگر شگا ماربگو.
وي خدائي لم يزل ولايزال، دراجابت خويش کن مسکين سوال
درميانِ دوجهان ناصر توئي، ما گنهگاران راغا فرتوئي.
مرد مان ميخوا ستند مال بنون، شادماني جاودان حرفت فنون.
زير سائيه کرم خود مارا به نه زره دردت دِلِ عطآبده.
عطا فولادي

[b]قبله سيد محمد علي شاهه ثاني
[/b]قبله سيد محمد علي شاهه ثاني ولد قبله سيد علي حيدر شاهه جن جو جنم سن 1337 هجري مطابق 1914ع ۾ پير ڳوٺ لڳ ڳوٺ منگهر جي ۾ ٿيو. سندن تعليم سنڌي فارسي پنهنجي والد بزرگوار کان پهريائون. جواني جي عمر ۾ هادي پاڪ حضرت فولاد علي سائين جن جي دست بعيت ڪري جام وحدت حاصل ڪيائون.
سندن نشست برخواست خانداني طريقه موجب فقراءَ سان رهندي ٿي اچي. پاڻ اهل ذڪر صوفي سدائين ذڪر صوفياڻي لباس ۾ ملبوس ۾ رهندا آهن.
پاڻ قبله سيد ومرشد هادي شهنشاهه سيد محمد علي شاهه جن جا پوٽا ۽ سندن مسند نشين آهن. پنهنجي درگاهه جي سار سنڀال ۽ خدمت پنهنجي هٿن مبارڪن سان ڪندا پيا اچن. پاڻ درگاهه جي چوڪنڊي ۽ اڏاوت مزار مبارڪ جي به پاڻ ڪرائي اٿن.
سندن درگاهه تي هر سال تاريخ ستين صفر ۾ فقرائي ميلو لڳندو آهي. جنهن عارفانه ڪلام ڳايا ويندا آهن ۽ پاڻ مرشد جي درگاهه تي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ايندا رهندا آهن ۽ ڪڏهن به سائينجن جوميلو نه گسايو اٿن. درگاهه تي به سندن احترام طور کين کٽ تي بستر ڏنو ويندو آهي.

[b]فقير محمد پريل
[/b]فقير خواجه محمد پريل ولد ڌڻي بخش ذات مڱريه ويٺل لڳ ڪنڊيارو شهر. تعليم نه هجڻ ڪري پاڻ رازڪو ڊکاڻڪو تعميرات جي نقش نگار ۾ بيحد ڪاريگر هئا. ڪامل مرشد جي جستجو ڪندي کين هادي حضرت شاهه فولادي علي فائز جي صحبت نصيب ٿين ۽ گوڏا ڀڃي جامِ وحدت ورتائون طلب بعد اهڙي ته سندن دل روشن ٿي جو شعر وشاعري به ڪيائون.
مرشد سان عقيدت ۽ حق جي راهه ۾ جهد ڏسي ڪيترائي ڀرپاسي جا عشق جا اڃارا سندن چشمئه فيض مان سيرآب ٿيا. پاڻ عاشق مزاج هئا حسين صورت ڏسي مصور ڏانهن متوجهه ٿيندا هئا. حديث پاڪ به آهي ته المجاز قنطرت الحقيقت. يعني مجاز حقيقت جي ڏاڪڻ آهي.
م تاب از عشق روِء گرچه مجازي است
که از بحر حقيقت کار سازي است،
رومي صاحب
يعني مجازي عشق کان منهن نه موڙ توڙي جو مجازي آهي. ڇو ته حقيقت جي مقصد کي اهو ئي پڄائيندو آهي.
فقير هر وقت محو ذڪر هوندا هئا.مرشد سان عقيدي جي پختگي ڪري روضه پاڪ جو ڪم پاڻ ۽ شاگردن ۽ طالن جي مدد سان مڪمل ڪيو هئائون.روضه پاڪ جي تعمير ۽ چٽسالي هڪ شاهڪار نمونه جي آهي ڪم ڪرڻ جي ڪابه مزدوري ياڪو معاوضو نه ورتو هئائون.
پاڻ سن ۾ وصال ڪيائون جو سندن آخري آرامگاهه سندن ڳوٺ آهي. سندن شاعري مان مثال طور ڪافي هيٺ ڏجي ٿي.
شعر ۾ تخلص پياسي ڪم آندو اٿن.

ڪلام
ٿلهه: ومست قلندر لعل. هادي ڪر ڀلايون ڀال
داتا دهر و دان ڏيارج. سڻ صدائون سوال
پُر پيالو مئي جو پيارج. هٿئون پنهنجي حال
رندن جو سرتاج تو آهين لاهوتي لڄپال
ساڻي ٿي تون سيد سهڻا نرمل نور نهالٺ
هر دم هادي فيض فياضي ڪلنگي دار ڪلال
پياسي آهيون در تنهنجي جا جَرُ پيارج جال


[b]فقير محمد حسن قريشي
[/b]سندن والد جو نالو محمد اشرف ذات قريشي ويٺل ڪنڊيارو شهر جي لڳ ڏکڻ طرف آهن. سندن ڄم تاريخ ٻه مارچ 1934 آهي. تعليم ڪنڊياري شهر مان سنڌي فائينل پاس ڪيائون بعد ۾ فارسي پڙهڻ لاءِ محترم استاد مولوي غلام محمد بلوچ وٽ اچي فارسي گلستان تائين ۽ قرآن ڪريم ناظران پورو ڪيائون.
1952ع ۾ سنڌي ماستر مقرر ٿيا. پنهنجي ذهانت ۽ ديانت سبب تعليم کاته ۾ حاضر نالو ڪڍريائون. 1982ع ۾ رٽائر ٿيا.
پاڻ پير شيخ احمد جي درگاهه جا سجاد ه نشين آهن 1950ع ۾ فقير پاڪ فولاد علي سائين کان عشق جو جام ورتائون. پاڻ محو ذڪر رهندا آهن. مگر شاعري ڏانهن سندن طبيعت مائل نه آهي.
” هن سال ميلي دوران ميان خادم حسين جي صحبت جي توسط سان بلوچستان جي شوريءَ واري ڳوٺ مان حاجي عبدالستار خان شر ۽ رئيس سمندر خان شر هادي سائين جي مزار لاءِ زبفت جي عمدي تاج ۽ چادر جوڙائي کڻي آيا ۽ اچي پنهنجي مشفق هٿن سان مزين ڪيائون”

[b]ميان سچل فقير لاڙڪ
[/b]ميان سچل فقير ولد محمد موريل فقير لاڙڪ ويٺل ڳوٺ ڪنڍا کاهي ضلع نوشهرو فيروز جا آهن. سندن والد صاحب به هاديءَ جي هٿ تي بعيت ڪئي هئي.
1955ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري 1956 ۾ سيڪنڊري استاد مقرر ٿيا مگر مرشد کان جام وحد جو جام وٺڻ سان دنيا جي ڪارو وهنوار تان دل کڄي وين. ۽ 1960ع ۾ ملازمت کي ترڪ ڪيائون ۽ کاڌو به گهري ڪيئن کائيندا آهن. گهڻو ڪري مٿن مجذوبيت جي ڪيفيت هوندي هئي. هاڻي سالڪئي ۾ ٿا رهن ۽ طب نبوي تحت حڪمت ڪندا آهن.
سادي خوراڪ ۽ پوشاڪ اٿن. ڪيترائي سندن به طالب آهن شعر به چيو اٿن.
فولاد عليءَ کان فيض مليو، تڏهن خيال خاطر کان غير ويو
سچل ساقيءَ جام پياري خوف خطر سڀ وهم نيو
اچي عشق هادي امام ٿيو، ٿي مرشد جي آهي ماڙسدا.

[b]فقير محمد صالح عرف فقير بو علي سائين
[/b]فقير محمد صالح ولد عبدالله ذات جا ڪوريجا (قريشي) آهن. سن ڄمڻ جو سال 1928ع آهي.
ابتدائي تعليم شهر ڏيپارجا ضلع نوشهروفيروز ۾ حاصل ڪيائون سنڌي ست درجه پڙهيائون ان کان پوءِ پوليس کاته ۾ سپاهي ڀرتي ٿيا. ڪجهه وقت کان پوءِ استعيفا ڏنائون. 1958ع ۾ڏاڏا پير کين ڪلامن لکائڻ لاءِ هادي شهنشاهه حضرت فولاد علي فقير ڏانهن موڪليو. سائينجن سان صحبت ۽ ملاقات بعد پاڻ قرب جي ڪمند ۾ ڪڙجي ويا جو ڪلامن لکڻ يا نه لکڻ جي موٽي پير کي ورندي به ڪونه ڏنائون . هادي پاڪ جي قدمن ۾ڪري پيا. سائينجن کان وحدت جو جام وٺي الاهي عشق ۾محو ۽ مست مگن ٿي ويا. هادي پاڪ سندن سچائي عقيدو ۽ احترام ڏسي مٿن بو علي فقير نالو رکڻ فرمايو. اڄ تائين عام وخاص کين ان نالي سان ٿو ياد ڪري.
پاڻ بي ريا ۽ بي باڪ رهندا هئا. پاڻ درگاه معليٰ جي مرمت جو ڪم جمله فقراءَ جي تعاون سان 1994ع ۾ ڪرايائون ۽ روضه پاڪ جي ٻاهران ڪمپائونڊ وال ۽ فرش بنديءَ جو ڪم مضبوطيءَ سان ڪرايائون.
ساڻن هٿ ونڊرائڻ ۾ ۽ ڪم ڪرڻ ۾ بظاهر غلام الرسول فقير چانڊيو فقير نور الله مشوري. صاحب ڏنو فقير اُڄڻ ۽ شوق علي فقير چانڊيو هر وقت حاضر خدمت هوندا هئا. عام ماڻهن سان سندن طبيعت نه لڳندي هئي. مگر خاص طرح سان سيد مسڪين شاهه مست ۽ سائين جاويد احمد فقير چاچڙ محراب پوري سان سندن طبيعت مانوس رهندي آهي.
عشق شهنشاهه جي اوقات ۾ پاڻ کي ڄاڻي واڻي ڪيترائي ڀيرا گدوءَ واري چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي ماڻهن جي ميلاپ کان ڪناره ڪش ٿيڻ جو ن ڪوششون ڪيون اٿن ته جيئن کين ماڻهو چريو سمجهي سندس واسطن کان واندا ٿين.
پاڻ جسم جا قداور سڌا سنوان هئا. ڏاڙهي کي تراشي ڏياريندا هئا. ظاهري طرح ڪوبه ٽڳويا خرقو ڪونه پائيندا هئا. پوشاڪ صاف سٿري ۽ اميرن وارو اٿڻ ويهڻ هين سندن اولاد مان فقير غلام مصطفيٰ ساڳي فقيرائي حال تي گامزن آهي ۽ فقير غلام سرور به محبوب اٿن ۽ غلام حيدر فقير صوم صلوات جو پائبند ۽ خاد الفقراءُ آهي.

[b]ختم ڪتاب
[/b]
الله سائين جا لک احسان ۽ مهربانيون جنهن مون ناچيز لاءِ پنهنجي مدد ۽ توفيق جون سڀ راهون کولي ڇڏيون. ان ڪري هي صخيم ڪتاب روح الا اعظم حضرت هادي پاڪ شهنشاهه فولاد علي سائين جو گويا که الوهيت جي گفتار آهي. جيئن مولانا جلال الدين رومي صاحب فرمايو آهي ته
گرچه قرآن از لب پيغمبر استر
هر که گويد حق نه گفته کافر است

يعني جيتوڻيڪ قرآن محبوب الاهي مصطفيٰ سرڪار جي زبان مان نڪتل الفاظ آهن مگر جيڪو ان کي الله جي زبان نه چوندو سو ڪافر آهي. وانگر اڄ 11جمادي الاول 1430 هجري، مطابق 7 مئي 2009ع بروز خميس هيءَ ڪاپي قلمي مسودو ڇپرائڻ لاءِ لکي پورو ڪرايم. ڪتاب لکندي منهنجو سارو وقت ذوق آرام ۽ خوشيءَ ۾ گذريو. جيڪڏهن مان انهن الله وارن مان نه آهيان ته به ڪم ازڪم عارفن جي مڪمل احوال کي ته ڪتابي شڪل ڏني اٿم. ان جو صِلو مان پنهنجي مرشد حقاني فياض رباني تي ڇڏيان ٿو. جن جو لطف لاحد ۽ ڪرم بي ڪنار آهي.