فقيري عادتون
علم ريءَ فقيري جئين ، واريءَ منجهه پروڻ
هئي اڳيئي پتري ويتر آيس ڌوڻ
اول علم آموزو آخر اين جا بيا
که بي علم وارو حضورش نيست جاءِ
يعني پهريائين علم سکجي پوءِ فقيري ڏانهن اچجي ڇو ته جاهل جي بارگاهه الاهي ۾ جاءِ نه آهي،
عشق جو علم حياتي ۽ نفس جو علم مماتي آهي. دمن جي سنڀال ڪرڻ طالبي آهي. جنهن دمن جي سنڀال نه ڪئي سو طالب نه آهي. پاڻ کي سٺن کاڌن لذتن ۽ گهڻي ننڊ کان بچاءِ ته تنهنجو شان ملائڪن کان به مٿي ٿيندو. سندن پرواز کان تنهنجو پروانو مٿي ٿيندو. جن پاڻ سڃاتو تن الله سڃاتو. جن الله سڃاتو سي ڪافر نفس کان آجا ٿيا. خلق جي دوستي کان چريو ٿي گذار. عام ماڻهن جي مڃوتي کان هٿرادو چريائي به بهتر آهي. جيڪو الله جي عشق ۾ ايندو سو رڱجي ويندو هت ذات پات جي پڇا ڪانهي. جيڪو وهي سو لهي. اها دل الله جو دروازو اٿوَ. جيڪو ذڪر سان ان دروازي کي کڙڪائيندو رهندو تنهن کي ضرور الله منهن مبارڪ ڏيکاريندو. جنهن ڪچهري ۾ الله جي گفتار نه آهي سا ڪچهري مردار آهي. جيستائين الله جي عشق ۾ سر نه ڏيندين تيسين تائين ديدار نه ٿيندءِ حضور پاڪ ﷺ جن ٻڌايل عروت الوثقيٰ لٽڪندڙ رسو اهو دم جو ذڪر اٿيئي جيڪو ان کي مضبوط پڪڙيندو سو عرش عظيم تائين پهچندو. الله پاڪ آهي تنهن ڪري چاهي به پاڪن کي ٿو الله پاڪ سان هڪڙو دم رهڻ به ٻنهي جهانن جي بادشاهي کان بهتر آهي. حضرت سچل سرمست فرمايو آهي ته هڪ دم نال الله دي هووڻ بهتر ڪنون بادشاهي.
الله جي راضپي جي اها نشاني آهي ته آدمي سندس ياد ۾ مشغول هجي. مگر ناراضگي جي اها نشاني آهي ته آدمي ساري عمر گمراهي ۾ گذاري عبادت تي فخر نه ڪر متان زاهد عابد برسيا وارو ڪم ٿئيئي.
بيت :حضرت قلندر شهباز
بلغم وبر سیسابہ بین، صد داغ لعنت برجمین
در شھر مارسم چنین کس رانہ باشد چون چرا
يعني بعلم ۽ برسياکي ڏس ته سندن پيشانين تي لعنت جا سوين داغ لڳاياسون اسان جي شهر ۾ اهڙِي رسم رواج آهي، ڪنهن کي به ڪڇڻ جي مجال نه آهي
پاڻ کي الله جي حوالي ڪر ته الله تنهنجو ٿئي .قضا جا مالڪ پاڻ ٿيو. جيڪو قضا جو محتاج ٿيو سو موچڙن هيٺ آهي. گمراهه ۽ خدا کان غافل جي تعبيداري هر گز نه ڪريو. روئڻ جو وڏو درجو آهي. جيڪو عشق الاهي ۽ محبت خدا ۾ روئيندو ته ان کي بشارت آهي. گهڻي کائڻ تي حق پاڪ ناراض ٿيندو آهي. جيڪو طالب گمراهن سان محبت ڪندو ته خود به گمراه ٿيندو. طالب جي دل ڪوه طور مثل آهي ڇو ته ان دل مان الله پاڪ ڪلام ڪندو آهي. موسوين لاءِ لن تراني جو جواب آهي مگر اسان محمدين لاءِ سبحان الذي اسريٰ بعبده جو انجام آهي. ياد رکو ته حضرت موسيٰ عليه السلام کي هي اسم اعظم وارو طريقو ڪو نه هو. تڏهن به زبان سان رب ارني ٿي.چيائين کيس روحاني زبان جي خبر ئي ڪانه هيس. اهو طريقو صرف حضرت رسول الله ﷺ لاءِ امانت رکيل ۽ مخصوص هو. جيڪو الله کان پٺيرو آهي. ته الله به ان کان پٺيرو ٿيندو جيڪو الله جو ٿيو ته الله به ان جو آهي
الله جون ڳالهيون الله جا محبتي ٻڌندا عامن کي ڪو به اثر نه ڪنديون. جن کي الله تبارڪ وتعاليٰ پنهنجو ديدار پسايو تن جا وڏا ڀاڳ آهن. جنهن دل ۾ الله جو ذڪر نه آهي سا دل برباد ۽ شيطان جو ٺڪاڻو آهي.
حديث: الحُب للّٰہ وَالبُغضُ اللّٰہ عَدم ذِکْر اللّٰہ
يعني الله جي محبت جي نشاني سندس ياد آهي. ساڻس دشمني جي نشاني سندس ياد جو نه هجڻ آهي.
وَمَنْ یَعْشُ عَنْ ذِکْر اللّٰہ نُقیّضْ لَہٗ شَیطانَ فَھُوَ لَہٗ قَرَین۔ (القرآن)
جنهن دل ۾ خدا جو ذڪرنه آهي ان ۾ شيطان رهندو آهي ۽ اهو ئي ان جو دوست آهي.
ذڪر ڪندڙ دل عرش عظيم مثل آهي. خدا جي ياد کان ڀليل دل بيمار آهي. اي مسلمانو حلال کائو. الله جو ذڪر حلال نوراني ۽ روحاني طعام آهي. الله کان غفلت حرام ۽ مردار آهي. الله جو ابتو پير کڻبو ته لڀندو. سبتي پير سان نه لڀندو. ذڪر الاهي ابتو پير آهي. جيڪو ذڪر الاهي سان ذات حق تعاليٰ جي اڳيان ڪٺو سو حلال آهي. جنهن کي بنا تڪبير جي عزرائيل ماري وڌو سوحرام آهي، حق تعاليٰ کي وڌ ۾ وڌ ٻه شيون پسند آهن. هڪ شهيد جي رت ٻيو خدا جي محبت ۾ روئڻ دين جي شهيد کي بهشت ملندو مگر عشق شهيد کي تحت الثري کان عرش عظيم تائين سارو ملڪ انعام ۾ ملندس. جيئن حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿي ٻنهي جهانن ۾ مختيار آهن گناهن بخشائڻ لاءِ الله جي محبت ۾ روئڻ بهترين علاج آهي. الله جي محبت کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه دنيا جو قيد آهي جيئن ڪي زالون حامله ٿي پڪو ٻار ڄڻينديون آهن ۽ ڪي وسڪڻيون ڪنهن کاڌي پيتي جي شيءِ تي ۽ سٺي طعام کي ڏسي ٻار ڪيرائي وجهنديون آهن اهڙي طرح ڪن هلندڙ طالبن جو هلندڙ ذڪر هوسن جي پويان لڳڻ ڪري وس ڪندي ختم ٿي ويندو آهي. مگر جنهن طالب جي دل ۾ اسم اعظم جو ختم رهجي ويو ته اتان الله اثبات ٿيندو. دل هڪ ٿانوَ مثل آهي. منجهس دنيا سمائبي يامنجهس الله سمائبو هڪ ٿانو ۾ ٻه شيون نه ماپنديون حرام کاڌو دل کي ڪارو ڪندو آهي. الله جي ذات بي پرواهه آهي. موليٰ جي ملڪ ۾ جيڪو کٽي سو کائي جيڪو کيس ياد ڪندو ته هو ان جو آهي ڪپڙن رڱڻ ۾ پائڻ ۾ فقيري ڪانه آهي. ائين هجي ها ته پينو فقير وڏا فقير هجن ها.
هر هڪ علائقي ۾ سو ورهيه کان پوءِ عارف ٿيندو آهي. اڳ انسانن جي هدايت لاءِ نبي سڳورا ايندا هئا. مگر ماڻهن هر هڪ نبي کي تڪليفون ڏنيون هيون. اهي ماڻهو ته عارفن جا فقيرن مان نه ٿا مڙن آخرت ۾ بهشتي بهشت ۾ دوزخي دوزخ ۾ ويندا مگر فقير عارف جي نور ۾ ٽٻي هڻي هڪ ٿي ويندا.
مان تون حق ۽ باطل آهن عشق جي اچڻ کانپوءِ ٻيئي ڪونه رهندا آهن. دل چئن عادتن سان مري ويندي آهي. اهو باطل جو اصول آهي ته جنهن به عارف جوڪتاب يا ڪلام پڙهبو ته هو پاڻ اچي حاضر ٿيندو ۽ پڙهندڙن سان گڏ پاڻ به پڙهائيندو. ساري جهان کي خوديءَ ماري ختم ڪيو آهي. مگر فقيرن، عارفن، عاشقن خودي ختم ڪئي تڏهن الله وٽ پهتا. ڪاٺيءَ جي ترار توڙي سوني مياڻ ۾ هوندي ته به ٻرڻ جو ڪم ڏيندي، جنگ ۾ ڪم ڪانه ايندي. عام ماڻهو ڪاٺ جي ترار وانگر آهي جيڪي پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن سبب جهنم جي باهه ۾ وڃي سڙندا. توڙي زربفت ۽ اطلس جون پوشاڪون پهريندا هجن. مگر عاشق جو روح جوهر دار ترار آهي ان کي ڪهڙي به پراڻي مياڻ ۾ رکبو ته به مالڪ کي اهم ڏيندي.
کاڌي جا ٻه قسم آهن هڪڙا کائن ٿا جيئن لاءِ ٻيا جيئن ٿا کائڻ لاءِ جيڪي جيئڻ لاءِ ٿا کائن تن جي زندگي خدا جي ياد ۾ ٿي گذري جيڪي زنده رهن ئي کائڻ لاءِ تن جي حياتي عيش عشرت ۽ نفساني هوسن پوري ڪرڻ ۾ ٿي گذري. جن جو آخري ٽڪاڻو سجين مڪان يعني دوزخ آهي. جيئن ڪوهيڙو سج کي ڍڪي ڇڏيندو آهي تيئن حرام کاڌو ۽ سنڌن جو دونهون دل جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيندو آهي. جنهن کي روزگار جي ڳڻتي آهي. ان جي مراد ماني آهي ۽ غافل آهي. ٻين ڏوهن جا قيدي آزاد ٿي سگهن ٿا مگر حرص جا قيدي ساري عمر قيد ۾ آهن. انهن جو آزاد ٿيڻ ناممڪن آهي. عام ماڻهن جو دين ايمان ان شهوت آهي وچولي درجي وارن جو دين ايمان الله آهي. خاصن جو دين ايمان الله تعاليٰ جو گهڻي انداز ۾ ذڪر ڪرڻ آهي. خاص الخاص جو دين ايمان ۽ زندگي عشق شهنشاهه آهي. طالب جيئن دم تکو هلائيندو تيئن الهام ذريعي ذات ذوالجلال وٽان دلاسا پيا ملندس ۽ کيس دلجاءِ ٿيندي رهندي ۽ نيٺ وڃي پهچندو.
تکي طالب کي حضرت رسول الله حضرت پير موليٰ علي عليه الصلوات والسلام ديدار پيا ڪرائيندا ۽ دلجاءِ پيا ڏيندس. محبت واري طالب جا دم عرش عظيم تي پهچندا آهن. دمن واريون تنوارون ذات ذولجلال کي رحم پيدا ڪنديون آهن. نيٺ ٻاجهه ڪري کيس ديدار ڪرائيندو آهي.
دنيا جا طالب کدڙا آهن عقبيٰ جا طالب مئونث آهن. الله جا طالب مرد آهن محبوب جي ملڻ لاءِ ته گهڻن کي اميد هوندي آهي پرمحبوب جنهن تي پاڻ راضي ٿيندو ان کي پاڻ گهرائيندو آهي. هي ذڪر وارو رستو حضرت رسول الله پير موليٰ علي عليه السلام ۽ اهلبيتن مسجد نبوي جي صُفح ۾ رهندڙ طالبن کي سمجهايو. هو معراج جو به اهو ئي رستو آهي. ٻين عبادتن سان ڪڏهن به معراج نه ٿيندو آهي.
اسم اعظم شينهن مثال آهي. جيئن شينهن ڪاوڙ مان ڪنهن شيءِ کي اڇليندو آهي ائين اسم اعظم به ڪمائڻ واري کي پرواز جي طاقت ڏيندو آهي جو هو عرش عظيم تائين وڃي سگهندو آهي. پاڪائي سان نماز پڙهڻ ملائڪن جي خصلت آهي. محبت سڀني عبادتن جو مغز آهي. محبت واري عبادت قبول پوندي آهي.محبت کانسواءِ رسمي عبادت چئبي هر هڪ رسم بيڪار ۽ رَدُ آهي. نماز بي ريائي ۽ سواءِ ڏيکاءَ جي پڙهجي. ان جو ملهه ئي نه آهي عبادت کانسواءِ آدمي گڏهه آهن. سندن عمر صرف هينگون ڪرڻ گڏهين پٺيان ڊوڙندي ٿي گذرين، جيڪي انسان رات جو جاڳي پاڪائي سان زباني ذڪر ٿا ڪن نمازون ٿا پڙهن، خدا کان ڊڄن ٿا پرائو حق نٿا کائين، انسانن جي ڪم ٿا اچن، ڪنهن جي به دل نٿا ڏکائين سي بهشت جا حقدار آهن. اهو ملائڪن وارو درجو آهي. عام مسلمانن لاءِ نماز بچاءُ آهي. جيڪو دل سان به الله ڏي نه هلي ۽ ظاهري نماز به نه پڙهي سو ته پادر کائيندو. عام ماڻهن ۽ خاص جي موت ۾ فرق آهي. الله اثبات ڪرڻ کان سوا ماڻهو مري ويو ته ڄڻ ڪتو مري ويو. کيس گهلي وڃي کڏ ۾ اڇلاِئيندس ته متان ڌپ ڪري مرڻ بعد سندس نالو ئي ختم. الله اثبات ڪرڻ وارا هميشه حيات ۽ عالم آشڪار آهن.
دم عيسيٰ عليه السلام اٿيئي جي سڃاتئي ته واهه نه ته گڏهه جو گڏهه آهين. نفس توڙي نمازون صلواتون ۽ تسبيحون پڙهي ته به اعتبار نه ڪجوس. هي وڏو مڪار ۽ رهزن اٿو. ويساهه ڏيئي مڙئي مڏي اعمالن جي لوڙهي ويندو. افسوس جو نفس گڏهه بکيو ٿئيو ته قرض کڻي به کارايوس ٿا. مگر روح جو خيال ئي نه ٿا ڪريو. سڪي تاڙو ٿي ويو اٿو. سندس خوراڪ ذڪر الاهي آهي جيڪا کيس فقر کانسواءِ ڪير به نه ٿو کارائي، نفس جي سڌن آدمي کي الله کان پري ڪيو آهي نه ته الله ته تمام ويجهو آهي ايتري خدا جي ڳڻتي ڪن ته خدا جيڪر کائن پري ٿيئي ڪونه ماڻهو مٽيءَ جي پيدائش آهن کائن به مٽي ٿا پوءِ اُهي آب حيات ڪيئن پيئندا. آب حيات روحاني خوراڪ آهي. پوءِ جيڪڏهن پنهنجو روح ان جي جيئڻ لائق بنايائون ته واه نه ته جواب اٿن هي خاڪي وجود به عشق جو عارضي تنبو آهي. جنهن مهل به هن ۾ عشق آمد ۽ موج ڪئي ته هي فاٽي پوندو .پوءِ هي نه رهندو عين هو هوندو.
معدو نفس جي مسند آهي. دل خدا جو تخت گاهه آهي. جنهن معدي واري مسند لذتن ۽ مزن سان آباد ڪئي ته ان مان هوسن ۽ شهوت جا درخت پيدا ٿيندا جيڪي کيس جهنم ۾ ساڙڻ لاءِ ٻل جو ڪم ڏيندا. مگر جنهن ذڪر الاهي سان دل وارو تختگاهه آباد ڪيو ته ان وٽ تخت جو مالڪ هڪ ڏينهن ضرور مهمان ٿيندو. ان ڪري سندس شان زماني جي بادشاهه کان به وڌي ويندو. جنهن پنهنجي عمر معدي جي خدمت ۾ گذاري ته ان جو مقام ڪارو دوزخ آهي. جنهن جي باهه به ڪاري آهي.
دوزخ هڪ چورس ڪوٽ آهي اندر ڪاري باهه ٻرندڙ اٿس اتان جي مقرر ملائڪن جي شڪل به ڪاري آهي. انهن کي قياس اصل ڪونه آهي. ان باهه جو ٻل ماڻهو ۽ پٿر آهن. خدا کان غافل ماڻهو جڏهن مرندا آهن ته کين اُهي ملائڪ سندن ڪنڌ ۾ لوهه جي ٻياني وجهي ان ڀت مٿان کڻي اندر اڇليندا آهن. ماڻهن جي پوڻ ڪري باهه وٺي وڏا اولانڀا ڪندي آهي. جيڪي ڀت جي ٻاهران ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جهنم ۽ معدو هڪجهڙا آهن. ڪيترو به ڀرين ته به هل من مزيد يعني اڃا ٻيو هجيو ته آڻيو پيو چوندو.
ظلم ۽ حسد مهل معدي کي نفس چئبو آهي. شهوت جي غلبي وقت هن کي شيطان چئبو آهي مڪر ۽ ٺڳي وقت کيس خناس چئبو اٿس. نفساني خودي وقت هي چمڙي مثل آهي. جيڪو ڪنهن کي به پاڻ جهڙونه سمجهندو آهي. ڪاوڙ مهل خنزير آهي. آدميءَ ۾ سڀئي خصلتون موجود آهن. چاهي هو شيطان ٿئي چاهي لنگور ٿئي ۽ چاهي هو مڇريل رڇ ٿي پوي. هر هڪ خصلت کي تصور آهي. ان خصلت وقت سندس شڪل معلوم ڪري سگهبي آهي.
نفس هڪ وڻ مثل آهي جيڪو هر وقت دل جي پاڪ صحن تي خيالات جا پن ڇاڻيندو ۽ گند ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن ذڪر جي ٻهاري سان دل جو صحن صاف ڪبو رهبو ته گند ڪونه ٿيندو.
شاهه اعظم صاف دل ۾ رهي سگهي ٿو گند واري جاءِ تي شيطان رهندو آهي شيطان خدا جي دشمن وٽ رهندو آهي نه دوست وٽ فقير ان کي چئبو آهي جيڪو دم سجايا ڪري ۽ دمن جي حفاظت ڪندي جسم مان نڪري پوي. يعني عبد مان الله ٿي پوي.
افسوس انهن مسلمانن جو آهي جيڪي نفس کي گناهن کان نه ٿا روڪين. ڄاڻي واڻي گناهه ڪندا ٿا رهن ۽ چوندا ٿا رهن ته سڀاڻي اسان کي حضرت رسول الله ڇڏائيندو. نفس کي هت به مزن کان نٿا روڪين ۽ آخرت ۾ به عيش عشرت جا آسرا رکن هوڏانهن حضرت رسول الله فرمايو آهي:
من اراد الدنیا فلہ اراد الآخرۃ فلہ الآخرت من اراد المولی فلہ المولی
ترجمو: جيڪو دنيا گهرندو تنهن کي دنيا ملندي .جيڪوعقبيٰ گهرندو تنهن کي عقبيٰ ملندي، جيڪو موليٰ گهرندو تنهن کي مولا ملندو.
هڪ هٿ ۾ ٻه گدرا نه ايندا آهن. دنيا به گهرن عقبي به گهرن ۽ موليٰ به ملين ائين ڪڏهن ڪو نه ٿيندو حضور پر نورﷺ جن ذات ذولجلال جي مرضي جي خلاف ڪو به ڪم ڪونه ڪندا هئا. بي فرمان بندي جي دوزخ ۾ وڃڻ سبب کين ذور به ڏک ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته پاڻ مڪمل هدايت ٻڌائي چڪا آهن. هر هڪ طالب کي ذڪر وٺڻ کانپوءِ ٻه ٽي سال سيني پنهنجي ۾ نظر ۽ ڌيان ڪرڻ گهرجي ۽ کيس مراقبو ڪرڻ کپي. ڇو ته هر هڪ ماڻهوءَ جي دل تي غير جي ڪارهن هوندي آهي. اها جلدي نه لهندي آهي.
عام بي حاصل صوفي طالب کي ذڪر ڪرڻ وقت سندن صورت جو تصور رکڻ لاءِ چوندا آهن. حقيقت ۾ اها بت پرستي آهي. جيڪو طالب پنهجي سيني ۾جنهن به صورت جو تصور ڪندو ته ان تي عاشق ٿي پوندو ۽ خدا وسري ويندس جيڪو شرڪ آهي. تکي ذڪر هلڻ سان از خود دل ۽ خيال ۾ ڪامل مرشد جي صورت پيدا ٿيندي آهي، اُها صورت سچي آهي ۽ طالب کي فائدو ڏيندي آهي. مگر ناقص مرشد جي صورت شيطان مثل آهي. عالم اهو آهي جيڪو پاڻ سڃاڻي مگر پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارو عالم نه آهي. جيستائين نفس سان ياري اٿيئي ته خدا سان دشمني ڄاڻ نفس سان دشمني ڪر ته الله سان دوستي ٿي پويئي نفس لاءِ بک ائين آهي جيئن آدمي لاءِ هيرو کائڻ نفس سان جنگ ڪرڻ وارو خدا وٽ مقبول آهي. عين ۽ غين جي ساڳي صورت آهي مگر نقطئه جو فرق آهي. فقير عارف الله جا قاصد آهن خدا جي خلق کي الله جو پيغام ٿا پهچائين. جيڪو چاهي ته ٻڌي جيڪو نه چاهي ته نه ٻڌي .عارفن هڪ اکر پڙهيو ته ٻئي جهان پڌر تي ٿي پين. فقير کي ملامت جو شوق ٿيندو آهي ۽ بادشاهه کي شڪار جو عشق الاهي وارو فقير اديب آهي. ڇاڪاڻ ته ادب به عشق ٿو سيکاري. جيڪو روح وانگر پاڪ ۽ نفساني غلاظتن کان صاف آهي سو فقير آهي. خدا کان سواءِ ۽ ٻئي ڪنهن سان به محبت نه رکڻ وارو ئي فقير آهي ۽ اهو ئي تصوف آهي. دل ذڪر سان صاف رکڻ خلق جي مڃوتي کان پري رهڻ نفس سان مخالفت ۽ دوستي. ٺهراءُ نه ڪرڻ ڪشف ۽ ڪرامتن کان دور رهڻ،روح جي حقيقت معلوم ڪرڻ، اسم اعظم ذريعي جسم مان نڪرڻ. جنهن لاءِ سارو جهان سڪي ٿو سو ٿي پوڻ جو نالو فقيري آهي. ماڻهن فقيري مئن کان ورتي تڏهن جيئرا نه ٿيا. اسان فقيري جيئرن کان ورتي تڏهن جيئرا ٿي پياسون ۽ بقا حاصل آهي. ڪڏهن به ڪونه مرنداسون. فقيري جا پنج اصول آهن. (1) خلوت درانجمن يعني ڪچهري هوندي اڪيلو هجڻ. (2) سفر در وطن يعني گهر ۾ به مسافرن وانگر رهي. (3) هوش دردم، يعني دم جي ذڪر ۾ خيال هجيس، (4) نظر در قدم يعني نظرپيرن ۾ هجيس (5) ياد ڪرد باز گشت، يعني خدا جي ياد هميشه رهي ۽ ڪڏهن به منهن نه موڙي جيڪو الله جي پنڌ ۾ جان قربان ڪري ان کي کاهوڙي چئجي. جنهن جي دل الله جي ذڪر سان روشن آهي ته ان جو وجود به روش هوندو. دم وارو ساز سڀني سازن جو سردار آهي. سنڌ جي فقيرن جي فقيريءَ ۽ منظوري حضرت قلندر شهباز جي هٿ ۾آهي. جنهن کي منظور فرمائيندو ته اڳ ۾ ان کي پاڻ منهن ڏيکاريندو فقير جو رايو ۽ راضپو درياهه وانگر آهي سُڃ ڏانهن لڙي پوي ته آباديون ٿي پون. آباديءَ کان مٽ ڪري ته برباديون ٿي وڃن فقير جي انتها اها آهي ته هر صورت ۾ پاڻ کي ڏسي