بيان عشق
”عشق شهباز عقل چون دراج
عقل در حضرتش بود محتاج”
يعني عقل تتر وانگر عشق شهباز مثل آهي. عقل سندس اڳيان بيوس ۽ محتاج آهي.
عشق لولاڪ جي ڇٽ آهي. عشق تخت سليماني آهي عشق ذري کي اکيون ڏيئي سج جهڙو روشن ڪندو آهي. عشق عاشق کي بيخوديءَ جو شراب پياريندو آهي. عشق ملسمان کي ڪافر ڪندو آهي. عشق ڇا آهي سئيءَ مان ترار ٿيڻ ڦڙي مان درياهه ٿيڻ. جهرڪيءَ مان شهباز ٿيڻ. ستاري مان سج ٿيڻ. چڻگ مان آڙاهه ٿيڻ ٻليءَ مان شيهنن ٿيڻ ڪسيءِ مان درياهه ٿيڻ.
عشق عين ذات آهي جيڪو غير کي ساڙي ڇڏيندو آهي. عشق ازلي محبت جو نالو آهي. جيڪا آدميءَ جو دل ۾ پيدا ٿيندي آهي. سهڻي صورت ڏسڻ سان دل موهجي پوندي آهي، عاشق جيڪڏهن پاڪائي ڪندو ته اها صورت رهبري ڪندس. المجاز قنطر الحقيقت يعني مجازي عشق حقيقت جي ڏاڪڻ آهي. جنهن جي وسيلي عرش عظيم تي پهچندو آهي .
مگر خراب نظر رکيائين ته ڪِري پوندو تحت الثريٰ ۾ ويندو. عشق اهڙي باهه آهي جو هن خاڪي جسم کي رچائي لعل ڪري ٿو وجهي. جيئن لوهه باهه ۾ وجهبو ته باهه جهڙو ڳاڙهو لعل ٿي پوندو. عشق معراج ڪرائيندو آهي. عشق زاهدن عابدن کي نچائيندو آهي، عشق عقل کي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي. عشق اياز مان محمود ڪندو آهي. عشق واڳونءَ جي وات مثل آهي، جنهن کي وات پيو سو نه بچندو. عشق جي اچڻ سان نفس ناس ٿي ويندو آهي. عشق جنهن وٽ ايندو آهي. تنهن کي درد بلائون ۽ مصيبتون عطا ڪندو آهي. جيڪو مصيبتون برداشت ڪندو سو مرد آهي. ملامتن سهڻ وارو رند عارف آهي. مگر جيڪو ڊڄندو ۽ نيڪنامي کي پسند ڪندو سو نامرد ۽ پاڳل آهي.
هي ڪثرت جو جهان عشق جي موج مان پيدا ٿيو. جيئن درياه جي موج سان پاڻي ڪچي ۾ ويندو آهي. ڪيتريون ئي مڇيون سير لاءِ نڪرنديون آهن. جڏهن درياه ۾ پونديون آهن ۽ موت کان بچي لايموت ٿي وينديون آهن. مگر جن مڇين موٽن جي نه ڪئي تن لاءِ ڪيئي ڄرڪا، گدڙ ۽ شڪاري اچي پهچندا آهن ۽ کين کائي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي طرح هي آدمي به جيڪڏهن دم جي موج سان جوانيءَ ۾ اسم اعظم جي ڪمائي خدا ڏانهن موٽندا ته الله اثبات ڪندو. جن ائين ڪيو سو موٽي وڃي اسم اعظم جي درياه ۾ مليا، تن تي موت آهي ئي ڪونه. مگر جن موٽڻ جي نه ۽ ڪئي ۽ فاني حياتيءَ کي حيات جاودان سمجهي ويهي رهيا انهن لاءِ نفس گدڙ ۽ ڄرڪو آهي جيڪو کين جهٽ ڏيئي وڃي پنهنجي ڏر يعني قبر ۾ رکندن. جتي جهنم جي باهه نفس جو گهر آهي. جنهن کي نفس ماريو سو ٻنهي جهانن ۾ مري ويو. ان لاءِ ٻٽو موت آهي. ان اهڙي جو نالو نيشان ئي ميٽجي ٿو وڃي.
عشق دل ڦرجڻ جي هڪ جاءِ آهي. جنهن ۾ گهڻي خواري ۽ ملامت آهي. عشق شهباز آهي ٻيا جهان وارا سندس شڪار آهن عشق کي پنج سئو پر آهن. سندس هر هڪ تحت الثريٰ کان عرش عظيم تائين آهي. هي ڳالهه به آسيري پاسيري آهي. جيڪا ٻڌايون ٿا ته الله جو سڌو سڏ ٿا ڏيون ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو الله تبارڪ وتعاليٰ جا دشمن آهن. سنوان سڌا لله ج ڏي نٿا هلن، جيئن شاهوڪار چور کي پنهنجي گهر جو پڪو ڏس ڪونه ڏيندو آهي. تيئن هنن آدمين مان ڪي الله جا چور آهن. سڌو ڏس ڏيون ته الله جو رنج ٿيندو ته هن چغلي ڇو ڪئي. ان ڳالهه سمجهڻ لاءِ هجي ڪو سياڻو جيڪو سمجهي .
عشق ڇا آهي عاشق لاءِ باطني راز ظاهر ٿيڻ. عشق گدا گر کي شاهه ڪندو آهي. عشق خوديءَ کي کائيندو آهي ۽ عاشق کي بيخود ڪندو آهي. عاشق عاشق جي شينهن اڳيان هرڻ وانگر بي وس آهي. جنهن مهل عشق آيو ته عاشق جي حد نون ئي آسمانن کان پري ٿيندي. عشق جبل کي رئي ڪري سگهي ٿو. عشق اهڙو آهي. جو دريائن سمنڊن کي سڪائي ڇڏي ۽ آسمان کي ذرا ذرا ڪري دز ڪري ڇڏي. ٻيئي جهان عشق پنهنجي محبت مان ظاهر ڪيا. موليٰ جو عشق هيري وانگر قاتل زهر آهي جنهن وٽ ايندو تنهن کي ماري ختم ڪندو. عشق غيور به آهي عشق غفور به آهي. حضرت ابراهيم عيله السلام جي آڙاهه کي گلزار عشق ڪيو.
عشق ابراھیم رادر نارزد، بعد ازنش نار را گلزار کرد
عشق ابراهيم کي باهه ۾ وڌو ۽ بعد ۾ باهه کي باغ ڪيائين
عشق يوسف کي زليخا وٽ ٻانهو ڪري وڪيو.پوءِ وري بادشاهه ڪيائين. عشق حضرت محمد مصطفيٰﷺ کي معراج ڪرايو. عشق شاهه منصور کي سوليءَ تي چارهيو. عشق شيخ صنعان کي جڻيو پارايو. عشق شاهه شمس الحق جي کل لهرائي عشق شيخ عطار رح جو سر وڍايو. سنڌ ۾ عشق شاهه عنايت کي شهيد ڪرايو. عشق غلام محمد وڻجاري کي شهيد ڪرايو. عشق حضرت بلا شاهه کي شهيد ڪرايو. عشق ذولنون مصري کي قيد ڪرايو. عشق ڪنهن کي به ڇڏيو ناهي. عشق هن آخري وقت ۾ فولاد کي جيل ۾ وجهرايو. ڏنڊ ڀرايائينس. عشق جي عطا ۽ چاهت ڪنهن ذات تي نه آهي. ذات پات عشق ڪونه پڇندو آهي. عشق کي جيڪو ڳوليندو سو کيس لهندو آهي. ڪعبه جا حاجي ملهه جو ڪپڙو وٺي احرام ٻڌندا آهن. عاشقن کي عشق عرش جو احرام پارائيندو آهي. مجازي عشق اها پل صراط آهي جيڪو ان تان لنگهي ويو سو چڙهي ويو. جي کاڄي پيو ته ڪريو، پاڪ نظر سان عاشق مجاز مان الله ڏسندو آهي.عشق مدهوشيءَ جو جام پياريندو آهي. ظاهري عقل لاءِ عشق شهباز آهي. عشق ظاهري مسلماني وڃائي الاهي دين پيدا ڪندو آهي. عشق خوديءَ کي ختم ڪري من خدايم جو طبل وڄائيندو آهي. عشق ڪافر کي مسلمان ڪندو آهي، عشق اهڙي قوت جو مالڪ آهي جو اک ڇنڀ ۾ ٻئي جهان ڊاهي وجهي. عشق ٻنهي جهانن کان بي نياز ڪندو آهي. عشق سڀني هوسن ۽ سنڌن کان نامراد ڪندو آهي عشق دنيا خواه عقبيٰ جي مراد نه رکندو آهي. عشق نفس لاءِ قاتل زهر آهي. عشق عقل کي روئي ڪندو آهي .عشق حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي مسلمانن کي به معراج ڪرائيندو آهي. الله جو عشق بنا پرن جي آدمي کي اڏاريندو آهي. عشق عاشق جي مٿي ۾ تاج وجهندو آهي. عشق ڏوهه ثواب جي حد کان پري اڇلي وجهندو آهي. عشق جي ڪٺلن کي وري وري نئون ساه ملندو آهي عشق اهڙي حياتي عطا ٿو ڪري وري مٿس موت اچيئي ڪونه عشق جي شطرنج راند عارف کيڏندا آهن. عشق جي شمع تي روح پروانو آهي. عشق نجو حقيقت ۽ معرفت آهي. منجهس ظاهر جو ڪو به دخل ڪو نه آهي هن جهان ۾ عشق جو ڄڻ ڏهن ورهين جو ڏڪر آهي. عشق هر مذهب کان بلند ۽ بيزار آهي. عشق ۾ صرف سر ڏيڻ جي درڪار آهي. جن جي دل ذڪر اسم اعظم سان جيئري ٿي ته عشق جي خبر به انهن جيئرن کي آهي جن جي دل اسم اعظم کان خالي آهي سي مئل آهن انهن مئلن کي عشق جي ڪهڙي خبر.
عشق ۾ جيڪي جيئرا ٿيا تن لاءِ بشارت آهي عشق جي درگاهه مان ڪثرت ۾ صرف ٻه شيون آيون آهن. (1) والايت (2) نبوت. ولايت جو درجو نبوت کان وڌيڪ آهي. مگر حضرت رسول اللهﷺ جن کي نبوت ۽ ولايت ٻيئي حاصل هيون. اڳين نبين کي صرف نبوت حاصل هئي، عشق جو دستور آهي ته جيڪو پهريائين سر وڍائيندو ته پوءِ عشق جي شهر ۾ اچڻ ڏيندس نه ته تڙي ڪڍندس. عشق جو طلبغار ڪو ڪونهي سڀ ڪو نفس جي ڍَوَن ۽ مزن جو قائل آهي. عشق نفس لاءِ هلاهل جي گوري آهي، ان زهر کائڻ کانپوءِ ڏسو ته عشق ڪهڙونه رنگ ٿو لائي، جنهن عشق جو زهر پيتو ته ان خاڪ کي به سوين پيا سجدا ڪن ۽ ان وٽان مرادون پيا پوريون ڪرائين .عشق جي باهه هن باهه کان گهڻو مختلف آهي. ان باهه ۾ اهڙي لذت آهي جو چئبوته سمورو جسم اڇلائي وجهجيس عشق هڪ هيري مثال آهي. جيڪو سڀ ڪنهن وٽ ڪون لڀندو آهي. اسان عشق جا ڪٺل آهيون. مجرو به ڪٺل کي ڏينداسين. دنيا دار ڏانهن واجهايون به ڪونه. اسان عشق جو ديدار ڪيو ان ڪري کاڌي پيتي جو سڌون ختم ٿي ويون. اسان جي دل جي روشنائي رات کي ڪٽي ڏينهن ڪري ڇڏيو آهي. عشق ڪلال خاني مان جيڪو شراب پيتو سين تنهن مُلن جي مسلمان کان ائين بيزار ڪري ڇڏيو آهي جيئن ڪفر کان بيزار ٿبو آهي. عشق جي حسن جا به ٽيهه اکر آهن. انهن مان هڪ الف جو بيان به پورو نه ٿوٿي سگهي.قرآن، توريت، انجيل، زبور ۽ ٻيا سڀئي ڪتاب ان بيان مڪمل ڪرڻ لاءِ حيران آهن قيامت تائين بيان ڪندا رهندا ته به پورو نه ٿيندو. جيڪڏهن عشق جي راهه ۾ دين ايمان وڃن ۽ ڪافر ٿي پئجي ته شڪراني ۾ تانهريءَ جي ديڳ تيار ڪري معصوم ٻارن کي کارائجي. ڏوڪڙ هجن ته اهي به قربان ڪجن ۽ لک شڪرانا ڪجن ته چڱو ٿيو ته دين ايمان کان جند ڇٽي پئي نه ته دين ايمان جو بار غرق ڪري ڇڏي ها. عشق جي بسم الله جو نيشان اهو آهي ته هو پهريائين محبوب اڳيان ڪسي حلال ٿيندو. عشق وسنو اٿئي ان درياهه ۾ غرق ٿيءٌ. ظاهر جو حسن رڳورنج اٿئي عشق مجازي هجي يا حقيقي ٻنهي مان الله ڏسڻ ۾ ايندءِ
هزار ڀيرا ڪعبته الله جا حج ڪرين ته به الله منهن ڪونه ڏيکاريندءِ عشق جو جلال آدمي کي شيطان کي به نوري ڪري ٿو وجهي مگر عشق جو جمال اهڙو آهي جو شيطان به نوري ڪري ٿو وجهي اسان کي جيڪا عشق جي پوشاڪ پارائي هئي ان تي هي بيت لکيل هو
ملامت صیقل زنگار عشق است، ملامت شھنہ بازار عشق است
ملامت ڪٽ لاهڻ لاءِ عشق جو ريگ مال آهي، ملامت عشق جي بازار جي شرناءِ آهي.
عشق جي هڪ ديدار دين ايمان تباهه ڪري ڇڏيو. رسمي دين کان ائين بيزار ٿياسين جيئن هندو مسلماني کان بيزار آهي. عشق اسان کي وڏي آواز سان سڏ ڪري چيو ته اوهان کي پنهنجي دفتر ۾ داخل ڪيوسون پوءِ عشق شراب پياريو. شراب پيئڻ کان پوءِ ڏٺو سون ته ساري جهان ۾ ڪفر جو هل هنگامو مچي ويو. عشق ظاهري دنيا ۾ به خوشبوءِ ڪئي ۽ باطني طرح نوَن آسمانن کان پري وٺي ويو. شراب پيئڻ بعد دين ايمان واجهائي ۽ ڀڄي پيو. عشق اهڙي شيءَ آهي جو ڏسڻ کانپوءِ ڪير به بچي ڪونه سگهندو. سندس ڏسڻ سان نفس ڀسم ٿي ويو. عشق جي درياهه ۾ دين ايمان ائين لڙهي ويندا آهن جيئن ڪک پن لڙهي وڃن. عاشقن ۾ عشق جي ڪماليت ڏٺي سون. زاهدن ۽ عابدن ۾ رياءُ ۽ خودي ڏٺي سون، تڏهن انهن کان پري ڀڄي وياسون جڏهن عشق جو واعظ ٻڌوسون ته ملن قاضين واري فقه ۽ حديثن کي ترڪي ڇڏيوسون. عشق جي ڳالهه ڪجي ته اسرافيل به رئي ٿي وڃي. عشق جي خبر اسرافيل يا عزرائيل کي نه آهي هو ته صرف ڪم تي مقرر آهن .عشق جي ميدان ۾ علم ۽ عقل جو گهوڙو هڪ وک به هلي نه سگهندو ڇو ته هو منڊو آهي. دين ايمان عشق کان ائين ڀڄندا آهن جيئن عقاب باز کان لومڙ ڀڄي.
باز لوهه ڏيندس ته ککڙاٽ پيو ڪندو ۽ ڏر به هٿ نه ايندس. چنبي سان سندس ڪوپري لهي ويندي اٿس. عشق اسان کي دنيا جي کاڌن پيتن کان سخت بيزار ڪيو آهي. مومن اهو آهي جنهن جي دل الله جو آئينو هجي، جيڏانهن نهاري تيڏانهن الله نظر اچيس فاینما تولو فثم وجہ اللہ هجي. الحدیث المومن مرآئتہ الرحمان مومن جي دل ۽ روح ان دريا اعظم سان ائين ڳنڍيل هوندا آهن جيئن سج سان سندس ڪرڻا ڳنڍيل هجن ٿا.
قرآن قريم ۾ به هر هنڌ ايمان وارن کي خطاب آهي مسلمان کي ڪٿي به خطاب نه آهي مومن جي دل ذات ذوالجلال جو تخت گاهه ڪمائڻ سان قلب المئومنين عرش الله تعاليٰ. مومن اهو آهي جيڪو ذڪر ڪمائڻ سان قلبي روشنائي ۽ صفائي حاصل ڪري. رسمي مسلمانن کي مومن ڪين چئبو. حقيقي مسلمان ۽ مومن اهو آهي جيڪو جودم غافل سو دم ڪافر سمجهي.