گداگر ملنگ جي ڳالهه
بيت
جس ٻيلي وچ شينهن پيا. اٿان ڪل جناور ڀڄ گيا،
سڻ سيتي گجگوڙ تنهن دي. هر هڪ وڃ بي وطن ٿيا.
اڄ رات 18 ربيع الاول 1372 هجري خيال ذڪر سان ويٺا هئاسون ته انبيائن ۽ اوليائن جي محفل ڏٺي سين. اتي حضرت عيسيٰ اوچتو آيو سڀني سندس استقبال ڪيو. حضرت عيسيٰ عليه السلام جي هٿ ۾ لدني علم جو ڪتاب هو جنهن مان هيءَ ڳالهه پڙهي ٻڌايائين ته.،
هڪ انڌو ماڻهو هو، ان جو گهر ڪکائون هو. هن کي ديد ختن ٿئي ٿورو وقت ٿيو هو. انڌائپ کان تنگ اچي ڇا ڪيائين جو ڏسڻ جي سڪ ۾ اماڙي ٻاري گهر کي کڻي باهه ڏنائين ته متان وڏي باهه سوجهري تي ديد کلي پوي باهه جو آنبهه ٿي ويو سندس گهر وارن وٺي دانهون ڪيون. باهه وسائڻ لاءِ سڄي ڳوٺ ڪوشش ڪيون مگر باهه وسائڻ کان گهڻي ٿي ويئي سندس سمورو گهر ۽ سامان سڙي ويو. ماڻهن گهر سڙن جو سبب پڇيس ته چيائين ته مان پاڻ ساڙيو آهي. ڇو جو مون کي ڏسڻ جو شوق هو. مون سوچيو هو ته متان وڏي باهه سان نظر کلي پوي ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڏسي وٺان. سندس بيوقوفي جو ٻڌي هر هڪ ماڻهوءَ بجا پي ڏنس ۽ لعنتون پي وڌائونس.
حاصل مطلب ته هي آدمي گمراهي جي وهمن سان انڌا ٿيل آهن هنن ساري عمر جو جهڳو دنيا جي حرص ۽ شهوت جي باهه سان ساڙي ڇڏيو آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته حرص ۽ طمع سان سندن لاءِ پنهنجي حياتي جو سمورو گهر ساڙي تاراج ڪري ڇڏيو اٿن. جنهن اهو حياتي جو گهر ۽ دمن جي ملڪيت شهوت جي باهه سان ساڙيو تنهن تي انبيائن ۽اوليائن جي لعنت وسندي.
روح بادشاهه آهي مگر جسم جي قيد ۾ پيل آهي. هت دنيا ۾ هن جو سيرڪجهه ڏٺل ۽ ڪجهه اڻ ڏٺل جاين جو پيو ٿيندو مگر حياتي ۽ دمن کي اجايو وڃايائين ۽ آسمانن جو سير ڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته نفساني خيالن ان پاسي کان هن کي ڀت ڏيئي ڇڏي آهي. نفساني خيالات جا ڳجها زنجير پيل اٿس.جيڪڏهن لاجي ترار سان آهي زنجير ٽوڙيائين ته پوءِ هن جو عروج نزول عرش عظيم ڏانهن ٿيندو پوءِ جڏهن هن جو صفاتي دم ٽٽندو ته اوڏانهن هليو ويندو.
طالب جي دل موسيٰ وارو ڪوهه طور آهي جيئن الله موسيٰ سان ڳالهايو هو تئين طالب جي دل ۾ به گفتار هلندي آهي. حضرت موسيٰ رب ارني چيو هو ته خواب ۾ لن تراني چيو ويو هيس. جيڪوحضرت موسيٰ جي ساري امت لاءِ به سمجهڻ گهرجي. مگر اسان محمد ڪريم ﷺ جي اُمت لاءِ سبحن الذي اسريٰ بعبده جو انجام آهي تکي هلندڙ طالب جو سينو طور سينا آهي. وقت بوقت بيغام الاهي ۽ گفتگو پيو ٻڌندو. جنهن جي ٻڌڻ سان طالب کي پڪ ٿيندي ته منهنجي ياد جو سلسلو الله سان ڳنڍيل آهي. عرش جا آواز پيو ٻڌندو. ذڪر سان روحاني ڪن سرلا ٿي پوندس. ڪنهن مدت اٽڪل ٻارهن ورهين کانپوءِ جسم مان نڪري پوندو. مرشد جرئيل وانگر هن جي رهبري ڪندو ۽ آسمان ڏانهن اڀ سرو ساڻ وٺي ويندس. پکي پرواز ڪندا آهن مگر طالب بنا پرن جي پرواز ڪندو. پکي سڀ لهوارا اڏرندا آهن. مگر طالب سڌو بندوق جي گولي جيترو تکو مٿي ڇهن آسمانن مان ائين ويندو جيئن گولي ويندي آهي. ستين آسمان تي هن جو مقصد آهي اتي ست ڏينهن رهندو. اهوعشق جو قاعدو آهي. ته جيڪو به اتي آيو ته ست ڏينهن رهڻو پوندس. ان وقت ۾ طالب جو وجود شينهن وارو ٿي پوندو آهي. شير يزدان موليٰ علي جو لقب آهي. ان قدرت واري شينهن ۾ فناءِ کائيندو آهي. ظاهري انڌا ڏسي نه سگهندا آهن.
پڪ ڄاڻو ته هي طريقو اسم اعظم جي ذريعي جسم مان نڪرڻ وارو موسيٰ عليه السلام کي ڪونه هو. تڏهن ته زبان سان رب ارني پي چيائين اهو روحاني رستو رسول الله ﷺ لاءِ رکيل هو. جيڪو طالب ذّوق سان اسم اعظم ڪمائيندو ته عرش عظيم جا پيغام پيو ٻڌندو ۽ وڌيڪ شوق جاڳندس. جسم مان نڪتي کانپوءِ پيغامن جي ضرورت ڪانه پوندس. تکي طالب کي رسول الله ﷺ ۽ موليٰ علي ديدار ڪرائي دلجاءِ ڏيندس. مراقبي وقت عارف ۽ اولياءَ پيو ڏسندو.
جيڪو طالب قبول پوندو آهي ته ان کي پهريائين قلندر شهباز ديدار ڪرائيندو آهي. سنڌ جي فقيري جي واڳ به قلندر شهباز جي هٿن ۾ آهي. الفقر فخري واري فقيري نه ڪي پنڻ واري فقيري .
محبت واري طالب جي ذّڪر وارو سڏ عرش اعظم کي لرزائي وجهندو آهي. ان ڪري ذات حق پاڪ عارفن کي موڪليندو آهي. ته وڃي منهن ڏيکاري دلجاءِ ڏيوس. پوءِ فقير کي پيشوا رهبر به اچي منهن ڏيکاريندس ۽ گفتگو به ڪندس. جنهن تي طالب کي يقين ۽ جوش پيدا ٿيندو. اهڙي طالب لاءِ ظاهر جا مست به حڪم الاهي سان پيا ايندا ۽ رهندا. اهڙو طالب جنهن به عارف جي مقبري جي زيارت لاءِ ويندو ته اهو عارف سندس اڳتي اچي استقبال ڪندس. طالب جي دل طور سينا آهي. جسم مان نڪرڻ کانپوءِ معراج جو مالڪ آهي اهڙي فقير جي ڪنهن دل راضي ڪئي ۽ دعا ورتائين سا هڪدم منظور ٿيندس. فقير جي رنجائڻ وارو فرعون آهي. پوءِ فقير فرعون کي ائين ٻوڙيندو جيئن موسيٰ فرعون کي ٻوڙيوهو.
عارف عاشق جي آر به درياهه وانگر آهي. ڪڏهن غير آباد کي آباد ڪري ته ڪڏهن آبادي کي برباد ڪري جيئن بقار تان درياه آر مٽايو ته سج ۽ غير آباد ڪري ڇڏيائين. نه ته بقار جا مهاڻا پکي ماري انهن جا کنڀ به انگريزن کي سون برابر ڏيندا هئا هر هڪ آبادگار هزارين مڻ ان کڻندو هو ڪيئي مزدور ماڻهو صرف لاباري جي مزدوريءَ مان ان جو ٻوريون آڻيندا هئا جڏهن درياهه بقار تان آر مٽايو ته ڍندون سڪي ويون زمينون بنجر ٿي ويون. مهاڻا به ويران ٿي ويا. جن کي سونا زيور هئا تن کي ٽامي جو ڇلو به ڪين آهي. فقير عاشق اهڙو آهي جو ڪفر مان نبي ڪري وجهي. بهشتي تي ناراض ٿئي ته جهنمي ڪري ڇڏيس. فرعون مان موسيٰ ۽ موسيٰ مان فرعون ڪري وجهي. هيءَ ڳالهه ڪلي عقل جي آهي جزوي عقل وارن کي سمجهه ۾ نه ايندي مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَ مَا طَغٰى(۱۷) واري عقل جي ڳالهه آهي. ڪنهن کي به ڪڇڻ جي طاقت نه آهي ته هئين ڇو ڪيائين. هيئن ڇو ٿيو. ٽيئي جهان فقير جي هٿ ۾ آهن جيئن وڻيس تيئن ڪري سگهي ٿو.
بيت
بل مکان ولا مکان درحکم او ، همچون در حمکش بهشت وچارسو
بيشڪ مڪان لامڪان ان جي هٿ آهن بهشت يا چارئي طرف ان جي حڪم ۾ آهن.
لامکان نئي که دروهم آيدت، هر دم دروي خيال زايدت
لامڪان تنهنجي سمجهه ۾ نه ايندو هر هڪ دم ۾ ان جا خيال پيا وڌندا.
اسپ عام رانه بود آن جا مجال، پاءِ لنگش ماند پيش ذولجلال
عام گهوڙي کي پهچڻ جي مجال نه آهي ذات پاڪ اڳيان منڊو آهي.
عقل جزوي کور ماد رزادرابر عصاد دارد هميشه کاروبار
جزوي عقل وارو ماءُ پيٽان انڌو آهي، ان جو سدائين ڪم لٺ تي آهي.
چغد عنقارا کجا گيرد شکار. شب پر خور شيد کئي گيرد کنار
چٻ شهباز جو شڪار ڪيئن ڪندي. چٻرو سج جي ڀر ڪيئن وٺندو.
هر که از خود رفت داندين سخن،آشکارش باشدين سرلدن
هيءَ ڳالهه اهو سمجهندو جيڪو پاڻ مان نڪتو ان تي ئي لدني راز کلندا.
عشق راپانصد پراست وهر پر، از فراز عرش تاتحت الثريٰ
عشق کي پنج سئو پر آهن هر هڪ پر عرش کان تحت الثريٰ تائين آهي
جزوي عقل نفساني ۽ ڪل عقل الاهي آهي. جيڪو عرش اعظم جو آهي. جزوي عقل ناسوت واري حرام خور ڪانوَ جو آهي. ڪل عقل شهباز لامڪاني آهي. جزوي عقل جي نظر ڍونڍ تي آهي. ڪلي عقل شهباز دلين جو شڪار ڪندو آهي. ڍونڍ ڇا آهي. رشوت چوري، ختمن جون مانيون ڪانڌپا سڀ ڪجهه ڪانءُ عقل کانيون وڃي.ان جو عزرائيل آهي چڻيءَ مار. مئي جي پويان ختمه ۽ منهن ڪندا آهن.اهي دنيا جا ماڻهو ڪانون مثال آهن جيڪي اتي اچي گڏ ٿيندا آهن پوءِ چانورن کائڻ مان هڪ نه ٻئي کي تپ يا نمونيا ٿيو پوي. پوءِ چڻي مار عذرائيل کي وجهه لڳي جو کين ماري ڪفن جي ڳوٿري ۾ وجهي کڻي وڃي دوزخ جي ملائڪن بازن حواله ڪري. مئي جي ماني ختمون يا ڪاڍارو آهي. اها ڄاريءَ مثال آهي. جو هڪڙو نه ٻيو دسيو پيو. هوندو.
ذڪر ۾ هلندڙ صوفيءَ کي ختمي جي ماني کائڻ حرام آهي. کائڻ سان دل ڪاري ٿي پوندس ۽ ذڪر نه هلندس. مهيني ٻن جو ڌوڪو ايندس طالب لاءِ ختمو کائڻ ائين آهي ڄڻ مئل جو گوشت کاڌائين. مگر رسول الله ﷺ ۽ اهلبيتن ۽ الله وارن فقيرن جي ماني نقصان نه ڪندس. مگر ان ۾ ڳائو گوشت هجي ته نه کائي. ڇو ته رسول الله فرمايو آهي. ته لَحمُ بقر بَلاءُ وَلبن بَقر شَفاءُ. يعني ڳائو گوشت مصيبت ۽ کير شفا آهي ڳائي گوشت کائڻ سان ذڪر الاهي بس ٿي ويندو آهي. قلب ڪارو ٿي ويندو آهي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي مصيبت آهي مگر جنهنکي ٻيا گوشت ملن ته ڀلي کائي نفس جي لاءِ گهڻو نه کائي حقيقت ۾ باطني بادشاهه جي گوشت کائڻ کان منع آهي ڇو ته گوشت کائڻ سان روح جي وات ۾ بدبوءِ ٿيندي آهي. ڇو ته گوشت نفس جي غذا آهي روح جي غذا ذڪر الاهي آهي.
قوت حيواني بشر ذکر خدا ست،
قوت حيواني اورانا سزا ست.
انسان جي اصل غذا خدا جو ذڪر آهي. روح کي حواني غذا کائڻ نٿو سونهين. حضرت آدم کان وٺي اڄ تائين ٻن آدمين گوشت نه کاڌو هو. ڇاڪاڻ ته سرڪار الاهي کانئن وعدو ورتو هو ته اوهان کي ٻه تحفا ڏجن ٿا. جيڪي گوشت کائڻ ڪري ڪارگر نه ٿيندا. اهي ٻه ڄڻا هڪ حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ ٻيو حضرت علي عيله السلام. انهن ٻنهي پنهنجي ساري عمر ۾ گوشت نه کاڌو هو. انهن لاءِ تحفا باطني آهن جن جي اسان کي خبر آهي مگر ٻڌائڻ کان منع آهي.