تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

دوئي ڇا آهي؟

مان به آهيان الله به آهي مان ٻانهو به آهيان ٻيو الله به آهي ته اها دوئي يعني ٻيائي آهي هي جسم ۽ ان سان رهت به دوئي آهي جيستائين جسم مان نڪري آزاد نٿو ٿئي تيستائين دوئي ۾ آهي هڪ هستي ٻانهپ جي ٻي الوهيت جي هوءَ فاني هستي آهي هيءَ باقي جي هستي ڪامل آهي.عبديت جي هستي ناقص آهي.
بيت
خودي ۽ خدا ڪين مائيندا من ۾
ٻن ترارين جاءِ ڪا هڪ مياڻ ۾

الوهيت جي بادشاهت هِنَ هُن ملڪ جي بقادار حڪومت آهي ان ملڪ ۾ ٻانهپ جي حڪومت نا مناسب آهي. ملڪ ۾ٻه بادشاهه نه ٺهندا آهن. سائين جي اڳيان ٻانهي جي ڪهڙي حيثيت هوندي. ٻانهي کي سائين ۾ گم ٿيڻ گهرجي.
مثال ڪنهن ٻيلي ۾ شينهن رهندو هجي ۽ جهنگ ۾ لومڙ به هجي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ لومڙ به شينهن سڏرائي ته شينهن هڪدم فناءِ ڪري ڇڏيندس.
اها وجودي ۽ نفساني هستي لومڙ آهي. جڏهن خودي خدا ۾گم ٿيندي ته پوءِ خدا جي گفتار شروع ٿيندي. خدا سان ڪنهن کي به شريڪ ڪرڻ کي مشرڪي چئبو آهي ٻن هستين جي پوڄا ڪرڻ مان ۽ الله ٻنهي جي ڄاڻ ۾شريڪ ڪرڻ ڪرستانين به ٻين هستين جي پوڄا ڪئي تڏهن مشرڪ سڏيا ويا.
هي اٺئي پهر نفساني هستي لومڙ آهي. جڏهن خودي خدا ۾ گم ٿيندي ته پوءِ خدا جي گفتار شروع ٿيندي.
هي ماڻهو اٺئي پهر نفساني وجود جي وڌ ۾ وڌ خدمت ۽ ٻانهپ ٿا ڪن هي صرف ليکي سان پنج وقتي نماز تي خوش آهن. هت ليکي جي جاءِ تي آهي ئي ڪانه وذڪر الله ذڪراڪثيرا کي ويجهائي ڪونه ٿا وڃن. اهي رسمي مسلمان پنهنجي ٻانهپ کي اسم اعظم سان غرق ڪري خوديءَ کي خدا ۾ گم ڪري وجهن ته جيڪر ان مشرڪي کان آزاد ٿي پون. موحد مسلمان ٿي پون. جنهن مسلمان الله اثبات ڪيو ۽ من خدايم جو نعرو هنيو. حقيقي مسلمان اهو آهي. ٻانهپ واري فقيري ۾به شڪ آهي جنهن ماڻهو مشاهدي معراج ۽ جسم جي ترڪ کانسواءِ جسم جي قيد ۾هوندي من خدايم جو نعرو هنيو سو سخت ڪافر آهي. ان لاءِ فَجَزائهم جَهنم وَهم فِيهَا خالِدون جو حقدار آهي. لعنت الله علي الکاذبين جو حقدار آهي. اهو درٻار الاهي مان تڙيل آهي ڇو ته هو بيخودي ٿيوئي ناهي. نفساني خوديءَ ۽ هستيءَ سان ٿو چوي .اهو فرعوني دم آهي. عاشق جيڪي به من خدايم جا نعرا هنياسي سڀ وحدانيت جي حالت ۾ چيائون. سو سچ آهي.منصوري دم ۽ بقادار آهي. جيئن سورته طٰهٰ ۾ موسيٰ سان خدا وڻ مان ڳالهايوهو فقال اني انا الله چيو هو. جنهن کي سڀ مڃين ٿا. الا نسان سري وا انا سره آدمي جي وجود مان الله جي گفتار نڪري ته رسمي مسلمان ان سان لڙائي ٿا ڪن. موسيٰ واري وقت ۾ الله کي جواني هئي هينئر شايد الله ڪراڙو ٿي ويو آهي. جو ڪنهن به وجود مان نٿو ڳالهائي سگهي قرآن ۾ آهي ته کل يومُ هو في شانُ. يعني هر روز سندس شان نئون ۽ تازو آهي.
مثال جڏهن ڪنهن به پردي واري عورت کي جن وٺندو آهي ته اها پردو ڀڃي پڌر ۾ لهر ڪندي آهي .ٻولي مٽائي ٻيون ٻوليون ڳالهائي راز ۽ ڳجهه پيئي ڳالهائيندي آهي ڏسو. ته جن کي به ايترو اثر آهي. باقي جيڪو انهن جنن توڙي انسانن جوخلقيندڙ آهي ڇا ان الله کي ايتري به طاقت نه آهي ڪنهن آدميءَ مان ڳالهائي سگهي ٻيو ته جيڪو شراب ٿو پيئي ان کي شراب به اثر ڪري ٿو. ظاهري شراب ۾ به نشو آهي.باقي معنوي شراب وحدت واري اسم اعظم واري کي ايتري طاقت نه آهي جنهن جو شان وسقا هم ربهم شرابا طهورا. آهي پوءِ ڪنهن عارف ۽ عاشق جي وجود مان گفتار ڪري ته ان کي ڪوڙو ٿا سمجهن. عام ماڻهن ۽ بي سمجهن جو ارمان آهي. هي آدمي جيڪڏهن اهڙو جڏو هجي ها ته فسجدو لادم جو حڪم ملائڪن کي نه ٿئي ها جو کيس ملائڪ سجدو ڪن ها. آدمي به اهو آهي جيڪو حضرت آدم جهڙو پاڪ ۽ صاف هجي.پوءِ اهو اڄ به ملائڪن جي سجود هجڻ جو لائق آهي.نڪي هرهڪ آدمي .جيڪو به جسم مان نڪتو سوئي پاڪ آهي. آدم ۾ اهو ڪير هو جنهن علم الاسماءَ کلها. جو بيان ڪيو.موليٰ علي السلام سلوني سلوني قبل ان تفقدوني فرمايو. جنهن آدميءَ الله اثبات ڪيو پوءِ ان کي ڇا سمجهي.
بيت

عشق آدم ۾ سڄو ڀرپور آهه
جنهن الله اثبات ڪيو سو نور آهه

نور ڇا پر عين ذاتِ ذوالجلال،
بيخوديءَ جي حال ۾جنهن ڪيو ڪمال

بيخوديءَ جو حال بيخود کي خبر
محمدي معراج عاشق جي نظر.

محمدي معراج حاصل ڪيو فقر،
تاج لولاڪي جا صاحب زيب تر.

شمع ذاتي جي اڳيان پروانه ٿيا.
مالڪ الملڪ و انا رحمان ٿيا.

جلوه خورشيد وحدت ۾ فنا،
عين خورشيد الاهي حق لقا.

ان مقام تي سڀڪو عاشق ٽي ڏينهن رهندو آهي. مگرشاهه منصور هن جاءِ تي ٻارهن مهينا رهيو هو. جنهنڪري سوليءَ تي چڙهيو.
ٽن ڏينهن بعد جيڪا صاحب منصور جي جاءِ آهي اتي چار اوزار ڏٺا ويا.(1) شمسير الوهيت (2) تبراعظم (3) نيزو (4) ڪلا به ڪلابه هڪ پٽ جي ڏور ۾پيل هو . ان محلات ڪٽهڙي واري طبقه جو نالو شمس الحقيقت ۽ سياهوت آهي. جيڪا مخفي جڳهه آهي عام مشهور نه آهي عرش اعظم جي چڙهڻ وقت اهي معنوي اوزارڪم آيا.محلات مان نڪرڻ وقت انا الحق جو آواز ختم ٿيو.وري هڪ عاشقيءَ ۾ معشوقيءَ جو دستور پيدا ٿيو. پوءِ ان معشوق اهي اوزار عاشق تي وهايا.
مصرع نيزا بڙڇيون تبر تراريون گهوٽڻ کي گهائن.ڪلا به کي جيڪا رنگين ڏوري هئي اها عاشق جي مٿي ۾ وجهي پنهنجي ٻاهران ڦيرايائين ان وقت فقير جي روحاني تصوير به وجود هئي. ڦرائڻ وقت روحاني تصوير جوهر جي پيدا ٿي. جنهن تي حيرت به عجب هئي. جو اسان جي ٻنهي ٻانهن جي هيٺيان سفيد نوراني پر پيدا ٿيا. جن جي سفيدي سج کان به وڌيڪ چٽي هئي.هر هڪ پرجي ڊيگهه عرش کان تحت الثريٰ تائين نظر آئي. عرش عظيم وٽ ٻنهي جهانن جو خاتمو هو. پوءِ بيحد ملڪ ڏٺو سي.جنهن کي ٽيون جهان چئبو آهي جنهن جي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڳالهه ڪانه آهي. مگر قرآن ۾ جيڪي حروف مقطعات آهن انهن ۾ ٽئين جهان جي حقيقت اشاري طور ڏنل آهي اها حقيقت انهن اکرن ۾ آهي جن تي نڪتا نه آهن. ڪوبه عالم فاضل انهن نقطن کي سمجهي نه سگهندو. بيحد ملڪ کي بقا باالله ۽ لامڪان به چئبو آهي.عرش اعظم جو ملڪ حد وارو ۽ ڪثرت آهي .
پرن پيدا ٿيڻ سان ان بيحد ملڪ ڏانهن پرواز ڪيوسي. هن ڳالهه جي رسول الله ﷺ جي تائيد ڪندي فرمايو آهي ته کل مرءُ ذي بال يطير بهيمته باطني طرح اهي پر هر هڪ آدمي کي آهن. ان جو مثال اهو آهي ته ٻالپڻ ۾ بلوغت کان اڳي هر هڪ آدمي خواب ۾ خطري ۽ طوف کان يڪدم پرواز ڪري اڏري پوندو آهي. مگر پر ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا آهن جيڪي اسم اعظم جي قوت ۽ ذاتي عنايات سان کلن ٿا. ڇو ته پرن جي رعب ۽ دٻدٻي سان قلب ڦاٽڻ جو انديشو آهي. مگر اهي پر وجودي وهمن ۽ نفساني ڪمن سبب بند ٿي ٿا وڃن.جيستائين روح نفساني غلاظتن ۽ وجودي وهمن کان جند نه ڇڏائيندو تيستائين اهي پرڏسي ڪونه سگهندو. جڏهن جند ڇڏايائين تڏهن ٽنهي جهانن جو اُڀ سرو پرواز ٿو ڪري اهي پر بيحد ملڪ جي سير لاءِ خاص طرح سان آدمي کي ملندا آهن. ان ڪري فقير کي شهباز لامڪاني چئبو آهي. ان حد ۾ قلندر شهباز فرمايو آهي ته
شهباز لامڪانم، بيرون زڪون وڪانم
مسجود انس وجانم مطلب تو آشيانم

يعني لامڪان جو شهباز آهيان ڪون وڪان ٻنهي جهانن کان ٻاهر نڪري (ٽئين جهان ۾) ويو آهيان. انسان ۽ جنن جو مسجود آهيان مگر محبوب تنهنجي (اصلي رهڻ جي جاءِ) يعني اکيرن تي پهچڻ منهنجو مقصد آهي. عرش عظيم جي محلات مان اڏرڻ وقت اسان جي پرن جو اهڙو واڪو ٿيو جو نون آسمانن ۾ غلغلو مچي ويو. جيئن ڏوهه پندرهن جهازن جي گڏجي اڏرڻ سان واڪو ٿيندو آهي. حديث: موجب عرش عظيم جو پنڌ پنجاهه هزار ورهين جي پنڌ جيترو مفاصلو آهي فقير اهو پنڌ عشق جي عنايت ۽ طاقت سان طئي ڪن ٿا. ان پرواز سان هاهوت .باهوت ۽ هوءِ هواءِ جون حدون طئي ڪرڻيون ٿيون پون . اتي صرف هڪ منٽ ترسيا سون جو اتي صرف رقص جي سکيا هئي. ان کانپوءِ پورب جي طرف جيڪو عاشق جي دلين ڦرجڻ جو ملڪ هو اتي پهتاسون. ان جاءَ کي بقا باالله چئبو آهي جيڪو وحدانيت جو بادشاهه آهي سو ان اوڀر طرف جي پورب واري ڪنڊ طرف آهي.
اسان به پهريائين هوءَ هواءِ ان لنگهندي باهوت ۽ هاهوت کان پوءِ ڏکڻ واري پورب ۾ وياسون. انهن حدن ۾اسان جي ٻارهن مهينا آمدرفت ٿي. ان کي پورب يا آڻ حد به چئبو آهي. اها جاءِ دلين جي ڦرجڻ ۽ حسن جي حل هنگام جي ڳالهه آهي. جيئن بيدل فقير فرمايو آهي ته حسن دي هل هنگام ساڏا هوش گنوايا. اتي پهتي کان پوءِ ٻارنهن مهينن تائين ننڊ ختم ٿي ويندي آهي. اها فقير جي اتنها جي چوٿين. منزل آهي پوءِ الله عاشق ته فقير معشوق ٿي پوندو آهي. پوءِ جيڪا فقير جي مرضي ته الله جي به ساڳي مرضي هوندي آهي.
سنڌي عارفن به پورب جو بيان ڪيو آهي. شاهه صاحب فرمايو آهي.ته
پوربيا پوري ويا، آسڻ آڌيءَ رات.
سيم نه سناسين جون. پچارون پرڀات
ڪاجا جوڳيءَ ذات مِٽَ نه معذورين جا.

پورب پوري ويا. آسڻ اڄ صبوح
خستوري خشبوءِ آهي آدسين ۾.

عاشقن جو هميشه انهن ماڳن تي پيو اچڻ ۽ وڃڻ ٿيندوآهي چوٿين منزل وارن فقيرن کي راڳ ويراڳ ۽ سروزن ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق ٿيندو آهي. جو ان کان سواءِ بيقرار ٿيندي اٿن.ڇو ته انهيءَ حد ۾ حسن جا حملا ۽ ترانه سروز هر وقت هلندا آهن. پهچڻ سان ئي هن خاڪي وجود جي ڪنن سان اهي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. عاشق ائين پيو چوندو ته سدائين عروج ۽ پرواز هجي. وجود ڏي موٽجي ئي نه. جسم ڏانهن موٽڻ به وڏي وٿي آهي. ان وقت فقير کي ملامت ۽ خواريءَ جو اهڙو شوق ٿيندو آهي جيئن بادشاهه کي شڪار جو شوق ٿئي. دين تي ٽوڪان پيو ڪندو. ڇو ته دين به عشق جو پراڻو دشمن آهي جتي تسبين جا ٺهڪا ۽ نفل نمازون هونديون اتي عشق جو ڏس ئي ڪونه هوندوآهي. اتي رڳو مسلا مسائل جا دستور پيا هلندا آهن. ڇو ته عاشق ته دين کي اڌ ۾ ڇڏيندا آهن.
بيت
ٿيا دين ڪفر ٻئي دور. ديدان دوست اڙايون
عاشق ظاهر ۾ عملي دين جا مخالف هوندا آهن مگر باطن ۾ حقيقي دين الله سان ملحق هوندا آهن.
بيت
عشق جت آهه ڪفر ايمان ناهه، جت دين ايمان ناهه، اُت الله آهه.
عشق بازيگر وڌو هي ڀول آهي. عشق جو هي اصل الٽو ڊول آهي

شاهه اعظم آهه يڪا يڪ وحده، ڪفر ايمان آدوئي جت احده
لاشريڪ لم يلد جنهنجو لقب. دين ايمان عشق جي هٿ جو ڪسب،

لي مع الله وقت جوصافي بيان. ناهه گنجائش ملائڪ انس وجان
جت ڪنهن مخلوق جي ناهي ڪا جاءِ دين ايمان ڪيئن رهي ٿو وٽ خداءِ
ڪفر ايمان عشق آبازي وڌي . عام ڦاسن عشق کان ٿيا جي ردي.
عشق آهي عاشق لئه خاص جاءِ شاهه اڳيان عام آمد ناروا

عامي ماڻهو ۽ رسمي مسلمان لاءِ جن شين جي منع ٿيل آهي تنهن کي حلال ۽ خدائي امر ٿا سمجهن. ۽ جنهن ڳالهين جو حڪم ٿيل اٿن تنهن کي منع ۽ حرام ٿا سمجهن.عبادت ۽ اوجاڳن کان ڄڻ منع ٿيل اٿن. مگر چوري زنا خون ڌاڙا ڪوڙ. رياءُ ڪوڙا قسم کڻڻ. ڪوڙيون شاهديون. يتيمن جو مال دغا ۽ ٺڳي کي سڀ کي حلال ٿا سمجهن. نفس جي مخالفت ۽ حلال خوريءَ کان ڄڻ انهن کي منع ٿيل آهي.جو انهن ڪمن کي ويجهو ئين نٿا وڃن. حقيقت ۾ اهي احڪام آهي. جو انهن ڪمن کي ويجهو ئي نٿا وڃن. حقيقت ۾ اهي احڪام الاهي يدخلون في دين الله واري عشق جي دين ۽ اسلام جا آرڊر ٿيل آهن. مثال: ذکر الله ذکرا کثيرا. یاٰۤاَیُّهَا الْمُزَّمِّلُۙ(۱)قُمِ الَّیْلَ اِلَّا قَلِیْلًاۙ اوجاڳي ۽ ذڪر جا قانون ۽ قائدا آهن. دم قضا نه ڪرڻ لاءِ پڻ حديث: آهي ته فوت الانفاس قتل الانبياءِ بغير الحق. يعني دمن کي قضا ڪرڻ نبين سڳورن کي ناحق قتل ڪرڻ جي برابر آهي. کل نفس معدودت يعني سڀئي دم يعني ساهه ڳڻيل هوندا آهن . يخرج النفس بغير ذکر الله فهو ميت يعني جيڪو دم خدا جي ذڪر کانسواءِ خالي نڪتو اهو ڄڻ مئل آهي. واذکر ربک اذا نسيت. يعني ذڪر خدا جو جڏهن وسري وڃيئي. وَ مَنْ یَّعْشُ عَنْ ذِكْرِ الرَّحْمٰنِ نُقَیِّضْ لَهٗ شَیْطٰنًا فَهُوَ لَهٗ قَرِیْنٌ(۳۶). يعني جنهنجي دل خدا جي ذڪر کان خالي يعني غافل آهي. ته ان تي شيطان جو قبضو آهي. ۽ اهو ئي سندس دوست ۽ ساٿي اٿس. ڏسو ته خدا جي ذڪر جو ڪيڏو نه تاڪيد ٿيل آهي.
وَ اذْكُرْ رَّبَّكَ فِیْ نَفْسِكَ تَضَرُّعًا وَّ خِیْفَةً وَّ دُوْنَ الْجَهْرِ مِنَ الْقَوْلِ بِالْغُدُوِّ وَ الْاٰصَالِ وَ لَا تَكُنْ مِّنَ الْغٰفِلِیْنَ(۲۰۵) يعني ياد ڪر پنهنجي رب کي پنهنجي دم سان ڳجهو ۽ عاجزيءَ سان ظاهر نه متان غافلن مان ٿئين. ڪيڏا نه حق پاڪ عرش اعظم کان مشهور پيغام موڪليا آهن. وَ نَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوٰىۙ(۴۰)فَاِنَّ الْجَنَّةَ هِیَ الْمَاْوٰىؕ(۴۱) يعني جنهن پنهنجي نفس کي سڌن کان روڪيو ته پوءِ ان جي آرام سان رهڻ جي جاءِ آهي. جنت انهن حڪمن جي تابعداري ڪرڻ جو رسمي مسلمان وٽ ڏس ئي ڪونهي. محمدي مسلمان اهو آهي. جنهن ۾مٿي ٻڌايل سمورين خاصيتون هجن رسمي مسلمان ان سچي مسلمان اڳيان ائين لڄي آهن جيئن سج اڳيان چمڙو.جن عاشقن ۽ عارفن معراج ڪيو ته انهن جي مسلماني سچي آهي ڇو ته انهن عشق الاهي جي مٿي ٻڌايل حڪمن جي تعميل ڪئي پوءِ حق جي مدد سان حق کي رسيا. هن جسم جي جيفي کان آزاد ٿي. معرفت ماڻيائون.انهن کي رسمي مسلماني ۽ رسمي دين ڪيئن وڻندو. ڇو ته سوا لک انبيائن اها پنجاهه وقت نماز به پڙهي هئائون ۽ چاليهه روزا به رکيا هئائون. زباني ذڪر به ڪيو هئائون. ايتري نماز سان به معراج حاصل ڪونه ٿين. مگر رسول الله ﷺ ٻنهي جهانن جي گاديءَ تي ويهڻ بعد جيڪو اشتهار جاري ڪيو ان اشتهار جا جملا مٿي لکي آيا آهيون. اهي معراج واري رستي جا جملا آهن. وَالذکُر رَبکَ فِي نَفسِکَ جو نئون راهه ۽ اسم اعظم وارو اشتهار جاري ڪيائون.جنهن اسم اعظم ۽ دم ڪمائڻ جي وسيلي محمدي معراج ٿين نڪي زباني ذڪر ۽ زباني عبادت سان حديث. پاڪ آهي ته من قال الله لايحرف الله. يعني جنهن زبان سان الله چيو سو معرفت کي نه پهچندو. جنهن اسم اعظم لاءِ ملان قاضي حيران آهن. چوڏهن سئو ورهيه گذري ويا. آهن ته به کين هٿ نه آيو آهي. حالانڪ ڪيترن ئي هنڌن تي ظاهر آهي. ته به بي اعتباريءَ سبب پڙهڻ ڏسڻ کانپوءِ ڪين ٿا. سڃاڻن مگر فقيرن کي ته عشق شهنشاهه اهو اسم اعظم عنايت ڪيو آهي. جنهن جي طاقت ۽ همت سان معنوي معراج ڪري بيحد ملڪ جو پرواز ٿا ڪن . ملن ۽ قاضين عشق جي چاش نه چکي. مسئلن ۾ منجهي مري ويا. رسول الله ﷺ جي معراج جو رستو بند ڪونه آهي. فيض جو دروازو بند ڪونه ٿيندو آهي. مثال بغداد جي خليفي دجله درياهه تي پنهنجي لنگهڻ لاءِ هڪ پل ٺهرائي هئي جا اڄ تائين بيٺل آهي. جتان عام خاص ماڻهو جيڪي وڃڻ چاهين ٿا سي لنگهن ۽ اچن ٿا.ٻيو ته روهڙي کان انگريزن ريل جي لنگهڻ لاءِ سنڌو درياهه تي پل ٺهرائي هئي اتاهون به سڀڪو پيو لنگهي مگررسول الله جيڪا معرفت جي ملڪ ۾ پهچڻ لاءِ معراج واري پل ٺهرائي هئي سا ڪا بند آهي ڇا؟ زماني جي بادشاهن جون پليون به موجود ۽ ٺهيل آهن. باقي ٻنهي جهانن جي بادشاهه رسول الله ﷺ جيڪا پل ٺهرائي هئي سا ڪا ڊهي وئي آهي ڇا؟ اها پل اڄ به عاشقن ۽ خاصن لاءِ موجود ۽ ٺهيل آهي. جتان فقيرن جو رات ڏينهن عروج نزول يعني اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو. مگر عامي ۽ رسمي مسلمان لاءِ اها پل نه آهي جو هو ٽپي نه سگهندا. پر انهن عامن لاءِ تخت الثريءِ ۽ جهنم جو رستو جاري آهي.
ڪنڀرن ۽ ڪورين موچين جا دوڪان ۽ مڪان به قديم زماني کان وٺي هزارن پيڙهين تائين هلندا ٿا اچن. انهن جي دوڪانن مان به اڄ تائين ساڳيو سامان ملي ٿو. پر انڌير ڏسو ته رسول الله ﷺ جي فيض توحيد ۽ معرفت الاهي جو دوڪان بند ٿي ويندو ڇا؟ ان جي بند ٿيڻ جو ڪير به گواهي ڏيئي سگهندو.
مثال جيئن باغائي پيوندي ٻير جي اک سنڌي ۽ کٽي ٻير ۾ ياکٽي توت ۾هڻندو آهي. اها کٽي ٻير يا کٽو توت پيوندي ۽ مِٺا ٿي پوندا آهن، ان طرح جيڪو طالب رسول الله جي فيض معرفت ۽ اسم اعظم جي اک مرشد کان کٽي ۽ بيڪار وجود ۾ هڻائيندو ته اهو طالب به عرش عظيم جو شاهه توت ۽ معرفت جو مٺو وڻ ٿي پوندو. اهو وڻ سڀني وڻن جو بادشاهه وڻ ٿيندو يعني سڀني آدمين جو تاجدار مگر خود خدا ٿي پوندو. منجهس فيض الاهي ۽ معرفت جو مٺو ميوو پيدا ٿيندو. جنهن مان ڪيئي فيضياب ٿيندا. مگر کيس پهريائين موتو قبل انت موتو ٿيڻو يعني ملڪوت ۾پنهنجو سر وڍرائڻو پوندس. پوءِ مرشد هادي هٿان شرابا طهورا پيئندو. طالب کي هتي ناسوت ۾ نه بلڪه آسمان جي ستين طبق عالم الارواح . ۾ حاصل ٿيندو. پوءِ اهو جلد من خدايم جو طبق وڄائيندو. اهو هن کي جائز آهي ڇو ته هن جي خودي خدا ۾ گم ٿي ويندي آهي. فقير به ان جو لقب آهي. ان حال کانسواءِ ڪنهن به طالب جي فقيري الواڻي آهي.
ٻيو جيڪڏهن ڪميشن جو امتحان پاس ڪندو ته ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر ٿو سڏجي. ماءُ پيءُ وارو نالو ڊهي ٿو وڃيس. ان طرح هي اسم اعظم به الوهيت ۽ خدا ٿيڻ جو علم آهي. جيڪو به اهو لدني علم جو باب عشق جي اسڪول ۾ پڙهندو ۽ چار امتحان پاس ڪندو ته پوءِ آدم مان الله ٿي ويندو. سندس نالو هستي حق جي هستي ۾ گم ٿي ويندا. رسول الله جو فرمان آهي ته الفقر فخري فقير منهنجو فخر آهن
لدني علم جي تشريح هيءَ آهي ته اٺين آسمان في فنا في الرسول جبروت جو مقام آهي. اها رسول الله ﷺ جي جاءِ آهي. ان جي مٿان هڪ آسماني طبقو عرش عظيم آهي جا ذات ذوالجلال جي بادشاهت ۽ حڪومت جي درٻار آهي آدميءَ جو فخر ۽ عزت سر ۾ آهي مٿي تي جيڪا دستار يا تاج رکبي آهي سا عزت ليکبي آهي. تهڙي طرح رسول الله ﷺ جي حدفنا في الرسول جي حد کان هڪ درجو مٿي آهي. ان حد ۾ وصال حاصل ڪبو آهي. انهن فقيرن جي باري ۾ اها حديث آهي جيڪي ذات حق ۾ محيط ٿيا. ۽ مستغرق ٿيا. جيئن پروانو شمع ۾ سڙي عين شمع ٿي پوندو آهي. رسول جو فخر ۽ مٿي جي تاج به آهي فقير آهن. جن جو درجو فنافي الله آهي. رسول جو فخر ۽ مٿي جي تاج به آهي فقير آهن. جن جو درجو فنا في الله آهي. الفقر خزينته من خزائن الله فقير الله جي خزانن مان هڪ خزانو آهي يعني فقير جي دل الاهي خزاني جي هڪ ڪوٺي آهي. جتي اسم اعظم جي دنيا ۽ روڪڙ پيل آهي. فقير ان خزاني جا ڪنجي بردار آهن. جتان سخا هلي ٿي. اها سخا فيض معرفت ۽ توحيد جي محبت ۽ الله جو رستو جاري آهي. سائل خدا جا طالب آهن. جيڪي مرشد وٽان اسم اعظم جو دان وٺي قيامت تائين ڍاپي ٿا وڃن.
اِنَّا عَرَضْنَا الْاَمَانَةَ عَلَى السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ الْجِبَالِ فَاَبَیْنَ اَنْ یَّحْمِلْنَهَا وَ اَشْفَقْنَ مِنْهَا وَ حَمَلَهَا الْاِنْسَانُؕ-اِنَّهٗ كَانَ ظَلُوْمًا جَهُوْلًاۙ( ۷۲)اها امانت عشق جي امانت هئي. جنهن جي کڻڻ کان زمينن آسمانن ۽ جبلن انڪار ڪيو مگر آدم اهو عشق قبول ڪيو عشق اهڙي آفات آهي جو جنهن وٽ اچي ته درد بلا ۽ مصيبتون عطا ڪريس. مگر عاشق وٽ اهي ڏک ۽ مصيبتون هزارن عيدن ۽ خوشين کان وڌيڪ آهن. حقيقت ۾ڪوبه انبياءُ يا عارف انهن ڏکن کان بچيل نه ڏٺوسين. جن محبوب جو اهي مصيبتون ۽ ملامتون سٺيون سي مرد مردانه رند رندانه عاشق آهي جيڪو سک ۽ نيڪنامي چاهيندڙ سو نامرد آهي. عاشق اڳيان اهو پاڳل ۽ ٿوڪو آهي. اهو عشق جي درٻار مان تڙيل آهي. جن سُک ماڻيا سي ظاهر ۾ به هئا باطن ۾مئل آهن ۽ نا قبول آهن. جن ڏک ڏٺاسي ظاهر باطن زنده آهن. انهن بقادار حياتي حاصل ڪئي. اِنَّ الْمُتَّقِیْنَ فِیْ جَنّٰتٍ وَّ نَهَرٍۙ(۵۴)فِیْ مَقْعَدِ صِدْقٍ عِنْدَ مَلِیْكٍ مُّقْتَدِرٍ۠(۵۵) انهن جي جاءِ آهي عشق رڳو سوز گداز آهي درد آهي لاسمعيٰ في الارض ولافي السماءَ ولکن ليسفيٰ في عبدالمومن. اهو عشق جو فرمان آهي جو عشق جو بار آدم کنيو. جيئن ڪڪڙ اُٺ جي دعوت ڪئي. اُٺ اچڻ سان کڏي تي لت رکي کڏي ڀڃي وڌائين. ڪڪڙ جا سڀ آنا ٻچا لتاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيائين. سو هي آدمي به ڪڪڙ آهي ۽ حضرت عشق اُٺ آهي.
بيت
بديدم عشق راسر مست مي گفت بلايم من بلايم من بلايم
ڏٺم ته عشق مستيءَ مان پي چيو ته آءُ بلا آهيان آءُ بلا آهيان بلا آهيان بلا ڏک ۽ مصيبت،
هر آن کس کي اوبه ورزد عشق مارا جفايم من جفايم من جفايم
جيڪو ماڻهو منهنجي عشق کي قبوليندو ( ان لاءِ) مان جفا آهيان جفا آهيان جفا آهيان.
بهر جائيکه من آيم به رحمت عطايم من عطايم من عطايم
جنهن به جاءِ تي مان ٻاجهه ڪري اچان ته عطا آهيان مان عطا آهيان عطا آهيان.