تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

عشق جي بيداري

عشق جي بيداري ملڪ فلڪ جنن انسانن خواهه ٻنهي جهانن جي حياتي آهي. عشق جي اچڻ سان ظاهر باطن گم ٿي ويندو. ڪثرت عدم ٿي ويندي، عشق جي ذات کي بقا آهي. ٻئي جهان ان جي موج آهن پاڻ کي ڪَرَ ئي ڪانهي. قاضي تم کو کيا کهون جو يار موجدا رهوا. بحر لهردا رهوا.
ظاهر باطن عشق جي حڪومت ۽ دٻدٻو آهي. شهنشاهه ظاهر خواهه باطن کان نرالو آهي. ظاهر توڙي باطن جي هلائڻ لاءِ ملازم رکيل اٿس. هڪ وزير اعظم ۽ ٻيو نائب وزير اٿس. جنهن جو نالو احمد به آهي. محمود به اٿس، ٽيون دفتر دار اٿس ڪائنات جو دفتر ان جي هٿ ۾ آهي. ان جو نالو شاهه مردان آهي. دفتر جي مالڪ جو لقب شيريزدان آهي. جنهن کي وڻيس ته قبول ڪري يا رد ڪري يا داخل ڪري نه ڪري. سڀ ڪجهه سندس اختيار ۾ آهي. چوٿون صوبيدار آهي جنهنجونالو عزرائيل آهي. اهو سمورو عملو وزير اعظم جي هيٺ آهي.
زمين آسمان ۽ عرش ڪرسي جي ٺهڻ کان اڳ اسان ايترو پري رهندا هئاسون جيترو هتان عرش عظيم پري آهي. ان پنڌ جي اٺوڻ جيترو پري هڪ ڪڪري آهي ان ڪڪريءَ مٿان تخت هو ان تي رهندا هئا سون اڪيلا هئاسون هاڻي هن مٽيءَ جي جامي ۾ آهيون اسان کي هن کيل تماشي ۾ 90 ورهيه ٿيا آهن. اسان کي هن جاميءَ جي حياتيءَ ۾ شاهه اعظم جي تخت تي رهندي چاليهه ورهيه ٿيا آهن وزير اعظم وٽ ٽي ڏينهن رهياسون پوءِ پري لنگهي وياسون.
بهلول داناءَ سان منسوب ڳالهه :
چه خوش گفت بهلول فرخنده فال که من از خدا پيش بودم دو سال.
بهلول داناءَ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي ته مان خدا کان ٻه سال اڳي هوس. مگراسان جو چوڻ آهي ته اسان الله کان ٽي سال وڏا آهيون.
هجي ڪو واقف جيڪو هن ڳجهارت کي ڀڃي. عام ماڻهو ڇا سمجهندا هن ڳالهه کي اهي سمجهندا جيڪي جسم جي قيد مان آزاد ٿيا هوندا
بيت

شکم پرورچه دانداين سخن را. مگر آن کس که بازد جان وتن را،
من سه سال قبل بودم از خدا، اين رمز کس نه واند جزخدا

پيٽ پالو هن ڳالهه کي ڇا سمجهندو اهو ڄاڻندو جنهن جسم ۽ جان سان کيڏندو هوندو.
مان خدا کان ٽي سال اڳ هيس هن اشاري کي خدا کانسواءِ ڪي به نه ڄاڻندو.
احمد احمد ۽ علي ٽيئي هڪ آهن مگر جاين ۽ حدن جا نالا آهن.
حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه چيوآهي ته ٽيڏيون ڀائرن ٽي هوت مڙيوئي هڪڙو.
جڏهن طالب دفتر دار وٽ ويو ته پاڻ سڙي عين شمع ٿي پوندو. پوءِطالب کي پروانوچئبو دفترداران وقت سندس نالوسلطان العارفين رکندو.
عشق جو بيان ڪهڙو لکون, سوَ قيامتون ۽ ڪائناتون پوريون ٿي وڃن ته به عشق جو بيان پورو ٿي نه سگهندو. عشق ئي ڪري سگهي ٿو. اسان جي ڏاڏي حضرت رسول ڪريم ﷺ به عشق جو بيان اشارن ۾ ڪيو آهي. مگر وضاحت نه ڪئي اٿس.خلق جي عقل مطابق ڳالهايو اٿس. اسان جي ڏاڏي جو دماغ ۽ سينو اعليٰ هو. هيءَ ڳالهه لکڻ جهڙي نه آهي. پر چريائي ۾ لکي ويٺا آهيون.
ساري جهان کي ڪفر جو جڻيو ٻڌل آهي. اهو جڻيو اهڙو مخفي آهي جو ڪنهن کي به خبر ڪانهي. توڙي هزار جج ڪري ڪعبه ۾ مري ته به اهو جڻيو نه ٽٽندس. مگر اهو جڻيو شاهه اعظم جي روبرو ڇڄندو آهي.
مصرع : ذات نسورو نور. صاحب سانگ ڪيو. صورت جو
جڻئي ٽٽڻ کانپوءِ ڪاٿي رسول خدا ﷺ ٿي پوندو ڪاٿي ڪل شيءِ محيط ٿي پوندو. ڪاٿي پاڻ الله ٿي پوندو. هر جاءِ تي پاڻ کي پيو ڏسندو.جڏهن شاهه عظيم جي روبروپهتوته جڻيو ٺڪاءُ ڏيئي ٽٽي پوندس.
رقصيم برقصيم که خوبان جهانيم، نازيم به نازيم که ماعين عبانيم
نچان ٿو نچان ٿو جو جهان جو محبوب آهيان، ناز ناز ٿو ڪريان جو ظاهر ظهور آهيان.
خلق جو الله اهڙو آهي جو تعريف تي خوش ٿئي. مينهن وسائي روزي ڏئي ڇڙن کي زالون ڏئي ماڻهن کي مال ۽ پٽ ڏئي.
من تازه خدا داريم از کهنه خدا بيزاريم
يعني اسان جو الله نئون آهي. پراڻي الله کان بيزار آهيان.
صوفي جڏهن حَسبِيَ الله کان لنگهي ويو ته الله الله کي واٽ ۾ ڇڏيندو.
قحبئه زن شوهر نرمي دهد

اسان جو الله اهڙو آهي، جو لک انتظاريون ڪريونس ته به واجهائي ئي ڪونه نه وري مرڪي. اهڙي ناز ۽ بيپرواهيءَ جي خمار ۾ لا احتياج آهي. هيءَ ڳالهه اهو مڃيندو جيڪو جسم مان نڪتل ۽ قتل ٿيل هوندو

اُقتُلُونِي اُقُتُلوني يَاثَقَاتُ . اِنَ في قَتَل حَيَاتُ في حَيَاتُ.
اي وڏي شان وار وري قتل ڪر قتل ڪري بيشڪ قتل تنهنجي ۾ زندگي آهي. حياتي آهي.
شرح راه از کور کئي پرسد بگو
يعني. انڌي کان ڪير دڳ پڇندو ۽ هو ڪهڙو دڳ ڏيندو.
کيست نابيناز رازش خبر، هست دربند هوائي درحذر
انڌو اهو آهي جيڪو خدا جي راز کان اڻ ڄاڻ آهي .ٻئي جهان ان جي پيرن جي مٽي آهن.
عرش عظيم تي ذات ذوالجلال جو نالو احد آهي. اٺين آسمان تي نالو احمد ﷺ اٿس. ستين آسمان تي نالو علي عه اٿس. زمين تي نالو محمد ﷺ اٿس، اهي سڀ نالا ان ذات جا آهن.
احد برعرش احمد بر فلک شد محمد برزمين اين نام يک
احد احمد دان علي رادربيان، سر وحدت و معرفت کردم عيان.
عرش تي احد آسمان تي احمد، زمين تي به ان جو نالو محمد آهي.
بيان ڪرڻ ۾ احد احمد ۽ علي نالا آهن، اهو معرفت جو راز آهي جيڪو ظاهر ڪيوسين.
نفس نامراد آهي جيڪو ڳاليهن ڪرڻ سان نه مرندو آهي. جيڪو ذڪر ۾ جان جلائيندو ته ان جو نفس مرندو آهي بنا ذڪر جي فقيري ڪنهن ڪم جي ڪانه آهي، هي سر جو سودو آهي سر ڏيندو ته سر ملندس. هي اصل وحدانيت جي درياهه جو قطرو آهي. هن بوتي ۾ اچي قيد ٿيو آهي. هن بوتي جي قيد ۾ پيل آهي. هن بوتي جي ڪوٺي کي سون مڻن جا قلف لڳل آهن ۽ انهن جي ڪنجي به آدميءَ سان ساڻ آهي. اهي نفس جو سڌان رات ڏينهن انسان جي خيال ۽ ذهن ۾ رهن ٿيون. جيڪي سمجهو ته قلف آهن. اهي قلف اسم اعظم جي ذڪر جي ڪنجي کانسواءِ نه لهندا آهن جي قلف لهي پيا ته هڪ قدم بوتي جي مٿان رکندو ته ٻيو قدم آسمان تي پهچندس. اها وک هر هڪ آسمان جو مفاصلو طئي ڪندي ستين آسمان تي وڃي قرار وٺندو.

بيت

مردتا نه نبد بر نفد پاءِ، ره کجا يا بدبه درگاه خدا
اين عجب که جان به زندان اندر راست وان گهي مفتاح زندانش به رست

يعني مرد جيستائين نفس تي قدم نه رکندو تيستائين خدا جي درگاهه جو رستو ڪيئن لهندو.
انصاف اهڙن ماڻهن جو آهي جيڪي ڪنهجي هوندي به قيد ۾ بند آهن ۽ قرار سان ننڊ ۾ ڦوڪون پيا ڏسن.
عجب اهو آهي جو جان قيد ام اهي ۽ ڪنجي به سندن هٿ آ۾ آهي.