روميءَ جي رهاڻ ۽ مثال
مثال هڪڙا درياهه ۾ غرق ٿيا ٻيا سڪيءَ تي بيٺا رهيا. پوءِ جيڪو ٻڏل هوندو ان جو سڪيءَ وارن سان ڪهڙو ڪم. نه وري ٻڏل سڪيءَ تي بيٺل وارن سان ڪو واسطو رکندا. ڪنهن وقت کان پوءِ توحيد جي محويت ۾ غرق ٿيل ٻاهر نڪرندا ته سندن گفتگو قرآن ۽ حديث جهڙي ٿي پوندي. هنن درياهه مان هيرا لعل ۽ معرفت جا جوهر لڌا. پوءِ جيڪو نصيب وارو هوندو سو اچي ان محويت واري فقيري وٽ صحبتي ٿيندو. پوءِ اهو پاڻ به ان وحدانيت جي درياهه ۾ ٽٻي هڻندو.
پوءِ فقير جي وڌندڙ عزت ڏسي عام ماڻهو پيا حسد ڪندا. فقير جي عزت جو دروازو نه انا مدينته العلم وعلي با بها واري مولا عليءَ کوليو. پوءِ اهو عارف عشق الاهي جي بلي ٿيو. نفساني ۽ خبيث خيالات جو وڻ لاجي ترار سان وڍي ڇڏيائين. تڏهن عشق پنهنجو ڪيس عشق به نه چاهيندو آهي ته ڪو سندس فقير ڪثرت ڏانهن لڙي وڃي، تنهن ڪري هن کي خلق کان ملامت پيو ڪرائيندو آهي. شريعت وارا عزيز توڙي مائٽ به پيا لڙندس ته هي اسان جي ابن ڏاڏن واري دين کان ڇو منهن موڙي ويو آهي. مگر فقير ته وڃي الله جي دين ۾ داخل ٿيو. پوءِ سندس پراڻي دين سان ڪهڙو ڪم. ان خلق جي نفرت سبب فقير مڪمل طرح سان الله ڏي لڙي پوندو.
پسگردائي وارا پيا چوندا ته هن جو فقيريءَ ۾ ڪهڙو حق آهي اسان جو ابو ڏاڏو فقير هو۔ هي وري نئين مان فقير ٿيو آهي. فقير وٽ ته ماڻهو ايندا رهندا. هُنن ڏي ماڻهو کين بي حاصل ڏسي ڪونه ويندا جنهن ڪري حسد پيا ڪندا. انهن حاسدن جي وڏن مان هڪڙي لاجي ترار سان نفس کي ماريو هو. جهن تي ساڻس نفس انجام ڪيو هو ته توسان تکي ترار آهي مان توسان وڙهي نٿو سگهان باقي تنهنجي پوين جون ٽنگون دُڏِ کان ڪڍي ڇڏيندس.
پوءِ انهن هٿ موڪري ۽ پنج هٿ ڊگهي الفي کڻي پاتي ۽ سمورا لباس فقيري کڻي ڪيائون. جيڪو ساڻن ڳالهائي ته سندن وات مان ٻڪرين ۽ گابن جا کر پيا نڪرن. حرام حلال به کايون وڃن نه کين قرآني علم ۾ نه هو حديث تي هلن ۽ کين ظاهر جو علم به نه آهي. ختمن تي بنا سڏ جي پهريائين پهچن. اتي کائي وري گيڙوءَ جي چادر ۾ پٺارڪ ٻڌي اچي ٻارن کي کارائين ۽ وري ڇاندي، پاڻيءَ لاءِ وڃن ۽ پويان بکيو ڪتو اچي گيڙوءَ جي چادر ۾ چڪ وجهين جو اڳڙي به نه بچين، جيڪي گهڻن چانورن لاءِ وڃن سي اوڏاهون به خالي اچن ۽ هت وارو حال ڏسي ارمان پيا ڪن ته افسوس هاءِ ويئي ته هوءِ به ويئي.
بنا ذڪر فقيريءَ جو اهو حال آهي حديث ۾ آهي:
اَلَفَقَرُ سَوَادُ الوجھہ فی الدارین
ٻنهي جهانن ۾ منهن ڪاري واري فقيري اها آهي.
سند جي گاديءَ وارن مان ڪو مرندو ته سندس پٽ کي توڙي جو زاني غاصب نفس جو تابع شهواني پٽ هجيس الله ۽ مسلماني قانون امرنهي کان به انڌو هجي ته به مڙي سڙي ٺپي ٺاهي بزرگ واريون الفيون ۽ دستار کڻي پايائيندس ۽ چوندا ته ساڳيو سائين آهي. ڪپڙن پائڻ واري فقيري جو ڪهڙو حال آهي. مثال ڪنهن زائفان کي کڻي مرداڻا ڪپڙا پارائبا ته مرد ته نه ٿي سگهندو. مگر عام خلق جي ڦرڻ ڪاڻ پڇ کڻي ٻڌندس ۽ خليفا سندس تعريفون ڪري پيا مسافريون ڪرائيندس. اهڙا فقير غيا کوهه جا لائق آهن سڏائن وري درويش.
مثال ڪوئا مار باز ڪيڏو به سهڻو هوندو ته به ڪوئا مار سڏبس. شهباز ته نه ٿيندو. شينهن جيڪڏهن ڍونڍ کائي ته ڪتو چئبس شينهن نه چئبس. جيڪڏهن صوفي ڪپڙا فقيري پائي حرام کائي ته ڪتو آهي. شينهن نه آهي.
بيت رومي صاحب
ورهمي شير خورد مردار را، سگ به دانش گر کنداين کادرا
موش را گر باز گيرد باز نيست ليکه اندر سلک باز انبار نيست
موش گيرش نام شداندر جهان، گرچه رنگ وريش باز اوعيان
صوفي چون عاشق دنيا است وجاه، يوم دين گردد خوارو رو سياهه
جيڪڏهن شينهن حرام کائي ته ان ڪم ڪندڙ کي ڪتو سمجهه
باز جيڪڏهن ڪوئا وٺي ته باز نه آهي، شڪل ۾ باز جهڙو آهي مگر باز نه آهي.
دنيا ۾ڻ ان جو نالو ڪوئا مار آهي، توڙي جو رنگ ۽ منهن باز جهڙو اٿس.
صوفي جيڪڏهن دنيا ۽ مرتبه جو عاشق آهي ته قيامت جي ڏينهن خوار ٿيندو ۽ منهن ڪارو هوندس
صوفي ٻن قسمن جا آهن هڪڙا معنيٰ وارا ۽ ٻيا مانيءَ وارا.
معنيٰ وارا صوفي سمنڊ جي مڇي آهن. ماني وارا صوفي گلوئي آهن معنيٰ وارا علم لدني ۽ معرفت ۾ ويا سي سمند جي مڇي آهن انهن تي موت آهيئي ڪونه. قرآن موجب لَاخَوفُ عليهم وَالاَ هُم يَحزَنُونَ. اِن اولياءَ الله لا يمُوت آهن. يعني اهي مرندا ڪين نه ئي انهن تي ڪو خوف آهي. فقير هماءَ آهن جن جو سير تحت الثريٰ کان عرش تائين آهي. مگر ماني وارا صوفي حرام خور سانباها آهن. هنن جو سير پائخانن ۽ ڍونڍن تائين آهي. سانباهي کي رڳو لَوَڙ گسائي هڻجيس ته به ڀوَ ۾ مري ويندو. انهن لاءِ عزرائيل جو ڀَوءُ لَوَڙ مثال آهي. مگر معنيٰ وارا صوفي عزرائيل کي لا جي ترار سان ماري لکين ڪوهه پري لنگهي ويا. اتي تمام پري هڪڙو سمنڊ جو ڪن آهي ان ۾ ٽٻي هڻي پاڻ سمنڊ ٿي پيا. اتي عزرائيل جي پهچ ڪانهي. ان جاءِ تي عزرائيل سندن زير دست ٿي پيو.
هن زبان کي ڪهڙي مجال آهي جو سمنڊ جو بيان ڪري ان بيان ڪرڻ لاءِ سوين زبانون هجن ۽ قيامت تائين بيان ڪنديون رهن ته به پورو نه ٿيندو.
مانر صوفي گلوئي وانگر جان کڻي ٻِر مان ٻوٿ ٻاهر ڪڍن ته ڪوئا مار کڻين ته سرڻ به کڻين. انهن لاءِ عزرائيل باز آهي شڪاري به ٻر ۾ پاڻي وجهي ڪنڌ ڀڃي کڻي رڌي کائنس هنن لاءِ شڪاري چُهڙو نفس آهي. اهي مانرصوفي نفس جو قوت آهن. عزرائيل به نفس جو روپ اختيار ڪري اچين. جنهن جي شڪل ڀوري رڇ جهڙي ٿئي جنهن جي ڏاس زمين سان گسندي ايندي ان کي ڏسڻ سان اهڙن صوفين جوساهه نڪري وڃي ٿو. ڪانچ ۾ دست وهي وڃين ۽ دم جي ڏور ٽٽي وڃين. پوءِ کين ملائڪ قسيم النار وٽ وٺي وڃن پوءِ اهو شهنشاهه ملائڪن ٻن کي حڪم ڪري جنهن جاءِ جو لائق هوندو ته اوڏانهن موڪليدس. نفس جي فرمانبرداريءَ سبب کين ڪاري پاڻيءَ ۾ ڌڪو ڏياري ڇڏيندن.