تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

خوديءَ جي حقيقت

پاڻ کي ڀانئڻ ۽ سمجهڻ، هئڻ ۽ هستي ڪرڻ کي خودي چئبو آهي. خودي ٻن قسمن جي آهي.(1) نفساني خودي (2) رحماني خودي. نفساني خودي پاڻ ڀانئڻ کي چئبو آهي. جو چئجي آءٌ به آهيان ۽ الله تبارڪ وتعاليٰ به آهي. اها دوئي ۽ نفساني خودي آهي. عام خلق ان ۾ گرفتار آهي. اهڙا آدمي قبر جا قيدي آهن. اها خودي پليد آهي.طالب مرشد کان ذڪر وٺي دل ۾ڪمائيندو ته نفساني خوديءَ نابود ٿي ويندي. جنهن کان پوءِ رحماني خودي پيدا ٿيندي آهي. اها خودي طالب کي ذڪر الاهي وسيلي نفساني خوديءَ تان دست بردار ڪندي آهي، پوءِ اهو آدمي پاڻ کي اصل موجود نه سمجهندو آهي. فقط ذات حق پاڪ کي موجود سمجهندو آهي.
اها پاڪ خودي آهي. هر هڪ آدميءَ کي غفلت سبب نفساني خودي آهي. اسم اعظم کانسواءِ رحماني خودي ڪانه پيدا ٿيندي آهي. جنهن سان هو نفساني خوديءَ مان جند ڇڏائي سگهن. ان رحماني خوديءَ کي بيخودي به چئبو آهي. جنهن سان فقير عارف من خدايم جو نعرو هڻندا آهن. جيئن شاهه منصور، شيخ عطار، سچل سرمست، بيدل بادشاهه شمس الحق تبريز ۽ ٻين ڪيترن ئي من خدايم جو دم زنيون هنيون آهن مگر عام خلق، جن جون روحاني اکيون بند آهن تن کين نه سڃاتو. تڏهن کين ڪونه سڃاتائون . ڪن کي شهيد ڪيائون ڪن جي کل لهرايائون ۽ ڪن کي تعذير ڏيکاريائون.
جِنُ به آدميءَ سان ڳالهائي سگهي ٿو. مگر خداوند ڪريم جو انسان سان ڳالهائڻ کي نه ٿا مڃين. عام خلق انڌي آهي. الله ته هر جاءِ تي موجود آهي ۽ فاينما تولو فثم وجهه الله آهي. جيڏانهن منهن ڦيرايو ٿا تيڏانهن الله اوهان کي سامهون آهي. ونحن اقرب وارو الله زمين ۽ آسمان ٺهڻ کان اڳ به موجود هو ۽ هاڻين به موجود آهي ۽ هميشه موجود رهندو. سندس ابتدا جي ابتدا ڪانهي ۽ نه سندس ڪا انتها ڪانهي ۽ نه سندس ڪاانتها ئي آهي. هو ازل ۽ ابد کان بلند ۽ برتر آهي. اکيون ته هر هڪ کي آهن مگر انهن ماڻهن کي شهوت جي لذتن ۽ مزن انڌو ڪيو آهي. پوءِ جيڪو پنهنجون اکيون پاڻ وڃائي ته ان ۾ ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه اصول آهي ته جيڪي پوکبو سو لڻبو. جيڪو پوکيندو ئي نه ته لڻندو وري ڇا؟ سيد اهو آهي جيڪو عرش عظيم جو واقف هجي ڇاڪاڻ ته ساداتن جو اصل وطن ئي اهو آهي.
طالب کي هر نشي کان پري رهڻ کپي. کين گهرجي ته پنهنجون اندريون عادتون گهٽائي ڇڏين ائين نه ٿئي جو پاڻ ۾ ٻاهريون عادتون به وجهي ڇڏين. مراقبه وقت طالب کي هيٺ ويهڻ گهرجي. ڇو ته هيٺ ويهڻ سان نفس ذليل ٿيندو آهي ۽ روح کي طاقت ملندي آهي. پهلواني اها نه آهي ته ڪو وڏو بار کڻجي يا ملهه دسي وڃجي. پهلواني ته اها آهي ته نَوَن ئي آسمانن مان مٿي لنگهي وڃجي. عبد مان الله ٿي پئجي. طالب اهو آهي جيڪو ذڪر ته ڪثرت سان ڪري مگر حوران ۽ بهشت نه گهري صرف ڪائنات جي خالق جي ديدارجي تمنا دل ۾ رکي. روح بادشاه آهي مگر هن جسم جي قيد ۾ پيل آهي. کيس نفساني خيالات ۽ هوسات جا ڳجها زنجير پيل آهن. جڏهن لاجي ترار سان اهي ٽوڙي وڌائين ته پوءِ هي نون ئي آسمانن مان اڙيو ڪو نه رهندو. صوفي اهو آهي جيڪو دم به قضا نه ڪري. اٿندي ويهندي گهمندي ڦرندي سندس خيال سدائين ذڪر ۾ هجيس نفس سان جنگ هجيس سڏائي ته سڀڪو صوفي ٿو مگر حقيقي صوفي ڪروڙن مان ڪو هڪ هوندو هي ساروجهان مان جو ماريل آهي.

بيت
“ مئين ماريا جڳ سارا
مئين ڪون ڪنهين نه ماريا ”

جنهن کي نفس ماري وڌو سو خاڪ ٿيندو. جنهن پنهنجي نفس کي ماريو سو بي باڪ ٿيو. جنهن کي جيڪي ڪم ڪار ڏينهن جو هوندا ته رات جو ساڳيا خيالات خواب ۾ پيو ڏسندو. هن بوتي ۾ نفس ڪتو ۽ روح ملائڪ گڏ ويٺا آهن. هر هڪ پنهنجي طرف ٿو تاڻي. جنهن هن نفس ڪتي کي پاليو ته هي کيس ضرور پنهنجي گهر يعني تحت الثريٰ واري گهر ڏانهن وٺي ويندس. جيڪڏهن روح ملائڪ کي پاليائين ته هو وري نفس ڪتي کي اتي ماري ڦٽو ڪري پنهنجي اصلي ملڪ عرش عظيم ڏانهن وٺي ويندس. ساري جهان ۾ فقيرن کان سواءِ ڪندي ان ڪتي مان جان نه ڇڏائي آهي، گهڻي خلق کي اهو ڪتو پنهنجي ڏر يعني دوزخ ڏانهن گهليون ٿو وڃي. جيڪو پاڻ کي وساريندو ته الله انکي ياد ڪندو آهي. ڍئو دوزخ جا اُلا وسائيندو آهي ۽ بک نوراني برسات وسائيندي آهي. هي وجود هڪ بنگلو آهي. جنهن بنگلي ۾ روشني جو بندوبست نه هوندو آهي ته ان ۾ اونداهي ۽ بنگلو خالي هوندوآهي اهڙي طرح جنهن وجود ۾ ذڪر الاهي جا ڏيئا نه ٻرندا هوندا ته اهو وجود به اونداهو هجڻ ڪري جلد ويران ٿي ويندو آهي. هي وجود الله جي آڏو جبل وانگر هڪ آڙ آهي. اگر تون به لا جي ڪهاڙي سان ان آڙ “وجود” کي ڀڃي وجهندين ته الله پڌر تي ڏسندين سڀ ڪنهن انسان ۾ ظاهري ۽ حقيقي وجود آهي تڏهن ته انسان دنيا. جا ڪاروبار ٿا هلائين، نه ته هي بوتو کڏ جي اڇلائڻ جي لائق آهي. هن وجود جو پورو ڀانڊو جيڪڏهن سڌن کان خالي ڪندين ته هيرن ۽ لعلن سان ڀرپور ٿي پوندءِ. آدمي هن وجود کي ڏسي حيران ٿي ٿا پون جيڪڏهن روحانيت جي حسن کي ڏسن ته جيڪر کائڻ پيئڻ به وسري وڃين.
ڍئو نار ۽ بُک نور آهي.سڀ هوسان ۽ سڌان ڍَوَ مان پيدا ٿينديون آهن. بک سان سڀ سڌون ختم ٿي وينديون آهن ۽ صرف الله ياد ايندو آهي. ڀنگ ۽ شراب پيئڻ هر گمراهي جو منڍ آهي. هر هڪ نشو الله جي ذڪر کان گمراهه ڪندو آهي. جيڪڏهن دل کي اسم اعظم سان طواف ڪبو ته الله اثبات ٿيندو. عام لفظ اعميٰ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي انڌو، جنهن هن حياتي ۾ الله نه ڏٺو سو قيامت جي ڏينهن به انڌو هوندو. مَنْ فِی الھٰذہِ الاعمیٰ فَھُوَ فِی الآخِرَۃِ اعْمیٰ (القرآن) جنهن جو اکيون هن حياتيءَ ۾ انڌيون آهن سي قيامت جي ڏينهن به نور واريون ڪين ٿينديون. مسلمان تيستائين نالي ۾ مسلمان آهي جيستائين اسم اعظم وسيلي هن وجود مان نٿو نڪري . جيڪو به هن طرح پنهنجي وجود مان نڪتو ته حقيقي مسلمان آهي اهو ئي معراج ماڻيندو ۽ معنيٰ جي ملڪ جو مالڪ ٿيندو. عاشق ۽ عارف وحدانيت جي حالت ۾ انا الحق جو دم هڻندا آهن. ان وقت مٿن بيخودي جو نشو هوندو آهي. نفساني هستي نه هوندي اٿن اها حقاني هستي آهي جيڪا سچي آهي. جيئن حضرت موسيٰ عيله السلام سان خدا وڻ مان ڳالهايو هو ته موسيٰ اني انااللهُ. جنهن تي هرڪو اعتبار ٿو ڪري. مگر جيڪڏهن اهو ساڳيو الله تعاليٰ ڪنهن پاڪ دل مان آواز پيدا ڪري ٿو وجهي ته رسمي مسلمان جهيڙو ٿا ڪن. مگر افسوس جو اهي جِنَ جو اثر به قبول ٿا ڪن. مگر نعوذ با الله ڇا خداوند ڪريم کي جن جيتري به قدرت ڪانه آهي. مگر جنهن جسماني آزادي، معراج مشاهدي کان سواءِ من خدايم جو نعرو هنيو سو ڪافر آهي. ڪوڙي ته الله جي لعنت آهي .لَعْنتَ اللّٰہ عَلی الکاَذِبینَ۔
مطلوب يعني مرشد جو مثال ان باغائي وانگر آهي جيڪو صوفي ٻير جي اک ڪنهن کٽيءَ ٻير ۾ هڻندو آهي ته ان مان مٺا ٻير ٿيندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪامل مرشد به هڪ ويران دل ۾ اسم اعظم جي اک لڳائيندو آهي ۽ مالڪ سنڀال ۽ حفاظت ڪئي. نفساني سڌن جا اٺ تڙيائين ته ان مان معرفت جا ميوا پيدا ٿيندا. سرهاڻ جا گل ٽڙندا. ٻيا به ڪيترائي ان مان فيضياب ٿيندا. حفاظت نه ڪيائين ته ميوا ته بجاءِ خود مگر ٽاري ئي ختم ٿي کاڄي ويندي.
جيڪو ماڻهو سي ايس پي جو امتحان پاس ڪندو آهي ته هو اهو ڪمشنر ليکبو آهي سندس اصلي نالو لڪي ويندو آهي. اهڙي فقيريءَ جا ٻه چار درجه آهن. (1) فنافي الشيخ (2) فنا في الرسول. (3) فنا في الله (4) بقا با الله.اهو الله اثبات ڪرڻ جو علم آهي. جيڪو به اهو علم عشق جي يونيورسٽي مان پاس ڪندو تها هو آدم مان الله ٿي پوندو. سندس نالو ۽ نفساني هستي حق جي هستيءَ ۾ گم ٿي ويندا. نسورو ئي نور ٿي پوندو.
بيت
بُنڊ ڪهڙو به باهه ۾ جي ٿا وجهو. عين آتش ٿي پوي ٿو ٿا ڏسو
جنهن ڏٺو الله سو الله آهي، جو گهڙيو منجهه باهه سوئي باهه آهي

جيڪو فقير هن جسم جي قيد مان جيئري نڪتو ته ان جو آستانو عرش عظيم آهي هي وجود روحانيت جي پوشاڪ آهي ماڻهو ان پوشاڪ تي به حيران ٿيو پون جيڪڏهن هن روح جي اصليت ڏسن ته ٻئي پاسي ڪونه نيهارن آدمي کي هي وجود آلله جي ڏسڻ لاءِ عطا ٿيو آهي. جنهن هن وجود هوندي به الله نه ڏٺو تنهن ڪجهه به نه ڏٺو. روحاني اکيون به الله جي ڏسڻ لاءِ آهن. جنهن انهن اکين سان به الله نه ڏٺو تنهن به ڪي ڪين ڏٺو هي ڪن عرش عظيم جي گفتار ٻڌڻ لاءِ آهن. جنهن انهن ڪنن سان الهامي گفتار نه ٻڌي سو ٻوڙو آهي. جنهن زبان وحدانيت جي گفتار نه ڪئي اها زبان وڍيل ڀلي آهي. ان کان ڪتي جي زبان چڱي آهي ڇو ته اهو مالڪ جي در تي ڀوئڪي ته ٿو، جنهن سر ذات حق کي روحاني سجود نه ڪيو آهي سر ۽ بوتو سوليءَ تي لٽڪيل ڀلو. جيڪي پير حق جي رستي تي هلڻ کان لاچار آهن اُهي پير وڍيل ڀلا. جنهنن جي سيني ۾ محبت الا هي نه آهي سو ٻرندڙ کوڙي ۾ سڙيل چڱو .
هن وجود ۾ ٽي روح آهن. (1) روحق مقدس، جيڪو دم جي حفاظت ڪري (2) روح منزه جيڪو ننڊ ۾ نگهباني ٿو ڪري، (3) روح مقنس جيڪو هن وجود جو نالو آهي، هن کي مقناطيس روح به چئبو آهي، جيئن لوهه ۽ مقناطيس جي پاڻ ۾ ڪشش هوندي آهي. ان طرح ئي ٻئي روح پاڻ ۾ هڪٻئي ڏانهن مائل هوندا آهن. مگر ٻنهي کي ڪوشش کان بچائي رکڻ پر هيزگاري آهي.
قرآن ڪريم ۾ آهي ته جنهن پنهنجي نفس کي سڌن کا قابو ۾ رکيو ته اهو ڪامياب آهي “ وَمَن یُوقَ شُحَ نَفْسَہٗ فَاوُلٰلکَ ھُمُ المُفْلِحُونَ. ظاهر باطن عشق شهنشاهه جي حڪومت آهي. مگر پاڻ ان ظاهر ۽ باطن کان نرالو آهي. ان ڪاروبار هلائڻ لاءِ ملازم مقرر ٿيل اٿس، سموري انتظام لاءِ هڪ وزير اعظم ٻيو. نائب وزير اٿس جنهن جو نالو احمد به آهي محمود به آهي، ٽيون دفتردار آهي ساري جهان جو دفتر ان جي هٿن ۾ آهي. ان جو نالو شاهه مردان ۽ لقب شير يزدان آهي. چوٿون صوبيدار اٿس جيڪو بالا حڪام موجب ڪم ڪندو آهي. جنهن جو نالو عزرائيل آهي.

صوفين جا ٻه قسم آهن. (1) معنيٰ جا صاحب (2) ماني جا مل.معنيٰ وارا صاحب صوفيءَ سمنڊ جي مڇي مثل آهن ۽ ماني وارا گلو ئي مثل آهن سمنڊ جي مڇي کي ڪير به سولائيءَ سان شڪار نه ٿو ڪري سگهي. مگر گلوئي صرف ٻر مان ٻوٿ ٻاهر ڪڍندي ته ڪوئا مار باز جهٽ ڏيئي کڻي ويندس. انهن لاءِ باز عزرائيل آهي. معنيٰ وارا صوفي عزرائيل کان سَوَ ڪوهه پري معنيٰ واري ڪن ۾ وڃي غرق ٿين اتي عزرائيل جي پهچ ئي ڪانهي، ان ڪري انهن تي موت ئي ناهي.
اسم اعظم عرش عظيم جي ڏاڪڻ آهي جيڪو ان ڏاڪڻ تان چڙهي ويو ته ان جي رهڻ جي جاءِ عرش عظيم آهي. مڙس اهو آهي جنهن پاڻ کي طواف ڪيوان جو ڪير به مٽ نه آهي جيڪو سِپَ ڳوليندو سوئي موتي لهندو. جيڪو سِپ تائين نه پهچندو اهو موتي ڪيئن لهندو. ماني لاءِ حيران ڇو آهيو. جانورن کي جهنگ ۾ پکين کي هوا ۾ رزاق روزي ڏئي ٿو. اوهان جو الله تان اعتبار ڀڳل آهي ڇا؟ دونهون ڏسڻ ۾ ته اڇو هوندو آهي پر شين کي ڪارو ڪندو آهي.ائين سڌون به ڏسڻ ۾ چڱيون هونديون آهن مگر دل کي ڪارو ڪري ڇڏيديون آهن.
جنهن اسم اعظم لاءِ ملان ۽ قاضي حيران آهن اهو عشق شهنشاهه اسان فقيرن کي عطا ڪيو آهي. ڪل ذڪر پنج آهن. چار ذڪر نور جلال مان آهن هڪ ذڪر نور جمال مان آهي انهي چئني ذڪرن سان نفس نه مرندو آهي، صرف نور جمال واري ذڪر سان مرندو آهي، نور جلال باهه آهي ۽ نور جمال پاڻي آهي، نفس به باهه جو ٺهيل آهي. نور جمال مان ذڪر نفي اثبات آهي. جيئن باهه کي پاڻي وسائيندو آهي. تيئن ذڪر نفي اثبات نفس کي ناس ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪو بهشت لاءِ ٿو عبادت ڪري سو پنهنجي نفس جو مزدور آهي جيڪو عبادت خدا لاءِ ٿو ڪري سو اهو خدا کان غير واقف آهي. ڇو ته خدا تعاليٰ عبادت کان بي نياز آهي جڏهن تون شهر مان گذرين ته ماڻهن جو آواز تنهنجي ڪن تي نه پوي ڪچهري ۾ به اڪيلو هج.
ٻانهي ۽ خالق جي وچ ۾ آسمان عرش ڪرسي حجاب نه آهي. صرف پاڻ ڀانئڻ حجاب آهي. جيڪو پيٽ ڀري کائيندو سو هميشه بکيو رهندو. جيڪو ڪنهن انسان اڳيان هٿ ٽنگيندو اهو هميشه محروم رهندو. توڪل وارا اوقاتي آهن. توڙي باهه ۾ گهرندا ته به خبر ڪانه پوندن. توڙي ترار جو ڌڪ هڻبن ته به زخم ڪو نه ٿيندن. پيٽ خالي رکڻ جوانمردي آهي. جنهن هن کي سڃاتو تنهن جو ڪم باريڪ آهي جنهن نه سڃاتو تنهن جو رستو تاريڪ آهي. پيٽ ڀري کائڻ سان حڪمت نه رهندي آهي، ماڻهو ننڊ جسم لاءِ ۽ دماغ لاءِ سڪون سمجهندا آهن پر اسان لاءِ اوجاڳو سڪون آهي. اڌ رات کانپوءِ اٿي ويهه ته تنهنجا سڀ ڪم ٺيڪ ٿي ويندا. دُن جي مٿان بهشت ۽ هيٺان جهنم آهي. نفس جهڙي دشمن سان دوستي نه رک شيطان جهڙي مڪريل سان متان محبت ڪرين.
تصوف جي معنيٰ آهي حق جي نصيب لاءِ نفس جا سڀ نصيب ترڪ ڪرڻ، جاهل جي دنيا ترڪ ڪرڻ کان عاقل جي دنيا طلبي چڱي آهي. دل بي انت درياهه آهي. جڏهن اهو درياهه حق سان ڀربو ته اتان نور اٿلي عضون تي پوندي اگر اهو باطل سان ڀربو ته ان اونداهي اٿلي عضون تي پوندي درويش اهو آهي ته ڪير به وٽس وڃي ته خالي نه موٽي ۽ نا اميد نه ٿئي عارف اهو آهي جيڪو ٻنهي جهانن کان آسرو پلي وڃي کيس دم دم سان هزار تجليون ظاهر ٿين ۽ هڪ وک سان عرش عظيم کان به مٿي هليو وڃي ۽ ٻئي قدم سان واپس موٽي اچي.
اهو وڏو بادشاهه حضرت رسول الله وارو پهريان پائي آيو.جنهن ٻه رستا ٻڌايا.(1) خاصن وارو رستو جنهن ۾ دم ذڪر کان خالي نه هجي، فوت الانفاس قتل الانبياءٌ (ترجمو) جنهن دم قضا ڪيو تنهن ڄڻ نبي شهيد ڪيو.(2) عامن وارو رستو. جنهن ۾ نماز. روزو،حج، زڪوات ۽ خيرات جو تاڪيد ڪيل آهي.
اسان جا اول آخر ٻنهي جهانن ۾ ٻارهن امام ۽ چوڏهن معصوم اڳواڻ ۽ رهبر آهن. جيڪي اهلبيت پاڪ آهن. اهي امام العارفين آهن انهن جي مدد کانسواٰ ڪو به عارف باالله نٿو ٿي سگهي، حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام اسان جا وسيلا ۽ جنت جي جوانن جا سردار آهن. انهن شهيدن جو ماتم هميشه ڪرڻ گهرجي، خاص ڪري تيرهين محرم تائين. شريعت موجب دل حاضر هجي يا نه نماز جائز آهي. طريقت موجب دل حاضر نه هوندي ته نماز جائز نه آهي. علي ۽ احمد هڪ آهي مگر ٻيائي وارن لاءِ ٻه آهن. علي مان مراد ولي آهي. عام ماڻهن جي نماز پنج وقتي آهي فقيرن جي نماز دم دم سان هوندي آهي عام ماڻهو خيالات کي اڳيان بيهاري سجدو ڪندا آهن مگر فقير الله کي روبرو سجدو ڪندا آهن، نمازي ويچارا بهشت لاءِ پاڻ ٿا پتوڙين ته جيئن ميوا ۽ ستر حورون ملن. هت ته هن کان هڪ عورت به راضي نه ٿي ٿئي. هت ته ستر حوران بهشت وارن کي ڏاڙهي کوهي پٽ ڪري ڇڏينديون.
روزو ٻن قسمن جو آهي (1) عام روزو (2) خاص روزو. عامن لاءِ صرف رمضان مهينو روزا رکي باڪي يارنهن مهينا کائيندو پيئندو عيش ڪندو وتي. خاص روزو آهي ٻئي جهان ترڪ ڪرڻ، دنيا خواه عقبيٰ جي لالچ ڇڏي ڏيڻ. دنيا جي محبت سان دل مري ويندي آهي. زنده دل کان شيطان به ڊڄندو آهي. شيطان کي ڏوهي ڪيئن چئجي انسان ڪل عقل آهي برايون ڪن پاڻ ۽ ڏوهه وري شيطان تي ڏين نماز ۾ نياز ۽ زاري اهڙي ڪجي جو نيزو لڳي ته به خبر نه پوي نيڪي بدي خدا جي طرف کان آهن پر نيڪي نيڪن هٿان ۽ بدي بدبخت هٿان ٿيندي آهي فقير سان هڪ گهڙي صحبت ڪرڻ هزار ورهين جي عبادت کا ڀلي آهي.
“ یَک زَمانہ صحبت با اُولِیا، بَھترازْ صد سال طائت بی ریاءُ
من اَرادَ اَن یجلس مَع َاللّٰہ فَلَیجس مَعَ اَھل تَصوفُ (حدیث)
ترجمو:جيڪو چاهي ته مان الله سان صحبت ڪريان ان کي گهرجي ته هو صوفي فقير سان صحبت ڪري گويا الله سان صحبت ڪيائين
بندي جي الله سان هيڪوڻي محبت هوندي ته الله جي ساڻس ڏهوڻي محبت هوندي، عورت تي عاشق ٿي کيس راضي ڪندين ته هوءَ توکي پيشاب واري جاءِ ڏيکاريدءِ الله تبارڪ وتعاليٰ تي عاشق ٿيندين ته هو توکي پنهنجو ديدار ڪرائيندءَ الله ڪنهنجي ڪمائي ضايع نٿو ڪري پر بندا پنهنجي ڪمائي پاڻ ٿا برباد ڪن. دل بادشاهه جو تخت گاهه آهي اتي ڪنهن به نامراد لچ ۽ بيقدر کي اچڻ نه ڏيو متان بادشاهه ڪاوڙجي پئيوَ. قلب المومنين عرش الله تعاليٰ، حاجي ڪعبته الله جو طواف ڪندا آهن مگر ڪعبته الله وري فقيرن جو طواف ڪندو آهي.
جيڪا شيءَ هت ڏنل هوندي ته هت به لڀي پوندي، ان مان مراد شافع محشر آهن جي هت ڏنل هوندا ته محشر جي ميدان ۾ ايڏي وڏي ميڙ ۾ ڪيئن وڃي جان ڇڏائڻ لاءِ کين منٿون ڪبيون. تنهن ڪري ڪوشش ڪري هت ئي ڏسڻ لاءِ جهد ڪريو. جيڪو پنهنجي نفس سان جنگ ڪندو سو خدا وٽ پهچندو، جيڪو پنهنجي نفس تي خدا ڪارڻ سختي ڪندو ته خدا جي ڪرامتن کي وجهو ٿيندو.
جيڪو ٽن ڳالهين کي پسند ڪندو تنهن کي موت ويجهو آهي. (1) سٺو کاڌو کائڻ (2) سٺا ڪپڙا پائڻ ۽ (3) دنيا دارن سان صحبت ڪرڻ .جنهن الله سڃاتو تنهن سڀ ڪجهه سڃاتو. اڪيلائي ۾ هڪ دم ويهڻ به عين عبادت آهي ۽ سڀني عبادتن کان بهتر آهي ڪوشش ڪر ته دل سجاڳ ٿيئي. دل اها بيدار آهي جيڪا خدا جي ياد ۾ گم آهي. زبان سان توبه ڪرڻ زالن وارو مڪر آهي. توبه اصل اها آهي جو وري گناهه کي ويجهو نه وڃجي. جنهن فقير پنهنجي تعريف ڪئي اهو فقير نه آهي پرمڪار آهي.