تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

الوهيت جا راز

(1) ملڪوت هڪ وڏي رعب واري جاءِ آهي. جڏهن اتي آءُ ويس ته معلوم ٿيو ته اها حضرت مولا علي عليه السلام جن جي تخت جي جاءِ آهي. جنهن جو نالو فنا في الشيخ جي منزل آهي، سو مرشدن جو مرشد ۽ پير مغان آهي. انا مدينته العلم وعليٰ با بها وراي حديث هن جاٰءِ جي باري ۾ آهي. اها جاءِ الله جي احديت جي آهي.
(2) جڏهن جبروت جي وياسين ته معلوم ٿيو ته ان جاءِ جو نالو فنا في الرسول آهي. ان جاءِ جو دستور ٻي طرح آهي. اُتي حضرت رسول الله ﷺ سان همدم ٿي رهياسون. ان کان مٿي چئن مقرب ملائڪن جي رهڻ جي جاءِ آهي الله جل شانه جا خليفا آهن هر هڪ تي عليحده ڪم رکيل آهي. ان کان مٿي وياسين. لوح قلم ڏٺو سون ۽ پڙهيوسون. لوح قلم جي پهرين سٽ ۾ جيڪو ڪجهه لکيل هو سو عام ماڻهوءَ کي نه ٻڌائبو ڇو ته هي ڪتاب سڀڪو پڙهندو ۽ راز ظاهر ٿي پوندو. مگر جيڪو طالب اچي پڇندو ته ان کي ضرور سمجهائبو. جيڪو فقير جي درتي دلي طرح خدمت ڪندو ۽ جڏهن کيس لائق سمجهوسون ته ان کي ان وقت سمجهائينداسون .
عرش عظيم کي عليين چئبو آهي. جڏهن عرش تي وڃي ڏٺوسين ته هيءَ جاءِ ته اسان جي آهي اتي ڪرسيءَ ته به مان ويٺل هُيس. هڪ دفعي ڪنهن پڇيو ته عرش به مان ڪرسي به مان بهشت به ته دوزخ به جبرائيل به مان ته عزرائيل به مان ته اسرافيل به مان ته ميڪائيل به مان. آدم ۽ نوح به مان ادريس ۽ ابراهيم به مان موسيٰ به مان ته عيسيٰ به مان ته محمد به مان آدم کان اڄ تائين به مان آهيان ٻيو ڪير آهي. اهو ٻڌي پڇڻ وارو وائڙو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته سندس عقل گم ٿي ويو آهي. ان وقت اسان تي مستيءَ جو حال طاري هو.
روايت آهي ته ڪنهن فقير کان پڇيو ته توهان جي عمر ڪيتري آهي. فقير چيس ته زمين آسمان سج چنڊ کان اڳ هئاسون. اسان جي عمر جو آند پاند ئي ڪونه آهي. اسان کي الله ڏسڻ جو اصل شوق ڪونه هو مگر الله کي منهنجي ڏسڻ جو شوق جاڳيو. نو سال آءٌ الله جو آئينو هئس هينئر چاليهه سال ٿيا آهن ته مان پاڻ پنهنجو آئينو آهيان .
هڪ دفعي اسان کي ٻڌايائون ته جيڪو اسان کي گهري، اول پنهنجي نفس کي بدڪار عورت جي طلاق وانگر ڏئي پوءِ اهو اسان جي ذڪر ۽ ديدار جو لائق ٿيندو. عاشق جي قيمت جان جلائڻ مان ٿيندي آهي. عشق جو جام بهشت جي حورن قصورن کان بهتر آهي. دنياجي دوستيءَ مان غرور پيدا ٿيندو آهي. عارف جي صحبت مان حق جو نور پيدا ٿيندو آهي. بيواهو ٿيءُ ته واهه لهين ننڌڻڪو ٿيءٌ ته ڌڻڪو ٿئين جيڪو خدا گهري ته اهو خلق کان پري ڀڄي نفس. جو علم مماتي آهي. عشق جو علم حياتي آهي. صوفي لاءِ آرام توحيد آهي طالب جو ذوق ذڪر سان آهي. عارف جو شوق فڪر سان آهي. فڪر هت نه پيدا ٿيندو مگر معراج کان پوءِ ست ئي طبق آسان ٿيندا. جيڪو پاڻ کي وساريندو ته الله کيس ياد ڪندو. صوفي لاءِ عشق جي ملامت سلامتي آهي. جيڪو الله کي الله سان ڏسندو سو هميشه جيئرو رهندو. مگر جيڪو الله کي پاڻ سان ڏسندو سو مري ويندو. صوفياءَ ڪرام کي عبادت فرض آهي جيستائين عين اليقين ٿين.وَعْبُدْ رَبّک حَتیّٰ یَاْتِیَک الْیَقِین.کانپوءِ سندس عبادت بيهي ويندي. ڇو ته ذڪر مذڪور يعني خدا لاءِ ڪبو آهي. ذڪر سڏ آهي خدا کي. جنهن مهل مذڪور ظاهر ظهور گڏ اچي ٿئي ته پوءِ سڏ ڪنهن کي ڪبو. خدا سڃاڻڻ لاءِ انڌو ٻوڙو ۽ گونگو ٿبو تڏهن کيس سڃاڻبو. زبان سان ڳالهائبو ته ذڪر ڪونه ٿيندو. تنهن ڪري ماٺ ڪبي يعني گونگو ٿبو. ڪنن سان عام ڳالهيون ٻڌبيون ته به خيال مٽجي ويندو. اکين سان ٻيون شيون ڏسبيون ته به خيال ڇڪجي ويندو. تنهنڪري ڏسڻ کي به روڪبو يعني انڌو ٿبو تڏهن خيال خدا ڏي رجوع ٿيندو. اها آهي انڌائي ٻوڙائي ۽ گونگائپ. صوفي اهو آهي جيڪو ذڪر سان نفس کي فنا ڪري. آسمانن تي هڪ جاءِ آهي جتي نفس کي ڪهائڻو پوندو آهي. ستر هزار ڀيرا مرندو ۽ وري جيئرو ٿيندو. پوءِ بقا لهندو.
معرفت ٽي حدون پري آهي. نماز پڙهڻ واري وقت مون کي جڻيو ٻڌل هو. ڪوشش ڪيم ته ڇڄي مگر نه ڇڳو. ويتر ٿلهو ٿيندو ويو. پوءِ مرشد هاديءَ جي منهن پياسين جنهن اسم اعظم جو رستو ڏسيو. پوءِ اسم اعظم سان عشق شهنشاهه اهو جڻيو ڇنو. هڪ دفعي ذات حق کان پڇيوسين ته توهان سان ڪيئن ملجي چيائين ته پاڻ ڦٽو ڪرِ ته اسان وٽ پهچندين. بلها شاهه فرمايو آهي ته،

“ بليا رب دا ڪيوين پاوڻا _ايٿون پٽڻا اوتي لاوڻا ”
ماڻهو منهنجي بوتي جي وهٽ گڏهه کي ٿا ڏسن جيڪڏهن منهنجو اصلي حسن ڏسن ته سڀ سجدي ۾ ڪري پون. مگر هي بوتي تي ڀليل آهن. نه ته مان ته اعليٰ ذات آهيان وچ ۾ فولاد ته آهيئي ڪو نه. هي جيڪو ظاهري فولاد ڏسو ٿا سو ته موئيرو آهي. جيئن ڳئون جي اڳيان مئل گابي جي کل لاهي ڪاٺين جو ٽنگون وجهي موئيري جي مٿان اٽو هاري ڳئون ڏهبي آهي. هي ظاهري فولاد به ائين آهي.
الله آدمي کي چوي ٿو ته يا ٻانهو ٿيءُ يا مان جهڙو ٿي پئو انهن ٻنهي ڪمن مان جيڪو ڪري سگهين سو ڪر اسان به ٽيهه ورهيه ٻانهپ ۾ هياسين ربوبيت جي ڪوشش ڪئي سين. پوءِ مرشد هادي سبق ڏنو پوءِ نو ورهيه سبق سان رهياسين، آخر نائين سال جي پڇاڙيءَ ۾ اسم اعظم وٺي وڃي الله ڪيو.
جيڪو ماڻهو الله کان گمراهه آهي ته سندس ظاهر واري حياتي به دوزخ ۾ آهي. جنهن ڏسڻ کانسواءِ الله جو نالو ورتو سو علم اليقين آهي. جنهن الله ڏٺو سو سندس نالو ساري عمر نه وٺندو ۽ نه عبادت ئي ڪندو ان کي نالو وٺڻ ڪفر آهي. مگر نالو ورتائين به ته روئي ڏيندو. نالو وٺڻ ٻيا ئي آهي جيڪو پاڻ الله ٿي پيو کيس نالي وٺڻ جو ڪهڙو ضرور ڇو جو گناهه آهي، مگر ڳالهه ڪندي عبادت ۾ نالو وٺندو.
مثال مثنوي جلال الدين روميءَ پهريون نالو ئي نه کنيو آهي.
بيت
بشنواز نئی حکایت چون کند، واز جدائیھا شکایت میکند
يعني ٻُڌن نڙ جو آواز ڇا ٿو چوي. هو پنهنجي اصليت کان جدائيءَ جي شڪايت ٿو ڪري.
جيڪو سمجهه وارو آهي سو سمجهندو . جيڪو انڪاري ٿيو سو انڌو آهي. عاشق عارف جو نيشان ته از دنيا بي نياز. يعني دنيا کان بي نياز رهڻ آهي نياز وارو فقير ٻانهو آهي. مثال بادشاهه مير علي نواز خان جي شڪاريءَ حسوءَ وزير جي پٽ کي مار ڪڍي مير جي حجت سبب ايترو لاغرض ٿي پيو هو. مگر جيڪو احڪم الحاڪمين جي تخت تي ويٺو سو ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍندو. صوفي فقير جڏهن من خدايم جي ملڪ ۾ ويندو ته ان تي هزارين الزام ٺهندا. کيس پڪو ڪرڻ لاءِ عشق شهنشاهه مٿس مصيبتان موڪليندو. جيڪڏهن مصيبتن مان عشق کان بيزار ٿئي ته هليو وڃي. جنهن کي نفساني حياتي آهي اهو دم نڪتي کان پوءِ ڄڻ ڪتو مري ويو. جيڪو حق سان حيات آهي. سو سدائين جيئرو آهي. هن جو جسم مان نڪرڻ ائين آهي ڄڻ پراڻو ڪپڙو لاٿائين هتئون نڪتو ته هُت وڃي رهندو .
الله ٻه جايون جوڙيون آهن (1) سجين (2) عليين جن زندگي غفلت ۾ گذاري سي مئي کانپوءِ سدائين سجين ۾ رهندا. جن خدا ياد ڪيو ۽ الله ڏٺائون انهن جو ذهن عليين مڪان ۾ آهي. جنهن کي حق پاڪ گهرندو سو فقير عارف وٽ ويندو ۽ ان وٽان علم لدني حاصل ڪندو. اها آهي الله جي مهرباني. عالم اهو آهي لدني علم جو دِل سان دور ڪري، مگر ظاهري علم وارا پورهيت ڪاسبي آهن. عارف عاشق جيڪڏهن نفس جي راءِ تي غلط ڪم ڪري وجهي ته ان کان ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي. هلندڙ طالب غلط ڪم ڪندو ته ڏوهي ٿيندو. ان جي پڇڻ لاءِ گهڻا آهن.
جنهن کي صفاتي شهود آهي سواسير آهي، جنهن کي ذاتي شهود آهي سو امير آهي. جيڪو نفس کي فنا ڪندو سو بقا وٺندو. ان کي جو حق جو ديدار ٿيندو. جيڪو فاني نه ٿيو سو بي حاصل آهي. تصوف ۽ فقير اها آهي ته ان جي دل ۾الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به محبت نه هجي ڪنهن سان به واسطو نه هجي.
تون به جي بي مثل ٿيندين ته بي مثل کي لهندين. مثل ۾ فاٿل هوندين ته ڪيئن بي مثل کي ڏسندين. مثل هي نفساني بوتو آهي. عشق هڪڙي دل فرجڻ جاءِ آهي.جنهن ۾ خواري ۽ ملامت آهي عشق شهباز ۽ ٻيو سارو جهان تتر مثل آهي، تتر شهباز جو شڪار آهي.هي سارو جهان عشق جي اڳيان ڪجهه به نه آهي . معرفت جي حاصل ڪرڻ لاءِ طالب کي جاهل ٿيڻو پوندو سڀ علم وسارڻو پوندس. جيستائين تون به آهين ۽ الله کي به ڄاڻين ٿو ته مشرڪ آهين. الله گم ڪيون پاڻ اثبات ڪيو بيٺو آهين. پوءِ ڄڻ ان بت جو پوڄاري ڪافر آهين. ماڻهو الله جي عبادت دوزخ جي ڀو کان ٿا ڪن ڪي وري بهشت جي لالچ تي عبادت ٿا ڪن اهي ٻئي نه هجن ته الله کي ڪير به نه ليکي. عالم چئبو آهي پاڻ سڃاڻڻ کي نه سڃاتئه ته ڪافر آهين. جڻيو ٻڌل اٿيئي، عاشق ڪماليت کي پهچندو آهي ته بي ادب ٿيندو آهي. بي ادبي جا ٻه قسم آهن هڪ بي ادبي الله گم ڪري پاڻ اثبات ڪرڻ. اها عام بي ادبي آهي اهڙا ماڻهو دوزخ جا حقدار آهن. جن پاڻ الله ۾ گم ڪيو سي الله جا حقدار آهن. اها بي ادبي من خدايم واري آهي. جنهن کي سڀڪو ڪافر ۽ بي ادب پيو سڏيندو. حقيقت ۾ صحيح ادب اهو آهي.
وجد حال مئل دل کي جيئرو ٿو ڪري حق جو مشاهدو صوفي جي هئڻ واري هستي کي ماري ٿو. وجد حال نفس جون سڀ وصفون رد ۽ چٽ ٿو ڪري صوفي دم قضا نه ڪندو. جنهن دم قضا نه ڪيو سو نوز آهي. جيڪو زبان سان لله الله ٿو ڪري ته ان جو الله پري عرش تي آهي اهو ڏکيو ملندو. من قال الله لاَ يَرفَعُ الله يعني جنهن زبان سان الله الله چيو سو کيس ڪو نه سڃاڻيندو. جنهن دم ذڪر ڪمايو ته ان جو الله ونحن اقربُ آهي. ويجهي کي ڏسبو چاليهه سال ٿيا آهن جو الله توحيدي گفتار ٿو ڪري وچ ۾ فولاد آهيئي ڪونه جيڪو فقير جي صحبت ۾ رهيو سو جوانمرد اهو آهي جيڪو شفاعت ۾ اميد نه رکي جنهن شفاعت ۾ اميد رکي سو نامرد آهي. فقيري دل سان ذڪر صاف ڪرڻ جو نالو آهي. نفس جي مخالفت ڪرڻ، ڪشف ڪرامات کان پري رهڻ، نفساني وصفن کي ترڪ ڪرڻ حقيقت معلوم ڪرڻ. اسم اعظم ڪمائي هن جسم مان نڪرڻ. جنهن ڪاڻ سارو جهان سڪي ٿو اهو ٿي پوڻ اها ڳالهه ظاهري فقيريءَ جي ڪجي ٿي. فقير جو بيان وڌيڪ ڪبو ته منصور وانگي هي بوتو فاڙجي پوندو. جيڪوصوفي ڪنجوس آهي سو دنيا جو عاشق آهي. ڪامل صوفي جي دل درياهه وانگر ٿيندي. آهي جيڪا لهرون ۽ موجون ڪندي آهي. جنهن فقير الله ڏٺو تنهن جي دل درياهه مثل آهي .
فقيري اها آهي جو ناپيد شيءَ کي ظاهر ڪري ۽ پاڻ ناپيد ٿئي جنهن فقير وٽ دنيا جي مڃوتي ۽ نفساني عزت ٿي تنهن جو منهن ڪارو ۽ نيلا پير اٿس. اهو هِتِ هُتِ انڌو آهي. جيڪو صوفي الله کان ڪشف ڪرامات ۽ منوتي گهرندو ۽ خوش ٿيندو ان جو به منهن ڪارو آهي. عالم مولوي جيڪو حرام کائي سو به درگاهه ايزدي مان تڙيل آهي عالم کي حيف آهي جو عبادت تي فخر ڪري عقبيٰ ڇڏي دنيا جي لالچ لاءِ ڊوڙي
جنهن صوفيءَ الله جل شانهُ کان ڪشف ڪرامات گهري تنهن کي سندس ديدار کان جواب آهي ٻنهي جهانن ۾ ان جو منهن ڪارو آهي. جيڪو اسان جي دل ۾ سوز ۽ درد آهي اهو ٻاهر ڪڍون ته ٻيئي جهان سڙي وڃن. زبان سان ڳالهه ڪرڻ وقت اسان اهو بنجي ٿا پئون. اها هن جسم جي زبان نه مگر الله جي زبان آهي. جتي آءُ رهندو آهيان اتي ڪنهن به بني آدم جي مجال نه آهي، مقرب ملائڪن کي به پهچڻ جي طاقت نه آهي جيڪو اتي ويندو اهو ڏسندو.عامن کان هيءِ جاءِ بلند ۽ برابر آهي. هيءِ عاشقن جي حد ۽ رهڻ جي جاءِ آهي.
عشق رامنزل دلا دور است ودور
يعني. عشق جي منزل تمام پري آهي،
اسان جي ساٿ جو سردار حضرت رسول الله ﷺ آهي عشق جي عاشقن سان گڏ اسان ان جا جماعتي آهيون. جڏهن مان عرش عظيم تي ويس ته روزازل کا اڄ تائين جي سمورن عاشقن ۽ عارفن تن سڀني مونکي طواف ڪيو ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ بيحد ملڪ ۾ وياسين ته ملائڪن کي به حيرت لڳي اسم اعظم جتان جو آهي ته ڪمائڻ واري کي به اتي ٿو پهچائي. ان جي منزل جي حد ئي ڪانه آهي. زاهدن، عابدن، غوثن، قطبن جي حد آهي مگر عاشقن عارفن جي حد آهي ئي ڪانه حضرت خواجه خضر عليه السلام لاءِ دنيا سڪي ٿي مگر اسان خضر کي پنهنجو در لنگهڻ به نه ڏنو. چيوسونس ته تون اسان جي ڪم جو نه آهين اسان لاءِ الله ڪافي آهي. تنهنجي اچڻ سان وٿي پوندي .
جيڪو دنيا جي ڪمن ۾ مصروفيت سبب الله جي ياد کان عافل آهي سو درگاهه حق تعاليٰ مان تڙيل آهي مگر جيڪو صوفي ملامتي ۽ خلق کي ناپسند آهي سو خدا کي زور پيارو آهي سڀني آدمين مان جنهن ملامت ۽ خواريءَ جو بار کنيو سورند آهي ۽ شاهه منصور جو ثاني آهي. فقير جي ملامت ۽ خواريءَ جو مٽ ٻنهي جهانن جي عبادت به نه آهي ڇو ته اهو فقير هر وقت ايمان ۾ اسلام ۾مگر معراج ۾ رهي ٿو. کيس هميشه عشق آهي. پوشاڪ ۽ حقاني تاج مٿي ۾ پيل اهي.
جنهن مون کي سڃاتو تنهن الله تبارڪ وتعاليٰ کي سڃاتو. جيڪو منهنجو دوست ٿيو سو الله جو دوست آهي مگر جيڪو منهنجو دشمن آهي سو سڄڻ الله جو دشمن آهي. جنهن مون سان صحبت ڪئي تنهن ڄڻ الله سان صحبت ڪئي.
مسلمان بهشت لاءِ ٽنگن کي تيل مکيون ويٺا آهن مگر ڏس ته مان ڪنهن کي به ياد آهيان جي نه ته پوءِ سواءِ ياد گيري جي مان ڪيئن انهن کي بهشت ۾ اچڻ ڏيندس. سنڌ جي عالمن جو حال اهو آهي جو کانئن ڪوسوال پڇي ته جواب نه ڏئي سگهندا. پوءِ خلق ۾ ڪنڌ کڻي نه سگهندا.
اسان جي وصل کي چاليهه سال ٿيا آهن جو اسان هي گفتار شروع ڪئي آهي. ماڻهو سمجهن ٿا ته هت ٿو ڳالهائي پر اسان ٻئي ملڪ ۾ بيهي ٿا ڳالهايون. عشق جي درد حال جو ڪير به واقف ڪونهي. مست گهڻا آهن. مگر سالڪ ڪو نه آهي ڪنهن سان حال اور جي چاليهن سالن ۾ ڪو به معراج وارو سالڪ نه مليو آهي.
اسان کي عشق جي رهبري مصطفيٰ ۽ مرتضيٰ ڪئي آهي اهي اسان جا هادي ۽ رهبر آهين نه ته اسان هئاسون. ڌنارن ۽ جهنگلن کي نوازيائون. وٺي وڃي الله وٽ ڇڏيائون اهڙي عنايت ڪيائون جو ارض وسما جي راج جا واقف ٿي پياسون.
جن الله ڏٺو ۽ ساڻس همدم ٿيا تن کي سفاعت جي ڪهڙي ضرورت،شفاعت ته اسان جا سچا طالب پنهنجي ٽولن جي ڪري سگهندا. سڀهاڻي ڏسئندو ته اسان به حضرت رسول خدا سان گڏجي مسلمانن جي شفاعت ڪنداسون. جيڪو منهنجي ڳالهه دل وجان سان ٻڌندو ته ان فقير جو پڇاڻو معاف آهي. جيڪو مان اصل آهيان ۽ جنهن منهنجي اصليت کي ڏٺو تنهن الله ڏٺو.
نامردن جا پير عبادت ۾ بيهي بيهي سڄي ويا مگر پائي به حاصل نه ٿين مگر مردن جي ويهڪ جي جاءِ اٺ جي داڦوڙي جي تريءَ جهڙي ٿي وئي سي وڃي الله کي پهتا ۽ ساڳيو پاڻ ٿي پيا. صوفي جڏهن هن جسم مان نڪرندو ته الله جو گهر چاليهه وکان اٿس. اهي بره جون باهيون ڏيئي نفي اثبات سان عشق جو کورو پچايائون تڏهن الله جو گهر ويجهو لڌن نه ته پنجاهه هزار ورهين جي پنڌ تي آهي. مسلمان روزو نماز ڪن اسان پنجاهه ورهين ۾ سجدو ڪونه ڏٺو.
اسان اهڙا ته نڀاڳا آهيون جو ملائڪن وٽ ماڻهن جا دفتر روزن ۽ نمازن سان ڀريل هوندا مگر ملائڪن جي دفتر ۾ اسان جو هڪ سجدو نه لڀندو. ماڻهو عبادت تي الله کان ڪشف ۽ ڪرامتون گهرندا آهن الله انهن کي پينو سمجهي کين اها پن ڏئي ٿو اُهي ان پِن تي خوش آهن، ڪشف ڪرامت نفس جو ڍئو ۽ الله جو مڪر آهي. انهن کي الله پنهنجي ديدار کان جواب ڏيندو آهي. جيئن ڪو فقير ستر واري گهر مان ٻانهيءَ کان خير وٺيون هليو وڃي الله کي جو سوال ڪجي تنهن کان پاڻ الله ڇو نه ٿي پئجي. سوال کان ڇٽي پئجي. اهڙو ڪم ڇو نه ڪجي جو اسان وٽ ٻيا سوالي اچن ۽ پاڻ لا احتياج هجون. الله سوال کان کپندو آهي آحضرت موسيٰ رب ارني جو سوال ڪيو هيس ته کيس لن تراني جو جواب ڏنو هئائين. ان ڪري عارفن سمجهيو ته سوال ڪونه مڃيندو تنهن ڪري پاڻ ڇو نه ٿي پئجي. هونءَ الله وٺ ڪونه ڏيندو. دنيادار کي سوال ڪبو سو به سئو پنجاهه ڏيندو سوبه کپي ويندو. تنهن کان ڇو نه دنيادار ٿي پئجي جو سوال ئي ڪرڻو نه پوي فقيرن آڻ کٽ خزانو هٿ ڪري وڌو. رب ارني واري سوال وقت موسيٰ ٻانهو هو بادشاهه ٻانهي کي تخت تي ڪونه ويهاريندو آهي. اهڙي همٿ ڇو نه ڪجي جو ملڪ الموت کان موت جو دفتر ئي کسي وٺجي. پوءِ جاڏي وڻي اوڏانهن هيلو وڃجي.
هلندڙ طالب کي سيني تي ڪو خطرو ممڪن ٿيو ته سندس روح جيڪو معرف جي مالڪ ڏي پنڌ ڪيو هو سو روح ٻارهن مهينن جي پنڌ تان ڪري پوندو. وري جڏهن ڪوشش ڪري ٻارهن مهينا پڌ ڪندو تڏهن وڃي ساڳي جاءِ تي پهچندو.
ڪنهن ماڻهوءَ اسان کان پڇيو ته دين ۽ ايمان ڪٿي رهندا آهن؟ اسان چيس ته اڳ ۾ تون دين ۽ ڪفر جو رنگ ٻڌاءِ ته پوءِ توکي سندس رهائش ٻڌايون اگر ڪنهن کي دين ۽ ڪفر جي سڃاڻ ٿئي ته الله کانس پري آهيئي ڪونه.
ڪنهن پڇيو ته واصلي عاشق ڪنهن کي چئجي؟ اسان چيس ته جيڪو فنا في الشيخ ۽ فنا في الرسول جي منزل کان اڳتي ويو سو واصلي عاشق آهي. جيڪو فنا في شيخ آهي سو عارف آهي جيڪو ان کان هيٺ آهي سو اولياءُ آهي.
دنيا جي ڳولا ڪرڻ پاڇي جي پٺيان ڊوڙڻ مثال آهي ڪيترو به پويان ڊڪندس ته ڪونه پهچندس. جيڪڏهن پٺي ڏيئي هلندو ته پاڇو سندس ڪڍ لڳندو. دنيا به ائين آهي جيڪو دنيا ڇڏي الله ڏي هلندو ته دنيا سندس ٻانهي ٿي پوندي ۽ هي پاڻ بادشاهه ٿي پوندو. جنهن صوفيءَ سوال ڪيو سو صوفي نه آهي.
دنيا عقبيٰ ۾ سمائجي سگهي ٿي مگر مان منجهنس نه سمائبس ظاهري عالم چوندا آهن ته اسان حضرت رسول الله ﷺ جن جا وارث آهيون، مگر ڪوڙا آهن. عالم اهو آهي جنهن کي ظاهري علم ۽ باطني يعني لدني علم هجي ظاهري عالم ڪاسبي آهي لدني عالم لاءِ ظاهري علم به عيان ٿي پوندو. امرنهيءَ جو دفتر لوح ۽ قلم جيئري پڙهي ويندو. لدني علم واري نطر تحت الثريٰ کان عرش عظيم تائين ڇُٽي پوندي. اهو بهشت ۽ حورن تي ٺٺوليون ڪندو ظاهري علم واري کي پنهنجي قبر جي به خبر نه پوندي صرف ظاهري علم سان دل ڪاري ٿيندي آهي. قلب تي مس ۽ اکرن جو نقش ڄمي ويندس حضرت رسول الله ﷺ اسان جو رهبر سمنڊ آهي اتان وير نڪري ته ٻئي جهان غرق ٿي وڃن. مولوي ۽ عالم امام ٿا سڏائين اهي امام نه آهن. سچو امام اهو آهي جيڪو ٽنهي جهانن جي خبر ڏئي،
شريعت ۾ حرام حلال جي خبر به ان کي پوندي آهي جيڪو شريعت تي هلي نه ته شريعت ڪنهن کي لٺ ڪانه هڻندي آهي. چور سان به راضي ته ڀاڳئي سان به خوش، چور ۽ ڀاڳيو ٻئي گڏ نماز پڙهندا ته شريعت نه ٻڌائيندا ته چور ڪهڙو آهي؟ عارف معرفت کي پهتا تڏهن شريعت کي سڃاتائون مگر شريعت وارا مفتي ۽ ملان رشوت جي عيوض غلط فتوائون ڏيئي حقدارن جو حق کسي ٻين کي ٿا ڏين.
عام ماڻهو جيڪا رحمت ٿا گهرن سان خاص کي گهرجي ئي نه جڏهن مان عرش عظيم تي ويس ته عاشقن ۽ عارفن کي الا احتياج ڏٺم جن ٽن ڏينهن تائين مون کي طواف ڪيو. مگر جڏهن عرش مان ٻاهر نڪتس ته منهنجي پرن جو واڪو ۽ آواز ايترو ته زوردار ٿيو جيئن ڏهن پدرهن جهازن جي گڏجي اڏرڻ سان آواز ٿيندو آهي.
روزازل واري ڏينهن کي رات ڪانه پهتي آهي. اهو سج اڃا تائين ساڳي جاءِ تي بيٺو آهي جنهن کي غروب آهي ئي ڪونه ماڻهو روزازل واري ڏينهن کي گهڻو وقت گذريل ٿا ٻڌائين. مگر اها اسان جي ڏپهري جي جاءِ آهي اتان اسان پري خوني درياهه ڏي وياسين جيڪو تمام پري آهي.
دين اسلام شيطان ۽ ڪفر کان ايترو ڊڄندو آهي جيترو لالچي عالم جاهل صوفيءَ کان ڊڄندو هجي. طمعي عالم دنيا جي لالچ تي ڀيڻ ڀاءُ به نڪاح ۾ حلال ڪري ڏيندو آهي. جاهل صوفي به ديدار ڪونه ڏسندو مگر ڊاڙان ۽ لافان پيو هڻندو جاهلن تي منڊ پيو هڻندو. پنهنجن وڏن جون وڏيون وڏيون ڪرامتون پيو ٻڌائيندو ته جيئن وٽس ماڻهو ڦاسن. نمازان ڊگهيون ۽ تسبيحون پيو پڙهندو جيئن برسيا ۽ بلعم باعود ڪندا هئا عبادت.
جيڪو پنڌ ڪري عاشق عارف جو ديدار ڪندو ۽ دل سان سندس صحبت ٻڌندو ته ان کي هزار پيادل حجن جو ثوا ملندو. يعني صوفي آن جائيکه او الله شد صوفي اهو آهي جيڪو الله ٿيل هجي. ان جي زيارت الله جي زيارت اجيترو ثواب آهي. ڪنهن پڇيو ته اوهان الله ڪٿي ڏٺو. مون کيس ٻڌايو ته اتي ڏٺومانس جتي مان نه هيس. فقيرن کي خبر هجي ته الله تسبيح ،نماز ۽ مصلي سان ڪونه لڀندو. ناحق مٿا نه هڻو. عمر ڳري ويندو. الله کي پڌر تي ڇڏي منهن ڌوڙ ۾ نه هڻو. جيڪو دوزخ جي خوف ۽ بهشت جي لالچ تي عبادت ٿو ڪري ته سندس دڪو ئي داخل نه ٿيندو.
روزل ازل ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ خلق کي پيدا ڪري دنيا عقبيٰ ۽ نعمتوڻ ۽ درد سندن اڳيان رکيائين. ان مان عاشقن صرف درد کنيو ۽ ٻيا سڀ لذتن ڏانهن ڀڄي ويا. خاص عبادت اها آهي جنهن مان الله جو ديدار ٿئي. اها دل جي عبادت آهي، زبان جي عبادت قبول پئي ته بهشت ملندو. هٿن پيرن جو عبادتون روزو حج ۽ نماز ۽ مقامات مقدسه جون زيارتون ڪرڻ آهن. اها عام عبادت آهي.
فقيرن ٻن قسمن جي آهي. 1. عام فقيري، 2. خاص فقيري عام فقيري شريعت تي پورو هلڻ خاص فقيري الله جي وصل لاءِ جفائون ڪرڻ آهي. جنهن سان شريعت نه پهچندي توحيد جي گفتار کان جڪڏهن سڀئي نبي سڳورا منع ڪن ته مان بس نه ڪندس، پر جي حال جي وقت ۾ ماٺ ۾ هجان ۽ اهي اچي چون ته گفتار ڪر ته ڪو نه ڪندس، ان وقت ۾ نه ڳالهائبو ان وقت جيتوڻيڪ مرشد اچي ته نهاربس به ڪين. حال جي وقت ۾ ادب نه رهندو آهي. ادب جسم سان آهي نڪرڻ کان پوءِ ادم ڪونهي. فقير جڏهن عبديت جي چولي ۾ ڪثرتي هوش سان هوندو ته رسول الله ﷺ جو به ادب اٿس. هن چولي مان نڪرڻ کانپوءِ ڪنهنجو به ادب نه ڪندو آهي. سمورو وحدت ٿي پوندو آهي جئين زائفان کي جن اچڻ کان پوءِ بي حجاب ۽ بي ادب ڪري ٿو وجهي طالب ائين جڏهن وحدت ٿي پيو ته ڪنهنجو ادب ڪندو. صوفي جڏهن معراج کي پهتو ته سندس زبان اڙانگي ٿي پوندي ٻيا ماڻهو نه سمجهڻ ڪري سندس دشمن ٿي پوندا آهن. ماڻهن جي ڊڪ ڊوڙ به دين تائين آهي. جتي فقير ويو آهي اتي دين جو ڏَسُ ئي ڪونهي. فقير عارف زبان سان الله جو ذڪر نه ڪندو ۽ نه وري ٻئي جو ذڪر ٻڌي سگهندو. جو مٿس وجد حال هوندو آهي. شينهن جي سامهون ويندو مگر ذڪر ٻڌي نه سگهندو. جنهن عارف باالله جي واتان وحدانيت جي گفتار نه ٻڌي ۽ نه پاڻ زبان سان خدا جي ياد ڪيائين. سو مئوو ته ڄڻ ڪتو مري ويو. جنهن ذڪر ۾ محويت ورتي سو پاڪ آهي.
ماڻهو قدرت ٿا ڏسن جي قادر ڏسن ته جيڪر ڇڙيون هڻي مري وڃن .خاڪي بوتو دٻ نه جهليندو الله کي الله سان ڏسبو آهي. جنهن مهل الله ڏٺائين ته ڪو به مذهب ڪو نه بچندس، نه هندو رهندو نه مسلمان رهندو جيڪو سني شيعو مذهب سان الله ڏسڻ گهرندو سو ڄڻ ته بتي ٻاري سج کي ڏسڻ ٿو گهري مذهب وارا حسد جي کوهه ۾ ڪريل آهن سي الله ڪيئن ڏسندا. الله خود به پاڪ آهي گهري به پاڪن کي ٿو. مسلمانن واروالله مسجدن ۾ ويٺو آهي ۽ هندن جو الله ٽڪاڻن ۽ مندرن ۾ ويٺو آهي. ان ڪري مسلمان جيستائين ڪافر نه ٿيندو تيستائين الله کي نه پهچندو. هندو به جيستائين مسلمان ٿي مسجد ۾ نه ويهندو ته نه پهچندو. الله جو دستور آهي.
مسلمان خواهه هندو هڪٻئي کان نفرت ٿا ڪن جيستائين سندن الله نفرت ۽ حجاب نه ڀڃندن تيستائين الله کين منهن نه ڏيکاريندو.
زمين جو سفر پيرن کي ٿڪائيندو آهي مگر آسمانن جو سفر دل کي ڪشادو ڪندو آهي جيڪو ماڻهو هن جهان ۾ فقير عارف وٽ محبت لاءِ نه ويندو ته قيامت جي ڏينهن ان کي الله نه منهن ڏيکاريندو ۽ نه پاڻ وٽ گهرائيندس. الله کي جن ڳولي لڌوتن سان تعديون ڪيائين، ڪن جا سر وڍرايائين. ڪن جا سر نيزي تي چاڙهيائين.
ڪن جا سر ڪلهن کا ڪيرايائين. ته ڪن جا سر نيزي تي سوار ڪرائيائين. دشمنن کي عيش عشرتون ڪرايائين انهن کئون دوستن کي تڪليفون ڏياريائين. الله اهڙو مڪر بار آهي.
صوفي کي الله پيدا ڪو نه ڪيو آهي صوفي الله کا اڳ آهي صوفين تي الله جو ٿورو ڪونهي. الله ٻيا وڏيرا پيدا ڪيا آهن. مان الله کان ثي ورهيه وڏو آهيان. هن ڳالهه کي اهو سمجهندو جنهن معراج ڪيو هوندو ۽ فنا في الله يا بقا يا الله ٿيو هوندو
عبادت کي ڌڪو ڏيئي معرفت جي سمنڊ ۾ وڃي غرق ٿيءٌ جيستائين عبادت ۾ آهين ته عزت ڪونه ٿيندءِ عاشق اتي آهن جتي عام حيران آهن.
ڪنهن شخص اسان کان پڇيو ته توهان نماز ڇو نه ٿا پڙهيو. اسان چيس ته حقيقي الله جي نماز ته اسان تي ڪانهي تون جيڪڏهن هتئون وارو سنڌي الله ڏيکارين ته کڻي پڙهون.
هت ٻانهپ تي ماڻهو فخر ٿا ڪن. جيڪڏهن ڪنهن رئيس جا آهن ته اٿندي ويهندي کلو اٿن، جبرائيل کي جيڪڏهن ٻانهپ جو لقب ملي ته پاڻ جبل تي هڻي پرزا پرزا ڪري ڇڏي، ٻانهپ اهڙو عذاب آهي. ڪشف ڪرامت الله جو مڪر آهي. جيڪو ان تي راضي ٿيو تنهن کي ديدار کئون جواب آهي جيئن ماءُ ٻار کي ڇمڪڻو ڏيئي پاڻ ڪم ڪار ڪندي وتندي آهي ۽ ٻار ڇمڪڻي سان راند ڪندي راضي هوندو اهي.تيئن جيڪو ڪرامت جي ڇمڪڻي تي راضي ٿيو ان کي ديدار نه ٿيندو .جنهن ڪشف ڪرامت ڦٽي ڪئي اهو ڪامل عارف ٿيندو.
جيڪو نماز پڙهندو سو خلق ۾ مقبول ٿيندو. ان جو اهو بدلو آهي. ان جو الله وٽ ڪو به ڀاڱو ڪو نه آهي. لوح وقلم جو نالو ٻڌي ماڻهو عبرت ٿا وٺن. مگر اهو ته اسان جي پيرن کان به هيٺ آهي. اسان ان کان به مٿي آهيون. اهو ته اسان فقيرن جي روزنامچه جي بندي اهي ڪن کي گهڻو ڪن کي ٿورو ٿا ڏيون.
اڳ ۾ عرب ۾ احمد نالو رکرائي آيا هئا سون ۽ خلق ڏانهن قرآن موڪليوسون. عامن کي بتن جي پوڄا کان منع ڪئي سون ۽ خاصن ڪي دم وارو ذڪر ڏسيوسون ته جيئن توهان جي وجود ۾ الله آهي ان کي طواف ڪريو ۽ کيس ڏسو. ڀارين کي مسجدن جو ڏس ڏنو سون پوءِ جنهن سمجهو ان معرفت جو نور ڏٺو.
هي سنڌي ٻولي ۾ الله جو ڪتاب آهي. هن ذريعي خلق کي سمجهايون ٿا. جنهن اعتبار ڪيو سو معرفت الاهي جو صاحب ٿيو جن نه مڃيوسي بتن جا حقدار ٿيا. عرب ۾ عربيءَ ۾ ڳالهايوسون. جيڪڏهن عربن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايون ها ته سنڌيءَ ۾ ڳالهايون ها ته اسان ڌي منهن ٿئي ها. ٻولي اُها ڳالهائڻي آهي جيڪا ماڻهو سمجهن عربن سان عربي ڳالهائي هئي سون هاڻي سنڌين سان سنڌي ٿا ڳالهايون. اسان پاڪائي ۽ پليدي کان پري آهيون. شراب جو درياهه پيتوسون ته به ڍئو ڪين ٿيو. جيئن پيئون ٿا تيئن اُڃ گهڻي. شراب پيئڻ کان بس ئي ڪانهي. ماڻهو قرآن جو دور ڪندا آهن مگر عارف دل جو دور ڪندا آهن. دل ايڏي ته ويڪري آهي جو قرآن جا ٽيهه سيپارا ۽ ٻيون پارسيون سڀ اندران ڪڍيو پيا پڙهن. ته به عامن دل کي نه سمجهيو ۽ نه دل جو دور ڪيائين.
ڪنهن پڇيو ته ٻانهپ ڇا آهي؟ اسان چيس ته جتي اسان وياسون اتي ٻانهپ آهي ئي ڪانه. ٻانهپ جو ٻانهن کا پڇ. عاشق عارف جو شان اهڙو آهي جو ساري دنيا اگر کيس. سجدا ڪري ته به گهٽ آهي. سندس شان اڃا وڌيڪ آهي. عارف جيڪڏهن توحيد جي ڳالهه ڪندو ته ماڻهو کيس ڪافر چوندا. زبان سان توحيد جي گفتار ڪرڻ عاشق جي عبادت آهي. گفتار ۾ جيڪا ڳالهه ڪندو ته اها سندس ملڪ جي ڳالهه هوندي مٿس ٻي ڪا به عبادت لازم آهي.
فقير اهو آهي جيڪو روح وانگر پاڪ هجي ۽ نفساني غلاظتن کان صاف هجي، صوفي جڏهن حق جو مشاهدو ڏسندو ۽ فاينما تولو ٿيو ته ذڪر ڍرو ٿي ويندس مگر؟ زور سان هلندس. ملڪوت ۾ خواه جبروت ۾ ذڪر زور سان هلندس. خوف کان ڪاهيندو ته متان ديدار بند ٿي وڃي، ذڪر جتان جو آهي جڏهن عارف ان حد تي پهتو ته پاڻيهي بيهي رهندو. پوءِ جي صوفي ذڪر ڪندو ته مشرڪ ٿيندو. جنهن سيني مان الله اثبات ٿيو ته سندس بوتي مان توحيد جون ڳالهيون ائين زوريءِ پيون نڪرنديون، جيئن تتر پڃري امن زوريءَ نڪرندو آهي. صوفيءَ کي توحيد جي گفتار سان قرار ايندو آهي.
اسان و ٽ ڪيترائي ماڻهو توحيد جي گفتار ٻڌ لاءِ اچن مگر ان تي عمل نه ٿا ڪن. ٻڌي اڻ ٻڌي ڪيو ٿا ڇڏين. توحيد جي گفتار سندن لاءِ سَمَنَ مثال آهي. اگر جي اڃا به عمل نه ڪيائون ته مٿن مصيبت جو وارنٽ نڪرندو. جيڪو دل وجان سان مجاهدو ڪندو ته کيس ڇوٽڪارو ٿيندو ۽ کيس خدا به منهن ڏيکاريندو. جيڪو محبوب ان جي نفس تي مصبيت موڪليندو.
الهام ذاڪرن ۽ تکن طالبن کي ٿيندو آهي مگر عاشق الهام کان گهڻو پري ويا هو الهام موڪليندڙ سان گڏ آهن. الهام ٻئي کي ٿيندو آهي. جيڪو ساڳيو سر ٿي پيو تنهنکي الهام جي ڪهڙي ضرورت، جڏهن مون تي جوش ۽ مستي جو حال پيو ۽ فاينما تولو فثم وجهه الله تي پهتاسون تيئن جوش ۽ مستي وڌي وئي. تڏهن الله اظهار ٿيو. جيستائين سڃاڻپ هئي تيستائين الله کان پري هياسين جڏهن نفساني هستي ويئي تڏهن ڪل عقل آيو. جڏهن شهباز عشق آيو ته عقل ڪانءَ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. جنهن الله سڃاتو تنهن کان عرش کان تحت الثريٰ تائين ڪابه شيءَ ڳجهي نه رهندي طالب جو مرشد سان گڏ هجڻ مهل گفتار هلندي ته نفس کي وارو نه ملندو. نفس تباهه ٿي ويندو. فقير کي الله کان سواءِ ٻيو ڪو به نه سڃاڻيندو. وري الله کي به فقير صوفي سڃاڻندو. وري الله کي به فقير صوفي سڃاڻندو. عارف جي دل الله جو آئينو آهي الله ان ۾ پنهنجو منهن ڏسندو آهي جيڪي به فقير سڪ سان ايندا ۽ محبت سان پيش پوندا ته فيض به پائيندا ۽ دل جو آئينو به صاف ٿيندن. طالب جيڪڏهن مرشد جي خدمت ڪندو ته سندس ٻه درجا بلند ٿيندا ڇاڪاڻ ته هادي مرشد به نائب خدا آهي ۽ هو الله جو طواف ڪري ٿو. اهو نه ذڪر جو منصب اٿس. جيڪو ماڻهو خدا کي ياد ڪرڻ لاءِ رات جي ماني نه کائيندو ته کيس ڏهن ورهين جي عبادت جو ثواب ملندس، رات جي ماني نه کائڻ عبادتن جو منڍ آهي.
حضرت رسول خدا جيئرو آهي. مگر ماڻهو کيس نٿا ڏسن، عارفن دنيا جو هڏو دنيا جي ڪتن لاءِ ڇڏيو عقبيٰ زاهدن کي ڏنائون پاڻ وڃي الله سان گڏجي هيڪاندا هيڪ ٿيا طالب دنيا مخنث طالب عقبيٰ مئونث طالب الموليٰ مذڪر هِتِ هُتِ خوش اهو آهي جنهن پاڻ سڃاتو. صحبت جو لائق اهو آهي جيڪو ٽيئن جهان جو رهاڪو هجي. دنيا ناپاڪ آهي جيڪو ان سان محبت ڪندو سو به پليد ٿيندو. دين اسلام صفات لاءِ برابر سچ آهي. جڏهن معرفت اظهار ٿيندي تڏهن خود پاڻ اسلام ٿي ويندو پر مالڪ به دين جو پاڻ ٿي پوندو. تون ۽ مان ٻئي حق ۽ باطل آهن. عشق جي اچڻ کان پوءِ ٻئي نه رهندا.
اٺن پهرن ۾ الله هر هڪ آدمي وٽ اچي ٿو ۽ جاچي ٿو ته ڪهڙو مون کي ياد ٿو ڪري. هو هر هڪ کي سڃاڻي ٿو ڪهڙو سندس آهي ۽ ڪير شيطان جو آهي. الله کي الله سان ڳولبو آهي جو کيس به پنهنجي جنس لهندي.
الحديث رَایتُ رَبیّ بِہ عَینَ رَبی
يعني، الله کي الله سان ڏٺم.
چور جي ۽ سندس پاٿاريءَ جي خبر چور کي پوندي آهي. نفس سان الله ڪونه لڀندو آهي.
پاڪن سان سچي رسولي محبت ڪندو آهيان جنهن جا هو لائق آهن. گمراهن کي الله جي داٻ ۽ تاب جا دڙڪا ڏيندو آهيان ۽ هٽائڻ ۽ سنڌو هلائڻ لاءِ کين دوزخ جا دڙڪا به ڏيندو آهيان. شيطان کي محبوب جي هٿان ملامت مليل آهي. اهو بار هن کنيو. آدم رحمت کنيئن، هن مڙسي ڪئي آدم لن تراني ڏي لڙيو. جيڪو شيطان کي ڳالهائيندو سو معتبر نه آهي. هو به مڙس آهي ڀاڙين ڀتن کئون هڪدم پلوءُ وٺندو آهي. محبوب جي ملامت جو بار عاشق کنيو پوءِ ٻين جو ڇا ويو. مان جيڪو اصل آهيان ان کي ڪنهن نه ڏٺو آهي. سڀ ڪو هن سواريءَ گڏهه کي ٿوڏسي حضرت رسول الله ﷺ جيڪو. الفقر فخري فرمايو آهي اهو اسان لاءِ آهي ۽ اهو اسين آهيون، ڇو ته اسان کي ڏسي رسول خدا خوش ٿيندو آهي، مان اهو هماءِ آهيان جو ساري دنيا جا مخلوق آدم کئون وٺي انبياءِ اولياءِ رسول خدا سميت منهنجي ڇانوَ ۾ ويهندا آهن. مان معرفت جو سج آهيان ٻيا سڀ ستارا آهن، زمين ۽ آسمان منهنجي بٺيءَ جي دونهين مان ٺهيا آهن. باطل مان طالب کان الله جو راض گهٽيو ته طمع ۽ حرص ۾ وڃي پوندو. دنيا جي طمع سڀني گناهن جو منڍ آهي، علم هُنُر ڦٽو ڪري سڄو ان جو ٿي پوءِ.جيئن هيٺاهين ۾ کنڊ پوندو آهي تون به ائين ڪري پوءِ جيستائين ذڪر جي ترار سان جسم ريت رسم ختم نه ڪندين تيستائين عشق کان پري هوندي.
هڪ دفعي الله جي مشاهدي ۾هزار ورهين جي عبادت کان به پڌيڪ مزو آهي. ايتري عبادت کان الله تبارڪ وتعاليٰ جو هڪ نياز وڌيڪ آهي الله کان وڌيڪ عبادت ڇا ڪندي جيڪو فقير عشق الاهي جي ملامت کڻي ان کي اولا عظم نبي سڏجي ته گناهه ڪو نه ٿيندو مگر ظاهر جي نبوت جو قانون بند آهي. مگر فقير باطني نبي آهي. باطني نبوت بند نه آهي. هلندڙ طالب توحيد جي راڳ جي سڪ ايتري رکي جيتري روزائت کي اونهاري ۾ اڃ لڳندي آهي. حديث ۾ آهي ته السماع معراج الا ولياءُ ويراڳ وَلئَن جو معراج آهي. وليءَ کي به سڪ توحيد جي راڳ جي ايتري هوندي آهي. جيتري اُليءَ واري اڃ لڳندي آهي. عارفن جي ڪلام کي توحيد چئبو آهي نه ڪي عام راڳ کي صوفيءَ کي وجد مهل عشق جي پوشاڪ پوي ٿي ۽ راز الاهي جي چادر پوي ٿي. تنهن مهل هو ڦڙڪي ۽ ڏڪي ٿو.
صوفي لاءِ بوتو آڙ آهي. جڏهن ٻاهر ٿو نڪري تڏهن وجد حال پويس ٿو. وجد جا ٻه قسم آهن(1) ابتدائي وجد ڪنهن طالب کي نور جي ذات تجلات ڪري سيني ۾ وڄ وانگر لنگهي پوي. (2) حقيقي وجد، جيڪو عارفن کي روبرو ۽ سچو وجد ٿيندو آهي. عارف کي هر حالت ۾ پرواهه نه هوندي آهي. عارف کان گناهه جو ڪم نه ٿي سگهندو. ڇو جو عارف جو نفس لا جي ترار سان ڪٺل آهي. هلندڙ طالب جو نفس ڪٺل نه آهي. توڙي ڪهڙو به سچو هجيس ته به ترڪڻ ۽ گمراهي جو خوف اٿس، جيستائين خوف ورجا جي ڏاڪڻ تان نه ٽپندو تيستائين خطرو اٿس، جڏهن پير مغان جي رهبريءَ سان نفس ڪهرائي پاڻ مان ٻاهر نڪري پوي ته پوءِ خطرو ڪونهيس. جسم مان نڪرڻ به ٻن قسمن جو آهي، (1) عام(2) خاص. عام ته ڪتا به مرندا آهن خاص آهي جيئري جسم مان نڪرڻ ان کي وصل چئبو آهي.
دنيا جي حرص ۽ طمع واري کي ڪنهن عارف جو نقطو نه لڳندو آهي ته اها بيماري جلندري مرض لادوا چئبو آهي. قالو قلو بنا غلف. چيائون ته اسان جي دلين تي پردا آهن. ذڪر جي مست جي دوا ديدار الاهي آهي عاشق جو رياءٌ ۽ ڪفر زاهد جي سئو ورهيه بي ريائي عبادت کان بهتر آهي. پنهنجو قدم بوتي مان ڪڍي سر تي رک ته ٻي وک تي الله ويٺو آهي. صوفي اهو آهي جنهن کي توحيد ٻڌي وجد ٿئي. منهن جي رونق بدلجي وڃيس صوفي عارف ادب جي اسڪول جو استاد آهي. ڇو ته بي ادب اهي آهن جن الله گم ڪيو مگر صوفي ته پاڻ الله ۾ گم ٿيو.صوفي ادب جو عالم آهي. هن وٽان ٻيا به قيامت تائين ادب پيا سکندا. اهو علم ادب جو رستو هلندو رهندو. الله کي الله سان سڃاڻبو آهي جيئن اکين جي نور سان سج ڏسبو آهي انڌو ته نه ڏسندو ذڪر جو جوهر فڪر آهي فڪر جو جوهر خيال آهي. فڪر ذڪر کان تکو آهي ذڪر هڪ ڀيرو ڦرندوته فڪرلک ڀيرا ڦري ويندو. فڪر کان وري خيال تکو آهي، لامڪان کان تحت الثريٰ تائين خيال جو ملڪ آهي خيال اهڙو تکو آهي جو اک جي ماڻڪي مٿي ڪيو ته لامڪان پهچبو. هيٺ نهاريو ته هي پاڻ آهي. صبر ذڪر جو وڻ آهي ۽ عين اليقين سندس ميوو آهي. عين اليقين ٿيو ته سارو ملڪ سندس آهي. وڌيڪ ڳالهه ڪرڻ جو ضرور ڪونهي، جيڪو عين اليقين ٿيو ته پاڻهئي خبر پونديس، مرشد پاڻ ٿي پوندو. اتي طالب ۽ مطلوب جو فرق نه آهي. محبت ۽ يقين سڀني عبادتن کان بهتر آهي. فقير خلق ۽ دنيا دارن سان محبت نه ڪندو. دنيا سان محبت ڪرڻ وارو فرعون ها مان ۽ نمرود آهي. جيڪو خلق جي رغبت کان بچي ذڪر ۾ محو ٿيو ته ان جي ڀاڳ ۾ الله آهي ۽ اهو نبين مان آهي. اڳي جيڪي الله گهرندا هئا تن کي نبي سڏبو هو. هاڻي. نبوت ختم آهي. هاڻي انهن فقير عارف سڏجي ٿو جن لاءِ ڪريم ﷺ الفقر خزينته من خزائن الله فرمايو آهي يعني فقير الله جي خزانن مان هڪ خزانو آهن فقير سڏائڻ سان فقير ٿبو نه آهي فقير اهي آهن جن الله اثبات ڪيو. ماڻهن کي هدايت رسول ڪريم وٽان ملي آهي.
توڪل ان کي چئجي ٿو الله کانسواءِ ڪنهن به ماڻهوءَ ۾ اميد نه رکڻ اڃا به توڪل جي انتها اها آهي ته عبد مان الله ٿي پوڻ. جيڪو ڪم الله وساري ان کي دنيا چئبو آهي محبت جي لائق اهي آهن جيڪي جسم مان نڪتل آهن. جيڪو جسم مان نڪتو سو جسم جو قيدي آهي. نفس سان دشمني ڪر ته الله توکي سڀني کان لااحتياج ۽ لاغرض ڪري. ڪامل صوفي اهو آهي جيڪو معرفت ۾ پهچڻ کانپوءِ مرڻ تائين حال جي حقيقت ۾ رهي. سندس وات مان هميشه توحيد جي گفتار هلندي هجي. ڪامل صوفي توڙي زماني جي گفتار ڪري ته به خوف نه اٿس يا بادشاهي هلائي ته به ڪثرت نه وچڙندس. جيئن پاڻي وارو پکي ڍنڍ ۾ ٽٻي هڻندو آهي ته به پر به ڪو نه پسندو اٿس ۽ اڏرندو وتندو آهي. فقير به جنهن مهل چاهيندا ته ڀرڻاٽ ڪيون اڏريا هليا ويندا. نفس سان دشمني ڪر ته الله دوست ٿيئي. جي نفس جو يار آهين ته الله دشمن اٿيئي. صوفي پهريائين تجريد ۾ رهي پوءِ تفريد ۾ اچي ٿو ان کانپوءِ توحيد ۾ پهچي ٿو هن جو ڏسڻ خواه گفتار سدائين توحيد جي هوندي آهي عاشق پهتي کانپوءِ ٻه سال لاڳيتو چوٿين مڪان ۾ رهندو. ان کانپوءِ ڪڏهن هتِي ڪڏهن هُتِ پيو رهندو ان جي اچڻ وڃڻ ۾ صرف اک ڇنڀ جيتري دير لڳندي.
نمازي مسلمان گهڻا آهن مگر حقيقي مسلمان ڪو نه لڀندو. صوفي جيستائين خواري ۽ ملامت کان ڊڄندو تيستائين خدا وٽ نه پهچندو. جيڪا دل ڪاري ٿي تنهن جو اڇو ٿيڻ مشڪل آهي. مگر جيڪڏهن ڪامل مرشد شاهه منصور جهڙو ملي ويس ته کيس صيقل سان سڌاري سگهي ٿو. سو به ائين جو مرشد جي مهر کئون پوءِ رت واتئون ايندس تڏهن دل اڇي ٿيندس. علم وارو ائين آهي جو کيس الله ڏسڻ جو يقين نه ٿيندو. سدائين وهمن ۽ خيالن ۾ پيو گذاريندو ۽ سر جو سانگو به نه لاهيندو. طالب تي مهرباني ٿيندي ته هو الهام غيبي ظاهري ڪنن سان پيو ٻڌندو. جيڪا طالب لاءِ وڏي تسلي ۽ مهرباني آهي. الله جي ذڪر کي وسارڻ وڏي ۾ وڏو گناهه آهي. نفس جيئرو آهي ته طالب مئل آهي نفس مئو ته طالب فقير قيامت تائين جيئرو رهندو. جنهن نفس کي محڪم ڪيو ته سارو جهان سندس فرمانبردار ٿي پوندو خدا کي عبادت کان نفس جي مخالف وڌي پسند آهي.
توڪل ٻن قسمن جي آهي. (1) توڪل عام اها آهي ته الله ڏيندو ۽ کائونس ان، مان ۽ دنيا پيا گهرندا. نفس کي مزن کا نه روڪيندا. توڪل خاص آهي الله جي ديدار لاءِ کين ڪامل يقين هوندو آهي ان ڪري وصال ٿيندو اٿن دينا کي ٽي طلاقون ڏيڻ پرهيزگاري آهي. نفس کان بيزار رهڻ صرف حق سان محبت ڪرڻ.
نفس جو عادتون چار آهن. (1) حق جو منڪر ۽ ملحد آهي.(2) بي شناسي.(3) باندرو واريون بائليون ڏيڻ. جيڪي اچيس حرام هجي. توڙي حلال کائي ويندو (4) مڪار آهي. باغن ۽ ملڪيتن تي خوش نه ٿيو جو ڏاڏي آدم سان بهشت جهڙي باغ به وفاداري ڪانه ڪئي. جنهن مان ڌڪا ڏئي کيس ڪڍيو ويو تو به ان جي قبول آهي جنهن دنيا ترڪ ڪئي، جيڪو نفس کي ترڪ ڪندو سو الله ٿي پوندو. نفس ناراض ڪرڻ سان الله راضي ٿيندو آهي.
جيڪي ماڻهو ظاهري عبادت ۾ جنهن جاءِ کي سجدو ٿا ڪن اُها اسان جي گهوڙي ٻڌڻ جي جاءِ آهي. دنيا جو جهان بازار آهي نفس ان ۾ واپاري آهي. جنهن نفس کان ڪابه شيءَ خريد ڪئي تنهن جي دل ڪاري ٿيندي ۽ خدا ناراض ٿيندس. جيڪو دنيا ۾ نفس جي مرضي تي هلندو تنهن کي نانگ جي زهر وانگر نفس جو زهر وٺي ويندو. نانگ جو زهر چڪ پائڻ سان وٺندو آهي مگر عورت جو زهر ڏسڻ سان وٺندو آهي علم فيض سڀ چَٽ ٿي ويندس.
گهڻي کائڻ مان غفلت ٿيندي هي. دنيا نفس جو شراب خانو آهي. جيڪو هن شراب خاني ۾ رهندو سو الله کان غافل ۽ گمراهه رهندو، دنيا ۽ دنيا وارن جي محبت سڀني گناهن جو بنياد آهي، ننڍن توڙي وڏن دنيا دارن تي لعنت آهي.

بيت رومي صاحب جو

اھل دنیا چہ گھین وچ مھین ۔لعنت اللہ علیھم اجمعین
معرفت وارن لاءِ عرش کان تحت الثريٰ تائين سير کليل آهي. مگر شريعت وارا انڌن وانگر لٺ تي ٿا هلن. جيڪو صوفي عبادت ڪندو تنهن ڄڻ ڪنڌ تي مڻ جو پٿر ٻڌي ڪن ٽپو ڏنو سو وري نه نڪرندو. فقير جي منزل کي عام ماڻهو ڪفر ٿا سمجهن. پر جي اهو ڪفر ڏسن ته سڀ سجدي ۾ ڪري پون ۽ ڪي سجدي ۾ مري وڃن ته ڪي سڙي وڃن جيڪو. زبان سان الله کي ياد ٿو ڪري سو درگاهه الاهي مان تڙيل آهي جن الله اثبات ڪيو سي زبان سان الله جو نالو نه وٺندا. جڏهن الله اثبات ٿيندو ته ڪلمي قرآن ۽ نبين تان آسرو کڄي ويندس جڏهن پاڻ الله ٿي پيو ته ٻين ڇا ڪندو. سج اڀرڻ کان پوءِ ستارن ۽ چنڊ جي ضرورت نه رهندي آهي. جيڪو الله نماز ۽ زباني ذڪر تي راضي ٿئي ان کي اسين بيزار آهيون. اهو الله رشوتي آهي. جيڪو منهنجي ٻڏائڻ تي خوش ٿئي ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڪم. اسان جو نئون الله آهي. پر اڻي الله کان بيزار آهيون.
استغراق ڇا آهي؟ عاشق جڏهن حق جي ذات ۾ گم ٿيندو ته صفات نه رهندي نه هي رهندو نه هو رهندو. اهو استغراق آهي. جيڪو نمازي ٻين کي بي نمازي سمجهي کانئن نفرت ڪندو تنهنجي نماز رد آهي، قبول ناهي، صوفي لاءِ نماز ۽ خلق جو نيازالله ڏانهن آڏي ڀت آهن عارف جومقصد ملڪوت آهي. جيڪو ڪثرت ۾ هر هڪ شيءِ ۾ الله ٿو ڏسي سو ڪچو ۽ هيٺين حدن ۾ آهي. قضا جا مالڪ ٿيو. آهي. جيڪو قضا جو محتاج ٿيو سو موچڙن ۾ آهي. جيڪو قضا تي راضي ٿيو تنهن کان الله لڪي ويندو.عبادت تي جيڪو خوش ٿيندو سوجاهل آهي جيڪو ڪرامت تي خوش ٿيندو سو ڪاهل آهي.
اسان فقيرن کي الائي ڇا ٿيو آهي جو نه دين نه ايمان رکون،نه ڪفر نه اسلام رکون، ڪعبو نه قبلو نه مسجد نه مڙهي، نه خوف، نه رجاء، نه قبر جو ڀئو نه محشر جو خوف، نه بهشت جي لالچ نه دوزخ جي ڪاڻ نه شفاعت جي ضرورت نه شريعت نه طريقت نڪا حقيقت نه يقين نه ئي الله جي غرض اسان اهڙا ڪٽا ۽ ڪهنا ڪافر ٿي ويا آهيون ۽ عظيم ڪفر ۾ وڃي پيا آهيون جو اسان جو ان ڪفر جي ڪُن مان موٽڻ محال آهي.
روئڻ ٻن قسم جو آهي هڪ روئڻ فراق جو ٿيندو آهي جيڪو وس کان ٻاهر آهي ٻيو روئڻ وصل جو به ٿيندو آهي. جڏهن ڪو ساز سروز شروع ٿيندو آهي تڏهن وصل جو روئڻ ٿيندو دنيا پائخانو ۽ ڍونڍ آهي. ڍونڍ ۽ پائخانو ڪتي جو مرڪ آهي. فقير اوڏانهن نه ويندو. صوفي اهي آهن جيڪي انساني وصفن کان نڪري ويا پاڻ مان نڪري وڃي عشق اعظم جي درجي کي پهتا. جيڪي فقير لامڪاني ۽ عارف بالله آهن سي هونءِ ته ظاهري ڪم ڪار پيا ڪن پر جڏهن آئينه ۾ منهن وجهن ته الله پڌرتي پيا ڏسن، نه جبل آڏ ٿيئن نه آسمان.
عشق جو وڻ ذڪر سان سائو ٿيندو آهي جيڪو آخر ۾ من خدايم جو ميوه ڪندو آهي. نفس جي وڻ کي پائخاني جو پاڻي سائو ڪندو ۽ آخر پيشماني جو ڦر ٿيندو اٿس. جيڪو اهو ڦر کائيندو ان جي ڪفن کي لعنت جا ٽاڪا هڻندا، سچو طالب اهو آهي جنهن جا نفساني خيالات فنا ٿي وڃن. وڃي هڪ حقاني خيال بچيس ۽ان ذات جي سڪ رهيس. جيڪو فقير ڏهه ٻارهن سال پاڻ کي طواف ڪندوسو هن بوتي مان نڪري معراج ڪندو. جيئن حضرت رسول الله ﷺ ڪيو هو. جيڪوان ڳالهه کي ڪوڙو سمجهندو تنهن تي لعنت آهي.
زاهد عابد جي پهچ بهشت تائين سو به جيڪڏهن عبادت قبول پويس، بهشت روحاني چڪلو ۽ رنن جي رهڻ جي جاءِ آهي. مگر صوفي فقير جي پهچ لامڪان تائين آهي. جيڪو شخص الله ڏي به نه هلي ۽ نماز روزو به نه ڪري سو کلا کائيندو، عام مسلمان لاءِ نماز بچاءِ آهي، اها به بندگي آهي معراج جي رستي واري ڳالهه رندي آهي. نماز عام ماڻهن لاءِ آهي. جيڪو دل وجان سان پڙهندو ته ان کي بهشت ملندو نماز عام خلق تي خدا جو محصول رکيل آهي. جيئن شهزادا انگلينڊ مان سياست جو علم پڙهي حڪومت ڪن ائين دم جو ذڪر به بادشاهي جو علم آهي جيڪو دم جو ذڪر ڪمائيندو سو من خدايم وارو امتحان ڏيئي ٻنهي جهانن ۽ عرش عظيم جو مالڪ ٿي پوندو. صوفين جو علم به شاهزادن وارو علم آهي.
قناعت ڇا آهي، جيڪو ملي تنهن تي راضي رهڻ. وڌيڪ الله کان نه گهرڻ ۽ نه ملڻ تي رنج نه ٿيڻ فقير اهو آهي جنهن کي فائدو پويس ته خوش نه ٿئي ۽ نقصان پويس ته رنج نه ٿئي، هي الله جو ٿئي ته الله سڄو سارو هن جو ٿي پوندو.
سخاوت ڇا آهي. هي دم آدمي کي خزانو مليل آهي. جنهن پنهنجا دم عشق جي راهه ۾ ذڪر الاهيءَ سان خرچ ڪيا ته پوءِ انکي شاهي خزاني جي حڪومت ملندي. پاڻ ٻين کي به خزاني مان پيو ورهائي ڏيندو. شجاعت ۽ پهلواني اها آهي ته الله جي راهه ۾ سر جو به سانگ نه ڪرڻ نفس سان جنگ ڪرڻ شينهن مارڻ کان نفس مارڻ ۾ وڏي پهلواني آهي. فقير عارف جي ڪرامت اها آهي ته جنهن دل ۾ الله جو اير ڀير ئي نه هجي پوءِ اها دل الله الله ڪري ۽ جيئري ٿي پوي. مئو جيئرو ڪرڻ سولو ڪم آهي مگر مئل دل جيئري ڪرڻ ڏکي آهي.
نماز هڪ ڪڙئي مثل آهي جنهن جي پڇاڙي ۾ بهشت آهي. مگر نماز جي ڪڙئي کي اڳئي ماڻهو وهمن جا کنڊ وجهيو ٿا ڇڏين ان ڪري سندس ڇيڙو بهشت تائين پهچي ئي ڪونه ٿو. اڃا به واٽ تي سوراخ ۽ ڍورا اٿس. انهن سوراخن مان پاڻي ڀڄي ڍورا ٿو ڀري جيڪو نقصان آهي. نماز واري ماڻهن جو فصل سماءِ ۽ توجهه کانسواءِ تباهه ٿيو وڃي.
الله بهشت کان لکين ڪوهه پري آهي. الله وٽ صرف دم وارو درياهه موجون ڪندو وڃي ٿو. نمازي روزانه مسجد ۾ پنج آنا لاهيون اچن انهن ماڻ هڪ به ٻچو نه ٿو ڦٽي. سندن سڀ آنا ڪنا ٿي وڃن ٿا. ڪڪڙ به آري واري روزان جو ڍئو ڪري ڦوسان ڏيئي سڀ آنا ڪنا ڪيو ڇڏي، ائين نمازي به بيٺي کان پوءِ خيالات جون ڦوسون ڏيئي سڀ نمازون برباد ڪيو ڇڏين. ڪڏهن به نمازيءَ من خدايم جو نعرو نه هنيو هوندو.
طالب کي گهر جي ته مرشد کان ذڪر ورتي کان پوءِ رات جي ماني نه کائي، هجر توڙي وصال ۾ ائين ڪري. وصل ۾ پهتي کان پوءِ پاڻهيئي سندس کائڻ پيئڻ جهڪو ٿي ويندو. جڏهن به وارو مليس ته نفس سان تعدي ڪري. طالب کي سياري جو رات جي ماني کائڻ گهرجي ۽ اونهاري ۾ صرف اٺين پهر کائڻ کپيس. طالب کي اٺن پهرن مان صرف هڪ پهر ننڊ ڪرڻ گهرجي. ڏينهن جو به ننڊ نه ڪري جو رات واري اوجاڳي. جي ڪسر نفس ڪڍندس ۽ کڻي دسيندس. حديث پاڪ آهي ته النوم عليٰ محب الاحرام. يعني عاشقن لاءِ ننڊ ڪرڻ حرا م آهي. طالب کي لذات ۽ مذات کان پري رهڻ گهرجي. ڇو ته سٺن کاڌن کائڻ سان ذڪر جي غفلت ٿيندس. صوفي کي گهرجي ته جيڪڏهن مليس ته به نه کائي ۽ جي نه مليس ته شڪرانو ڪري. پنهنجي گهران به گهري نه کائي. طالب لاءِ مئي جي نيت جي ماني حرام آهي صوفي کي هندو جو طعام ۽ هٿ جي شيءَ وٺڻ حرام آهي. هندوءَ جو هٿ لڳو ڄڻ ٻليءَ وڃايو. صوفيءَ کي گهرجي ته ٻار واريءَ عورت واري رَکَ ۽ پرهيز ڪري. ڇو ته ٻار واري عورت ڍوء ڪري به نه کائيندي آهي. پاڻي به گهٽ پيئندي آهي. گوشت به نه کائيندي آهي اوجاڳو به ڪندي. هر وقت ٻار جي ڳڻتي هوندس.جيستائين سندس ٻار وڃي پنڌ ڪري پيءُ جي ڪڍَ لڳي صوفي کي به ايستائين پرهيز ڪرڻي آهي جيستائين پاڻ مان نڪري وڃي ذات سان ملي پوءِ کيس ڪو به خوف نه آهي. صوفي کي زنا جي سخت منع آهي، زنا جا ڪيترائي قسم آهن. اک جي زنا غلط ڏسڻ. ڪن جي زنا غلط ڳالهيون ٻڌڻ. زبان جي زنا غلط گفتگو ڪرڻ. چوٿين هٿن جي زنا غلط جسم تي هٿ لڳائڻ پير جي زنا، زنا جي طرف پنڌ ڪرڻ، ارادي جي زنا ۽ وڏي زنا جنهن طالب مرشد وٺڻ کانپوءِ زنا ڪئي ته تخت الثريٰ ۾ وڃي پوندو. نه مرشد نه رسول الله ﷺ شفا ڪندس. ڇو ته الله جي بي فرماني آهي. الله سر جو عيوض وٺندس. مرشد کان اڳ ڀلي هزارين اهڙا ڪم هجنس ته مرشد جي هٿ وٺڻ سان سندس گناهن جي سموري ڦرهي ڊهي صاف ٿي ويندي . پوءِ ڦرهيءَ کي ڪارو نه ڪري صوفي کي گهرجي ته ڪنهنجي به اوبر نه کائي توڙي هڪ مرشد جا طالب هجن ته به هڪ ٿانوَ ۾نه کائين. ڪافر جو هٿ لڳل يا عام ماڻهوءَ جو طعام نه کائي ڇو ته دل کي ڪارو ڪندو آهي ۽ دل اسم کان غافل ٿي ويندي آهي. مٽ جو پاڻي به طالب لاءِ حرام آهي. صوفيءَ کي اگر اوچتو پرائي حسين زال منهن پوي ته اتفاق آهي وري ڏٺائين ته اها اک جي زنا آهي ٻيو دفعو ڏسڻ شهوت جي راءِ سان ٿيندو. ان ڪري ٻئي دفعي ڏسڻ سان لعنت جو حقدارٿيندو. صوفي جيڪڏهن مريدن کي پرائي ٻڌل ڳالهه يعني ڪنهن عارف جي منزل جو بيان پنهنجي نالي ڪري ٻڌائيندو ته سندس هزار پيڙهيءَ تائين لعنت اٿس صوفيءَ کي گهرجي ته هو ذات حق جي سئين سڌي ڳالهه عام کي نه ٻڌائي صوفي عاشق کي آسمان ڪونه ڏسبا آهن. آسمانن مان سندس نظر ٻسٽ عرش عظيم کان پري ويندي جتي هو پاڻ کي ڏسندو. اتي سڀ سندس آستانا آهن سندس مرضي آهي هِتِ رهي يا هُتِ رهي ۽ گهمي. آسمان عابدن زاهدن جادوگرن فلاسافرن لاءِ آڙ آهن. ڇو ته آدمي به ان جا جزا آهن متان ڪنهن جي نظر نه پئجي وڃي.

عرش ۽ ڪرسي به ڪثرت آهن مگر اها ڪثرت بالا آهي. اهو ٻنهي جهانن جي حڪومت جي گادي جو هنڌ آهي. عاشقن جي حد عرش ڪرسي کان پري آهي. ان جو نالو نه وٺبو ڇو ته اهو فقير تي گناهه آهي.
صوفي کي جڏهن معراج ٿيندو ته پاڻ به نماز ڪو نه پڙهندو مگر ٻين جي نماز تي به کِلَ ايندس. ۽ چوندو ته کين خبر نه آهي ته نماز جو مالڪ ڪٿي آهي. جنهن کي الله سمجهي سجدو ٿا ڪن. صوفي جڏهن الله اثبات ڪيو ته ڪعبه تي اک نه ٻڏندس. ڪعبه وٽ ويندو ته به صرف ان لاءِ ويندو ته ڏسان ته ماڻهن جي سجدي جي جاءِ ڪهڙي آهي.
الله اسان کان گهڻو ئي لڪو پر لهي وڌوسينس. جيڪو ساري جهان کان لڪل هو اسان پڌر تي لڌس. جيئن ڪنهن ٻيلي ۾ شينهن هجي ان ٻيلي کي کڻي باهه ڏجي ته شينهن پڌر تي نڪري پوندو. تيئن اسان نفس واري ٻيلي کي کڻي باهه ڏني ته الله پڌر تي نڪري پيو. الله آسمان ڇڏي اچي آدم ۾ لڪو هو اسان کيس مسجدن ۾ ٻين پاڪ جاين تي ڳوليو پر ڪونه لڌو پوءِ مرشد الله جي هجڻ ۽ رهڻ جو ڏس هن بوتي ۾ ڏنو ۽ اسم اعظم جي سرچ لائيٽ هٿ ۾ ڏنائين ۽ بوتي جي باهه جو چيائين ائين ڪيو سون الله پڌر تي نڪري پيو .وفي انفسکم افلا تبصرون. پوءِ کڻِ دم جو پيرو کنيوسون ڏٺو سو ته دم به بي مثل آهي. الله به بي مثل آهي. ان ڪري جنس جنس سان لڀندي تنهن ڪري الله کي الله سان لڌوسين جنهن صوفي الله ڏٺو ته رسول خدا به روضي کان ٻاهر اچي ملندس.
عاشقن عارفن جيئري ئي نفس ۽ قبر کان آزادي ورتي ۽ اهي قبر جا قيدي ڪين آهن. صوفي جڏهن بوتي جي مڙهيءِ مان نڪتو ته پوءِ ڪٿي به ڪونه اڙيو. جيڪو جسم جو قيدي آهي سو هت به قيد هوندو. جيڪو صوفي به سڏائي ۽ حق جي طلب به ڪري ته عشق جي دفتر تان لوڌيل آهي. جنهن صوفيءَ نماز پڙهي سو عشق محبت جي مئخانه ۽ پير مغان ساقي حوض ڪوثر وٽان لوڌيل آهي، اهو نفس جو تابع آهي نفس عشق جو دشمن آهي.

بيت
گر نماز و روزہ ھی فرماید ۔ نفس مکار است مکر زاید
راست فرمودہ است آن رسول جواز ۔ ذرہءِ علقت بہ از صوم نماز

جيڪڏهن توکي نفس چوي ته نماز پڙهه ۽ روزا رک، نفس وڏو مڪريل آهي ۽ مڪر وڌائيندو آهي.
سچ فرمايو آهي رسول الله ﷺ ته تنهنجي عقل جو ذروروزي نماز کان بهتر آهي
ڏسو ته حضرت رسول الله ﷺ يتيم هو. هجرت ڪري قريشن جي ڀَوَ کان مڪي مان مديني ۾ وڃي رهيو . پوءِ ڏسو ته عشق شهنشاهه کين ڪيڏو سرفراز ڪيو جو ساري ڪائنات ۾ محمدي نغارو وڄي ٿو، نماز ته سوا لک انبياءَ ڍئو ڪيو. ڪو به معراج تي نه پهتو. پوءِ ذات ذوالجلال حضرت رسول خدا ﷺ کي فَاَوحیٰ اِلیٰ عَبدہ مَا اَوحیٰ ۽ وَذکُرُ رَبَک فی نَفْسِکَ جو رستو ڏسيو.ان رستي سان هلي رسول اللهﷺ معراج ڪيو ۽ عرش اعظم جا مالڪ ٿيا. طالب کي عشق جي باهه ۾ دم جودود دکائڻ گهرجي، جتي عشق جي باهه ٻرندي آهي اتي غير سڀ سڙي ويندو آهي. هن دنيا کان هٿرادو چريائپ به چڱي آهي. هٿرادو چريا ٿي دنيا مان جند ڇڏايو ۽ خدا ڏي رجوع ڪريو.عشق جي شراب سان ٻيئي جهان زنده آهن. سڀڪنهن ساهواري ۾ عشق جو شراب آهي. اسان کي نه دين نه ايمان نه دنيانه عقبيٰ گهرجي اسان کي فقط عشق جي محبت گهرجي. قبر ۾ به اهو گهرنداسون.اوهان کي زالون ۽ پٽ الله کان گمراهه ڪندا. ڇو ته اهي جنجل آهن. الله اهڙي کٽل آسامي نه آهي جو جيڪو ان جو ٿيندو ان کي روزي نه ڏيندو. جنهن کي الله جي محبت نه آهي سو مئل آهي. طالب جيستائين دم اسم سان آهي تيستائين عاشق آهي.جڏهن بوتي مان نڪتو ته پوءِ الله جو معشوق ٿيو. جسم درياه اعظم جي جهڳ آهي. جڏهن جهڳي ختم ٿي ته نجو درياه ڏسڻ ۾ ايندو. دل ذات حق جي رهڻ جي جاءِ آهي نيڪي بدي سڀ تو وٽان ٿيندي. رحمان رحيم ۽ قهار به تون ئي آهين. جي الله ڏي هلئين ته نفس پنهنجي تي حم ڪيئه جي نه هلئين ته نفس تي قهر ڪيئه موچڙن جا ڦهڪا هوندءِ ۽ دوزخ جو عذاب ٿيندءِ جي تون پاڻ سڃاڻين ته لوح محفوظ قلم عرش ڪرسي به تون ئي آهين جيڪڏهن الله ڏسڻ جي محبت اٿيئي ته هر هڪ دم سان الله جو ذڪر ڪر. جيڪڏهن تون خواب ۾ پاڻ کي پناگر ڏسين ۽ جاڳين ته ساڳيو ئي حاڪم هجين. خواب آهي دنيا جي حياتي جنهن ۾ تون ٻانهو ٿيو ٿو وتين جي جاڳين ته تون ساڳيو ئي سر آهين. جاڳڻ آهي جسم مان نڪرڻ، اسم اعظم جي وسيلي جسم مان نڪرڻ عرش عظيم جو معراج ڪرڻ. عارف جي دل الله جو عام جي دل شيطان جو آئينو آهي، لعل ۽ موتي ته شاهوڪارن وٽ لڀندا آهن مگر هيرو ڪنهن ڪنهن بادشاهه وٽ لڀندو آهي. الله جو عشق به هيرو آهي، سڀ ڪنهن وٽ نه لڀندو. موليٰ جو عشق به هيري وانگر قاتل آهين جنهن وٽ هوندو ته سندس نفس کي ماري ختم ڪندس ذات حق جي ڏسڻ جي خواهش اٿيئي ته دل کي اسم اعظم جو تخت ڪر ته الله ڏسندين نه ته جواب اٿيئي، جيستائين نفس کي نه ڪهندين تيستائين حق جي طرف پرواز ڪري نه سگهندين نفس ٻلي وانگر تاڙ ۾ آهي جيئن ڪنهن پکيءَ منهن هيٺ ڪندو ته جهٽ ڏيئي جهپي کڻي ويندس . تون به پرواز ڪري نفس کان جان بچائي هليو وڃ جيئن اڏري ويل پکي به بچي ويندا آهن. نت نفس گهلي وڃي پنهنجي ڏر” دوزخ“ ۾وجهندو ۽ جيڪي اسم اعظم سان هليا سي ٻلي نفس کان بچي ويا. مگر غافل مارجي ويا. هي جسم الله جي اڳيان ڀت آهي. جنهن اسم اعظم جي ڌڪن سان اها ڀت ڀڳي ته پوءِ اهو نسوروو نور مگر ساڳي ذات ٿي پيو.
فقير عارف جي کائڻ پيئڻ ڏي نه ڏسو هن جهان ۾ ٿورو گهڻو کاڌو پيتو ته حضرت رسول الله ﷺ ۽ حضرت پير موليٰ علي عليه السلام به هو حرم پاڪ به هئن ۽ اولاد به ٿيو هون، مگر ان هوندي به مڪمل ذات هئا.
اهو وڏو شهنشاهه چمڙا پوش ڪري پاڻ تي احمد ۽ علي نالا رکائي آيو هو. فقير عارف به ائين آهن. جو ڳي جي منڊ پڙهڻ سان جوڳي بنجي ٿاپون.ايسر مهاديو جي منتر ۾ به اثر هو باقي رسول الله ﷺ جي ٻڌايل سبق يعني اسم اعظم ۾ ايتري طاقت يا اثر ناهي ڇا ؟ جو ساڳيو ٿي پون، ماستر مان ماستر ٿيو پون باقي الله جي اسم اعظم مان الله نه ٿو ٿي سگهي. ڇو نه ٿيندو پر جهدِ جفائون ۽ ڪوشش ڪرڻ سان ٿيندو.
هي اوهان جو جسم الله جي آڏو جبل وانگر آڏ آهي. اهو جبل فرهاد وانگر لاجي ترار سان ڀڃ ته الله پڌر تي ڏسين. الله کي خلق کان ڪو خوف ڪونهي. جو لڪل آهي مگر اوهان کيس ڏسي نٿا سگهو.
سمنڊ مان ڪو هيڙونڪرندو آهي سو سج کي به ڍڪي ۽ لڪائي ڇڏيندو آهي، اوهان جو جسم به مٽيءَ جو ٿيلهو آهي پوءِ ڪيئن نه الله جي آڏو ٿيندو. ڇا هن جسم جي ڪوٽ ۾ سج نه آهي. باقي هي ڏسي، ٻڌي ۽ ڳالهائي ڪير ٿو.
جيڪو طالب ذڪر سان صبر نه ٿو ڪري تنهن کي ديدار نه ٿيندو اهڙو بي صبر مرڻ بعد قالو يا ويلنا جو دانهون ڪندو. ذڪر سان صبر ڪرڻ فرض آهي. مگر وصل کانپوءِ بي صبري ٿيندي آهي. جو ذڪر يا عبادت اٿس ئي ڪانه ان کان پوءِ فقير جي عبادت توحيد جي گفتار آهي. جنهن هِتِ رسول الله ﷺ نه ڏٺو پوءِ قيامت ۾ ته سڀئي شان شوڪت سان بيٺا هوندا. ڏٺل هوندس ته سڃاڻيندو. ڏٺل کي ڏٺل جو ننگ به پوندو اڻ ڏٺل ڪهڙي منٿ مڃيندو. حضرت رسول الله ﷺ پاڻ نعرو هڻندو آهي.
مَن راٰنی فَقَدَ راءَ الحقُ
يعني جنهن مون کي ڏٺو تنهن الله کي ڏٺو
ائين رسول خدا کي ابو جهل، ابو لهب، سفيان به ڏٺو هو. سڀني ته الله ڪو نه ڏٺو هو، جنهن جو ساڻن جنگيون پي ڪيائون اهو ڏسڻ ٻيو ٿيندو آهي.
اڄ ڪلهه گهڻا ماڻهو فقيري جو دم هڻن ٿا. طالب ۽ مريد به ڪن ٿا. رسول الله جو فرمان آهي ته جنهن مون کي ڏٺو سو ڪافر ٿيو .مَن رَاني فَقد کَفَرَ. يعني جيڪو اها حديث سمجهندو ۽ اتي پهتل هوندو ان کي طالبن ڪرڻ جو حق آهي. جنهن کي ان حديث جي خبر نه آهي ان کي ڪو حق نه آهي ۽ رهندو گنگڙ ڪنڌ ۾ اٿس. خود ئي موچڙا کائيندو. ٻين کي ڪيئن ڇڏائيندو.
ٻي سڀ شيءِ پاڻي سان ڌوپي ٿي مگر دل ڇاسان ڌوپندي آهي. جيئن مسلمانن تي قرباني ڏيڻ فرض آهي تيئن عشق جي راهه ۾ به قرباني ڏيڻ فرض آهي هي ڍڳو ساري عمر چنو آهي. مکڻ ماکيون ۽ الله جو ڪافي نعمتون کاڌيون اٿس ان کي مرشد اڳيان پير مولا علي جي اڳيان قربان ڪر.

بيت
گاؤ وتن قربانئی شیر خداست، گرترابا اوسر صدق وصفا است
هي ڍڳو جسم مولا علي جي اڳيان قربان ڪر، جيڪڏهن ان سان سچائي ۽ صفائي اٿئي
هي ڳالهه اسان اکين ڏٺي ٿا ڪريون اگر اسان پڙهيل يا ٻڌل ڳالهه ڪريون ته اسان تي خداءِ رسول ۽ ملائڪن جي لعنت هجي. اها راز الاهي جي اکئين ڏٺي ڳالهه آهي.
نفس عزرائيل جو همصلاح آهي. عزرائيل نفس کي چيو آهي ته تون انهن کي وڃي رجهاءِ . نه ته اهي نه توکي وٺ ڏيندا نه مون کي . هي وجود نَونِ آسمانن جي تصوير آهي ۽ زمين جو نقش آهي. نوَ پاسريون نون آسمانن مثال آهن. ستين پاسري ملڪوت مثل آهي ۽ اٺين پاسري جبروت مثل آهي ۽ نائين عرش عظيم مثل آهي.
جيڪو طالب ذڪر ۾ غرق ٿيندو سو رڳو ذڪر ٿي ويندو. جيڪڏهن دم قضا نه ڪندو ته هر هڪ سال ۾ هڪ هڪ پاسري مان روح نيڪال ٿيندو رهندو. مگر طالب جي نڪرڻ جو مدار حق جي مرضي تي آهي. ڪن کي نون سالن ۾ ته ڪن کي ڏهن ٻارهن يا پدرهن سالن ۾ پرواز ڪرائي. طالب جڏهن جسم مان نڪتو ته پلڪ ۾ پهچندو هي دم جو شينهن خاڪي پڃري ۾ واڙيل آهي. نوَ آسمان سندس ٻيلو آهن. معرفت سندس ملڪ آهي. آدمي جو معدو زمين مثل آهي. خاڪي بوتو نفس جو حصو آهي، نفس زمين جو رهاڪو آهي. نفس واڳون مثل زمين ۾ چنبا کوڙيون ويٺو آهي. روح کي نڪرڻ نٿو ڏئي. روح جي نڪرڻ جو علاج اسم اعظم وسيلي ٿيندو. دم دم سان اسم اعظم جو بندوقون هڻبيس تڏهن روح جون واڳون نفس مان جان ڇڏائيندو. جسم مان نڪرڻ وقت مٿي تي لت رکندو. پوءِ وک وک سان هر هڪ آسمان ٽپندو ويندو. شروع جو وڃڻ ائين ٿيندس پوءِ اک ڇنڀ ۾ ايندو ويندو رهندو، عروج ۽ نزول ان کي چئبو آهي.
هر هڪ آدمي جا پير معدي ۾ کتل آهن. معدو روح کي قابو ڪيون ويٺو آهي. کيس سير ڪرڻ نٿو ڏئي. ان معدي روح کي حرص. ننڊ ۽ شهوت جا ڏاوڻ وڌا آهن، جنهن ڪري سير نٿو ڪري سگهي، انهن ڏاوڻن ڪپڻ جو اسم اعظم بهترين علاج آهي. جيڪو دم ڪمائيندو ته ان جا ڏاوڻ ڪپبا نه ته نه ڪپبا. چئن جهڙا ڄنگهن ۾ نيئر ٻه سنگهران چيلهه ۾ ۽ پيرن ۾ ڪڙيون پيل هونديس. رڪوع جي حالت ۾ بيٺو هوندو واجهائڻ جي اجازت به نه هوندس، ان ڳالهه جو قرآن ڪريم شاهد آهي. اِنّا جَعلْنَا فیِ اعْنَا قِھِمْ اغْلاٰ لا فَھیَ اَلی الاَذْقانِ فَھُمّ مُقْمَحُون.يعني بيشڪ اسان سندس ڳچين ۾ ڳٽ وڌا پوءِ اهي کاڏين تائين پيل اٿن. جنهن ڪري ڳاٽي ڀر ٽنگيل آهن. هيءَ ڳالهه به اکئين ڏٺي ٿا ڪريون. ڪوڙي کي لعت الله آهي.
عاقل ۽ داناءَ اهو آهي جيڪو پاڻ سڃاڻي. جسم مان نڪري معراج ڪري. داناءَ جو مئي جيئري اهو سير آهي نادان اهو آهي جنهن پاڻ ۾ الله کي گم ڪيو، ان جهڙو ٻيو ڪير به نادان ڪونهي. جيڪو عيش عشرتن ۾ رهي سو احمق آهي. اهو الله کان غافل هوندو. ماڻهو مسلمان ٿا سڏائن مگر سچو مسلمان اهو آهي جيڪو رسول الله ﷺ جي هٿان ڪلمون پڙهي. رسول اللهﷺ جيئرو آهي. ماڻهو مائٽن هٿان ڪلمون سکيا سي مري ويا، جيئرا به ڄڻ مئل آهن. رسول خدا ﷺ هٿان ڪلمون پڙهن ها ته مرن ئي ڪونه ها.
جنهن عارف جي منزل فنا في الشيخ ۽ فنا في الرسول آهي اهو شخص به رسول خدا آهي.اهڙي مرد مرشد هٿان ڪلمون پڙهن رسول الله ﷺ وٽان ڪلمون پڙهن مثل آهي هتي ڳوٺ ۾ ڪوٽومل هندو هو جيڪو ڪلمون به پڙهندو هو. مگر جڻيو به ٻڌل هوس ڪافر هو. جيڪي زباني ڪلمون پڙهن ٿا تن کي به جڻيو ٻڌل آهي. مگر اسم اعظم وسيلي ملڪوت ۾ اهو جڻيو ڇڄندو آهي. تڏهن ماڻهو مسلمان ٿيندو آهي. عام مسلمان جو قبرون به مئل آهن ڇا ڪاڻ ته انهن جڻيو ڪونه ڇنو. نفس ڪافر جي محبت ۾ ڪافر ٿي مري ويا. ڪافر جي قبر مئل هوندي آهي. مسلمان به ان کي چئجي جنهن جي قبر جيئري هجي.
بي فرمان شهوت زمين ۽ جهنم جو ڀاڱو آهي. فرمان واري شهوت ٻج آهي. شهوت نار به آهي ته نور به آهي.هدايت آهي ته گمراهي به آهي. سڀ وصفون شهوت ۾ آهن جنهن کي جيڪو ڀاڱو مليو سو کڻي ٿو. هي بوتو به نانگ جي کل وانگر آهي. نانگ به کل لاهيون گهمندو وتي. عارف به بوتو لاهي ڇڏين ۽ پوءِ معرفت ۽ معراج جو سير ڪندا وتن.
جنهن دل کي دنيا جي طلب آهي ۽ الله وسريل اٿس اها بيمار آهي، عارفن وٽ دلين جو علاج آهي. جنهن سان تندرست ٿيو پون. عارفن دلين جي ڪارنهن جي علاج جو نسخو عرش عظيم مان وتو آهي. جيڪو صدق دل سان وٽن ايندو ته ان جي دل جي ڪارنهن لاهي ڇڏيندا. غافلن جي دلين تي حرص هوس جو دونهون چڙهيل آهي جنهن ڪري ڪاريون اٿن، اهي انڌا ٻوڙا ۽ گونگا آهن. جيئن قبضي سان گئس دماغ تي چڙهي ماڻهوءَ کي سودائي ڪري ڇڏي ٿي. ائين آدمي جي معدي مان دونهون هوسان ٿيون پيدا ڪن ۽ پوءِ شهوت اڀري ٿي. جنهن سان قلب ڪارو ٿيو پوي. پوءِ اهو انڌو ٻوڙو گونگو آهي، جنهن ڪري چرين وانگر ڪنهنجي به هدايت نٿو ٻڌي. آسمان مان الهام به نه ٻڌي سگهي ۽ الله ظاهر پڌر تي آهي اهو به ڏسي نه سگهي.
سچ ۽ ڪوڙ ڇا آهي. سچ الله جو يادگيرو آهي. ڪوڙ دنيا ۽ غفلت آهي. جنهن الله جو يادگيرو وساريو سو ڪوڙي دنيا جي منهن پيو. حضرت موسيٰ وارو نيل درياهه هِتِ آهي. روح موسي اهي ۽ نفس فرعون آهي. جيڪو موسيٰ يعني روح جي تابع ٿيو اهو ذڪر ڪمائيندو ان کي هي دنيا جو جهان آساني سان اڪري وڃڻ ڏيندو. مگر جيڪو نفس فرعون جو تابع آهي اهو گمراهه آهي. ان لاءِ پاڻي رت جهڙو ٿي پوندو ۽ کيس ٻوڙي ماريندو.
ماڻهن جي دعا ۽ پٽ درگاه الاهي ۾ ڇو نه ٿي قبول پوي. ماڻهو انڌا ٻوڙا ۽ گونگا آهن تڏهن سندن ڪا به شيءَ الله وٽ پهچي ئي ڪانه ٿي. سر لاهي ڏين ته هڪدم دعا ۽ پِٽَ اگهامين .دم جو رستو لٽڪندڙ رسو عروت الوتقيٰ آهي . دم جو ذڪر عرش عظيم تي پهچائيندو آهي دنيا کوهه مثل آهي. جنهن اهو رستو نه ورتو سو ٻڏي مري ويندو ۽ غرق ٿي ويندو. جيڪو فقير ماڻهن جي ٽوڪن کان ڊڄندو هو الله وٽ قبول ناهي. جيڪڏهن اوهان کي ڏوهاري ۽ دوزخي ڏسڻو هجي ته وڏيري وٽ وڃي ڏسو ته الله جي گفتار جو نالو ئي نه هوندو جيڪڏهن دوزخ ۾ وڃڻ جو خيال هجي ته انهن جي ڪچهري ۾وڃي ويهو. وکَذٰالِکَ جَعَلْنَا فِی کُلِ قَرْیَتہِِ اکٰبِرَ مُجْرِمِیھٰا لِیَمکَرُو فِیھَا لِانْفُسِھمْ وَمَا یَشْعُرُونَ. يعني اهڙي طرح اسان سڀني ڳوٺن ۾ وڏيرا ٺاهيا آهن جيڪي جرم ڪندڙ آهن ۽ سندن ٺڳي پاڻ سان آهي. مگر کين سمجهه ڪين آهي. واصل با الله صوفي جو سينو عرش عظيم ۽ توحيد جي شرح ۽ معنيٰ آهي. هن کان عرش فرش تائين هڪ وار به ڳجهو ڪو نه هوندو عارف وجد وقت ذات حق پاڪ جي روبرو ٿين ٿا. جيئن هرڻ شينهن جي اڳيان بيهوش هوندو آهي، تيئن فقير به توحيد جي گفتار ۽ ڪلام سان وجد حال ۾ اچن ٿا ۽ بيهوش ٿين ٿا. ان ڳالهه جو به قرآن شاهد آهي، اِنَّمَا الْلمُومِنُوْنَ اِذا ذُکِر اللّٰہُ وَ جلَتْ قُلوبُھُمْ وَزادَتْھُمْ اِیماناَ بيشڪ مومن اهي آهن. جو جڏهن خدا ياد اچين ته سندن دلين ۾ لرزش پيدا ٿي ٿئي عارف ڪامل جو نيشان به اهو آهي ته توحيد جي ڪلام ۽ سرور ٻڌڻ سان سندس جسم ۾ لرزش پيدا ٿيندي. مگر لرزش نه پويس ۽ ماڻهن سان ويٺو ڳالهائي ته اهو انڌو ۽ بي حاصل چئبو. توحيدي ڪلام ۽ غزل عرش عظيم جا پيغام آهن. اهو فقير عارفن ۽ منصورن جي زبان مان الله پاڻ ڳالهايو آهي. هر ڪنهن سان الله سندس ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو آهي. حضرت سرور ڪائنات ﷺ سان عربيءَ ۾ ڳالهايو. حضرت موسيٰ سان عبراني، عطار سان فارسيءَ ۾، جلال الدين روميءَ سان پهلوي ۾، ڀٽائي سان سنڌيءَ ۾ سچل سرمست سان به سنڌيءَ ۾ ڳالهايائين. الله هر هڪ ٻولي ڄاڻيندو آهي. جيڪوالله کان غافل ۽ مال سان محبت رکندو ته مئي کانپوءِ به مال ڪڍ لڳو وتندس جند ئي ڪونه ڇڏيندس.
جيڪو راز جو مسئلو نه سمجهه ۾ اچيوَ ته عارفن کان پڇو جيڪي اوهان کي سمجهائيندا ڇو ته لدني علم کان عارف واقف آهن ملان قاضي غير واقف ۽ انڌا آهن. اهڙن عارفن لاءِ قرآن فرمائي ٿو ته فَاسئَلُو اَھلَ الذِکِر اِنْ کُنْتُمْ تَعْلَمُون.يعني اهل ذڪر وارن کان پڇو جيڪي اوهان نه ڄاڻندو هجو
غافل جي هر گز تعبيداري نه ڪريو جيڪڏهن ڪندوء ته جهنم جي باهه ڏانهن وٺي ويندوَ. دنيا وارن جي ڪچهري ۾ نه ويندا ڪريو ڇو ته اتي خدا جو ذڪرنه آهي. جي ويوء ته ڄڻ بت کي سجدو ڏنوَ. ان جي آخري منزل مَسَڻ ۾ ٿيندي وڏيرن وٽ وڃڻ ۽ ويهڻ جو اهو درجو آهي. جنهن ماڻهوءَ کي اها خبر نه آهي ته مان ڪاٿان آيو آهيان ڇا لاءِ آيو آهيان ۽ ڪاڏي وڃڻو آهيان ته ان جو حال ائين آهي جيئن اوڏ گڏهن کي چرڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏيندا آهن ۽ هو ڍيرن تان گند گاهه کائي گڏهين جي پويان هينگندا وتن. دنيا جا ماڻهو گڏهه آهن جيڪي مادين گڏهين جي مُٽَ تي منهن رکيون سگهندا وتن هينگون ڪري پاڻ به اتي مُٽي ڏين.
هيءَ عشق جي گفتار عطر ۽ عنبر آهي ان کي دنيا جا گڏهه ڪيئن پسند ڪندا. جيڪي مُٽَ حيران آهن. انهن کي اهن گفتار مان ڪهڙو فيض پوندو. عرش عظيم جي عطر جي کين ڪهڙي خوشبوءِ ايندي. هن ڪتي نفس کان اسم اعظم جي سنگهر نڪتي ته ڪونه ڪوزيان ڪري وجهندو. تنهن ڪري کيس مظبوط هٿ وجهجن
عشق شهنشاهه جو فرمان آهي ته جيڪو اسان جو ديدار گهري ته دم قضا نه ڪري ۽ سر جو سانگ به نه ڪري دم قضا ڪرڻ محبوب جي ديدار نه ٿيڻ جي نيشاني آهي.
جيڪوموتين جي ڳولا ۾ سمنڊ ۾ گهرندو ته کيس واڳن ۽ مانگر مڇ جو خوف نه ٿيندو. سر تان هٿ کڻندو ته موتي هٿ ڪندو. مگر جيڪو سر جو سانگ ڪري ڪناري تي بيهي رهندو سوموتي ڪيئن هٿ ڪندو.
عاشق اهوآهي جيڪو دنيا عقبيٰ تان هٿ کڻندو اهو ديدار الاهي به ڪندو. درد حال ۽ اسم اعظم سان نفس جي هستي جي پاڙ پٽيو. عشق جي بدنامي کڻو.نيڪامي ڇاڪندوء منصوري حال عشق مان پيدا ٿيندو جيستائين سر نه ڏيندين ته الله جي ديدار کان جواب اٿيئي.
صوفي جڏهن عشق جي ساقيءَ وٽان جام پيئندو آهي ته ڪڏهن شمس الحق تبريزي ٿي پوندو ته ڪڏهن جلال الدين رومي ته ڪڏهن شاهه منصور ٿي انا الحق جا نعرا هڻندو. دل جي شيشي کي ذِڪرَ جو صيقل نه هڻندين ته عين اليقين ۽ حق اليقين نه ٿيندين، اسم اعظم ۾ گم نه ٿيندين ته جسم جو قيدي آهين.
ساري خدائي کي نفس جو جڻيو ٻڌل آهي. حقيقي مسلمان نه آهن.حقيقي مسلمان جي بانگ من خدايم جي بانگ آهي.الله جڏهن منهن ڏيکاريندو آهي ته ڪافر کي مسلمان ڪندو آهي ۽ مسلمان کي جڻيو ٻڌرائي ڪفر جا ڪلمان چورائيندو آهي.
هڪ دفعو ذات حق اسان کي ٻڌايو ته مونکي ڪنهن به قسم جو حجاب ڪونهي نه اوٽ آهي نه پردو. ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پاڻ اوٽ ٿيا بيٺا آهن. پاڻ هان نڪري پون ته رڳو مان هجان، مگر غافل مون کي گم ڪيون پاڻ کي ظاهر ڪيون بيٺا آهن. دنيا جا جڏهن تعلقات ٽوڙيندا ته عشق جي باهه ٻانهپ جي گهر کي ساڙي ڇڏيندي ۽ پوءِ الله پڌر تي ڏسندين.
روئڻ جو وڏو درجو آهي ذات حق جي سڪ ۾ روئڻ اصل به آدم عليه السلام سيلون جي ٻيٽ تي رنو هو. سندس روئڻ جي پاڻي سان سائو گاهه ڄمي مٿان وري ويو هوس. آخر روئڻ قبول پيس. نبوت مليس. ذڪر ڪمائڻ سان سڪ ۽ درد پيدا ٿيندو آهي. درد سان روئڻ ايندو آهي. روئڻ سان سڀ گناهه معاف ٿيندا آهن. روئڻ سان قلب جي ڪارنهن به صاف ٿيندي آهي.
گهڻي کائڻ واري کي خودي پيدا ٿيندي آهي. عيش عشرت سبب کلندو آهي. ان کي ذات حق اهڙي بيماري ڏيندو جو دوا ئي نه لڳندس. هڪ دفعي ذات حق مون کي ٻڌايو ته مان ماڻهن کي سڏيندو ٿورهان ۽ ڏسندو ٿو رهان ته ڪڏهن ٿا مون ڏي اچن مگر هو ته مون کي پٺي ڏيون پنهجن ڪمن سان ٿا گهمن. ذات حق ٻڌايو ته مان ته هڪ پلڪ به پري ناهيان ته به ماڻهو مون کان جدا گهمندا ٿا وتن.
سر کي ذات حق اڳيان نذرانو رکو ۽ عشق الاهي خريد ڪريو اهو سهانگو سودو اٿو. ان کان وڌيڪ نفعو نه ملندوَ. هي جسم بيڪار اٿوَ. جنهن کي موت جو صوبيدار عزرائيل گهٽي ماريندو ۽ پوءِ ڇو نه ان کان اڳ ۾ خوشيءَ سان ذات حق اڳيان کيس قربان ڪريو. دنيا ڌوڪو آهي. دنيا دار واريءَ مان تيل ڪڍڻ جي آسري تي محنتون ٿا ڪن. پاڻيءَ مان مکڻ ڪڍڻ جي اميد اٿن. مگر دنيا مان ڪنهن کي به ڪجهه حاصل ئي نه ٿيو آهي. الله جي عشق محبت کان سواءِ عمر اجائي آهي.
دنيا دارن جو اصول آهي ته دنيا دار کي عزت ڏيندا آهن پوءِ چاهي هو هندو هجي. مگر عارفن کي حقارت سان ڏسندا آهن. عام ماڻهن ۽ ملن جو الله تعريف تي خوش ٿئي مينهن وسائي مگر فقيرن جو الله بي پرواهه آهي. هزار انتظاريون ڪريونس. ته به واجهائي به ڪين. اسان جي الله جي تعريف رسول به لڪائي ڪئي آهي. اسان سڃاڻي وڌس. اتي وڃي لڌوسونس. جتي رسول الله ﷺ ويو هو نه ته ڪونه سڃاپي ها. ان ڪري ڳوٺ وياسونس. اتي چيائين: اَنَا اَنْتَ فَاَیَنَ اَنْتَ ،اَنا اَنْتَ فَاَنْتَ اَنیِ يعني هم تم هويا تم هم هويا مان تون آهيان تون آءُ آهين.

بيت
من تو شدم من شدي من تن شدم جان شدي.
تاکس نه گويد بعد زين تو ديگري من ديگر م،
مان تون ٿيس تون مان ٿئين، مان جسم ٿيس تون جان ٿي پئين
پوءِ ڪير به ائين نه چوندو ته تون ٻيو آهين ۽ مان ٻيو آهيان.

الله ان کي وٺ ڏيندو جيڪو سندس ابتو پير کڻندو. الله ساري دنيا کان لڪل هو اسان ابتو پير کڻي وڃي گهر قابو ڪيوسون. گهر کي ڪڙو ڏسي پاڻهيئي ڀڄندو آيو اسان گهوڙي تي چڙهي جنگي فوج ساڻ ڪري نيٺ وڃي الله جو قلعو فتح ڪيوسون.
اسان کي اسم اعظم جي اهڙي ته طاقت هئي جو هي ته هڪ الله هو جي ويهه الله هجن ها ته به لهي وجهون ها، هاڻي جيڪو به اسان وٽ ايندو ته انکي ابتو پير کڻائينداسون.
نفس جو کاڌو مردار آهي. ملن کي ختما ڦٻيا، ڍَوَ ڪيائون. ان ڪري بي حاصل رهي مري ويا. فقير عارف موتو قبل انت موتو مري جيئرا ٿي پيا.
سوليءَ جو ذوق عارفن ماڻيو ملا سڃا ۽ سکڻا. عاشق هزارين مئل دليون جيئريون ڪن. ڪيترن کي فيضياب ڪن.
فقير عاشق هتئون وڃن ته شراب جا مَٽَ پيئون ٻي ٽي بيخوديءَ جا غزل ٻڌيون بوتي کي ٿڪ هنيون هليا وڃن. فقيرن کي ذات حق پاڻ وٺي ويندو آهي. جنهن کان جان ورتي هئائون ڏيندا به ان کي آهن، دنيا دارن ۽ غافلن لاءِ عزرائيل صوبيدار رکيو آهي. پگهار تي بيٺل آهي جيڪو دنيا دارن کي سڪرات جي سختيءَ ۽ بي عزتيءَ سان وٺي ويندو آهي. عشق جو رشتو ۽ دوستي ڪفر سان آهي. مسلمانيءَ مان جيڪو ڪافر ٿيندو سو ضرور وڏيءَ لالچ يا نعام تي ٿيندو. فقير عارف دين اسلام کي پراڻي پهراڻ وانگر لاهي کڻي اڇلن. سوبه ڪنهن وڏي دلاسي تي.
مسلمان لک درود صلواتون پڙهن ته به عشق واجهائين به ڪون فقيرن کي اٽڪل آهي جو رڳو سڏ ڪنس ته عرش کان اک ڇنڀ ۾ اچي حاضر ٿئي.
جڏهن اسان کان عشق، دين ڦٽو ڪرايو ته هوڪو ڏنوسون ته دين ۽ مسلماني هڪ پائيءَ تي ٿا وڪڻون هجي ڪو وٺڻ وارو. ڪنهن به نه ورتو. ملن وٽ اڳيئي موجود هو. اهي نه پيا وٺن. حضرت خواجه خضر معرفت وارو هو تڏهن ته موسيٰ نبيءَ جو عقل سندس اڳيان حيران ٿي پيو. هي دنيادار جيڪي پاڻ کي ديندار ٿا سمجهن تن کي رسمي دين جي به پوري خبر نه آهي. تن کي الله ۽ لدني علم جي ڪهڙي خبر.
الله قيامت جي رکت ڪونه ٿو ڪري جان دم نڪتس ته الله جو صوبيدار هٿ ڪڙي هڻي کيس قسيم النار والجنته ڏانهن وٺي ويندس. پوءِ هن کي طومار يعني اعمالنومون ملندو. پاڻ پڙهندو. جنهن ۾ ڳاڙها اکر نيڪيءَ جا ڪارا اکر بديءَ جا لکيل هوندا، جي ڪارا اکر گهڻا هوندس ته بهشت دوزخ ورهائڻ وارو حڪم ڪندو ته هن کي دوزخ ۾ ڌڪو ڏيوس. پوءِ پوليس وار پڪڙي وڃي دوزخ ۾ اڇليندس ۽ جي ڳاڙها اکر گهڻا هوندس ته بهشت ملندس.
مگر فقير عارف شهباز آهن هڪ وڻ تان اڏري ٻئي وڻ تي وڃي ويهندا آهن. عامن جو موت سڪرات جي سختيءَ بعد گرفتار ٿي ويندا آهن. عامن ۽ خاصن جو کائڻ پيئڻ ۽ روئڻ هڪجهڙو آهي مگر ٻنهي جي موت ۾ فرق آهي.
عشق هماءُ آهي جنهن ان ۾ فناءِ کاڌي سو به هماءُ ٿي پوندو. ٻيو به جيڪو عاشق جي پاڇي ۾ ايندو سو به هماءُ ٿي پوندو. فقير محبوب وٽ ويا ان ڪري کين شهباز ۽ هماءُ لقب ملين. الله اسان سان ائين گڏ آهي جيئن ماڻهوءَ سان پاڇو گڏ هوندو آهي. الله اسان کي عرش کان تحت الثريٰ تائين پنهنجي سموري حڪومت جو سير ڪرايو آهي. اسان جتي وياسين. اتي نه ڪفر نه اسلام نه دين نه ايمان نه سجدو نه سلام نه جماعت نه پيش امام هو. عشق اسان کي آسمانن جا رستا ڏيکاريا. مدينه ۽ مڪه ته هتئون ٿا ڏسون.
الله کان جيڪي غافل آهن. سي ڪئن وانگر آهن زمين ۾ ٻر کڻي ان ۽ گاهه ان ۾ گڏ ڪري ٿا رکن. هنن لاءِ عزرائيل ٻلو آهي، جيڪو کين ٻر مان منهن ڪڍڻ سان چڪ ۾ کنيون وڃين. جيڪو صفاتي بوتي ۾ غرق هوندو سو تيستائين الله کان بيگانو هوندو. مگر جڏهن ان مان نڪري پاڻ ٿي پيو سو ذات ٿي پيو پوءِ قدرت هن جي هٿ ۾ آهي، عاشق جڏهن ذات ۾ گم ٿيا سي صفات کي ڇا ڪندا. حضرت موسيٰ سان الله وڻ مان به ڳالهايو هو مگرانسان جيڪو ڪيئي سال دل ۾ ذڪر ٿو ڪمائي پوءِ اتان نه ڳالهائي سگهندو؟
غافلن کي جڏهن ٻلي عزرائيل جي خبرپوندي آهي ته سڪي ويندي اٿن. اکيون گهر جي ڇت ۾هڻي ڪوئي وانگر ڪرنڊڙا ٿي ويندا آهن. پوءِ پاڻ ڏيکاري ساهه ڪڍيون هليو ويندو اٿن. سڀ ڪنهن انسان جي وجود ۾ ٻيو حقيقي وجود به آهي. انسان تڏهن ئي گهمن ۽ ڪم ڪار ڪن ٿا. جيئن ترار مياڻ ۾ پيل هوندي آهي. مياڻ جي شڪل به ترارجهڙي هوندي آهي مگر ڪم جي ترار آهي، هي بوتو مٽيءَ جو گهوڙو آهي. ڪم ڪار ۽ ڪاروبار ڪرڻ جنگيون ڪرڻ معرفت ماڻڻ حقيقي وجود جو ڪم آهي.
اسم اعظم جي مدد سان اگر هن وجود مان ڇنڊجي نڪتو سو معنيٰ جو اعظم جبرائيل آهي اهو ذاتي وجود هن بوتي ۾ ائين پيل آهي جيئن کير ۾ مکڻ موجود هوندو آهي مگر آدمي انڌا آهن جو نه ڏسن ٿا نڪي سڃاڻن ٿا، ائين طالب پنهنجي سيني جي ٿانوَ ۾ مرشد کان سنبائڻ وجهرائيندو آهي. پوءِ بنا ساهيءَ جي دم جي جهيرڻي سان ولوڙويندو ته روحاني معرفت جو مکڻ نڪري پوندس.اگرو ٿي ڏيندو ته کير ٺري ويندس ۽ ٻيڻي تڪليف ڪرڻي پوندس. وري جڏهن اوجاڳا ۽ بکون ڪڍندو تڏهن وڃي کير مان مکڻ نڪرندو. جن مرشد کان سنبائڻ به نه وجهرايو ۽ نڪي کير ولوڙيائون تن جا کير خراب ٿي ويا. نه ڄميا نڪي مکڻ ئي مِليُن اهڙن ماڻهن. لاءِ بادشاهه عزرائيل کي حڪم ڏيندو ته سندس ساهه نهايت ئي سختيءَ سان ڪڍيو وڃي ۽ کين گرفتار ڪري مئجسٽريٽ وٽ پيش ڪيو وڃي جيڪو کين ڪاري باهه واري ڪوٽ ۾ اڇلائيندن ڏسو ته ساري جهان کي دم جي جهيرڻي ۽ کير ولوڙڻ جي خبر ئي نه آهي. جيڪو ماڻهو الله جي محبت کانسواءِ مري ويو ته کيس لاش کي خيالات جون ڳجهيون پيون کائيندس ۽ نالو ئي گم ٿي ويندس. جيڪي جسم جي قيد ۾ مري ويا سي پوءِ به قيدي هوندا.
هڪ دفعي شرن جي مقام ڀرسان لنگهياسون ته هڪ مماتي واري اسان کان سڏ ڪري پڇيو ته فقير منهنجون ٻڪريون خوش آهن. اسان چيس ته پنڌ گهڻو اٿيئي وڃي ڏسي اچ. جنهن چيو ته سائين وڃڻ نٿا ڏين. اهڙي طرح سڀ مماتي وارا بهشتن سميت خدائي حڪم جا محتاج آهن. امر کانسواءِ گهمڻ وڃڻ جي اجازت نه اٿن. جن جيئري جسم مان نڪري معراج ڪيو سي آزاد آهن اهي عاشق ويچارن جي واهرو سڏن تي اچي حاضر ٿين.
جيڪو ماڻهو مرڻو هوندو آهي ان جي مقام وارن کي اڳيئي خبر پوندي آهي ته اجهو ٿو اچي. توڙي هو خوش گهمندو هجي. مقام وارا نيڪ جي اچڻ سان خوش ٿيندا آهن ۽ ڏوهاري جي اچڻ کان ڊڄندا آهن. مقام ۾ ڏوهاري جي پهچڻ سان ڦهڪو ڦهڪاڻي ٿي ويندو آهي. جيڪو به جيئرو ماڻهو مقام ۾ ويندو ته مماتي وارا سڀ چوندس ته ختمون ڏي، اهڙي گهر ڪندس جيئن وهانوَ تي ٻار مٺائيءَ لاءِ چنبڙي ويندا آهن. جن کي ماڻهو نه ڏسندا آهن. مگر عارفن کي ڏسڻ ۾ ايندا آهن اسان کي جڏهن مقام وارا ختمه لاءِ تنگ ڪندا آهن ان وقت اسان هڪ نالو کڻندا آهيون ته پوءِ جيئن باز اڳيان پکي ڇپي وڃي ائين سڀ چپ ٿي وڃن ۽ اسان جي جند ڇٽي پوندي آهي .
مائٽن جي دوستي به وفا دارنه آهي. جڏهن ماڻهو مرندو آهي ته لاچار سندس ماءُ ٻارهن مهينا روئيندي ڀيڻ ڇهه مهينا، پٽ چار ڏينهن روئيندس، زال ٽي ڏينهن کانپوءِ تاڙ ڪندي ته ڪو وانڍو ۽ ڇڙو مڙس ڪيان مگر هجي ٿوڻ مڙس. اها آهي مائٽن جي وفاداري الله جي محبت وارو هِتِ هُتِ الله جي پناهه ۾ هوندو.
اڳي جڏهن درياهه پائيندڙ کوهه وٽان لگهندو هو ته کوهه جو چڪ ڪڍي ابتو ڪري کوهه جي سِرَ سِرَ ڪري ٻاهر اڇلائيندو هو. پاڻ سان ملائي هڪ ڪري سندس وجود ختم ڪندو هو. هي طالب به ذڪر ذريعه مذڪور وٽ پهتو ته گهن سان کوهه واري ڪار ٿيندي، ٻانهپ جو نيشان ئي نه رهندس فقير عارف به ائين آهن. پاڻ گم ٿي وڃن رڳو الله وڃي رهي. جيڪڏهن توکي الله طرف ڪشش ٿئي ٿي ته پڪ ڄاڻ ته اها گهر الله جي آهي. جنهن دل کي دنيا جي ڪشش آهي ته اُها کيس اسفل سافلين دوزخ جي هيٺئين تري جي ڇِڪَ اٿس.
هجئي ڪا مڙسي ته نون ئي آسمانن مان لنگهي پوءِ، اها دل الله جو دروازو اٿوَ. ان در جو ڪڙو کڙڪائيندا رهو ته ضرور هڪ ڏينهن توهان سان الله منهن ڏيکاري ڳالهائندو، هن صفات سان لله جي ذڪر ۾ گم غرق ٿيندين ته الله ڏسندين. ڦڙي مان درياهه ٿي پوندين. صفات مان ذات ٿي پوندين. جيڪو بوتو پاڻ کي ڀائين ته اهو عاقبت ۾ خوار خراب ٿيندو. هن سان هن کي لهُه هن کانسواءِ هو لڀندءِ . الله کانسواءِ ڀينگ سُڃ آهي. الله کي پڏايو به اسان آهي. اثبات به اسان ڪيس. ڍورن کان پڇو ته ڪو الله جو ڏس ڏيندا. الله به اهڙو معتبر آهي جو جيڪو ڳولي لهيس ته ان سان تعديون ٿو ڪرائي. ماڻهو بڇي مارائيس ٿو. شاهه شمس لڌس ته ان جي کل لهرايائين. اسان جي وڏي ڀاءُ منصور کي سوليءَ تي چاڙهايائين. شيخ عطار کي قتل ڪرايائين. اسان جي مائٽ شيخ صنعان کي جڻيو پارايائين. اهي سڀ جُٺيون الله کي ڦٻيل آهن. اسان انهن سڀني چٽڪين جو پلوءُ وٺنداسونس. مجال اٿس جو پلاند نه ڏئي. جيڪو عشق ۾ مري جيئرو ٿيو سو هميشه حيات آهي وري نه مرندو. جيڪي ماني تي حيران آهن تن کي عشق جي ڪهڙي خبر. هن بوتي جي پوري بنڊ کي اناج کي خالي ڪندين ته هيرن جواهرن سان ڀرپور ٿيندءِ. پاڻ کي سٺن کاڌن گهڻي ننڊ ۽ گهڻي ڳالهائڻ کان بچائيندين ته تون ملائڪن کان به مٿي ويندين. جنهن جي جسمات عشق ڦاڙي وڌي ته سندس صفات رئي ٿي ويندي ۽ ذات ٿي ويندو، هي عشق جو بيان عارفن لاءِ آهي اهي نفس کان وٺندا آهن. اهي ئي صاحب معراج آهن.
حضرت مصطفيٰ مدني سرڪار ﷺ جن معراج جو دڳ ٺاهي آيا آهن. اهو رستو اڃا بند نه ٿيو آهي. مگر عاشقن عارفن لاءِ کليل آهي. انڌن لاءِ ڏکيو آهي. فقيرن لاءِ معراج چاليهن قدمن تي آهي. چاليهن قدمن سان فقير ست ئي آسمان گمهي موٽي ايندا آهن. سازن آوازن ۾ جيڪا حقيقت آهي اها. جيڪڏهن ظاهر ڪريون ته ٻئي جهان غرق ٿي وڃن. اسان جا تکا گفتا دين ايمان وارا ٻڌي نه سگهندا، ڀڄي ويندا جيڪو اهي تيرن جهڙا گفتا سينو سپر ڪري ٻڌندو سوئي عرش جا سير ڪندو.
عارفن جي صحبت مان من خدايم جي دم هڻڻ واري جوانمردي پيدا ٿيندي آهي. قاضي ۽ ملان نفس جا طالب آهن ۽ ننڍي ٻار وانگر کير پياڪ ٻار وانگر آهن. توحيد جي گفتار معنيٰ جي ماني آهي. کير پياڪ ٻار ماني نه کائي سگهندو آهي ۽ مانيءَ سان گهٽجي پوندو آهي. انڪري اهي عشق جي ڳالهه سان گهٽجي پوندا آهن. جنهن طالب جي دل ۾ سوجهرو نه آهي سونفس جو تابع آهي. تڏهن ٿو اوندهه ۾ گذاري.
عام ماڻهن جي دلين جا ڪن بند آهن. ان ڪري سڀڪو طالب عرش جا الهام نٿو ٻڌي. جيڪو طالب ٿي ۽ سڌن جا ٻُچا ڪنن مان ڪڍندو سوئي ٻڌندو. جنهن طالب اسم اعظم سان دل جا دروازا کولي وڌا سو هر هنڌئون الله کي ڏسندو. آدمي ان جو نالو آهي جيڪو الله ڏسي. جنهن الله نه ڏٺو سو انڌو آهي، دنيا جو طالب هت به خوار آهي ته عاقبت ۾ به خوار هوندو. ۽ سندس منهن ڪارو آهي. جنهن الله لڌو سو هِت هُت سرخرو آهي. روح الله جي صحبت جو پياسو اهي. مگر نفس دنيا جي لذات مذات ڏانهن جهليون ويٺو اٿس.
وحدانيت جي گفتار وقت اهڙي ڪا موج ايندي آهي جو چئجي ته زبان وڍي ڇڏجي جسم گهات ڪجي ۽ قلم ڀڃي ڇڏجي جزوي عقل عشق اڳيان منڊو آهي. وحدت جي ڳالهه پاڻ ٿو ڪري. بوتو روح لاءِ ائين آهي جيئن ڀڄڻي مينهن کي ڪنڌ ۾ پڃر ٻڌبو آهي، ذات ذوالجلال وٽ جڏهن وياسون ته انجام ڪيو هئائون ته فولاد قيامت جي ڏينهن حضرت رسول ﷺ سان گڏ خلق جي شفاعت ڪندين ان ڏينهن اسان جونالو عماد الملڪ رکيو هئائين.ان نالي جو رواج عرب بادشاهن ۾ هيو جو هو وزيرن کي ان نالي سان سڏيندا هئا.
قيامت جي ڏينهن ڏسندئو ته جن اسان کي تڪليفون ڏنيون هيون تن لاءِ ملائڪن کي حڪم ڪري جهنم ۾ موڪليندس. ملائڪ اسان جي حڪم ۾ آهن.اهي اسان جي پيرن کي به نه پهچن. ايترو هيٺ آهن. شرن مان جيڪي اسان جا محبتي بديءَ ۽ زنا کان بچيل آهن اهي رحمت ۾ داخل آهن. عزرائيل جي اک اهڙِي دهشتناڪ آهي جو عام ماڻهو ڏسيس ته هڪدم ڪانچ ۾ دست وهي وڃيس ۽ مري وڃي، مگر جبرائيل جي اک رحمت آهي.
اسان عزرائيل جي سڄي پاسي کان لنگياسين ته حيرت مان چوڻ لڳو: بلي اهڙا به مرد آهن، جيڪي اسان کان به مٿي وڃن. اسان جي سردار حضرت رسول ڪريم ﷺفرمايو آهي: من طلب شيءُ جَدَوَجَدَ. يعني، جيڪو ڳوليندوسو لهندو. ڪنهن جو ڍور ويندو آهي ته به ڪيڏو ڳوليندو آهي. مگر مسلمان الله وڃايون ويٺا آهن، ته به نٿا ڳولين حيف اٿن. جنهن الله لڌو ان جي مٽيءَ به مان ٿي لهي. هزارين ماڻهو ان وٽان مرادون پوريون ٿا ڪرائين.
توڪل ڪري ماڻهو کوهه کڻندا آهن. وڏي محنت کانپوءِ وڃي پاڻي کي لهن. اوهان دل جو کوهه کڻو ته الله لڀئي پئيو. جنهن ڪچهري ۾ الله جي ڳالهه ناهي ته اتي نفس ٽپڙ کڙو ڪيون ويٺو آهي. اتي لذات ۽ شهوت جي ڳالهه پيئي هلندي.
وحدانيت جي شراب جي نشي ۾ اهڙي طاقت آهي جو بوتي جو دلو ڀڃي وجهندو آهي. دلي ڀڃڻ بعد نجي ذات آهي. صفات نه رهندي، الله جي صحبت کانسواءِ بادشاهه به پناگر ڀٽ مثل آهي. هيءَ ڪثرت جي راند الله رچائي آهي. پاڻ به ان راند ۾ گهمندو ٿو وتي. مگر ڪير به ڪونه ٿو سڃاڻيس. جنهن الله کي لڌو سو پاڻ گم ٿي ويندو. عشق بادشاهه جي اچڻ بعد هي جزوي عقل ٽپڙ ويڙهي ويندو. ذات حق پاڪ عشق جي باهه جو آڙاهه ٿو مچائي ۽ عاشق ان آڙاهه ۾ پنهنجي جان ٿو جلائي
مُشڪ کلندو ته ڪچهري سموري ۾ خوشبوءِ ٿي ويندي. ائين توحيدي مُشڪ آهي فقيرن لاءِ دنيا جي ڳالهه ڍونڍ آهي. ذات حق جو فرمان عاشق کي ضعيف ڪندو آهي.عشق جو وصال عاشق کي آرام ۽ فرحت ڏيندو آهي.
جيتري اوهان کي الله جي سڪ آهي الله کي به توهان جي اوتري سڪ آهي يُحِبهُم يُحِبُونه. جيئن هاٿي کي هندستان ڏيکاربو ته هو ڪڏهن به وڃڻ کان نه مڙندو. طالب جي جڏهن اک کلي ته هاٿيءَ وانگر سوارن کي ڪيرايون دريائن جبلن مان پار ٿيندو وڃي پنهنجي اصلوڪي ملڪ هندستان ۾ پهچندو.
جبلن ۾ هڪ پکي آهي سڄي عمر پاڻي نه ڏٺو آهي. سدائين وتندو آهي. پاڻي ڳوليندو. جڏهن پاڻي لڀيس ۽ چنهنب ٻوڙي ته مري وڃي. الله جي طالب جو مثال به ائين آهي جيڪي الله پٽ پهتا سي پاڻ رهيا ئي ڪونه.
مال ۽ دنيا جي عاشقن جو بهشت ۾ ڪهڙو حق آهي بهشت ۾ اهو ويندو جنهن جي ٻولي الا الله هوندي هن بوتي جي خدمتن جي عبادت ڄڻ ٻلو کڻي ويو دڪو ئي داخل نه ٿيندن. ماڻهو اهڙا انڌا آهن جومال جو ملهه ته سڃاڻن ٿا مگر پنهنجو ملهه ڪونه ٿا سڃاڻن. جي سڃاڻن ها ته بهشت دوزخ ۽ عزرائيل جي ڪاڻ نه ڪڍن ها.
نفس قرآن. نماز ۽ صلوات پڙهي . ته به اعتبار نه ڪجوس، هن جي هٿ ۾هر وقت ڪئينچي هوندي آهي جنهن مهل وجهه مليس ته کيسو ڪتري مڏي کنيو هيلو ويندو. يعني سڀ نيڪ عمل هڪ ڌڪ ۾ ناس ڪندوَ. طالب الموليٰ مذڪر وارو خيال ڪجي طالب الدنيا مخنث وارو کدڙو ڪندوَ. جيڪا جماعت دنيا تي حيران آهي. ته قيامت جي ڏينهن انهن جي منهن تي ڪارو نيشان هوندو. جنهن ڪري سڀ ڪو سڃاڻي کيس لڄي پيو ڪندو.
هي بوتو ذات حق جي اڳيان ڪٽو ڪافر آهي. الله جو دشمن آهي. جيستائين اهوڪٽو ڪافر جيئرو آهي. تيستائين روح الله کي ڏسي نه سگهندو. جڏهن سج لهي ٿو ته سڀئي ماڻهو مري ٿا وڃن. اهو سمهڻ مرڻ جهڙو آهي. اَلنَومَ اَختُ المَوتُ. (حديث پاڪ) يعني ننڊ موت جي ڀيڻ آهي. سج قدرت جي هڪ نڙي آهي. جڏهن اها نڙي ڦوڪجي ٿي ته ساري جهان جا سڀ ساهه وارا اٿي گهمن ٿا. اها رواجي قيامت آهي. قيامت جي معنيٰ به بيهڻ آهي. سو اها رواجي قيامت هلي ٿي. وڏي. قيامت جي اچڻ وقت آسمان ۽ جبل رئي ٿي ويندا. ان ۾ اڃا دير آهي ان وقت ظاهر باطن ٿي پوندو. دنيا ۽ آسمانن جي حياتيءَ جو ڏهون حصو گذريو آهي. نوَ حصا اڃا اٿس. هر هڪ حصي ۾ ڏهه لک ورهيه آهن،
مرشد کان اسم اعظم جو نار چاڙهاڙيو جيڪو اهو نار هلائيندو ته سارو جهان ان جي آبادي ليکبي. دنيا جو ماڻهو ڪراڙو ٿيو ته ڪاسائين جي ڪتي وانگر هڏن جي پويان وتندو ڀڄندو. مال دنيا ۽ پٽن تي پهرو پيو ڏيندو. ان جي اولاد کي ڪتي ڌارڻ جي ضرورت نه پوندي. خلق کان منهن موڙيندو ته الله ڏي رُجوع ٿيندين. نماز نفس جو قوت آهي.روح جي خوراڪ دل سان الله جو ذڪر ڪرڻ آهي. طالب اگر مرشد کان پري گذاريندو ته نفس دسي وجهندس.ٻار جڏهن روئنيدو آهي ته ماءُ ببو ڏيندي اٿس. تون به جڏهن روئيندين ته عشق جو کير ملندءِ.اوهان جو نفس اهڙو دشمن آهي جيڪڏهن سندس سموري حقيقت توهان کي ٻڌايون ته حيرت مان مري وڃو جيئن جانورن لاءِ شينهن خطرناڪ آهي. ائين اوهان جو نفس اوهان لاءِ اهڙو خطرناڪ آهي. ان گڏهن نفس کي بک لڳيوَ ٿي ته ڇرجي ٿا پئو. قرض کڻي به کارايوس ٿا مگر ڍوَ ڪرڻ کانپوءِ اهو کڏ ۾ اڇليندوَ. مگر روح جيڪو اوهان جو بهترين دوست آهي ان جي ڳڻ ئي نه ٿا ڪريو. کيس ذڪر جي خوراڪ ڏيندئو ته نفس سان مقابلو ڪندو. فقير جي دشمن جو منهن ڪارو آهي. الله جي رنگ ۾ جيڪو به رڱجي ويندو. هت ذات جي پڇا ئي ڪانهي. اسان بوتي ۾ ان ڪري رهيل آهيون ته جيئن ٻين بوتي جي قيدين جي رهبري ڪري کين آزاد ڪرايون. اسان بوتي جي قيد کان آزاد آهيون. ٻين کي به بوتي مان نڪرڻ جو ڍنگ سيکارڻ لاءِ ترسيل آهيون.
سياري جي رات طالب لاءِ غنيمت آهي. ان ۾ طالب کي دم ڪمائڻ ۽ مراقبي ۾ خوشي ٿيندي آهي. هاڙهه جي رات ۾ گرميءَ سبب طالب ويهڻ ۾ تنگ ٿيندو آهي. دم ڪمائڻ ۽ مراقبو ائين آهي جيئن غواض ٽٻي هڻي سمنڊ مان موتي ڪڍندا آهن. ائين طالبن کي به دم دم سان موتي هٿ ايندو آهي. طالب لاءِ اونهاري جو ڏينهن وري سياري جي رات وانگر آسان آهي.
ڏهي يا چاليهي ڪڍڻ وقت دل ۾ ٻيو ڪو به خيال نه آڻي. جيڪڏهن ڪو به اجايو خيال ويٺس ڪمائي ڪوچ ٿي ويندس. الله جي طالب کي گهر جي ته سدائين خيال ذڪر ۾ ۽ نظر سيني ۾ هجيس. اهو سندس چاليهو آهي. جيڪو هميشه ان خيال ۾ رهندو ان کي الله تمام ويجهو آهي. مگر ڪو متان ائين سمجهي اسان چاليهي وسيلي نفس ڪتي سميت درگاه ايزدي ۾ ويندس مگر الله پنهنجي بارگاهه ۾ عزرائيل ويهاري ڇڏيو آهي. جيڪو اهڙن کي نڙيءَ ۾ چڪ هڻي تحت الثريٰ ڏي اڇليندو آهي. الله ڏي طالب تڏهن ويندو جڏهن سندس روح سندس نفس کان ڌار هوندو. نفس ڪتي کي هِتِ مضبوط سنگهر ۾ ٻڌي پوءِ ويندو ته الله وٽ پهچندو.
الله پاڻ پاڪ آهي ۽ گهري به پاڪن کي ٿو. نفس پليد آهي. ان جي الله وٽ ڪابه جاءِ ڪانهي.
عين ۽ غين جي صورت ساڳي آهي مگر نقطه جو فرق آهي نقطه غير جو آهي جڏهن اهو غير وارو نقطو ڊاهيندو ته عين ٿي پوندئو. هي نقطو جسم آهي مگر اندر اهو ئي عين آهي ۽ ذات آهي.
جيڪو دل وجان سان پنجن پاڪن جو حضور گهرندو ته ان کي يقينا حضور ٿيندو. جيڪي اسم سان هلي هلي بوتي کان ڌار ٿيا تن کان الله جدا ڪونهي. شينهن هميشه پنهنجو شڪار ڪري کائيندو آهي ٻئي جي اوبر نه کائيندو آهي. هي ڪتاب به جي الله جو محبتي پڙهندو ته ٻي صحبت جي ضرورت نه پوندس. مگر صرف ڪتاب پڙهڻ سان منزل تي نه پهچندو: رڳو ڪتاب تي ڀروسونه ڪجو متان ديدار کان رهجي وڃو. جيڪو اسم اعظم سان ڪتاب جو مطالعو ڪندو ته سڌو عرش تي نيندس.
قرآن پاڪ ۾ توحيد جون آيتون صرف ٽيٽيهه آهن. ٻيو. سمورو قرآن امر نهي ۽ الاهي قانون آهي، الله تبارڪ وتعاليٰ حضرت رسول الله ﷺ ڏانهن هي ڪتاب موڪلي خلق کي حڪم ڪيو ته جيڪو هن ڪتاب جي ٻڌايل حڪمن تي هلندو ته گمراهه نه ٿيندو، جيڪو النحرافي ڪندو ته نفس ۽ شيطان جو شڪار ٿيندو. نفس ۽ شيطان ٻئي هڪ آهن مگر عادتن مطابق نالا جدا اٿن. پراوا مال ڦرڻ ۽ ظلم ڪرڻ خونريزي ڪرڻ وقت ته نفس آهي.جڏهن شهوت پرستي ڪيائين ته شيطان سڏبس.
نيڪيون ماڻهن لاءِ سون جو ٻيڙيون آهن. بديون ۽ بڇڙايون لوهه جون ٻيڙيون آهن. انهن ٻنهي کان الله پري آهي. جيڪي انهن تي بيٺل آهن سي قيدي آهن. ڪهڙو به قيدي بادشاهه سان گڏ ويهي نه سگهندو. .بادشاهه سان گڏ اهو ويهندو جيڪو ڏوهه ثواب جي حدن کان ٽپي جسم جي قيد مان آزاد ٿي معراج ڪندو. اهو الله بادشاهه سان گڏ ويهندو. پوءِ اهو ڦڙي وانگر آهي. جيئن ڦڙو درياهه ۾ پوڻ کانپوءِ گم ٿي عين درياهه سان ملي هڪ ٿي ويندو آهي.
موت نفس تي آهي روح تي موت ڪونهي. قرآن پاڪ ۾ کُل نَفسِ ذائِقۃُ المَوتِ آهي. يعني هر نفس موت جو ذائقو چکندو. روح لاءِ نه آهي. روح آهي ذاتي، نفس آهي صفاتي نفس خاڪ جو حصو آهي، روح ذات پاڪ جو حصو آهي.
الله ڏي جوانيءَ ۾ هلو. عبادت جو دنگ پنجاهه ورهين تائين آهي. پوءِ هي جسم ڪراڙو ۽ ڪمزور ٿي ٿو وڃي. جوانيءَ ۾ جيڪي ڪرڻو هجيوَ سو ڪري وٺو. پير پيغمبر هليا ويا اوهين به هليا ويندوء جيڪو وطن کان بيخبر ٿيندو سو مارجي ويندو. بي خبرآدمي به نفس ۽ شيطان جو شڪار ٿي ويندو. الله جي ياد کانسواءِ پٽ پوٽا جيڪي پاليو. ٿا سي کا هڻندوَ ۽ پوءِ زهر ٿيندوَ.
ظاهر ۾ اسان شر هيا سين پر سيد محمد علي شاهه کان اڳ پيوند ڪرائي سين ته سيد ٿي پياسين. جيئن پيوندي ٻير جي اک لڳائڻ سنڌيءَ ٻير مان ساڳي پيوندي ٻير ٿي پوندي آهي اسان عرش جا هيراڪ آهيون. خاندان جي معنيٰ آهي گهر ڄاڻندڙ. صحيح خاندان اهو آهي جنهن پنهنجو گهر سڃاتو.اسان گهر سڃاتو ان ڪري اسين خاندان آهيون.عام ماڻهن عارفن جي ڪلام جي معنيٰ ئي نه ٿا سمجهن. مجال آهي جو عالم فاضل هڪ مصرح. جي معنيٰ ڪري سگهي. معنيٰ جي خبر ان کي پوندي جنهن جون چارئي حدون. (1) ملڪوت (2) جبروت (3) لاهوت (4) لامڪان گهميل هونديون. معراج جو صاحب آهي. مثال هي بيت آهي.
منهن محراب پرينءَ جو. جامع سڀ جهان
ڦرهي تان فرقان جي، ڪاٽيائون قرآن
اڏامي ات ويو، عقل ۽ عرفان
سڀوئي سبحان، ڪاڏهن ڪري نيتيان.
(شاهه)
هي بيت آهي به سنڌيءَ ۾ ۽ هجي ڪو ته ڪاٽيائون قرآن جي معنيٰ ڪري. اسان کي سرڪار اها معنيٰ سمجهائي آهي. اها معنيٰ به هيٺ آهي. اسان اڃان به ٻه حدان مٿي ۽ پري آهيون. اسان لاءِ نَوَئي آسماني ڪائي وانگر آهن. بادشاهه لم يزلي جي نظر ۾ به ڪولي کان هاٿي تائين ظاهر آهي. سڀئي ڏوهه ثواب ڪائي مان کيس ڏسجن ٿا. عارف ۽ عشاق الله کي هتئون ائين ٿا ڏسن جيئن هو پاڻ ساري جهان کي ٿو ڏسي. جيئن نفس جا قيدي آهن تن لاءِ هر هڪ آسمان جبل وانگر آڙ آهي.
ملان قاضي مسلمان مفتي مخدوم حاڪم سڀ هن جسم جا ٻانها آهن. هنن نڪي رسول جي فرمانبرداري ڪئي نه ڪي الله جا ٻانها ٿيا انهن کي نفس ڀلائي پنهنجو فرمانبردار بنائي ڇڏيو. پنهنجي خالق کي نه سڃاتائون پر نفس باندر جو چيو مڃيائون.
آدمين کي جڏهن بيماري جو ڇرڪ اچين ته الله کي سڏين منٿون ڪن عهد انجام ڪن ته اسان کي خوش ڪر ته توکي ياد ڪنداسون ۽ صدقه ڏين ته جيئن هن بوتي جي بُنڊ مان نه نڪرن. مگر جڏهن خوش ٿين ته الله ڏانهن نهارين به ڪونه اهڙا ڪوڙا دغاباز آهن. جن عارفن آسماني سير ۽ معراج ڪيو آهي. اهي فالون پيا وجهندا ته هن ڪاڪوس خانه مان نڪرون. جتان آيا هئا سون اوڏانهن وڃون، هي آدمي جوانيءَ ۾ الله ڏي نه لڙندا آهن مگر ڪراڙپ ۾ ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ دعائون پيا گهرندا. نئون ڪپڙو خيرات ۾ ڏبو آهي. ته وٺندڙ به خوش ٿيندو آهي پرآڻو ڏبس ته لاچار وٺندو مگر راضي ڪو نه ٿيندو. هي به جيڪر پنهنجي جواني الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ته قدر به ٿئين. ڪراڙپ ۾ الله ڏي وڃڻ جو قدر ڪهڙو.
جيڪو تو ۾ آهي ان کي جيڪر ڏسين ته کاڌن پيتن ۾ ڌوڙ جا ٻڪ وجهين. آدمي جيڪي ان تي حيران آهن انهن کي معنيٰ ۽ ذڪر جي ڪهڙي خبر. الله تعاليٰ ٻئي جهان پنهنجي دانائي مان ٺاهيا آهن. سڀئي ساهوارن جا دم حياتيون موت فوت مقرر ڪيا اٿس. نفس جي کاڌي پيتي بغداد مچائي ڇڏيو آهي. معراج ڪرڻ کانسواءِ ماڻهو رسمي مسلمان آهي جيڪو ماءُ جهڙي پياري نفس کي ڪهندو سو ستين آسمانن مٿي مان ويندو. محمود غزنوي بادشاه جي غلام وانگر جيڪو ماءُ جو يادگيرو ڪندو سو الله جو ديدار ڪيئن ڪندو. جيڪو نفس جو فرمان بردار هوندو اهو عارفن اڳيان ڪهڙو ڪنڌ کڻندو. هن آدمي جي عمر ڪوڙو صبح آهي. جيڪڏهن آدمي ذڪر وسيلي اصلي ملڪ ڏي وڃي ته اهو سچو صبح آهي.
اڳي ٿرن مان جت اٺن جو قافلو ڪاهيندا هئا. بگهڙ ۽ ممان به پاسو وٺيو هون هون ڪنديون هلنديون هيون. جيڪو جت ان قافله مان ٿڙي ٻاهر نڪرندو هو. ته انکي اهي جانور کائي ڇڏيندا هئا. هن آدميءَ به جي دمَ الله ڏي هلايا ته دمن وارو قافلو سلامت رهندس. جيڪڏهن مرشد ۽ ذڪر کانسواءِ زنده رهيو ته نفس شيطان اهي بگهڙ ۽ مَمان اٿس کڻي کائي ختم ڪري ڇڏيندس.هر بيماريءَ جي دوا آهي، نفس جي دوائي ڪانهي.اهو وردن وظيفن سبب ويندو ٿلهو ٿيندو. اثر ئي نه ڪندس، الله جي ذڪر کانسواءِ سندس حرص جي باهه وسامنديئي ڪانه.
هڪڙو شر ٽي سال گم ٿي ويو هو. سرڪار الاهي جي عنايت سان عرب، عراق، ايران، مصر ۽ شام ۽ روم بنا ڀاڙي گهمي موٽي ڳوٺ آيو. موٽڻ بعد گڏهه تي سوار ٿي وتي پيو ٺڳيون ڪندو. زيارتن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيس. ذڪر سان وڃي ها ته فيض به پويس ها. دنيا وارا گمراه آهين ۽ سڀ نفس جا نوڪر آهن. دنيا دارلکين روپيه ميڙين ۽ گڏ ٿا ڪن مگر نه کائن نه کپائن مگر سندس پويان کيس مرڻ مهل تڙ ڏيئي هٿ ٽپڙ تي رکرائي موڪلي ڇڏنس. ڇو ته لاش جا هٿ سٿرن تي نه بيهندا آهن.
سرڪار ايزدي جو قانون آهي.ته هي آدمي جنهنجو ساري عمر تابع ٿو رهي مگر مئي کانپوءِ مال دنيا ۽ پٽن کان اهو کنيون وڃي. دنيادار الله کان غافل آهن کين نه ديدار نصيب ٿئي نه زيارت، سندن ملڪيت به ڪنهن نه ڪنهن هاڃي ۾ هڄي ٿي وڃي يا سڙي وڃي يا چوري ٿي وڃي يا ڦرجي وڃين. يا ڪا اهڙي بيماري لڳين جو ساري دنيا خرچ ڪن ته به جان نه ڇٽين. پاڻ کي ڪجهه به نصيب ڪونه ٿئين. دنيادار جي اڳيان الله جي ڳالهه ڪرڻ ائين آهي جيئن ٽنڊڻ کي گل سنگهائڻ. جو هو سنگهڻ سان مري ويندو. عارفن کي زماني جي ڪچهري ۾ ويهارڻ ائين آهي جيئن ڪنهن واٽهڙو کي صوبيدار بي گناهه جيل ۾وجهي. يا ڀوئنر کي کي ڇيڻو سنگهائجي ته مري وڃي. هڪ رات ذڪر سان ويهڻ سوَ حجن کان به وڌيڪ آهي. دل جو طواف عرش عظيم جي طواف جي برابر آهي. حاجي حضرت ابراهيم جي ٺهيل مسجد کي ٿا طواف ڪن مگر عاشق ۽ عارف عرش عظيم کي ٿا طواف ڪن.
اسان جو محبوب ڏسڻ ۾ آدمي جهڙو آهي مگر شاهه محمود بادشاهه وانگر ڪئي. سومناٿ مندر جهڙيون مڙهيون ڀڳيون اٿس. جيڪو پاڻ مان نڪتو ته ان جو سمهڻ به جاڳڻ برابر آهي جيڪو طالب گمراهن سان محبت صحبت ڪندو ته پاڻ به گمراهه ٿيندو. هن وات کي لذتن کان بند ڪيو. حورن جي اميد تان هٿ کڻو اسم اعظم ڪمايو ته الله توهان سان گڏ آهي هن جسم ۾ روح ٻار مثل آهي عام ماڻهن لذتن ۾ رهي پيٽ ۾ روح وارو ٻار سُڪائي ڇڏيو. ان ٻار جو جياپو اسم اعظم آهي.اگر هميشه ان ٻار کي اسم اعظم جو پاڻي ملندو رهي ها ته مدت تي جسم مان ٻاهر نڪري عرش تي وڃي ها مگر سڪل ٻار جسم مان ئي نڪري ڪونه سگهندو ته عروج ڪهڙو ڪندو.
اهي عام آدمي جڏهن مرن ٿا ته ان سڪل ٻار سميت قبر ۾ پورجن ٿا. جنهن عزرائيل کان ماڻهو ڊڄن ٿا اسان جڏهن کيس ڏسندا آهيون ته کل ايندي آهي. فقير نڪو قرآن پڙهن. نه نماز. نه حديث، نه الف نه ب. فقير صرف اسم اعظم رسول الله ﷺ جهڙا ساڳيا ٿي پون اسان وٽ ڌنار طالب ٿيا جن پندرهين ويهين ڏينهن کان پوءِ رسول الله ﷺ جو ديدار ڪيو. ملن ۽ مولوين ساري عمر نمازون پڙهي نرڙ گسائي ڇڏيا اٿن مگر ڪڏهن خواب ۾ رسول ڪريم به ڪونه ڏٺو اٿن. جن اسم اعظم ڪمايو ۽ فنا في الرسول ٿيا سي ساڳيا روحاني رسول ٿي پيا. ڇو ته رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته منهنجا طالب ۽ امتي فنا في الشيخ ۽ فنا في الرسول ۽ فنا في الله ٿيندا. جوڳين جي منڊن ۾ به اثر آهي جو سندن شاگرد جو ڳي ٿي پون ٿا. باقي رسول ڪريم ﷺ جي ٻڌايل اسم ۾ ايترو اثر به نه آهي ڇا؟ ڏسو ته ماڻهو ڪهڙا نه انڌا آهن.
ملامت سان دل صاف ٿيندي آهي. طالب جي نفس ۾ جيڪا خوديءَ جي ڪاراڻ هوندي سا ملامت رهڙي لاهي ڇڏيندس. شاهه منصور ۽ ذوالنون مصري کي جيل ۾ وڌو هئائون پڃرن ۾ شينهن ڦاسندا آهن گدڙ يان لومڙ ڪونه ڦاسندا آهن. فقير آسماني شينهن آهن. مسلمان پنهنجي ڀَوَ کان جيلن ۾ وڌو هو متان اسان واريءَ شريعت کي منڍيءَ کان وٺي کڻي نه وڃن. شاهه منصور جو نالو عرش تائين مشهور آهي مگرجن ساڻس دشمني ڪئي تن جا نالا ئي گم ٿي ويا.
دنيا جا ماڻهو حبشي آهن جو آئينو ڏسي ڀڄندا آهن. شاهه منصور ۽ شاهه شمس الحق تبريز الله جو آئينو هئا. هنن هڻي ڀڃي وڌا ڇو ته هنن جا عيب ظاهر پيا ٿين. الله ماڻهن کي وٺ ڪونه ٿو ڏئي نه ته جيڪر ساڻس ماڻهو وڙهن. عزرائيل کي به لڪائي ٿو موڪلي ظاهر موڪليس ته جيڪر ماري وجهنس هنن ماڻهن کي الله جون باهيون آهن. جٿئون به ڳالهائي ٿو ته پرزا ڪري ٿا ڇڏنس. ماڻهو الله جا سخت دشمن آهن. رسمي مسلمان هڪ الله کي عرش تي ويهاري ڇڏيو آهي. ٻيو ڪعبه جي ڪوٺي تي چاڙهي سندس ڏاڪڻ ڪڍي ڇڏي اٿنس. لهي نٿو سگهي هنن جي سمجهه ۾ رسمي مسلمان جو ڪعبو قبلو دنيا آهي جيڪا انبيائن عاشقن جي تڙيل آهي. مگر اسان فقيرن جو ڪاڪوس خانو آهي.
هڪڙو ملڪ آهي جتي فقير شينهن ٿي پوندا آهن. ۽ پنهنجي نفس کي شڪار ڪندا آهن. اهو ملڪ زمين کان گهڻو پري آهي. عام مسلمان ڪعبه جي ڀت جا حاجي آهن. اسان فقير عرش جا حاجي آهيون. هن ڪعبه جي حاجي الله کي لبيڪ چون مگر اسان عرش جا حاجي اناالحق چوندا آهيون. پاڻ الله ٿي ڪعبه ۽ عرش جا مالڪ ٿي پوندا آهيون. ڪعبه جا حاجي ڪعبه کي طواف ڪن. عرش جا حاجي عرش واري ڪعبه جي رهاڪو عاشقن کي طواف ڪن. ڪعبه جا حاجي مٿا ڪوڙائن. عرش جا حاجي عرش واري ڪعبه ۾ غير خيال ڪوڙائي ختم ڪن. هن ڪعبه جا حاجي گهٽا وٺي قرباني ڪن ۽ عاشق سر قرباني ڪري اُضحيٰ ڪن. هي حاجي اولهه وڃن ۽ عاشق اوڀر وڃن. هنن جا معلم ڪوري ناري ٿين. مگر اسان جا معلم رسول خدا ۽ موليٰ علي ٿين .جيڪي اسان کي طواف ڪرائين هي حاجي ڪعبه کي طواف ڪن هت اسان کي سارو جهان سجدا پيو ڪري هي حاجي موٽن ته ڌنڌن ۽ واپارن ۾ غرق رهن اسان حاجي سدائين ذات حق جي توحيد ۾ غرق آهيون. هي حاجي حرص طمع ۽ سڌن جي بندي پڙهندا وتن. عاشق دنيا ۾ به هدايت جو دفتر کوليون ويٺا آهن ۽ ڪنهن به دنيادار جو احتياج نه ڪڍن. دنيا جي حاجين ۽ عارفن جي حج ۾ اهو فرق آهي.
جيڪو الله جي ٿي پيو ته الله به ان جو ٿيندو. جيڪو الله کان پٺيرو ٿيو ته الله به ان کان پٺيرو ٿيندو.الله جو ٿيڻ آهي ان جي ذڪر سان محو رهڻ هر هڪ آدميءَ تي الله جي ڍل مقرر آهي جي نه ڏيندو ته ڪا نه ڪا ڇپ ڪرندس. اوهان ڏٺو آهي ته ذات حق پاڪ هماليه جبل مان پاڻيءَ جون نديون وهائي ڇڏيون آهين. انهن جي آڌار تي دنيا جا ماڻهو ۽ جانور پلجن ٿا. سياري ۾ برف ٿو ڄمائي جيڪا پاڻي جو ذريعو بنجي ٿي. جيڪڏهن پاڻ اهو انتظام نه ڪري ته پاڻيءَ کانسواءِ نديون سڪي وڃن. دنيا برپٽ ٿي وڃي، نه انسان زندهه رهن نه جانور. ڍل مان مراد آهي الله جي نالي تي خيرات ڪرڻ ۽ ڏيڻ. سائلن کي خيرات کان خالي نه موٽائڻ. مسڪينن جي مدد ڪرڻ. رسول الله ﷺ ۽ پنجتن پاڪ ۽ امامن سڳورن جي نالي ۽ موقعه تي خير ۽ نياز ڪرڻ اگر ماڻهو ائين ڪندا ته ڪابه مصيبت ڪانه ايندن.
جيڪو طالب ذڪر سان رهندو ته سندس قلب روشن ٿيندو. دل واري روشنائي سندس منهن مان ظاهر ٿيندي. ڏينهن توڙي رات سجايا ڪري. قرآن گواهه آهي ته تَعْرِفُ فِی وُجُوھِھِمْ نَظْرَۃ َالْنَعِیم” نعمتن جي چمڪار سان سندن منهن سڃاپندا. رات جو نه جاڳڻ واري جو منهن ٻين کي ڪونه وڻندو پر پاڻ کي به ڪونه وڻندس. تکي طالب کي روزانو نوان ۽ ڳجها راز معلوم ٿيندا جيڪي مرشد کي ٻڌائيندو رهندو ڍري طالب کي ديدارنه ٿيندو. مگر جي بدين کان بچيل هوندو ته آخرت ۾ حورن جي چڪلي ۾ ڇڏيندس.
حسد واري کي سائي عينڪ چڙهيل آهي. سڄو جهان سائو پيو ڏسبس. جنهن اها سائي عينڪ ڀڃي اڇلي ته ان کي ڏينهن ڏسڻ ۾ ايندو.حسد ڪاري پاڻي مثال آهي.جيڪو حاسدن جي اکين ۾ لٿل آهي. رسول الله ﷺ جهڙي حاذق حڪيم ابوجهل ۽ ابولهب جهڙن حاسدن جون اکيون نه ڪيون ته عارف واري حاسدن جو اکيون ڪيئن ڪندا. حرص طمع شهوت ۽ چوري واري جون اکيون ٿينديون آهن. مگر حاسد جي اک نه ٿيندي ذڪر اسم اعظم سان شهوت جي باهه به وسامي ويندي ماڻهو ان الله جو ٿا کائن ۽ الله کان گمراهه به رهن. ماڻهو گمراهه تڏهن آهن جو کاڌي وقت هر هڪ گرهه سڌن ۽ هوسن سان اماڻيندا آهن، جنهن سان دل ڪاري ٿيندي آهي عارفن جو قانون آهي ته مانيءَ جو هر هڪ گرهه ذڪر جي ڦيري سان چٻاڙي کائيندو وڃجي.
حقيقت ۾ آب حيات اهو دم وارو ذڪر آهي. جن جيئري اهو آب حيات هِتِ پيتو هُتِ به اهي پيئندا نه ته ٻين لاءِ مُٽُ آهي. فقيري ٻن قسمن جي آهي هڪ سمنڊ جي مڇي جيڪا سدائين جيئري رهي. اهي واصلي فقير آهن ٻي فقيري ڪپڙن پائڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ واري ساگلوئي مثال آهي. ان جو شڪاري عزرائيل آهي جيڪو مرض ڏيئي گهٽو ڏيئي کنيون وڃين. اسم اعظم جو ذڪر خضر وارو آب حيات آهي.ان به اهو ذڪر ڪمايو هو. جنهن ڪري هو هميشه جيئرو ٿي پيو. خضر جو بوتو جيئرو ڪونهي. ان جو روح جيئرو آهي. روحاني حياتي کاڌي پيتي کان پاڪ آهي وَلٰا تَقُولُو لِمنْ یُقْتَلُ فِی سَبِیلِ اللّٰہ ِاَمْوٰاتا بَلْ اَحْیَاءُ عِنْدَ رَبِھِمْ یُرْزَقُونَ فَرِحِینَ بِمَا اَتٰاھُمْ اللّٰہ. خضر جي حياتي به اسم اعظم سان آهي. عارفن جي روح کي خضر چئو جبرئيل چئو ٺهي ٿو. جبرئيل به لاچار چئجي ٿونه ته فقير ڪا ٻي شيءِ آهن. جيڪو روح بوتي مان جيئري آزاد ٿيو سو به خضر وانگي سدائين حيات آهي. خضر حضرت رسول الله ﷺ کان وڌيڪ ڪونهي. حضرت رسول الله ﷺ جن به ظاهري جسم ڦٽو ڪيو. سندن روضه مبارڪ مدينه ۾ آهي موسيٰ جو روضو به سمنڊ جي ڪناري تي آهي خضر به ڪٿي بوتو ڇڏيو هوندو.
جيڪو الله ۾ فناءِ کائيندو سو سدائين جيئرو رهندو نه الله ئي مرندو نه اهو عارف ئي مرندو. مئل خلق جيئري کي ڪانه ڏسندي. جيئري کي جيئرا ڏسندا آهن جنهن نفس ۾ فناءَ کاڌي اهو فنا ٿي ويو. سارو جهان نفس ۾ فناءَ کائي مري ويو.
طالب لاءِ ڪامل مرشد دستگير آهي. طالب کي مرشد جي صحبت جي ايتري ضرورت هوندي آهي جيتري ننڍي ٻار کي کير جي ضرورت هوندي آهي. طالب لاءِ بک ائين آهي جيئن شڪاري ڪتي کي بک ڏبي آهي ته بڇ تي مڇرجي اٿندو آهي ڍئو ڏبس ته شڪار جي پويان بڇ تي ڪونه اٿندو. نفس ڪتي کي به بک ڏيو. ڍئو ڏيندئوس ته گهڻي ننڊ ۽ گناهه ڪندو. جنهن ڪچهريءَ ۾ رات ڏينهن الله جي گفتار هلندڙ آهي اتي نماز روزي جي ضرورت ڪانهي. مرشد ننڊ ڪندو ته ڀوء ڪونهيس طالب اڃا پنڌ ۾ آهي. ان ڪري ڀَوءُ اٿس. طالب لاءِ ننڊ ۽ سٺا کاڌا زهر آهن. عارف زهرکي به هضم ڪري ويندو مگر طالب کي هڪدم ماري وجهندو.جيڪو الله کان نه دڄندو سوهر شيءَ کان ڊڄندو. دل ۽ روح جو گذران الله جي ڳالهين سان آهي. ڇو ته هو آيل اُتاهون جا آهن .الله جون ڳالهيون الله جا محبتي دل جي ڪنن سان ٻڌندا آهن. تڏهن اثر ٿيندو اٿن. عام ماڻهو ظاهري ڪنن سان ٻڌاندا آهن تڏهن ته اثر نه ٿيندو اٿن. ڪامل مرشد جي دامن ۾ مضبوط هٿ وجهه ٻڌايل ذڪر سان چنبڙيل رهه ڪپڙي جي دامن ڪم ڪانه ڏيندي. ڪامل مرشد جي صحبت هزار ورهين جي ظاهري عبادت کان بهتر آهي هي بوتو به محبت الاهي لاءِ شاهي محل ٺهيل آهي سائين ۽ ٻانهو مالڪ سڃاڻن به هن بوتي سان آهي. جيڪڏهن هن بوتي مان محبت پايون وٺيون هليو ويندو ته قيامت تائين روح کي به محبت هوندس.الله وارن کي به بوتي سان محبت آهي جيڪي اسم اعظم سان رهن ٿا پوءِ اها محبت يڪي ساڻ هوندن. کٽڻ هارائڻ جو هنڌ هي بوتو آهي. جيڪو وهايائين اهو ئي ڪم ايندس.مجازي عشق پلصراط آهي. جي کاپي پيو ته ڪري پيو جي لنگهي ويو. ته چڙهي ويو. پاڪ نظر سان الله ڏسبو آهي. مائٽن جي محبت به ان بوتي سان آهي،روح سان نه آهي. سابه پٽ پوٽي تائين هيٺ به ٽٽل ته مٿي به ٽٽل آهي، گذريل مائٽن مان اولاد جو ڏک ڏاڏي ڏاڏيءَ ماءُ پيءُ ۽ ماسيءَ کي ٿئي ٿو. ٻين مائٽن کي ڪونه ٿو ٿئي. ماڻهو مري ٿو ته باطن وارا عذر خواهيءَ لاءِ اچن ٿا. جڏهن ظاهري ماڻهو عذر چئي بس ٿا ڪن ته پوءِ سڀ مماتي وارا اچن ٿا. جج کي ماڻهو ڪونه ٿا ڏسن.
جيڪو طالب ذڪر ڪمائيندو ته نيٺ دل جي ڪارنهن لهنديس ۽ ضرور سيني ۾ حقيقت جو سج اڀرندس. عاشق سڄا سارا اسم اعظم جي لهر ۾ غرق ٿيا ۽ ٻنهي جهانن کان بيڪار ٿيا. ڪوبه لاڳاپو نه رکيائون انهن جي دل لامڪان جو آئينو آهي. اهو آئينو هنن جو جياپو آهي طالب جيستائين مرشد ۾ فنا نه ٿيندو. تيستائين عرش ڏي لنگهڻ نه ڏيندس، مستي ۽ خودي واري لاءِ سرڪار ايزدي جو ڪتو ويٺو آهي. نڙي ۾ چڪ وجهي هيٺ ڳوٺ ڏي اماڻيندس نفس جا مڪر اسم اعظم ناس ڪندو آهي. ٻي ڪابه دوا نه لڳندس.اسم اعظم جي پناهه وٺ ته نفس ڪتي کان بچين نه ته ٽنگون ڪڍي تحت الثريٰ ۾ هڻندئيءَ اوهان نفس جي ريجهه ۾ خوش آهيو نفس کي وارو لڳو ته دين ايمان وارا سڀ ڪپڙا کڻي ويندوَ. جيئن چور ڇوڪرا راند وارن جا ڪپڙا کڻي، ويندا آهن ۽ هو پوءِ پٺي اگهاڙا گهر ايندا آهن. تونگر سون جا ڳهه پائن ۽ غريب چانديءَ جا ڳهه پائين اهي سڀ روح کي رڪاوٽ جون ٻيڙيون آهن. توڙي زالون پائن ته به سندن مردن جي دل ڦاٿل آهي تنهن ڪري ٻيئي ڌريون ڪاٺ ۾ آهن.
جنهن جي دل ۾ اسم اعظم سامايو ۽ الله اثبات ڪيائين ته ان جو نالو عاشق آهي. ان جي مٽي به جيئري هوندي. هزارين سوالين جا ڏک ۽ پاپ پيئي لاهيندي. فقير ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا فقير شهباز آهن. دلين جو شڪار ڪن انهن جو پرواز لامڪان تائين آهي ٻيا فقير ڪئا مار آهن رنگ باز جهڙو اٿن اهي سڌن جا ڪئا ماريندا وتن انهن جي اڏام ٻرن تائين آهي. جيڪي زماني وارا ٿا ڏسو.
ڍونڍ ماڻهو لاءِ عفونت ۽ ڌپ آهي ڀرسان لنگهيو ته نڪ تي هٿ ڏيئي لنگهڻو پوندو. مگر ڪتن کي ڌپ اچي ته ڇر جي پون ۽ ڳولي وڃي کائن.

الدُنيا جِيفَه وَطالبها کِلاب
يعني، دنيا ڍونڍ آهي ان جا طالب ڪتا آهن.
دنيا جي ماڻهن جو اهو حال آهي ته هڪڙا ڊنگ ڪرسين تي ويٺا هوندا ۽ لوسي ڪتا سندن نوڪر آهن. بڇ تي اهي لوسي ڪتا به سر وڃي جلائن ۽ موٽن ته انهن جي اڳيان ڪوس ڪوس ڪن. دنيا جا ڪتا دنيا جي ڳالهه ۽ ڀئونڪان ڪندا آهن. اسان پنهنجي روح کان قُقُنسُ پکي واري ٻولي ۽ توحيد جي گفتار جو سروز ٿا وڄرايون. جيڪو هڪ دفعي توحيد جي جام يعني اسم اعظم سان مست ٿيو ته ڪڏهن به دنيا جي ڪاروبار ۾ نه ڦاسندو.
ملن قاضين کي سدائين قبر محشر جو خوف آهي. اسان نه قبر محشر جي خوف نه شفاعت ۽ بهشت جي اميد رکون. اسان موسيٰ واري لٺ آهيون جيڪي نفس جا فرعون آهن اهي ڳهي ڇڏينداسون. اسان جو وارُ وارُ آئينو ٿي پيو آهي. هر طرف کان حق کي ٿا ڏسون. روزائت ۽ نمازي سج جا پوڄاري سانڊا آهن. جيڪو ڪماليت تي پهتو ته ذڪر فڪر ڏهو چاليهو گوشه نشيني سڀ معاف ٿيس. اسم اعظم وهمن جو بندو آهي. جيئن کنڊ بند ڪبو آهي. نماز روزي سان وهم بند ڪونه ٿيندا آهن.
جيڪو اسم اعظم نه ڪمائيندو ته عزرائيل جي ظلم جو شڪار ٿيندو. اسم اعظم ۾ جيڪا حقيقت سمايل آهي. ان جي سُڌِ ڪمائڻ واري کي پوندي نه ڪمائڻ وارو انڌو رهجي ويندو.
وهندڙ پاڻي کي واهه چئبو آهي. بنا پاڻيءَ جي سڪل ڦٽل ڀڏو چئبو اٿس. آدمي به هلندڙ ذڪر واري کي چئبو آهي نه ته خالي ڀڏو آهي. اسم اعظم جي مدت پنج نوَ يا ٻارنهن ورهيه آهي جي چڙهي ويو ته واهه نه ته هن بوتي ۾ رهجي ويندو. عنقا پکيءِ جو آنو به ٻارهين مهيني ڦڙندو آهي. جي ڦڙيو ته آکيري مان اڏري هليو ويندو نه ڦڙيو ته وهمن ۽ خيالات جا گدڙ کائي ويندس جيڪو طالب مرشد کان ذڪر ورتي کان پوءءِ ڦري وڃي سو منافق آهي. جيڪو ڪامل مرشد کئون ڦريو سو رسول الله ﷺ کان ڦريو پير موليٰ علي کان ڦريو ۽ الله کان ڦريو. اهو علي نبي جو منڪر آهي. ڪافر مسلمان ٿي سگهي ٿو مگر منافق نا اميد آهي رسول الله ﷺ به ڦريل منافق کي جهنم جون بشارتون ڏيندو هو. اسان به منافق لاءِ محشر ۾ ملائڪن کي حڪم ڪنداسون ته ٻيانا ڪنڌ ۾ وجهي بُنڊ وانگر جهنم ۾ اڇلايوس، انهن ملائڪن جومهانڊو ڪولهن وارو آهي. هورنگ جا ميرا ۽ گوڏن تائين چڍيون پاتل اٿن هٿن ۾ ڏهه ٻارهن هٿ ڊگهيون ٻيانيون هونديون اٿن. ڏوهارين جي ڪنڌ ۾ اهي ٻيانيون وجهي دوزخ ۾ اڇلائيندا اٿن. انهن کي رسول الله به ڪونه ڇڏائيندو. اڃا بڇ ڪري مارائيندن.
فقير جو دشمن سنئون سڌو الله جو دشمن آهي. دنيا جو ظاهري مرتبو خواري آهي. باطن ۾ اهو دوزخ جو حقدار آهي. خودي روح کي نه هوندي آهي. روح جي عزت الله جي ذڪر ۾ آهي. محبت الاهي ڏي مائل ٿيڻ ۾ آهي. خلق کان منهن موڙڻ ۾ آهي.
جسم جو گهڻگهرو بت پرست آهي. اهو ملحد مشرڪ آهي. فقيري ان لاءِ اختيار ڪبي آهي ته جيئن مخلوق ڦري خالق ٿئي. مسٽر محمد علي جناح جيسين رعيتي هو تيسين ڪنهن ڪونه پي ليکيس. پوءِ اهڙي سرجوشي ڪيائين جو بادشاهه ٿي پيو. سڄو پاڪستان هن جو حڪم مڃڻ لڳو.
جيڪو صوفي ٻانهپ مان جند ڇڏائي عبد مان الله نه ٿيو ته سندس ذڪر اجايا. هي نفس جو ٻانهو رهجي ويو. جيڪو صوفي عبادت ٿو ڪري ته پڪ ڄاڻو ته هن الله ڪونه ڏٺو آهي. اسان وٽ هڪ مادر زاد انڌو آيو. اسان پڇيس ته سج جو رنگ ڪهڙو آهي؟ چوڻ لڳو ته ڪارو اٿس. اکين وارا مڃيندا ته سج جو رنگ ڪارو آهي. اهوصوفي جيڪو ظاهري عبادت ٿو ڪري سو به مادر زاد انڌو آهي. ان کي معرفت واري سج جي ڪهڙي خبر.
صوفيءَ ڏوهه نسوري. هوءَ جا عبادت عامن،
خبر نه خامن، پختن جي پروڙ جي

بيدل سائين طالب” موتو قبلل ان موتو“ ٿيو ته پوءِ هو پاڻ معشوق ٿي پوندو مسلمان به رسول الله ﷺ کي الله جو معشوق چوندا آهن. اها سچي ڳالهه آهي. معشوق جي عزت عاشق کان وڏي ٿيندي آهي. اسم اعظم جي شرابا طهورا پيئڻ واري کي محمد مصطفيٰ سمجهو جنهن ان سان صحبت ڪئي ته فيض پوندس. نه پيئڻ وارو ملعون ابوجهل آهي. ان جي صحبت ايتري خراب آهي ڄڻ يزيد جي اوڀر پيتائين.
مرشد جي هٿان جنهن اسم اعظم جو سرمون پاتو ته ان جي ديد عرش ڪرسيءَ کان پري لنگهي ويندي پاڻ سڃاڻو. مگر اوهان کي شهوت ۽ حرص ڀلايو آهي.فقير الله جا قاصد آهن. جيڪي الله جا پيغام ماڻهن کي ٻڌائن ٿا. پر افسوس جو هو نٿا ٻڌن. انهن کي الله جي ضرورت ئي ڪانهي. رنن جي ڀڙون جي ڳالهه به ڪن ڏيئي ٻڌن ٿا. انهن سان خوش پيا ٿين. انهن کي سُوا مينهن ڏيئي ٿا ڇڏين مگر فقير کي ڪڪڙ به نه ڏين جيڪو فقير الله جي ڀڙوت ڪري چوين ته الله کي ياد ڪريو ان کي نه وساريو چڱي طرح هلو چلو ان مهل فقير سان وڙهي پون مگر رنن جي ڀڙون سان ٺريو پيا ٺرن. عام ماڻهو اهڙا انڌا آهن گمراهه جي ساراهه ڪندا ۽ فقير کي ڪافر سڏيندا .
هڪ پڃري ۾ طوطو ۽ ڪانءُ ٻيئي گڏ ويٺل آهن. ٻنهي جي ٻولي ابتڙ آهي. طوطو چويس ته الله کي ياد ڪر. ڪانءُ چويس ته هل ته هلي ڪاٿي ڍونڍ تاڙيون کائي مزا ڪريون سڀاڻي گهٽ وڌ کلو جهلي وينداسين اسان به ٻين سنوان. هي ڳالهيون ٻڌي طوطو پريشان ٿي ويندو. ڪانوَ جي ڊگهي چهنب کئون پيو ڊڄندو ته متان جهرڪي وانگر کڻي وڃي.
جنهن زبان سان توبه ڪئي ان جي توبه قبول ناهي. جنهن زباني ذڪر ڪيو تنهنجو ڄاڻ دڳ ڀلجي ويو. عارفن جي حياتي حق سان آهي. جيئن وڏي عمر ٿيندس تيئن گهڻا ماڻهو فيض پيا پرائيندا. دنيا جي ماڻهن جي وڏي ڄمار ذلالت آهي. سندس پوين کي ڪتي ڌارڻ جي ضرورت نه پوندي پٽن جو ڪم نه وڻندس ته ڀوءنڪان ڪندو هي دنيا جا ماڻهو پراوا نوڪر آهن. جنهن ساري عمر پرائي خدمت ۾ گذاري ته ڄڻ ڇيڙ وڙهو. آخر ذليل ۽ خوار ٿي مرندو. هن جي موت مان پاڙي وارا عبرت پيا وٺندا.
هي نفس دائي جي مثال آهي. روح ماءُ جي مثال آهي. جيڪو ماءُ کي ڇڏي دائي جي ڪڍ لڳو تنهن کي دائي پرائي رت پونءُ جو پورهيو يعني حرام کارائيندي. دائي جي پليل ڇوڪر کي دم دم سان جهنم جو ديدار حاصل ٿيندو. ڇاڪاڻ ته روح ماءُ جو چيو نه ورتائين روح جو چيو وٺي ها ته هن جو عروج عرش کان پري وڃي ها ۽ معرفت جو نور نصيب ٿئيس ها. مگر هن بوتي جي دائي نفس جو فرمانبردار ٿيو تنهن ڪري کيس جهنم ۾ پهچايائين.
طالب جي روشنائي ذڪر جي آڌار تي ٿيندي جيترو ذڪر کي زور هوندس اوترو ديدار حاصل ٿيندس. جيڪڏهن نفس ۾ اڙيل هوندو ته ذڪر ڪمائڻ سان صفاتي شهود ٿيندس. پاڪ صورت ڏاڙهي سان ڏٺائين ته اڃا نفس جو قيدي آهي. دل جي روشنائي نه اٿس. طالب جيڪڏهن توحيدي ڪلامن تي عارفن جو صورتون جاڳندي ڏاڙهيءَ سان ڏٺائين ته اهي سهي اٿس سازن تي جاڳندي به اکين تي نشو طاري ٿي ويندو آهي پوءِ سڀ عارف ۽ عرش جو مالڪ به ايندو آهي. جنهن جو ديدار ٿيندس. السماع معراج الا ولياءُ يعني آسمان ڏانهن سواءِ پرن جي طالب اڏرندو ۽ سندس مرشد کيس رهبري ڪندو.
عارف عاشق انبياءَ ۽ اولياءَ امام سڀ بادشاهه لم يزليءَ اڳيان ستارا آهن ۽ هو پاڻ حقيقت جو آفتاب آهي. جنهن به عارف يا عاشق جو ڪلام يا ڪتاب پڙهبو ته اهو عاشق اچي حاضر ٿيندو. پڙهندڙ کي ڪونه ڏسبو مگر هو گڏ پيو پڙهندو. اهو قدرتي قانون آهي. تکو طالب اهو آهي جيڪو اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل ڳالهيون ڪري. اسان جو ظاهري نالو بادشاهه لم يزليءَ فولاد مشرقي رکيو آهي مگر ملڪوت ۾ اسان جو لقب سلطان العارفين آهي. يعني عارفن جو بادشاهه الله تبارڪ تعاليٰ خلق جي هدايت لاءِ بقا باالله جي منزل واري عاشق کي موڪليندو آهي جيڪو نبيءَ جي برابر آهي. ان لاءِ حديث شاهد آهي ته الشيخ في قومهٖ لَکَ فيِ اُمَّتِهٖ .يعني جنهن قوم ۾ عارف يا عاشق موجود آهي ته اهو ڄڻ پنهنجي امت جو نبي آهي. هر قوم ڏانهن خدا هادي موڪليندو آهي. يونان عراق جي ملڪن ۾ذات حق جي واصلن کي نبي سڏبو آهي. يونان حڪيم سڏبو آهي. هندوستان ۾ اوتار سڏبو آهي. سنڌ ۾ عاشق ۽ عارف سڏين. حضرت رسول الله ٻه دين هلايا هئا. (1) ظاهري دين روزا نماز حج زڪوات خيرات وارو دين.(2) لدني علم وارو دين. باطني يا لدني علم سان الله ڏسبو آهي ظاهر علم ۽ دين سان الله ڪونه ڏسي سگهبو آهي.
رسول جي ظاهري دين کان وڌيڪ الله جي دفتر ۾ ٻيو ڪوبه دين ڪونهي. اسان کي الله جي جهڳي جي پوري خبر آهي. تنهنڪري عارف به ان دين جي تائيد ڪندا آهن. مگر عام ماڻهن کي رسول الله ﷺ ظاهري دين جو سبق ڏنو ۽ خاصن کي لدني دين جو سبق ڏنائين جيڪو:وَالذْکرْ رَبَّک فِی نَفْسِکَ تَضرِّعَا وَّخِیفَتہَ ودُونَ الجَھْر وَلٰا تَکُونُو مِنَ الغَافِلیِنَ ”. يعني پنهنجي رب جوساهه سان ذڪر ڪريو.زاريءَ سان ۽ آواز کانسواءِ ڳجهي طرح غافلن مان ٿيو. اهوسڀ فيض رسول الله ﷺ موليٰ عليءِ کي عطا ڪيو. جتان ڪائنات ۾ پهتو اسان جا رهبر به اهيئي آهن ۽ اسان جو يقين ۽ اعتبار به انهن تي آهي. پاڻ رسول الله جن به دم واري ذڪر سان معراج ڪيو هو اهل صفحه وارن کي صرف ذڪر لاءِ رهايو هئائون. جيڪو اڄ تائين هلندو پيو اچي. قيامت تائين هلندو. اهل صفحه وارا صوفي الله جي دين جا طالب ٿيا هئا. جن جي لاءِ قرآن ڪريم جي ٽئين سيپاري ۾ فرمايو آهي. للفُقَراءِ الَذِین اُحصِرُو فیِ سَبیل ِاللہِ اسان جو رهبر رهنما علي المرتضيٰ من عرف نفسه فقد عرف ربه نه فرمائي ها ته اسان جيڪر منجهي مري وڃون ٿا. جيئن ڪو مسافر بر ۾ منجهي ۽ کيس بگهڙ کائي وڃن. دنيا جو جهان بيابان آهي. جنهن ۾ ڪيتري خلق ذات حق ۽ رسول الله جي ديدار کانسواءِ خيالات جي بگهڙن کائي ختم ڪئي آهي. تيئن اسان کي رهبريءَ کانسواءِ خيالات جا بگهڙ کائي وڃن ها. مگر هاڻي اسان بي خوف آهيون. لاخوف عليهم ولاهم يحزنون اسان آهيون اها آيت اسانجي شان ۾ آهي. اسان ڪوڙ ڳالهايون ته اسان تي. نه ته شڪ ڪندڙن تي لعنت آھي. اسان جڏهن من عرف وارو سندرو ٻڌي هلياسون تڏهن الله رسول ۽ مولا علي سڀ ڏٺا سون. اصل ۾ ٽيئي هڪ آهي مگر عامن لاءِ ٽي نالا آهن. الله جو ذڪر اهڙي پناهه آهي جيئن شينهن جي پناهه ۾ لومڙي رهي ۽ سندس اوبريون کائي خوش گهمندي وتي. ماڻهو الله جي ڳالهه کان ڀلجي ويا آهن. حقي قبلي کان سندن مٿو ڦري ويو آهي. ڪي اتر نه ڪي ڏکڻ ڪي اوڀر ڪي اولهه ٿا وڃن. سياڻن کان قبله ڪو نه ڀليو آهي. ماڻهن جو دين ايمان دنيا جو ڍونڍ آهي. کين الله جي ڌپ وڻيئي نه ٿي. جيئن ڍونڍ تي ڪانوَ ڪتا ۽ ڳجهان حيران آهن تيئن هي دنيا وارا به ان دنيا تي حيران آهن. خلق ناسوتي آهي ناسوتي لفظ کي بگاڙي ناسودي ڪيو ويو آهي. ناسوت هن جهان کي چئبو آهي، عزرائيل سندن تاڙ ۾ آهي مگر هي سڃاڻن ئي ڪونه ٿا.
ختمن ۽ جماڻن جي چانورن تي ڪانون وانگر وڃي گڏ ٿين، چون ته هي ختمون فلاڻي جو آهي. مگر ڪڏهن ته سندن مٿان به عزرائيل اچيو وڃي. جيڪو طالب ڪري ڪندو تندرست رهندو نه بيمار رهندو. رسول الله فرمايو آهي. ته مڙس اهو آهي جيڪو ٻه گهمرا ڄمي هڪ گهمرو ته ڪتو به ڄمي ٿو خدا. انجيل ۾ فرمايو آهي.
لم يلد ملکوت السموات ثم تولد مرتين.
هن بوتي جي خدمت ۾ رهندي ته روح ڏٻرو ۽ ضعيف ٿي ويندو.
روح کي اسم اعظم جو طعام کاراءِ ته هن بيڪار بوتي مان نڪري معراج تي وڃين. جيڪي ماڻهو نماز روزو به ڦٽو ڪن ته ذڪر به نه ڪن ته اهي گمراهه آهن ۽ جهنمي آهن. مگر جنهن کان اسم اعظم نماز روزو ڇڏايا اهو وحدتي آهي. ان کي الله جو لقاءُ نصيب ٿيندو. طالب جڏهن ذڪر جي شوق ۾ ڪعبه قبلي جا واسطا ڇڏيا. آهن. تڏهن ديدار ٿيندس. مگر بنا ذڪر جي واسطا ٽوڙيائين ته جهنمي آهي. جيستائين آدمي جسم جو قيدي آهي تيستائين کيس. عبادت ڪرڻي اٿس. جي عبادت نه ڪندو ته ڏوهاري ٿيندو. جيڪي الله جي دين ۾ داخل ٿيا تن تي ربوبيت جو ڪم رکيل آهي. ان ۾ ئي مس پورا آهن نماز ٻانهن تي جسماني زڪوات آهي ربوبيت واري تي زڪوات ڪانه آهي. ربوبيت وارا فقير جسماني ڍڳو حوض ڪوثر جي ساقيءَ اڳيان قربان ڪرڻ لاءِ سنبريا بيٺا آهن. جسم جا قيدي ان جسم جي ڍڳي جي هر وقت خدمت ٿاڪن. ابراهيم واري آڙاهه ۾ ابراهيم جهڙو ويندو ٻيو ويندو ته سڙي ويندو. شهوت جي باهه نمرود آهي زالون پٽ باغ ملڪيتون ماسوا الله سڀ شهوت آهن. الله جايون ٺاهيون آهن. (1) اعليٰ مڪان (2) هيٺين جاءِ. ماڻهو مختلف قسمن جا آهن. ڪي اعليٰ مڪان جا حقدار ته ڪي وري بهشت جا حقدار، هر ڪنهن کي محنت آهر. جاءِ ملندي جيڪو نفس شهوت جي غرقاني ۾ هوندو ته ان کي دوزخ ۾ جاءِ ملندي جنهن جي باهه ڪاري آهي. ظاهر ۾ جيئن عام خاص کي عزت آهر جاءِ ملندي آهي اُتي به ائين آهي.
الله آدم کي عرش تان لاهي دنيا ۾ ڦٽو ڪيو پر هار هالي ڍور وانگر هڪ بنڊي جسم جي کڻي ڪنڌ ۾ وڌائينس ڇو ته روح عرش جو هيراڪ آهي ۽ هيٺ نه رهندو. موٽي ايندو جيڪا هستي اها بنڊ ٽوڙائي اچي ته ڀلي اچي. الله آدم کي عاشقيءَ ۽ معشوقي جي فراق جي چَسَ لاءِ آندو آهي. نڪي ڪثرت جي ڪمن لاءِ مگر هت تي ڪي ماڻهو زالن تي عاشق ڪي پٽن تي ته ڪي دنيا دولت تي عاشق آهن. الله جا عاشق بلڪل ٿورا لڀندا. ماڻهو چوندا آهن ته الله جو دروازو وڏو آهي. مگر اهو دروازو صرف ٽي گراٺون آهي. هن عشق جي ڳجهارت کي ڪو سمجهندو. عام ڪونه سمجهندا.
نفس سامري گابو آهي.جنهن خلق گمراهه ڪئي آهي. هي تڌهن ختم ٿيندو جڏهن حضرت موسيٰ اچي ڪهندس. دلين جو ملڪ آزاد ٿيندو. موسيٰ جي امت دم آهن. اڃايل ننڊ نه ڪندو. اڃ جي معنيٰ سِڪَ آهي ذات حق پاڪ جي سِڪ وارو ننڊ نه ڪندو جيستائين ڏسي نه قيامت ۾ الله جي ڏسڻ وارو وعدو ڪوڙو اٿو. جيڪو هت الله کي ڏسندو هت به اهو ئي ڏسندو. جيئن عزيز نبيءَ پٽن کي چيو هو ته مان سئو ورهين کان پوءِ موٽي ايندس، سئو ورهين کان پوءِ جڏهن آيو. ٻيو روپ وٺي آيو ته هڪڙي پٽ کيس سڃاڻي ورتو. سو مست ٿي پيو ٻين نه سڃاتو پڇيائونس ته بابو ڪڏهن ايندو کين چيائين ته منهنجي پويان ٿو اچي. هيو پاڻ عزيز عليه السلام. مگر هنن کي دلاسو ڏنائين. الله به ائين دلاسو ڏنو آهي.
ماڻهو درياهه جي ڪپ تي سمهيا پيا آهن.ان مان لپ ڀري نه ٿا پيئن رڃ ڏي ڀڳا ٿا وڃن. دم جو درياهه وهي ٿو. دم سجايا ڪن ته اڃ لهي پوين. هڪ دفعي الله ڏسن ته جان مال سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏين. مگر هنن سڀ ڪجهه نفس تئون سر قربان ڪري ڇڏيو آهي. ان ذات کي ڏسن ته کاڌن پيتن مان ڌپ اچين پر هي ڪتي وانگر دنيا جي ڍونڍ تي حيران آهن. جيئن ڌپ گهڻي تيئن ڪتا خوش ٿين. ماڻهو چون ٿا ته دنيا به هجي ۽ الله به ملي. ٻه گدرا مٺ ۾نه ايندا آهن. دنيا گهرندا ته دنيا ملندن الله گهرندا ته الله ملندن جيڪوالله کي اکئين ڏسندو اهو حقي مسلمان آهي نه ته ماڻهو رسمي مسلمان آهن هي نفس ڏهن ٻارهن سالن جي مسلماني جي سبق پڙهائڻ سان مس ٿو وڃي. مسلمان ٿئي نه ته ڪٽو ڪافر آهي، اسان جيڪي ڏٺو آهي اها ڳالهه زبان سان ڪريون ته زبان ڏري پوي ۽ اسان وٽ جيڪو حُسن جو بادشاهه لم يزلي آهي ان جو برقعو لاهيون ته جهان جا ماڻهو سڙي مري وڃن، يوسف جو جوڙيندڙ اسان وٽ آهي.
آدمي ۾ معرفت جو نورسج جي مثال آهي جيڪو هوسن جي رئي سان ڍڪجي ٿو وڃي. آدمي سڌان ترڪ ڪري ته حقيقي مسلمان ٿيندو. سڌن بند ڪرڻ جو ڏس ڪنهن عارف کان پڇيو نه ته نفس تحت الثريٰ جي تري ۾ هڻندو. جن سڌان ختم ڪيون تن جي مٽي ٿي چمجي. سارو جهان خوديءَ ختم ڪيو آهي. مگر عارفن خودي ختم ڪئي آهي. نفس گبر ۽ يهودي آهي الله جو دين قبول نه ڪندو پر دنيا جو دين اٿس. ڇو ته دنيا ۾ ظاهري سک آهن. الله جي دين ۾ ڏک آهن. روزو نماز ائين آهي جيئن پڌر تي ڏيئو ٻارجي ۽ ٿوري هوا تي وسامي وڃي. مگر ذڪر خدا جو وڄ وانگر آهي جو اهو پاڻيءَ تي به وسامنديءَ ڪانه مگر زور وٺندي آهي. جنهن کي ذڪر جي باهه لڳي ته جيستائين نفس سڙي نه ويندس تيستائين باهه ڪانه وسامندي.
مصر جون زالون يوسف کي ڏسڻ آيون. ڏسڻ سان پنهنجا هٿ ڪپي وڌائون جيڪو يوسف جي خالق کي ڏسندو سو دنيا عقبيٰ تان هٿ ڪپائيندو.
روح نوح آهي نفس ڪنعان آهي. ۽ دنيا هن جي زال آهي. دنيا جو جهان طوفان آهي. ذڪر نوح واري ٻيڙي آهي. دنيا ۽ نفس ان ٻيڙيءَ تي نه چڙهندا. هستيءَ جي جبل تي ويندا . جتي ٻڏي مري ويندا.
نفس فرعون آهي. روح موسيٰ آهي ۽ ذڪر موسيٰ واري لٺ اٿس جيڪا فرعون جا سڀ جادوگر ڳهي ويندي ۽ فرعون کي عشق جي درياه ۾ غرق ڪندي.
دنيا وانگر دنيادار به بدمعاش آهن دنيا جا ماڻهو ڪانو آهن. فقير عاشق عشق جا شهباز آهن. دنيا جا ماڻهو عارف جي صحبت کان ائين پري ڀڄندا جيئن ڪانوءُ شهباز کان ڀڄي. روح جو لائق معراج آهي ۽ نفس جو لائق قبرستان آهي. جنهن ساري عمر گمراهيءَ ۾ گذاري ان جي منهن ڏسڻ جو ڪهڙو ضرور. وڏيرن ۽ زميندارن جو جيڪو حال ٿيندو تنهن جو قرآن شاهد آهي. اها خبر الله کي الله جي رسول کي ۽ فقيرن کي آهي. دوزخ جي داروغن کي انهن جي پارت ٿيل آهي. جڏهن اتي پهچندا ته پاڻ ڏسندا. روح سليمان نبي آهي.اهو نفس کائنس دل وارو تخت کسيون ويٺو آهي. منڊي به چورائي ويو اٿس. اسم اعظم واري منڊي هٿ ڪندو ته تخت ملندس، جسم جهان مثل آهي ۽ اهو جهان جيل آهي جيڪو جسم جو مطيع آهي سو قيدي آهي، جيڪي ان قيد مان نڪرندا اهي بادشاهه آهن. هي رسمي دين عشق جو منڪر آهي جيڪو اسم اعظم سان ذات حق اڳيان ڪٺو سو حلال آهي. جيڪو بنا تڪبير جي عزرائيل گهٽي ماريو سو حرام آهي. ذڪر جو پاڻي مٺو آهي. نفس جون سڌان ڪوڙو پاڻي آهي. جيڪو ڪوڙو پاڻي پيئندو سو انڌو ٿي پوندو عاشق ڪعبه ۾ ڄمي توڙي بتخانه ۾ ته به اهو نور الاهي آهي هن جي ذات نه پڇو. عاشقن الله جي پوشاڪ پاتي آهي. رسول الله جو فرمان آهي ته دنيا ڍونڍ آهي. سندس ڳوليندڙ ڪتا آهن، ڪتن جو قوت هوسان آهن. سڄن جو قوت ذڪر الاهي آهي. ٻيون پهلوانيون ڪريو ٿا. مگر روح ۽ ساهه نه سڃاتو. ساهه کانسواءِ هي بوتو ٻن پهرن ۾ ڌپ ڪري ويندو. جن روح ۽ ساهه کي سڃاتو سي وحدت جي درياهه ۾ غرق ٿيا.
ماڻهن کي سمجهه نه آهي جن شين کان رسول الله منع ڪين ته انهن عملن کان نه مڙيا پنهنجي روح کي بيمار ڪري ڇڏيائون وصل کان رهجي ويا. روح ابراهيم دم اسمائيل ۽ نفس ڪافر آذر آهي. هوسان بت اٿن. جيڪو ابراهيم وانگر ذات حق جي اڳيان نفس جا بت ڀڃندو ته ان تي ابراهيم وانگر آڙاهه به باغ ٿي پوندو.
نفس جو جڏهن ڍئو ٿيندو ته فرئون وارا ڪم ڪندو. سياڻپ کان ڀورڙائي چڱي آهي. سياڻو ته ڪانءُ به آهي. جيڪو ڍونڍ کائيندو آهي. بلبل ڀورڙي آهي گلن تي ويهندي ۽ ميوات کائيندي آهي جنهن ڳالهه جي الله رسول منع ڪئي آهي.فقير اوڏانهن اصل نه وڃن.ملان ڳالهيون شريعت جون ڪندا سندن عمل ابتا هوندا. جنهن پاڻ کي ڏٺو ته عشق جي مستيءَ به ان تي معراج به ان تي پوءِ اهو پاڻ الله ٿي پيو ٻيو هن جو الله ڪونه آهي. حضرت قلندر پاڪ ٿو فرمائي ته“ الله نه گوئيم که درشرک بما نيم” يعني ٻيو الله نه چونداسين ڇو ته شرڪ ۾ رهجي وينداسين. ملڪوت يمن آهي هي جسم اڌوڙ اٿوَ يمن جو ستارو ڏسڻ سان طالب رڱجي ويندو ڏسڻ سان غير ڇنڊجي صفا ٿي ويندس. مڪلوت واري ستاري جو نالو نه کڻبو ڇو ته مسلمان ان نالي کان کپندا آهن،
نوح وارو طوفان به نفس جي شامت مان ٿيو هو.ڪربلا جو ڪيس ۽ قتل يزيد پليد جي نفس ڪيو هو. ڪوئٽيا جو زلزلو به لم يزلي بادشاهه کي نفس چيڙائي وڌو هو. لوط وارو شهر به نفس غرق ڪرايو. اڄ تائين اهڙا گهڻا مثال آهن. اسان به سنڌيءَ ۾ ماڻهن کي سمجهايون ٿا ته نفس جي حڪم مڃڻ کان بچو. نفس کان پاسو ڪري الله جي ذڪر سان رهو جيڪو عين دين آهي. ائين ڪندئو ته بچاءُ ٿيندو نه ته نفس سوارٿي ڪنهن اونهيءَکڏ ۾ ڪيرائي وجهندوَ، هي جسم دوڪان مثل آهي. ڪنهن دوڪان ۾ پراڻا لتر ۽ موچڙا رکيل آهن ته ڪنهن ۾ ڪپڙا ته ڪنهن ۾ مٺاڻ رکيل آهي. هر ڪو انسان مختيار آهي جنهن کي جيڪي وڻي سووهائي.
مڙس اهو آهي جيڪو پنهنجو طواف ڪري. جيڪو ائين نه ٿو ڪري سو ڀليل آهي. حديث ۾ آيو آهي ته قلب المومنين بيت الله، يعني مومن جي دل الله جو گهر آهي. فارسي ۾ آهي ته “راه خدا سوئي آسمنان نيست، راه خدادر قلب مومنان است” جو رستو آسمان جي طرف نه آهي مگر الله جو رستو مئومنن جي دل ۾ آهي. جيڪو ماڻهن جو اڳواڻ آهي سو ماڻهو نه آهي مگر ڏاند آهي. ڪچي ڪاٺي جاڏي نوائبي ته نوين پوندي سڪڻ کانپوءِ نوائڻ سان ڀڄي پوندي. ائين جيڪو ننڍڙائي ۾ الله ڏي لاڙبو ته لڙي پوندو مگر ڪراڙو ماڻهو نه لڙندو.
ماڻهن کي ٻالپڻي کان وٺي مائٽن رسمي دين سيکاريو آهي تڏهن اهي اهو بُنڊ کنيون ٿا وتن. مسلمان جي ننڍڙي ٻار کي جيڪڏهن ٽڪاڻي ۾ پالبو ته ٻاڻيون پيو پڙهندو ۽ تپشائون پيو ڪندو. ڌوتي ٻڌي پيو گهمندو.جڻيو ٻڌي سمرڙي پيو. پڙهندو صبح جو سنان ڪري ڪٿا پيو ٻڌندو. ٽڪاڻي ۾ مٿو پيو ٽيڪيندو. ڪڻاهه پرساد پيو ڪندو. وري جيڪڏهن هندن جو اهڙو ننڍڙو ٻار مسلمانن وٽ ڇڏجي هن کي عربي فارسي پڙهائيندا. جڏهن وڏو ٿيو. ڳئون دسي ڪهندو. طوهر تي به ڦنڊر ڪهرائيندو. واهگروءَ کان وَنءٌ پيو ويندو. ڏاڙهي کڻي ڇڏيندو. واڻين تي ٽوڪون پيو ڪندو. ان رسمي دين جو اهو حال آهي.
ان لاءِ رسول الله ﷺ جن حديث فرمائي آهي ته

کُلُ مَولُود یُولَد عَلیٰ فِطرت لابواھہ یَھُودَانِہ وَیَمجِسانِہٖ اَونَصرَانہِ
يعني هر هڪ ٻار پنهنجي مائٽن جي فطرت مطابق ٿو ڄمي. سندس مائٽ توڙي يهودي هجن يا مجوسي هجن يا نصارا هجن.
حقاني دين اهو آهي جيڪو رسول الله ﷺ جي هٿان ٿو ملي، ڪامل مرشد جو هٿ الله جو هٿ آهي. رسول الله ﷺ جو هٿ آهي، قرآن گواهه آهي ته “انما يبايعونک يد الله فوق ايديهم” يعني جنهن رسول تنهنجي بيعت ڪئي ته تنهنجي هٿ مٿان الله جو هٿ هو”. يعني گويا الله جي بيعت ڪيائون. نفس جي پالنا پرهيز گارن وٽ ٿئي ٿي. اتي شيطان ويٺو آهي ٻڪن واري دعا جو قبول پوڻ مشڪل آهي. جيڪو ذات حق ۾ گم نه ٿيو ته عرش کان باطني طرح سندس لاش تي به باهه جا الا پيا ڪرندا. سندس غفلت وارا خيال سڄي عمر وارا الن جي شڪل اختيار ڪندا.
عارفن جو سڀ صورت ۾ سير آهي. ملان نفس جا تابع آهن. ماڻهن کي ايذائڻ کان نه رهندا آهن ڇو ته سندس نفس جيئرو آهي, جيڪو حق جي وصال کان محروم ٿيو اهو حيران آهي. حرص واري جو علاج ڪونه آهي اسان اتي وياسين جتي ٻئي جهان ٽپ ڏين ته به نه پهچن اها اسان جي آرام جي جاءِ آهي
اسان کي جيڪو ڳوليندو سو نه لهندو.اسان اتي ويا آهيون جتي ملائڪن جي پهچ به ڪانهي. هلندڙ طالبن جي ذڪر جو چڙو وڄندو پيو .جڏهن شهر ۾ ويا ته سندن چڙو به بند ٿي ويندن. هي آدمي ائين آهي جيئن پاڻي تي ڦوٽو تري. رهي به درياهه سان گڏ ٿو. مگر جڏهن درياهه کي سڃاڻي ٿو ته ساڻس ملي هڪ ٿي وڃي ٿو. نه ته ڀليو ٿو وتي. آدمي اصل بي شناس آهي جو ڄمڻ سان ماءُ جي رت ٿو چوسي. پوءِ ٻين سان ڪهڙي نيڪي ڪندو. يوسف پهرياڻ جي اندران ويٺو آهي. جنهن پهريان لاٿو تنهن ڪاڻ يوسف پڌر تي آهي. جنهن نه لاٿو تنهن ڪاڻ يوسف گم آهي. ڪعبه ۽ بت خانه ۾ ڪجهه به نه آهي ماڻهو لاحاصل موٽي ايندو. ڏسندو ڪجهه به نه جيڪڏهن توکي معرفت جو ملڪ ڏسڻو آهي ته اڳ ۾ نفس کي ترڪ ڪر ته راز جو واقف ٿئين،
اسان عشق جي عبرت جو ساز آهيون ڪنن مان ڪپهه ڪڍ ته اسان جي ساز جو آواز ٻڌين. جيڪو سڙندو سو روشنائي ڪندو. جيڪو عشق جي باهه ۾ نه سڙندو سو عزرائيل جي غضبي موت ۾ سڙندو جيڪو گمراهه آهي ان لاءِ به عزرائيل تيار ويٺو آهي جيڪو سپ ڳوليندو تنهن کي موتي لڀندا. جيڪو نه پڇندو تنهن کي خيالات جا گدڙ کائي ويندا. لالچ نانگ مثال آهي. جيسين پاڻ مان نه نڪرين تيسين هوس نه ڪجان ته مان ڪو معنيٰ جي ملڪ جو مالڪ آهيان توڙي قرآن پڙهين يا ستر حج ڪرين. جيڪڏهن روزي نماز مان ڪجهه ٿئي ها ته ڪٻر مان هماءٌ ٿئي ها. ظاهري عبادت مان فيض ملي ها ته عزرائيل کي گهڻو ملي ها. هاڻي ويچاري تي هر پاسي کان لعنتن جا وسڪارا اٿس. نماز مان خودي پيدا ٿيندي آهي. نماز ۽ خوديءَ جو شيطان دشمن آهي. جيڪو الله کان گمراهه آهي سو سوئر وانگر جڏهن پوک جي مالڪ ڏٺس ته ڏڦو هڻي ماري وجهندس. ماڻهن جو نفس گڏهه آهي دنيا زال گڏهه اٿن جيسين انهن سان هوندا تيسين الله ڏي ڪونه هلندا.
نفس چوي ٿو ته آسمان کان پرتي ڪو ملڪ هجي ها ته ضرور آسمان کي ڪو ٽنگ هجي ها. روح چوي ته برابر پرتي ملڪ آهن. ان الماعون ملڪ بي پايان آهي مان جڏهن دنيا ۾ نه آيو هوس ته اتي رهندو هوس. ملڪوت جبروت لاهوت سڀ ملڪ منهنجا ڏٺل آهن. اهي سڀ منهنجا واهيرا هئا. اڙي نفس مان جڏهن ماءُ جي رحم مان آيس تنهنجي کاڌن پيتن ۽ لذتن اهي واهيرا وساري ڇڏيا. تو جيڪا کاڌي جي ڄاروڇائي ان ۾وڪوڙجي ويس،اڙي نڀاڳا نفس تو روڪيو آهي نه ته مان ڪڏهن ڪڏهن پرواز ڪري اوڏانهن ويندو آهيان.هت ماڻهو واپاري ٿي آيو آهي جيڪو وکر وڻيس سو وهائي. ڪي موتي وهائين ڪي موچڙا وهائين. جيڪي ڪلالن وٽ مٽن جي ڀر ۾ رهندا آهن تن کي کائڻ پيئڻ کان نفرت ايندي آهي. طمع نفس جي پوک آهي، ان پوک کي نه ان نه پن ٿئي.
هن سيني جو عجب ٿو لڳي، جو آهي به حقيقي ڪعبه مگر منجهس مڙهي وارا خيالات جا بت لات منات ۽ عزيٰ به موجود اٿس. الله جو ذڪر منجهس نه هلندو ته اهي بت زور وٺي ويندا ذڪر کانسواءِ بت خانو آهي، ان سيني ۾ وسوسن وارو خناس ٿو رهي، جنهن سيني ۾ والذکر ربک. في نفسک. ويد خلون في دين الله وارو دڳ هٿ ڪيو ته ان سيني ۾ ٻنهي جهانن جي رحمت محمد مصطفيٰ ﷺ جي رهڻ جي جاءِ آهي، رات جي جاڳڻ مئون فقير عارف ٿيا. طالب ننڊ ڪندو ته ديدار نه ٿيندس. شاهه اعظم به ننڊ نه ڪندو آهي. تڏهن جاڳندڙ جاڳندڙ کي ڳولي لهندو آهي. ذات حق پاڪ ٽن هنڌن تي آرام ۾ آهي چوٿين هنڌ آرام ڪونه اٿس. هي رات جو اوجاڳو ڪري سڏ ڪريس ته هي قرار ۾ ۽ هو بيقرار ٿيندو. مثال دنيا جا مجازي عاشق معشوق ڏسوٿا معشوق نه ملڻ تائين عاشق بيقرار هوندو آهي ۽ معشوق قرار ۾ هوندو آهي. وصل کانپوءِ عاشق قرار ۾ ۽ معشوق بيقرار. ان طرح ظاهر ۽ باطن جو ساڳيو دستور آهي. جيڪو اسم اعظم ۾ سر ڏيندو اهو حقيقي مسلمان ٿي نفس ڪافر کان جان ڇڏائي واندو ٿيندو. نماز پڙهڻ نفس جو مڪر آهي نماز سان به کيس مسلمان نه سمجهوس. نفس جي ڏاڏي شيطان ڇهه هزار نوسئو ستر ورهيه نمازون پڙهيون ته به مسلمان نه ٿيو. هي به ان جي اولاد آهي. نفس بادشاهه آهي. شيطان وزير اٿس. رسول الله فرمايو آهي ته جنهن زالن ۽ نفس جي صلاح ورتي ته اهو کوهه ۾ ڪرندو. انهن جي مخالفت ۾ اصلاح اٿَوَ
عشق جو ملڪ فنا ۽ بقا جي ملڪ کان گهڻو پري آهي. عاشق جي رهائش ان ملڪ ۾آهي. اهو ملڪ اسم ذڪر اسم اعظم کان ويهوڻ پري پنڌ تي آهي. جڏهن ذڪر جي مستيءَ پيدا ٿيندي تڏهن طالب بوتي مان نڪرندو. پوءِ شراب جي مستي پيدا ٿيندس. شراب جي مستي کانپوءِ صوفي هوشيار ٿيندو ۽ وري ٽين مستي پيدا ٿيندس. ان کانپوءِ چوٿين مستي پيدا ٿيندس.جيڪا بقادار هوندس اڃا ٽين مستي جي ڪا ڳالهه آهي جيڪا نه ڪبي.
نفس جو هٿيار اهڙو آهي. جو راڄ گنوائي ڇڏيائين.سڌون ۽ شهوتي خيال نفس جو هٿار آهن.
اسان کي عشق جي ڪلال خاني ۾ لت ڏئي کڻي ڪٺائون تڏهن حلال ٿياسين نه ته حرام هئاسون. جيڪو نفس جي هن قلع ڪوٽ کي ڀڃيندو تنهن کي سلطان العارفين جو لقب ملندو. حاجي انڌا آهن جيڪي ڀت کي طواف ٿا ڪن. وَنحنُ اَقربُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيد. واري الله کي طواف ڪن ها ته اڪبري حج ٿئين ها. سج ۽ چنڊ کي اسان جي روشنائي ڏنل آهي. ٻئي جهان اسان جي هوش ۽ عقل تي حيران آهن اسان هت فنا جي شهر ۾ انا الحق جو نعرو هنيو جنهن ڪري ملن ۾ اچي ڦڙ ڦوٽ پيئي. ماڻهو اسان کي ڏسي لاحول ٿا پڙهن مگر باطل ۾ اسان جو ذات حق جا وزير اعظم آهيون. دنيا ۾ تبليغ لاءِ ٿا رهون ته من ڪو الله ڏي هلي.
لوح محفوظ ۽ لوح قلم ۾ اسان جي عمر 63 ورهيه لکيل هئي مگر هاڻي 90 روهيه ٿيا آهن. رهون پنهنجي اختيار سان ٿا. جڏهن مرضي پيئي ته هليا وينداسون. جسم جي گهڙي ڀڄڻ کانپوءِ طالب آب حيات پيئندو اڳ ۾ لائق نه آهي ماڻهن جي اڳيان عشق الاهي جو نالو کڻڻ ڪبيرو گناهه آهي. راڻي مومل جي ڳالهه ٻڌائين ته ڪن ڏئي پيا ٻڌندا. شهوت جي ڳالهه ٻه ٻه ڀيرا پيا ٻڌندا.
دم عيسيٰ روح الله . تون دمن جي وسنوَ ۾ الله کي وسارين ٿو مگر جڏهن سڃ ۾ منزل ٿيندءِ ته هٿَ هڻندين. جن پٽن ڪاڻ مرين ٿو اهي ياد به ڪونه ڪندءِ ڪتو ياد هوندن مگر تون وسري ويندين.
استغراق ڪري پاڻ کي طواف ڪر ته آزاد ٿئين. چوربتي جو دشمن آهي.اڳ ۾ بتي وسائيندو پوءِ چوري ڪندو. قلب ۾ جيڪا ذڪر جي روشنائي هوندي سا گمراهي جي اونداهيءَ سان ختم ڪندو. ۽ پوءِ سولو شڪار لڳندس. روح جي باز کي نفس جي ڏور جو ڏاوڻ پيل آهي. جڏهن اهو ڏاوڻ ٽٽس ته هڪدم اڏاڻو هليو ويندو. روح ترار آهي بوتو ڪاٺ جو مياڻ اٿس جنهن ۾ پيل آهي. ڪو ڪاريگر.ان مياڻ مان ڪڍيس ته هيري جي ترار جو ڪم ڏيندي جي نه نڪتو ته ڪاٺ سان گڏ ڳري ويندو
“ اگر به آسمان نه رود هما تيغ چوبين است ”
يعني اهو روح آسمان ڏانهن نه هليو ته ڪاٺ جي ترار آهي.
کاڌن پيتن ۽ شهوت جي ذوق ۾ جيڪو ڦاٿل آهي سو ڄڻ ڪتو يا سوئر آهي ڇو ته منجهس انهن واريون عادتون آهن. سڏائين ٿو عيسيٰ ۽ هينگ گڏهه واري ٿو ڪرين جيڪو صوفي زمينداري ٿو ڪري سو گڏهه اهي الله سائين هڪڙن کي روحاني ذڪر ڏنو ۽ ٻين کي دنيا جو هڏو ڏنو آهي پوءِ جنهن کي وڻي ته ذڪر ڪمائي يا هڏو چوپي. عشق ناڙي آهي مان نڙ آهيان جيئن ٿو وڄان تيئن ٻوليون ٿو ڪيان.
مولا عليءَ جي هٿئون جنهن ڪافرنفس کي مسلمان ڪرايو ته پوءِ سئي مان ترار ٿي پوندو. الله ڏي نه هليئن ته ٽڪرجي مم آهين ٻار به ڏسي ڀڄي ويندءِ جي ذڪر ڪمائيه ته شينهن ٿي پوندين. پوءِ هزارين دليون شڪار ڪندين. جي نه ته ٻلو آهين زيان ڪندي ته ماڻهو مٿو چٿي ماري ڇڏيندءِ جيڪو هن لاش مان نڪرندو اهو عرش اعظم جو شينهن ٿي پوندو. من خدايم جو نعرو هڻندو. هتي ماڻهو ٻن قسمن جا آهن هڪڙا فقير عارف آهن جيڪي ذڪر نفي اثبات جا هيرا لعل ٿا وڪڻن ٻيا واپاري ڌوڙ دوا ڪري ٿا وڪڻن. زماني جا ماڻهو ڌوڙ جا واپاري آهن. جسم ڌوڙ لٺين سان کڻائي اٿس. تيئن هي ماڻهو لاشو کنيون ٿا وتن. اي طالب تون ان کان جند ڇڏائي عرش تي پرواز ڪر.
عشق شهنشاهه جڏهن جو نعرو هنيو تڏهن دين پاڻيهي کڻي جڻيون ٻڌندو ۽ دين لڪي هليو ويندو. روبرو خوف کان نه ايندو جي عشق شهنشاهه جي هوندي دين ظاهر ٿيندو ته ڦاهي چاڙهيندس.جيئن اورنگزيب جا پوٽا انگريزن جي خوف کان بازيگرن سان گڏجي وڃي رهيا هئا. آخر هڪ کي روهڙيءَ ۾ سڃاڻي کيس ڦاهي چاڙهي ڇڏيائون. جيڪي سياڻا پکي هئا سي دنيا جي چوڳي ڏي ويا ۽ ڪوڙڪن ۾ ڦاٿا. اسان ڀورڙا هئا سون. داڻن کي ڇڏي اڏاڻا هليا وياسون. ڀورڙا گلن جا عاشق هوندا آهن، ڪانوَ ڍونڍ جا. اسان شرن جي ڳوٺ ۾ عشق جي ديڳ چاڙهي هوڪا ڏناسون ته ڪواچي کائي. ڪن ٿورن کانسواءِ ٻين ڪونه کاڌو ۽ الزام هڻي ڪافر بي دين سڏيائون ڪو چوي ته الله ٿو سڏائي ڪو چوي ته شر آهي. ٻڌايو ته الله نه آهي ته ڪير آهي، رسول الله ﷺ مديني ۾ ڄائو ته جسم ڏسي ڀلجي پيا ۽ اعتبار نه ڪيائون ۽ پاڻ جهڙو سمجهيائون. مگر هو ته ذات الاهي هو اسان سان به ائين ڪيائون.
“شش ھزار نھہ صدو ھفتاد قالب دیدہ ام
لیکہ ھمچون سبزہ صدبار ھاررئیدہ ام”

يعني ڇهه هزار نوَ سئو ستر جسم تبديل ڪيا اٿم. سبزيءَ وانگر سوين دفعه ڦٽو آهيان مسلمان پرپٺ رسول الله ﷺ تي ايمان رکن ٿا مگر جيڪڏهن روبرو ڏسن ته وڙهي پونس. هي ته الله سان به وڙهي چڪا آهن. فقير الله سڏايو ته ڇا رسول نه آهي .رسولي منزل ته هيٺ آهي ان ڪري سڀني دشمن شرن کي الله مسڻ ڏي اماڻيندو. زائفان کي جن وٺي ٿو ته پڌر تي لهر ٿو ڪرائيس. باقي رسول الله ﷺ جي سبق ۾ ايتري به طاقت نه آهي. آسمان ڪوريئڙي جي تاڃي آهن. فقير عروج وقت ڦاڙيون هليا ٿا وڃن. زماني جا ماڻهو مک وانگر ان تاڃيءَ ۾ ڦاٿل آهن. فقير عنقا باز آهن. هن زماني جا ماڻهو بي جان گڏيون آهن. جن سان ٻار راند کيڏندا آهن. راند کانپوءِ انهن گڏين کي ويڙهي ڳوٿرين ۾ وجهندا آهن. قبرون ڳوٿرين مثال آهن.
جنهن ذات حق جي اسم اعظم جي وير ۾ ٽٻي هنئين ته اهو تاکُ چنڊو ٿي پوندو. مادري عادتون مٽجي وينديس. تخلو بااخلاق الله واريون الوهيت جون عادتون پيدا ٿيندس. ڪتو پيو ڀئونڪندو. شينهن انالحق جي گجگوڙ ڪندو.اسم اعظم حيدري ترار اٿو. جيڪو اها ترار هلائيندو سوهن مرحب نفس کي ماريندو. اسا خوديءَ جو مٽ اسم اعظم سان ڀڃي نڪري وڃي پنهنجي محبوب کي طواف ڪيو آهي.اسان سيمُرغ پکي آهيون. دنيا وارا انڌا پکي آهن. جهنگلي شينهن جانورن کي ماري کائيندو آهي مگر عشق شهنشاهه موليٰ جو شينهن ماري وري جياريندو. آهي عام ماڻهو نفس جو کاڄ ٿي ويا مگر عشق شهنشاهه نفس جي خودي کائي پاڻ نسوري ذات ٿي پوندو آهي. ماڻهو اعوذ باالله ۽ لاحول به پڙهندا ٿا وتن مگر ساڻن شيطان گڏ ويٺو آهي. شاهه منصور عشق شهنشاهه جو ماستر آهي. جنهن ک دارَ رَسن ۽ ڦاهي جو ڪتاب هٿ ۾ آهي. قهر درويش برجان خويش. الحب الله والبغض الله دوستي ۽ دشمني خدا ڪارڻ رکندا آهن بادشاهه جا حاضر باش وڌيڪ يا پر ڳڻن جا مختيارڪار وڌيڪ آهن. پر ڳڻن وارا به حاضر باش جي ڪاڻ ڪڍندا آهن.
نفس قارون دم خزانو ۽ مرشد موسيٰ آهي. اهو هدايت ٿو ڪريس ته اهو خزانو الله جي راهه ۾ خرچ ڪر. جيڪو چوڻ نه ڪندس ته قارون وانگر غرق ٿيندو. جن الست بربڪم جي جواب ۾ هائو ڪئي سي نفس جي قيد ۾ آيا. شهوت جي شوق ۾ رهيا. اها هائو عامن ڪئي هئي خاصن لاءِ عبديت عذاب هئي. خاصن جواب ڏنو ته اسان توسان رهنداسون انهن بوتي کي ٿُڪ هنيئن تڏهن معنيٰ وارو معراج ماڻيائون. محبوب سان گڏ رهڻ عبادت کان وڌيڪ آهي. ڪرسيءَ واري آيت پڙهي سين ته ڪرسيءَ تي وڃي ويٺاسون. جن عبادت ڪئي سي رهجي ويا. عارفن کانسواٰءِ ڪنهن به الوهيت جو درجو نه لڌو منصور قلندر ٻڌو ٿا سڀني مرشد کان فيض ورتو.

بيت

“ھر آن کار کہ بی استاد باشد
یقین دانی کربی بنیاد باشد”
يعني جيڪو ڪم بي استادو هوندو. پڪ سمجهه ته ان ڪم جو بنياد پڪو نه هوندو.
ماڻهن کي مائٽي جي رشتن گمراهه ڪيو آحي ان ڪري مسلمان هوندي مقام ۾ سڙندا. هندو ظاهر ۾ سڙن ٿا مگر مسلمان باطن ۾ سڙندا. ملان قاضي اُٺ ڪتابن جا پڙهيا ته به معرفت وارو علم هٿ نه آين. عارفن صرف هڪ اکر پڙهيو ته ٻئي جهان پڌر تي ٿي پين. عرش عظيم کان. ڪروڙ ڪوهه پري هڪ ڪڪري آهي هي ڪتاب اُتان آندو اٿئون هي ڪتاب هماءِ جي پرن ۾ لکيل هو. اسان جي لاءِ رکيل هو. ٻين ڪتاب لوح وقلم مان آندا هئا .جيترو هتئون لوح وقلم پري آهي. هماءُ اُنَ کان ويهوڻ پنڌ پري آهي. عرش عظيم تي بادشاهه ڪڏهن گلابي چيروٻڌندو آهي ته ڪڏهن تاج پائيندو اهي. ڪڏهن ملڪوت ۾ اڇي تاج پائيندو آهي. جبروت ۽ لاهوت ۾ لولاڪي ڇٽ پائيندو. آهي لاهوت کان مٿي وري سُرخ تاج پائيندو آهي جنهن ۾ پنج هل آهن. سندس زلف خم خم شعر وار ڊگها اٿس.
عبديت مائٽن جي سيکاريل اَلَ آهي .هن تي ڪو لقب ڪونه هو. ٻانهپ به عبادت آهي جيسين پاڻ نٿو سڃاڻي تيسين عذاب ۾ آهي. لکين ان آڙ ۾ ڦاٿل آهن. عبديت هڪ بيماري به آهي. جڏهن حاذق حيڪم مرشد کان علاج ڪرائبو ته هماءُ ٿي پوندو ۽ ٻين کي به هماءُ ڪري وجهندو. جڏهن هاتفي آواز ٻڌوسين تڏهن اسان جي بوتي مان جنن ۽ ڀوتن جا ولر نڪري پيا. اسان آزاد ٿي پياسين.
جيڪو بيچون ۽ بي مثل ٻڌو اٿوَ سواسان جو شاگرد آهي. ان حڪومت سياست ۽ دٻدٻي جو سبق اسان جي اسڪول ۾ پڙهيو آهي. کيس سڀ تعليم اسان ڏني آهي. هو اسان کي ياد ٿو ڪري ۽ اسان جي بندگي ٿو ڪري ۽ ڪندو آهي.
جيسين دنيا عقبيٰ ترڪ نه ڪندوء تيسين ديدار نه ٿيندوَ. هن بوتي تان آسرو کڻڻ ۽ ذڪر اسم اعظم ۾ گم ٿيڻ جونالو ترڪ الدنيا آهي. اي طالبو هيءَ ڳالهه ٻڌي متان هيانءُ ڏريوَ. مان پنهنجي سر جو قسم کڻي چوان ٿو ته فقيري معراج آهي. هڪ لت پنهنجي سر تي رکو ٻي ملڪوت ۾ ٽين جبروت ۾ چوٿين لاهوت ۾ پنجتن لامڪان ۾ ٿيندي. ڪلئي پنج وکان اٿوَ. متان ڊنا آهيو. صرف ذڪر ۾ گم ٿيو. عشق اهڙو مٺو طعام کارايو جو لُنئو لُنئو زيان ٿئي پيئي. وار وار اکيون ٿي پون. هر طرف اکيون کلي پيون ۽ نظر به کلي پيئي دل ته اسم اعظم جو تختنگاهه آهي مگر سڌن کان خالي ٿئي ته امالڪ اسم اعظم جون مشينون هلي پون ۽ نفس فنا ٿي وڃي. اسم اعظم ڪمائڻ وارو عشق بادشاهه جو وزير ۽ خاضر باش آهي.
سڌڙئي جو ٻنهي جهانن ۾هر هارو منهن ڪارو آهي. هن بوتي ۾ ته الله ويٺو آهي. مگر اوهان مٿس نفس غالب ڪري ڇڏيو آهي. دل واري ڪعبه ۾ وهو معڪم اينما کُنتم موجود آهي. ان جو طواف ڪري جهاتي پائي ڏس ته الله ڏسندين. ماڻهن کي الله ته سڏي ٿو مگر هونديون هيون. جيڪي هاڻي اچي پنجاهه سٺ سالن تي بيٺيون آهن. انڌي کي سونهن جي ڪهڙي خبر. ماڻهو به الله کان انڌا آهن تڏهن لطف نه ٿو اچين. نفس سان رهڻ ڪفر ۽ اسم اعظم سان رهي نفس کان پري ڀڄڻ عين دين ۽ اسلام آهي. انسان ڪم تي ٿا ڀاڙين الله تي ڀروسو ڪن ته کين بکيو ئي ڪين ڇڏيندو. ذڪر اسم اعظم جي ڌڪن سان هي نفس جلد تباهه ٿيندو ۽ الله چٽو ڏسندو. جسم ۾ رهڻ سان معراج نه ٿيندو آهي. جيڪو دين ايمان روزو نماز کي عشق جي درياهه ۾ لوڙهيندو سو مرد آهي. طالب جڏهن جسم مان نڪري ٻئي جهان عشق اڳيان نذرانو رکيا ته عشق شهنشاهه چوندس ته هم ته هم هويا ته هم هو يا. ماڻهو جيڪڏهن هزار ورهيه مسجد ۾يا ڪعبه ۾ نمازون پڙهي نراڙ گسائي ڇڏي ته به ڀتين کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڏسين نه سگهندو. جيڪو پاڻ سان گڏ الله کي ٿو ڄاڻي اهو ٽيڏو آهي. ان جي نظر ۾ فرق آهي. جزوي عقل گمراهن جو رهبر آهي. ڪل عقل عاشقن فقيرن نبين جو رهبر آهي. جزوي عقل ٻَرنگو آهي ۽ ڪلي عقل يڪرنگو آهي.
بازيگر بئنسري وڄائي ڀورو نور جسم جي ڇپيءَ ۾ وڌو آهي. جيڪوآدم جي بوتي ذريعي هر شيءِ کائي ٿو وڃي. جنهن ان ڀوري نور نفس کي ماريو اهونبي ۽ عارف مانيءَ لاءِ ڇو حيران آهين. رزاق پکين کي هوا ۾ جانورن کي برن ۾ پاڻي آهي. جي جانورن کي پاڻيءَ ۾ روزي ڏئي ٿو. توکي بک ماريندو ڇا. پاڻ کي ڪچهري ۾اڪيلو سمجهه گهر ۾ مسافر ٿي رهه. عشق جي راهه ۾ سرڏيئي سخا ڪر، ماني کارائيندين ته ڇا ٿيندءِ جيڪي آدمي پاڻ ۾ وڙهن ٿا سي آدمي نه آهن ڪتا آهن ڇو ته ويڙهه ڪم ڪتن جو آهي. حرص وارو ماڻهو گنهگار آهي. مرڻ کانپوءِ سندس روح کي پناگرن واري پوشاڪ پيل هوندي آهي.
گازر ڌون چاڙهه جنين جا چست ٿيا، نيت مقابل نين ماڻهو ميرا ڪپڙا. دنيا جي محب سان دل ڪاري ٿيندي آهي. آدمي شهوت جي زور مهل انڌو ٿي پوندو آهي کيس. حلال حرام حڪم ۽ منع جي خبر ئي نه ٿي رهيس ذڪر الاهي سان دل روشن ٿيندي آهي. هو ته توسان گڏ آهي تون زيارتن لاءِ ڇو ٿو ڊوڙين. جيڪو هتي الله جي ڏسڻ کانسواءِ انڌو ٻوڙو مري ويو. سو قيامت ۾ به صم بکم عميُ هوندو. نفس دين ايمان کي ائين ٿو ناس ڪري جيئن ڪتو هڏا کائي ناس ڪري، سڏائين ٿوآدمي ۽ ڍونڍ جي پويان ڪتن وانگر ٿو ڊوڙين. درگاهه الاهي جي پهچڻ جو رستو ذڪر آهي. مرشد کان دل تي ذڪر جو اکر لکراءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه اٿيئي دونهين جو رنگ اڇو آهي مگر شين کي ڪارو ڪندو آهي. سڌن جو به اهو حال آهي جو ڏسڻ ۾ ته سَيون پيون لڳنديون مگر سندن پوئواريءَ ۾ دل ڪاري ٿي پوندي. اسان واصلن عارفن جو جيڪو چيو مڃيندوسوالله پاڪ وٽ پهچندو، اسان جڏهن حق پاڪ وٽ پهتاسين ته سروزيءَ رباب جو وڄايو ته دل ڦرجي ويئي ۽ اهڙي لذت محسوس ٿي جو اها اڳ ۾ نه ڪتابن مان آئي آهي نه قرآن ۾ هئي. چئون پيا ته سر کڻي گهات ڪجي. جيڪي سروز جا انڪاري آهن. سي جهنمي آهن جيڪي دنيا جي لذت لاءِ ٻڌن سي به ناري آهن. عارفن ٻڌن ته اهي نور حقاني آهن اڃا به کين ذات حقاني چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. عارفن جي نظر روميءَ زندگيءَ ۽ ڪاري اڇي تي نه آهي هوهر ساهه واري ۾ هلندڙ دم کي ذات حقاني ٿا سمجهن. ماڻهن کان الله انجام ورتو هو ته مون کي ياد ڪجو ۽ هنن انجام ڪيو هو ياد ڪرڻ جو. مگر ڏسو ته هت کيس وساري ويٺا آهن. اهو ٿيو الله سان ڪوڙ ڳالهائڻ جنهنجو خدا کين اهڙو نتيجو ڏيندو جو کين عجب لڳندو. هي عمر گذارن پٽن جي خدمت ۾ آخر کين الله جو صوبيدار هڪ ڏينهن اچي هٿ ڪڙيون هڻي. وٺي ويندن ۽ وڃي جهنم ۾ اڇليندو موت سدائين سندن انتظار۽ تاڙ ۾ آهي ته رڳو کيس سرڪار ايزديءَ جي اجازت جو اشارو ملي ته ڪنڌ مروٽيونس. مگر خبر ئي نه ٿا رکن. ننڊون ۽ عيش ڪندي عمر ٿي گذارين. رن جي انجام تي به ساري رات بيهي ٿا گذارين. مگر خدا جي ياد ۾ گهڙي به نه ٿا اٿن. موت ڏي ڪاهيون ڊوڙندا خوشيءَ سان ٿا وڃو. گمراهي موت آهي. ابدي حياتيءَ ڏانهن اوهان کي سيلهه ٿا لڳن. ماڻهوءَ جي عمر پاڻيءَ وانگر آهي. جيڪو وهي ويو ته پوئتي نه موٽندو. آدمي درياهه جا ڦوٽا آهن. جي جلد فنا ٿي ويندا. ماڻهو پنهنجن عملن سبب پيشمان آهن ذڪر ڪمائين ها ته ائين نه ٿئي ها. اهڙو طالب ئي ڪونه آهي جيڪو الله جي ڳولا ۾ سر جلائي.
عبد تي عشق جو قرض آهي. هي ڦڙو اصل درياهه جي موج مان ڌار ٿي آيو آهي. ڳوليندي ڳوليندي جڏهن ڦڙو درياهه ۾ پيو ته خود درياه ٿي پوندو. ماڻهن جي اکين تي حرص جا وَرَ چڙهيل آهن سڌن ۽ حرص جا نه ته الله لڪل ته آهي ئي ڪونه آهي. ڪنهن عارف فنا في الله واري کان آهي رَوَلهرائي ته ديد کلي پوندس. عارف جو نيشان اهو آهي ته هو نه زبان سان ڪلمون پڙهندو نه نماز پڙهندو نه خلق جي تعبيداري ڪندو. مٿس ڪفر جا الزام ۽ گلائون هونديون ڪي ڪافر گبر پيا چوندس مگر هو هر مذهب کان بيزار هوندو. سندس مذهب ملت عشق آهي.
بيت

ملت عشق ازهمه دينها جدا است
عاشقا نرا مذهب و ملت خدااست
يعني نفس حقيقي سڀني مذهب کان ڌار آهي. عاشقن جو ملت ۽ مذهب صرف خدا آهي.
هي نفس حقيقي ڏيئي لاءِ طوفان آهي. اسان جڏهن فقيري اختيار ڪئي ته موليٰ جي محبت اسان کي زوران زور هئي. دنيا خواه عقبيٰ جي ڪابه محبت ڪانه هئي، اسان سان گڏ ڪيترائي فقير ٿيا هئا. مگر جن کي دنيا جي محبت هئي. تن کي دنيا ملي.
من ارادالدنیا فلہ الدنیا من اراد العقبیٰ العقبیٰ من اراد المولیٰ فلہٗ المولیٰ
يعني، جنهن دنيا گهري تنهن کي دنيا ملي جنهن آخرت گهري تن کي آخرت ملي. جن موليٰ گهريو تن کي مليو.
طالب جڏهن فنا في الله ۾ ويو ته پوءِ اڙيو ڪوبه رهندو. ٽنهي جهانن جي حقيقت حاصل ٿيندس. پير مغان جي صحن کي ٻهاري ڏبي ته دل جي صفائي ٿيندي. طالب جڏهن جسم جي لالچ مان نڪتو ته ان کي اسم اعظم مان ٻيا ذڪر نڪرندا. ذڪر جو پهريون اڌ به بس ٿي ويندس پوءِ اَنَا جو ذڪر پيدا ٿيندو. انا به هڪ ملڪ جو ذڪر آهي ان وقت طالب مرشد کان ٻه حدان پري لنگهي ويندو. پوءِ اَنَا جو ذڪر به بس ٿي ويندس. پوءِ ڦر جو ملڪ ايندو. جتي طالب ڦرجي ويندو. طالب جي دل جا ڪن جڏهن سرلا ٿيا ته پوءِ سڏ پيو ٻڌندو. آءٌ آءٌ جي پڪار پيو ٻڌندو. فقير عارف آفاتيون ائين لڪندا آهن جيئن خلق کي خبر نه پوي، ههڙي محبت ٻڌي پوءِ به طالب دنيا ڏي وڃي افسوس صد افسوس آهي ان طالب تي، لولاڪ جي بادشاهه کي اسم اعظم جو ڇٽ پيل آهي. آدمي جي نصيب ۾ روازازل کان سرڪار روزي لکي آهي سا ملندس. وڌيڪ ڪوشش ڪندو ته ٻئي پاسي کان ڌوڪو ايندس.
زنا ڪرڻ سان پرائي زائفان مري ڪانه ويندي. ٻئي ڌريون خوش ٿينديون مگر پرائو حق آهي، طالب کي پرائي حق ۾ دخل ڏيڻ ڏوهه آهي. جيڪو طالب ٿي ذڪر پڇي ائين ڪندو ته سندس ٻيڙي جا تختا اڏري ويندا. زائفان جي وارثن جو رنج ۽ ذات ذولجلال جي نافرماني آهي. جنهن ڪري تحت الثريٰ ۾ ويندو. سندس ٻيڙي سڙهه سوڌي غرق ٿي ويندي. ذات حق واحد جوبه ان تي ڏمر ٿيندو. الله ۾ ملائڪن جي مٿس لعنت پيئي وسندي ۽ اهم جهنم جو حقدار ٿيندو. فقير عرش جو شهباز آهي جنهن ساڻس صحبت ڪئي ته ان جي دل شڪار ٿي ويندي. فقير جي دل جنهن شيءِ ڏانهن رايو ڪندي ته اها شيءِ حاضر اچي ٿيندس. سج ۽ چنڊ هتي آهن هوڏي سدائين پرڀات آهي جيڪو الله جي ذڪر تي عاشق ٿيندو ته اهو لاخوف آهي. مجاز رڳو خوف آهي. مجاز رڳو خوف آهي. مجاز جو عشق گهڻو تيز آهي. ان جي باهه ڪکن جي باهه جهڙي تيز آهي. جي بچيو ته حقيقت کي پهچندو جي نه پهتو ته سڙي مري ويندو. عشق مجاز پاڪائي سان غير کي ساڙي ڇڏيندو آهي ۽ وري زناني صورت تي رک ۽ نگهباني به گهڻي آهي. اها پلصراط آهي اتان ڪريو ته جهنم ۾ ويندو.
سيدن کي نفساني هستي ڦري ڇڏيو آهي. تڏهن الله کي نه پهتا. ڏسو ته ساري سنڌ مان ڪي ٻه ٽي سيد الله کي پهتا. تن جون قبرون به قيامت تائين روشن آهن. باقي ڪيترا سيد نفس ماري ڇڏيا ڄڻ ڪال کائي ڇڏين. الله ماڻهن کي هيٺ ان ڪري رهايو آهي ته جيئن مونکي ياد ڪن. پر ماڻهو ته هت الله کي پٺي ڏيون پنهنجا ڪم ڪاريون ڪندا ٿا وتن. الله ڏي نهارين به ڪونه ٿا. خوديءَ جي اوٽ کي ساڙيو ته الله پڌر تي ڏسبو دم ۽ پيل آهي ان سان دوستي ڪبي ته نور ٿي پئبو. طالب کي نفس تي نگاهه رکڻ کپي ته پوءِ وصل ٿيندس. اسان ذڪر کي ڀاڪر وڌو جنهن تکو کڻي وڃي وڏي ڪُنَ ۾ پهچايو ۽ درياهه جي هن ڀر وڃي نڪتاسين ٻيو جيڪو ذڪر کي قابو جهليندو. ته ان کي به ذڪر الله وٽ وڃي ڇڏيندو. محمد علي شاهه عارف کي هر شيءِ مان معنيٰ نظر ايندي. اسان جي مرشد سيد. خواهه ڏاڙهي ۽ شهپرن جو وار نه وٺرايو هو. طالب کي به جڳائي وار نه وٺرائي. ا سم اعظم الله جو ڄار آهي. قلندر شهباز توڙي ٻين سڀني عارفن کي اهم دم وارو رستو جاري هو. هاڻي پوين ۾ ڪلهي ڏنڀڻ ۽ ڏاڙهي ڪوڙڻ جو رواج آهي سڀني انبيائن اوليائن ۽ عارفن کي دم جي ذڪر وصل ڪرايو. نفس دهريو ۽ الله جو منڪر آهي. تڪليف ۾ الله کي مڃيندو سک ايندس ته چوندو ته الله آهي ئي ڪونه تنهن ڪري هن جي مٿان مار هجيئي هجي. مارمنڪر جي مٿي ۾ ڏينهن ۾ ڏهه سَوَ ڏنڊا. نفس جا خدمتي مئي کانپوءِ جن ۽ ڀوت ٿي پوندا. آويلو انهن جي قبرن ڀرسان لنگهيو ته ڀتر هڻندا ۽ اهڙو ڊيڄاريندا جو بخار چڙهي ويندو. فقيرن جي قبرن تي رات ڏينهن ماڻهو ڀاڪر وجهي پيا مرادون حاصل ڪندا. درد مرض لهرايون وڃن. اهوان ڪري جو عام ماڻهو زاني هئا. پوءِ انهن جي عملن جا ڀوت ماڻهن کي پيا ڊيڄاريندا. الله جو فقير اهو آهي جيڪو خلق کان نامراد آهي جنهن کي خلق جي مراد آهي سو خلق جو فقير آهي. ماڻهن سان هٿرادو چريائي ڪري منهن موڙجي نه ته ذڪر ڪمائي نه سگهندو. ماڻهن جي سکڻي صحبت مان تعريف کانسواءِ ٻيو ملندو ڇا. الله وٽ دنيا عقبيٰ ڪرامت منوتي ۽ پنهنجو ديدار سڀ ڪجهه موجود آهي الله کان جيڪو جا به شيءَ گهرندو ان کي اها شيءِ ڏيندو.
الله اڪيلائي ۾ اُٻالو ٿيو هو ان ڪري ڪثرت ۽ آدم کي آئينو ڪري بنايائين. الله کي جيڪو ڏسندو انکي خبر ٻئي جي مجال نه آهي اسان جو وجود محمدي سالڪي آهي اسان رسول الله جي ڀاڱي جا آهيون، ان ڪري ان جي طريقه تي پيا هلنداسون. اسان جو رهبر ڪو گورک ناٿ يا مڇندر ناٿ نه آهي. اسان جي فقيري رسول الله ۽ موليٰ علي سائين جن جي طريقه واري آهي. جيئن پاڻ معراج ڪيو هئائون تيئن اسان کي به معراج ڪرايائون. لعل لڏ جي ڍير ۾ آهي جيڪو کوٽنيدو سو لهندو. اسان ننڍي هوندي ڏسندا هئاسون ته ملان ۽ قاضي اسم اعظم ڪاڻ حيران هوندا هئا. چوندا هئا ته قرآن جو آهي پر لڀي ڪونه ٿو. اهو اسم اعظم قرآن ۾ ته پڌر تي آهي، جيڪو عشق شهنشاهه اسان کي عنايت ڪيو، جنهن جي برڪت ۽ طاقت سان عرش کان تحت فرش نوري ۽ ناري سڀ ڪجهه ڏسون ٿا. فقيرن جي الله پت رکندو آهي جيڪو الله تي توڪل ڪندو ته اسان جو نگهبان آهي.
جيڪي پير ۽ مشائخ آهن اهي ڳوهه مثل آهن، ڳوهه جي چڪ مان زهر ڪونه چڙهندو آهي. اهي به ڳوهه وانگر بي حاصل آهن. فقير عارف واسينگ نانگ آهن. انهن جي رهڙ ئي ڪافي آهي. ساري عمر نشو نه لهندو. عارفن جي زبان ۾ ئي زهر آهي. اهي زبان سان جيئن چوندا تئين ٿي پوندو. “چوندا آهن ته ڊڄ فقير دي مار ڪنون جنهن دي لفظ تکي تلوار ڪنون” هڪ دفعي اُٺ کي کپررهڙ ڏني ته اُٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. عارف به نفس لاءِ ائين آهن. نفس ڪيڏو به مضبوط ڇو نه هجي عارفن جي رهنڊ ئي ڪونه سهندو. هلندڙ طالب جوڳي گهڻا آهن مگر انهن مان لا جي ترار سان ڪٺل ڪاپڙي ڪونه ٿو ڏسجي ڪاپڙي جوڳي گرنار ۾ رهندا آهن. گرنار جي ڪوٽ کي ست منزلون آهن. گرنار ستن اسمانن ڏانهن اشارو آهي. جيڪو ستن آسمانن کان پري ويو هوندواهو ئي لاجي ترار جو ڪٺل ڪاپڙي آهي، ڀلي ملڪ گهمو پرهيءَ ڳالهه اوهان کي ڪٿي به ٻڌڻ ۾ ڪانه ايندي. هر هڪ طالب فقير کي گهرجي ته قلندر شهباز جي زيارت ضرور ڪري، ڇاڪاڻ ته سڌ صوبي جي فقيريءَ جي واڳ قلندر شهباز جي هٿ ۾ آهي اتي وڃڻ سان طالب قبول پوندو. اسم اعظم الله جو منڊ آهي ذڪر واري طالب وٽ انبياءَ اولياءَ ۽ خود الله به اچي حاضر ٿيندو. فقير جڏهن اوچتو مٿي ويو ته سچل فقير بيدل فقير ۽ نانڪ فقير ۽ ٻين عارفن جي ڪلامن مان هن کي مدد ملندي جنهن سان هي ان حَدَ مان لنگهي ٻي حد ۾ ويندو. سمجهه واري لاءِ شاهه عبداللطيف جا بيت ۽ ڪلام مدد آهن. زيارت جو ذوق وڌندس. اهل صفحي وارا صوفي رسول الله ﷺ کي چوندا هئا ته اوهان هر هڪ سان راز ڇو ٿا کوليو. ان تي پاڻ فرمائيندا هئا ته وَمَا عَلَيَنٰا اِلَي اَلبَلاٰغُ. يعني اسان تي آهي. پيغام پهچائڻ پوءِ انهن جي مرضي هلن يا نه هلن، مگر محشر جي ڏينهن انهن جي ميار نه رهندي ته حضور اسان کي ذڪر جي ڳالهه نه ٻڌائي هئي، جنهن جي نظر ذات حق جي لقاءَ تي پيئي ته بوتو ياد نه رهندس. زالن جي زينت ڳهه آهن مگر فقيرن جو سينگار ذڪر آهي عشق هيرو آهي. هر ڪنهن وٽ نه لڀندو آهي. عارفن جي صحبت ڪٽيل دل کي اڇو ڪندي آهي. طالب جڏهن بوتي مان نڪتو ته احمد ۽ احد کي هڪ صورت ۾ ڏسندو. وحدانيت جي گفتار ۽ عارفن جا ڪلام محبتي طالب لاءِ لفظ به لفظ سان تيرن جو مينهن پيا وسائيندا. جيڪو ڪم گمراهي. پيدا ڪندو ته ان جو نالو گمراهي آهي. ڀنگ پيئڻ منع آهي. ڇو ته هر هڪ نشو الله کان گمراهه ڪندو آهي. الله جي محبت اسم ۾ آهي جيئن تکو ذڪر ڪاهيندو تيئن محبت گهڻي ٿينديس. ذڪر جي ڍري ٿيڻ سان الله جي محبت به ڍري ٿينديس. ذڪر دل جي روشني آهي. ذڪر جو نه هجڻ اونداهي دل جي نيشاني آهي. نفس آهي تڏهن الله جوقدر آهي. نفس نه هجي ها ته الله ڪيئن لڀي ها. جنهن مون کي ڏٺو تنهن کي الله جي ڏسڻ جي ضرورت ڪانهي.
شاهه منصور بيخوديءَ سان ان الحق چيو هو سچ آهي. مگر فرعون باخودي سان اناالحق چيو هو جيڪو ڪوڙ هو. جيڪو هر شيءَ ۾ الله ڏسي پوءِ چوندو ته هر شيءَ ۾ الله آهي تنهن تي ڏوهه ڪونهي مگر جيڪو بنا ڏسڻ جي چوندو سو ڏوهي آهي. فقير بي نياز آهي. الفقر لا احتياج الا الله. مست الله کي اوچتو ٿا ڏسن تنهن ڪري چريا ٿي ٿا وڃن. طريقت سان ڏسڻ محمدي معراج آهي. مست جو فيض پاڻ تائين آهي مگر سالڪ مان هزارين فيض ٿا وٺن.اسان فقيرن سان صحبت ڪئي مگر ڪافي ڪلام جي خبر ئي ڪانه پيئي. هلندڙ وقت م .”چرخا چار ٽڪر مين ڪيتا“ جي ڪافي ٻڌم ته معنيٰ نه سمجهيم. جڏهن هن مان نڪري معراج ڪيوسين ته قرآن، حديث،غزل، ڪافيون سڀ آساني ٿي پيا. الله جو اسم معنيٰ جو سمنڊ آهي. سڀ درياهه موجان لهريون ان ۾ آهن، معنيٰ جي ٿوري گهڻي خبر آعارف جي صحبت مان به پوندي آهي. مگر جسم مان نڪتي کانپوءِ سڀ معنيٰ جي خبر پوندي آهي. جيڪو خوديءَ کي ختم ڪندو ته حق جو سر ٿي پوندو.

جي ڀائن جوڳي ٿيان، ته سک چوران کي بات.
توڙي ڪسن ڪات، ته به ساڳي سلن ڪينڪي

فقير به الله جي مڪمل ۽ هوبهو ڳالهه نه ڪندا آهن. مگر لڪائي ڪندا آهن. جڏهن آءُ ٻانهون آهيان ئي ڪونه پوءِ سڏايان ڇو. هيءِ دل جي علم جي ڳالهه آهي. نفس آهي به ڪافر اسم اعظم ان کي ڦيرائي الله ڪري ٿو وجهي.
اسان شرن کي عام ماڻهو چور سمجهندا آهن. مگر هي فيض ۽ پهچ اسم اعظم جي آهي. صديق فقير سومرو چور هو. اسي خون ڪيا هئائين جڏهن فقيري ۾ آيو ته اڳيو سر ٿي پيو. الله جو اسم اهڙو آهي جو گداگر کي شاهه ٿو ڪري الله جو اسم جي نيزي سان هن گبر نفس کي فنا ڪري دنيا درياهه مثل آهي. جيڪڏهن ماهئي سانهه جو پڇ وٺبو ته پار ٽپي وڃبو. اسم اعظم به اهڙو پهلوان آهي جو جنهن ان جي دامن پڪڙي ته آسمانن جي پرينءِ ڀر وڃي ڇڏيندس. جتي پاڻ ته محمدي معراج ڪندو پر ٻين کي به معراج ڪرائيندو. هي نفس رڍ جي مثال آهي جيڪڏهن درياهه ۾ ان رڍ جو ڪنهن پڇ پڪڙيو ته رڍ پاڻ به ٻڏندي مگر انهيءَ کي به ٻوڙي ماريندي نفس لومڙ وانگر آهي .مڪريل آهن ۽ هن بوتي ۾ مذهبن جو هزارين ڏريون آهن ڪڏهن چوي ٿو ته سني ٿيان ته بهشت ۾ وڃان ڪڏهن چوي ته شيعو ٿيان ته امام سڳورا ڇڏائين. الله جي ذڪر ڏي ويجهو به نه ويندو. هوڏانهن قرآن ۾ حڪم به اٿس. وَٱذْكُر رَّبَّكَ فِى نَفْسِكَ”
جيڪو پاڻ تي عاشق ٿيندو ته سچو عاشق به اهو آهي. ٻين تي عاشق.ٿيڻ وارو ٻيائي ۾ آهي .کوهه جي مالهه جيڪڏهن پاڻي کان هڪ هٿ مٿي هوندي ته ڀلي نار سڄو ڏينهن هلي پر پاڻي ڪونه نڪرندو. اهڙي طرح الله جي ذڪر کانسواءِ دم پيو هلندو ته اجايو آهي. هي دم به کوهه جي مالهه وانگر آهي اگر هيٺ ڪبي ته لوٽا ڀريل ايندا. هي دل به کوهه جي مالهه آهي. جيڪڏهن ذڪر سان ڪاهبو ته عرش کان فرش تائين ان جي آبادي ٿيندي.
جواني نئين کل جو نالو آهي. لوهر جيئن نئين کل جي ڦوڪڻي ٺاهي چلهي ۾ لوهه کي ڦوڪيندو ته لوهه جلدي نرم ٿي پوندو. ائين نئين جواني ۾ الله ڏي هلبو ته جلد پهچبو ستر ورهين کان پوءِ ماڻهوءَ جي دل ۾خيالات جا سوراخ پيدا ٿيندا آهن. پوءِ ذڪر ڪمائبو ته مزو ڪونه ايندس. الله جي ذڪر ڪمائڻ جي مند جواني آهي. يُحِبهُم و يُحِبُونَه جي معنيٰ اها آهي ته الله جي محبت ۾ ڪنهن ڪامل مرشد کان ڏس پڇي ان سان لاڳيتو هلجي ته الله به چاهيندو جيڪو اڳ ۾ غير پي ڄاتائين سوڳري ويندس ۽ پنهنجي ملڪن ملڪوت جبروت ۽ لاهوت جو هيو اتي وڃي پهچندو. ٻانهو جيسين پاڻ کي نٿو ڏسي
تيسين بوتي سان محبت اٿس نڪتي کان پوءِ بوتي کي پيو سمجهندو. فاذڪروني اذڪر ڪم جي معنيٰ به اها آهي ته تون مون کي گهر ته مان توکي گهران.
هيءُ نڙِ گُهٽُ روح جو توتارو آهي. آواز۽ ڳالهائڻ سڀ روح جو آهي. بوتو خالي ڀانڊو آهي روح ۽ سينو ڪيميا آهي. بوتو صرف روح جي سواري آهي. عارفن جي دل محبوب جي مڙهي آهي. اهو گهر محبوب جي آهي. عشق جي شراب پيئڻ کانپوءِ دين ايمان انب جي چوسيل کوکڙي وانگر اڇلي ڇڏيوسين. آب حيات به اسان جي شراب جي اوبر آهي. محبوب جو اسان سان آهي . ته پوءِ رسمي ڪعبه سان اسان جو ڪهڙو ضرور. خودي ۽ خدا پاڻ ۾ نه ٺهندا آهن مڙهي ڪعبه نه ٿيندي خودي ۽ خود بت آهي. بت سان خدا ڪيئن گڏ ٿيندو .جنهن عين اليقين جو سرمون پاتو سو حق اليقين پاڻهئي ٿيندو. عاشقن جو محبوب سان اهڙو راز آهي جو جبرائيل ۽ عزرائيل کي به خبر ڪانه آهي. عارفن جي درد وارو طوفان اُٿي ۽ درد دُکي ته ملائڪن جا پر به سڙي وڃن. هي ماڻهو خدا فروش آهن ڇو ته هي خدا کي نفس جي طمع تي وڪڻن ٿا. اهڙا خدا فروش عام آهن مگر خود فروش ڪو ڪونهي. اسان عشق جا ڪٺل آهيون مڃينداسون به ڪٺل کي ڪنهن چڱي ڀلي کي نهاريون به نه سڀڪو اسان کي بي دين ٿو چوي مگر اسان هو دين هٿ ڪيو آهي جيڪو ڪن نبين به مس هٿ ڪيو هو. عشق جي ديدار کانپوءِ کاڌي پيتي ۽ ننڊ جي هوس سڙي وئي. اسان جي دل جي روشنائي رات کي ڪٽي ڏينهن ڪري ڇڏيو آهي. عشق جي ڪلال خاني مان شراب پيئڻ کانپوءِ مسلماني کان ائين بيزار آهيون جيئن ڪفر کان بيزار ٿبو آهي. مسلمان جيئن جيستائين وحدانيت جو شراب نه پيتو تيستائين سندن نماز ڄڻ واءُ کڻي وئي جيئن پوک کَسَ ٿي وڃي. ماڻهو اسان کي بي دين ٿا چون مگر اسان دعائون ٿا گهرون ته شل اسان جون ست پيڙهيون عشق واريءَ بي دينيءَ تي قائم هجن. جتي اسان جا پير ويل آهن اتي دنيا جي بادشاهن جا تاج به نه پهچندا نه وري اسان جي پيرن جي دز جو مٽ ٿيندا. جيئن گرڙ پکي ڪوهه قاف ۾ ٿو رهي اسان به ائين ٿا. رهون عرش اعظم کان لک ڪوهه پري هڪ ڪڪري آهي اسان جي رهت اتي آهي. جيڪو الله سمجهي ٻيو ڄاڻي ۽ نماز پڙهي سو ڪٽو ڪافر آهي، جنهن هن ڳالهه کي سڃاتو سو واصلي آهي. جنهن نه سڃاتو سو بيحاصل آهي ۽ ڏوهاري آهي، انسان کي ته پاڻ وفي انفسکم يعني مان توهان ۾ آهيان ٻڌايو اٿائين. ڪمند ۽ جوئر شڪل ۾ ڪهجهڙا آهن. پاڻي به ساڳيو پئين. ڪمند جي رس مٺي آهي ۽ جوئر جي رس ڦڪي آهي، عارف ڪمند مثال آهن ۽ عام ماڻهو جوئر جي ڪانگڙ وانگر آهن. عام خاص فقير ۽ سيد به ساڳيو ساهه ٿا کڻن مگر انهن ۾ فرق ڪيڏو آهي.
رسول الله جي ترار اثبات ڪرڻ لاءِ ڪيڏيون لڙائيون ڪيون ۽ لوهه جي ترار وهايائين ته لاجي ترار قائم ۽ ڪامل ٿئي. اڳي ڪافر بت پوڄيندا هئا ۽ هاڻي جا مسلمان پنهنجي بُت جا خدمتي آهن. پوڄارائي چئجن. ڪن جا بت زالون آهن، ته ڪن جا پُٽ. ته ن جا دوڪان ته ڪن جا مال بت آهن. اهي سڀيئي ُبت پرست آهن جيڪو به لاجي ترار وهائيندو .ته ان کي عرش کان تخت الثريٰ تائين بادشاهي ملندي جيڪا قيامت تائين قائم رهڻ واري آهي. جنهن اسان کي دل اکين سان ڏٺو سو ڪافر ٿيو. جهن نه ڏٺو سوبه ڪافر ٿيو. حقيقي مسلمان هي ڳالهه سمجهندو. عشق حقيقي يا مجازي جو الله مڙهيءَ مان ڏسبو نه ڪعبه مان. رسمي مسلمان اسان کي ڪيئن سڃاڻيندو ڇو جو هن جي دل ۾ سينو شهوت جي باهه جي دونهين ڪارا ڪري ڇڏيا آهن. باهه ٻرڻ واري جاءِ جي ڇت ڪيڏي نه ڪاري ٿيندي آهي. رسمي مسلمان جي دل به اهڙي ڪاري آهي. جنهن ساقيءَ هٿان شراب پي الله لڌو تنهن جو نه ڪعبه سان واسطو نه بهشت جي اميد نه دوزخ جو خوف نه دين ڪفر سان واسطو. نه روزي نماز سان رهندو. نماز پڙهڻ وارن جي مٿي تي قرآن رکي پڇون ته جنهن کي سجدو ٿا ڪريو تنهن کي ڏٺو اٿو. صبح جو جنهن مهل ملان بانگ ڏيندو آهي ته اها مهل اسان جي شراب پيئڻ جي آهي. شراب جي هر هڪ ڍڪ سان هوش ڇڏيندو ويندو آهي. اسان جو ساقي منٿن سان هڪ هڪ ڍڪ ڏيندو آهي. پر هڪ ڍڪ سان سر وڍيندو رهندو آهي. ۽ اسان کيس پلوَ وجهندا رهندا آهيون ته ڌڪ ڀل هڻ پر ڍڪ ڏي. اها پري جي ملڪ جي ڳالهه آهي. هن شراب پيئڻ وارو نه مرندو ئي ۽ ڇوٽڪارو به هوندس. ملان نياڻيون ميڙ ڪري اچي ته به شراب جو ڍڪ به نه ڏبس ڀٽائي صاحب جي وقت ۾ ڪيترا ملان قاضي ۽ نيڪ نمازي هئا تن جي ڪا قبر به ظاهر آهي ڀٽائي شراب وحدت پيتو ته سندس نالو ۽ قبر روشن آهي. ملامت ۽ خواري فقير عارف جو سينگار آهي. هن خاڪي وجود مان انا الحق جو نعرو ٿا هڻون بحر بازار ۽ محبوب کي ٿا ڏسون. محبوب جي محراب اڳيان ڪعبه قبلو مسجدون مندر ۽ مڙهيون ڪليسائون گرجا گهر سڀ سجدي ۾ آهن.
جڏهن ذڪر ذاڪر ۽ مذڪور ٽيئي هڪ ٿي ويا. تڏهن نڪو وصل نڪو فراق نڪو هي نڪو هُو رهيو، اها ڳالهه عارف سمجهندو ٻئي جي ماءُ کي به طاقت نه آهي. انا الحق جي محلات ۾ ويٺي کان پوءِ رومي زنگي ملان قاضي ڪارا اڇا ٻانڀڻ مفتي يهودي ۽ نصارا شيخ مشائخ پر چهڙا چمار سڀ هڪ ڏٺاسين اڳ خبر نه هئي،
مستيءَ جي ڳالهه ڪيان ته هي فولاد وارو بوتو خواه ٻڌندڙ سڀ سڙي وڃن. جڏهن مان ناچ ڪندو آهيان تڏهن ملڪوت جبرورت ۽ لاهوت منهنجي پيرن هيٺان هوندا آهن. ساقي جي هٿان شراب پيئڻ بعد مون تي ايترو نشو غالب آهي جو مون تي ٻيو نشو ٿيئي ڪونه اسان جي بوتي جي مٽي لامڪان جي شراب سان ڳوهيل آهي مگر ظاهر ۾ هت ٿا رهون.
عشق جلال ماڻهوءَ کي شيطان ۽ ناري ڪري ٿو وجهي. مگر عشق جمال شيطان کي به نوري ڪندو آهي. هر هر پاڇي ڏي ڏسڻ سٺا ڪپڙا. پائڻ، هر هر ڏندڻ ۽ ڦڻي ڪرڻ، تسبيح هٿ ۾ ڪري ڪلاه ۽ پيچي ٻڌي نماز پڙهڻ. پرهيزگاري ڪرڻ. نفساني خودي آهي. اهڙي جي نماز ۽ عبادت قبول نه آهي. اسان جي عشق جو لام مونڍو نه آهي نه وري اسان جي حُسن جي انتها آهي. اسان جي سجدي جي جاءِ محبوب جو منهن آهي. پوءِ مسجد ته ٺهيو پر ڪعبه ڏي وڃڻ به روح نٿو ٿئي. هڪ دفعي عيد جي نماز لاءِ صف ۾ بيٺس ملان الله اڪبر چئي قران پڙهڻ شروع ڪيو ته اوچتي منهنجي اڳيان نماز جو مالڪ اچي بيٺو ۽ چيائين ته تون ڪنهنجي نماز ٿو پڙهين. اهو ڏسي مون کي وجد يعني بيهوشي ٿي ويئي. جڏهن هوش آيو ته هليوآيس. مسجد خواه مندر خواه مڙهيءَ ۾ ان جي ئي عبادت ٿا ڪن. سڀڪو پنهنجي پر ۾ خالق کي ياد ٿو ڪري سڀني جي ٻڌي ٿو. ٽڪاڻن ۾ سازن سروزن واري راڳ روپ واري عبادت ۾ به انهن کي سڏ ڏئي ٿو.
ڏس ته جنهن کي ظاهري صورت جو ڏنگ ٿو لڳي ته ان کان ننگ ناموس ۽ عبادت برباد ٿي ٿا وڃن. مگر هو ته حقيقي حسن آهي. ان جي ڏسڻ کان پوءِ دين ايمان ڪيئن بچندا. اسان کي عشق. دين ايمان ۽ پليدي کان پاڪ ڪري ڇڏيو. اهڙو شراب پيتو سين. جو جبرائيل ملائڪن سميت حيران ٿي ويو. ڇو ته ملائڪن جو ان شراب ۾ حصو ڪونهي. ساقيءَ وٽ دين ايمان تسبيح ۽ مصلو روزو نماز سڀ ٽپڙ ڳهه رکياسين ته شراب جو هڪ جام مليو. جنهن سان ٻيئي جهان رئي ٿي ويا. ملن ۽ قاضين کي ان سودي جي خبر ڪانه هئي، جي خبر هجين ها ته سجدو ئي ڪونه ڏين ها.
ملڪوت درياه جو گرساب ڪُن آهي. جتي نفس جي ٻيڙي جا تختا فنا ٿي ويندا آهن. اتي فقير معراج جي حالت ۾ پنهنجي خون ۾ رنگين ٿي ويندا آهن ۽ اهو انهن عارفن جو وضو آهي. جسم جي سِپَ جو ڀڳي ته ان مان موتي ٻاهر نڪتو. موتي وٺي جو اڏاڻو ته الست واري جاءِ تي وڃي پهتو. اتي دوڪان آهي جتي صراف ويٺو آهي. ان کي اهو موتي ڏيئي شراب وٺي پيتوسين ۽ جسم جي قيد مان آزاد ٿياسين. اي طالبو لذتون ڦٽيون ڪيو ته عشق جي بٺيءَ تان طعام مليوَ جيڪو ڪن ڪن نبين به مس کاڌو آهي. اسان کي مُلن جي واعظ کان بينن شرنائن دهلن ڌڪڙن جو آواز وڌيڪ پسند آهي. بت پرستي شراب خوري ۽ ڪفر ٽيئي اسان جو مذهب ۽ دين ايمان آهن. جڏهن بيچون ٿي پياسين ته بيچون لهي ان ۾ هڪ ٿي پياسين ۽ عشق جي ڪماليت ڏٺي سين. عشق جو ڪمال اهو آهي. جو اسان جو مٽ ڀڄي پيو مگر شراب ڪونه هاريو. وڏا به دين ايمان واري پل تي بيهي رهيا ۽ ان شراب کان رهجي ويا. عام مسلمان اسان کي ملحد ڪافر ۽ زنديق سڏيندا آهن. مگر جيڪو ملڪ هن ملحد ۽ زنديق ڏٺو آهي ۽ حاصل آهي سو منصورن، قلندرن، عارفن ۽ انبيائن کي حاصل آهي. ۽ فيصلي جي ڏينهن فيصلو به هي ڪندو. هن زنديق کي ايتر اختيار آهي جو بهشت ۽ دوزخ به هي ورهائيندو. ها نفس پروري واري مسلماني ڪهڙي ڪم جي، جيڪڏهن عشق جو راز ظاهر ڪجي ته سڄي دنيا خراب ٿي وڃي. جنهن کي عشق الاهي جي سُڌِ نه آهي. ته ان جي نماز قبول نه آهي.
جڏهن ٽڪاڻي ۾ وياسين ته مسجد منبر ۽ نماز روزي کان دل بيزاز ٿي وئي جنهن کي اسم اعظم جي ترار هٿ ۾ آهي تنهن کي ڪوبه ڀَوءُ ڪونهي جنهن کان ڇڏائي وئي ته ٻڌل دشمن به دسي وجهندس. جيسين سياڻو آهين ته ٽڪو نه لهين.
عشق ۾ چريو ٿيندين ته ڪروڙ لهندين.