سروز آواز ۽ راڳ جي حقيقت
ڏسو ته خود رسول الله کي به سروز ٻڌڻ جو شوق هو ظاهر علم جا عالم ۽ فاضل جيڪي لدني علم کان غير واقف آهن. ان ڪري آواز ٻڌڻ کان نفرت ٿا ڪن. هڪ دفعي محبوب مصطفيٰ ﷺ جن کان پڇيائون ته زمين آسمان ۽ ڪائنات جي خلق کان اڳ ۾ الله جي رهت ڪٿي هئي؟
پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته هڪ ڪڪري هئي جنهن جي هيٺيان ۽ مٿان هو هواءِ هئي. ان ۾ رهندو هو. ڪڪري جو نالو ٻيو اهي مگر اڻواقفن کي لڪائي ٻڌايائين هنن جو ملڪ ڏٺل نه هو تڏهن پڇيائون. سندن هوش عقل ۽ فهم مطابق مثال ڏنائون هيءَ حديث ترمذيءَ شريف مان ورتل آهي. ترمذي جامع جلد دوم صفحه 378 سوره هود.
جنهن اهو ملڪ ڏٺو هوندو تنهن کي خبر نفس پرست کي ان رازجي ڪهڙي خبر ته فقير عارف آواز کي ڇو پسند ڪندا آهن. آواز ۽ سوز جي ڪلامن سان اها ڪڪري هت حاضر ناظر ٿيندي آهي. جنهن جي روبرو ڏسڻ سان فقيرن تي وجد حال پوندو آهي. ٻيا ورد وظيفا ڪثرتي آهن مگر عارفن جا ڪلام ان ڪڪريءَ لاءِ مقناطيس آهن. جو ڪشش سان هت اچي نڪري اسان جيڪر ان ڪڪريءَ جي حقيقت مڪمل پڌري ڪريون جو عام خاص ٻڌن. پر جڏهن حضرت رسول الله ﷺ به اها ڳالهه لڪائي ڪئي آهي. ان ڪري مخفي ٿا رکون ڏوهه گناهه جي پرواهه ڪانه آهي. اسان ان حد کان ٻاهر آهيون مگر راز جي کولڻ سان هن جسماني وجود تي اها ڪڪري ڪانه ڪاشامت نازل ڪري وجهندي.
شروعات ۾ مستي جي حال ۾ اسان راز ظاهر ڪيا هئا. ان ڪري اهنج قيد مشڪتون ۽ تعذير آيا هئا. جن کي فقير منهن ڏنو. فقير کي جسماني سانگونه آهي. فقير جيستائين حدن ۾ هوندو ته جسم تي قهاري هوندو جو چوندو پيو ته اڄ ڊهي قتل ٿئي. جڏهن ان ڪڪري واري ملڪ ۾وڃي رهيو ته پوءِ بوتو پيارو لڳندس. ڇو ته هن بوتي ۾ رهڻ سان اهڙا اسرار کليس ته ان کي جو حاصل ڇو ڊاهين.
اسان چاليهن ورهين کان اها ڪڪري آئينه وانگر ٿا ڏسون جيئن عام ماڻهو آسمان کي ٿا ڏسن تيئن اسان ان ڪڪريءَ کي ظاهر ٿا ڏسون. هيئر ڳالهه ڪندي به ڏسون ٿا. جيستائين جسم ۾ رهنداسون تيستائين ڏسندا رهنداسون. جسم مان نڪتي کان پوءِ هي ظاهر باطن ۾ گم ٿي ويندو.
حدن ۾ رهندي آواز ۽ سروز مهل ڪڪري حاضر ناظر ٿئي ٿي ۽ روح فقير جي بدن مان نڪري ڪڪريءَ ۾ ملي وڃي ٿو ۽ وجد پيدا ٿو ٿئي. جسم ڪڪريءَ جو تاب نٿو جهلي سگهي. هي اهڙو نازڪ حال جو آواز ۽ سروز مهل ڪو وار جيترو به حسين خيال دل ۾ اچي ته ان ڪڪريءَ کي ڄڻ جبل آڏو اچي ٿو وڃي. يا ڪو دنيا ناسوت جو ڪلام چوي ته مڻ نشن جا به لهي وڃن ٿا ۽ ڪڪري آڏ ٿي وڃي.
جسم نه رڳو عارفن کي پيارو آهي مگر انبيائن کي به پيارو هو. ڇو ته جنهن بنگلي ۾ شاهه اعظم ويهندو ته اهو بنگلو ڪيئن نه پيارو لڳندو، جيئن ميرن بنگلو ٺهرايو هو. ان کي لکي بنگلو چئبو آهي. ان ۾ بادشاهه صرف ملاقات لاءِ اچي ويهندو هو ته انجي ڪيتري نه عزت ۽ مان آهي. ڪيترائي ٻهاريدار اٿس. باغ باغيچا اٿس.
رسول الله ﷺ پنهنجو گهر تڙ ڇڏي پنهنجي جسماني وجود کي دشمن کان بچائڻ لاءِ غار ۾ اچي لڪو هو. اسان جي مربيءَ کي به بنگلو پيارو هو. ته پوءِ طالبن کي پيارو نه ٿيندو ڇا. پاڻ ڪريمن صلح حديبيه به لشڪر جي ٿورائي جي ڪري ڪيو هو. احد جي جنگ ۾جڏهن زخمي ٿي ڪري پيا هئا ته ان مهل موليٰ علي سائين کي سڏيو چيو هئائون ته ياعلي منهنجي سنڀال ڪر. چوڻ جسماني بنگلي کي بچائڻ لاءِ هو.
هن ڪتاب کي اُهي ماڻهو پڙهندا ۽ پسند ڪندا جن کي راز جي خبر هوندي جن شرابا طهورا پيتو هوندو. ۽ ذڪر وارا هوندا. عام مسلمان لاءِ هن ڪتاب ائين آهي جيئن انڌي لا ءِ آئينو. آئينه مان انڌي کي ڪهڙو لطف ايندو.
حاڪم نالي ڪنهن شخص جي روايت آهي. ته جڏهن حضرت رسول الله ﷺ مڪه کان مديني هجرت ڪري آيا سندن استقبال لاءِ ڇوڪريون دف وڄيائينديون راڳ ڪنديون سندن اڳيان آيون ۽ عربيءَ ۾ هيءَ شعر ٿي چيائون ته
نَحنُ جَوارُ مِن نَبي نَحَاَرَ يامُحَمدُ جُنُدُ مُحمد مَنَ جَار
طلع البدر علينا من الثنيات الوداع
وجب شکر علينا مادعا الله داع
ان راڳ تي رسول الله راضي ٿيو. کين چوڻ لڳو. اَللهُ يحببکن يعني الله توهان سان محبت ڪري ٿو. اگر رنج ٿئي ها ۽ کيس راڳ نه وڻي ها ته ضرور کين منع ڪري ها.
(حاشيه بخاري مترجم ڪتاب المناقب
پ 15 صفحو 77 احمدي پريس لاهور مواهب الدينه)
رسول جڏهن معراج وقت ان ڪڪري تائين پهتو ته اهو ملڪ رڳو آوازن ۽ سروزن جو آهي. هي هتان وارا آواز ۽ سروز اتان جو نقل آهن ۽ اهي اصل آهن. جيڪو ان ڪڪريءَ واري ملڪ ۾ ويندو ته ان جو قوت به سروز هوندو ۽ ان جو لاڙو به آواز ۽ سروز ڏي ٿيندو. جيڪڏهن هڪ پاسي واعظ هجي ۽ ٻئي پاسي آواز ۽ سروز هجي ته ننڍا ٻار واعظ جي بجاءِ سروز ڏي وڃي پهچندا. ڇو ته هن جي ارواحن تازا آواز ۽ سوز ان ملڪ مان ٻڌا هئا. ان ڪري ننڍي ٻار کي گهڻي ڪشش ٿيندي آهي. باطن واري ملڪ جي. ان ڪري ننڍا ٻار راڳ جي مٿان پرواني وانگر ڪرندا آهن. آواز ۾ وڌيڪ ڪشش ان ڪري جو روحن جو اصل ٽڪاءُ ٽئين جهان ۾ هو. پوءِ آهستي آهستي لاهوت ۾ آيا ۽ پوءِ جبروت ۾ ۽ پوءِ ملڪوت ۾ روحن جو درياهه اچي ٿو. ثيون جهان سروزن جو ملڪ آهي. تڏهن سروز ۽ آواز سڀ ڪنهن کي وڻي ٿو. جنهن کي سروز ۽ آواز نه وڻي ته پڪ سمجهيو ته ان جو روح جهنمي آهي. روح ٻن قسمن جا آهن. هڪ ناري روح ٻيو نوري روح. جهنم ۾ سروز آهيئي ڪونه. آدم جو روح به بوتي ۾ نه پي گهريو .پوءِ ملائڪن حڪم الاهي سان سروز بيهي وڄايو جنهن تي روح کي محويت جو نشو ٿي پيو. نشي جي حالت ۾ بوتي ۾ گهري ويٺو. بوتي ۾ وحدت جي مئي وڌائون. تڏهن روح تي وحدت جو نشو چڙهيو. هاڻي به جيڪو باخبر هوندو سو وصيت ڪندو ته سندس ختمي ۾ ڌڪڙ ڌما ڌم ڇير جا مان ناچو ۽ شرنايون دهل ۽ بين باجا لاش جي پويان وڄائيندا اچن ۽ ان کي توحيد جي ڪلامن جو ختمون ڏين. گلاب جي پاڻيءِ بدران شراب جون بوتلون ڇڻڪائيندا اچنس شراب گهڻو هجي ته تڙ به ان سان ڪرائنس قبر جو ليپو به شراب جي پاڻيءَ سان تيار ڪن. کٽولو به ڊاک جي ڪاٺين مان ٺهيل هجي. پوءِ ان جو درجو ۽ شان نهايت وڏو آهي پوءِ ان کي منڪر نڪيرجي ڪاڻ نه رهندي جيڪڏهن ان وٽ منڪر نڪير ايندا ته به دسرائيندس ۽ دڙڪا دهمان ڪندن.
اهڙو وحدتي شراب جو شوقين ته عزرائيل جي به ڪاڻ نه ڪڍندو. جيڪڏهن ساهه وٺڻ ايندس ته به ساهه ڏيڻ کان کتو جواب ڏيندس ۽ چوندس ته مون ساهه توکان ته ڪونه ورتو آهي. ورتو به پنهنجي محبوب کان هيم ته ڏيندس به ان کي.
هي آدمي الله سان آڌيارو آهي. سڄو پاسو نفس جو اٿس ۽ کٻو پاسو دل وارو الله جو آهي. جيڪڏهن نفس واري پاسي زور ورتس ته الله واري پاسي کي ناس ڪري ڇڏيندو. سڄو نفس ٿي پوندو. جيڪڏهن الله واري پاسي زور ورتس ته الله ٿي پوندو. نفس وارو پاسو به فرمان ۾ ٿي پوندس. جڏهن سڄو الله ٿي پيو ته عزرائيل ميڪائيل ۽ جبرائيل منڪر نڪير سڀ هن جا زيردست ٿي پوندا. حديث مَن کَانَ اللهُ کَانَ اللهُ له يعني جيڪو الله جو ٿيو ته الله به ان جو ٿيندو.
سروز رسول الله ﷺ جن کي وڻندا هئا، ته پاڻ ڪڏهن به سروزن کان منع نه ڪئي هئائون جنهن تي اوهان مسلمان ڪلمون ٿا پڙهو اهو خود محبت سان ٻڌندو هو. جيڪو ٻڌائيندو هيس. تنهن کي دعا ڪندا هئا.
حديث: عن عائشيته نبت ابي بکردخل النبي ﷺ عَلَهِما يَومَ الفِطِرُ وَاَلَا ضُحيِٰ وَعِندَنَا قَلِيسَانِ بِمَا نَفَارَدَفَتُ اِلَانُصَارِ يَومُ البقاتُ.فَقَال ابوبکر مَن مَار الشيطانِ مرتين فقال النَبِيُ صَلُعَمُ دَعهُمَا يَا اَبَا بَکُرُاِنَ لِکُلِ قَومِ عِيدَ وَعِيدنا هَذَاليَومِ
يعني بيبي عائشه کان روايت آهي ته عيد جي موقعي تي پوءِ عيد الفطر هئي يا عيد الاضحيٰ هئي، انصارن جون ٻه ڇوڪريون آيون رسول اللهﷺ وٽ جن دفن تي راڳ پي ڪيو خليفي ابوبڪر ٻه دفعا چيو ته هي ڳائڻ ۽ وڄائڻ شيطاني ڪم آهي. تنهن تي سردار ڪريم چيس ته ڇڏين ڀلي ڳائين ۽ وڄائين ڇاڪاڻ ته سڀ ڪنهن قوم جي خوشيءَ جو ڪو ڏينهن ٿيندو آهي. اسان جي خوشي اڄ آهي. ڪتاب المناقب پارو پندرهون صفحو 80 احمدي پريس لاهور.
ٻئي دفعي منا جي مقام تي 10 _11_12 ذوالحج جي موقعي تي ڇوڪرن پي ڳايو اتي به رسول الله ﷺ کين منع ڪانه ڪئي
قالت عائيشيت رضه رايتُ النبيُ ﷺ يسترلي وَاَنَا اُنظر الي الحبشيت وهم يلعبون في المسجد. فزجرهم ابابکر فقال النبي ﷺ امنا بني ارفد
ترجمو: بيبي عائشه رضه چيو ته مان ڏٺو ته ڪنهن رسول الله وٽ مسجد ۾ راڳ پي ڪيو. مان سندن پويان بيٺي هيس ته خليفي ابوبڪررضه انهن کي جهڻڪيو ته مسجد ۾ راڳ ڇاجو آهي. جنهن تي رسول الله فرمايو. اي بني ارفد ه بي فڪر ۽ بي خوف ٿي ڳايو.
هي آواز ۽ سروز انبيائن ۽ اوليائن جو قوت آهن. جن معراج ڪيو ۽ بقا با الله جو درجو حاصل ڪيو. آواز کان نفرت وارن جو قوت ٻوڙ ۽ ماني آهي. خاصن جي عزت سروز ۾ آهي. جيڪا عامن لاءِ ذلت آهي.ان کان سواءِ مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ جو ڪلام جيڪو سندس چوڻ موجب فارسيءَ ۾ قرآن آهي.
بيت
مثنوي ومولوي ومعنوي،
هست قرآن درزبان پهلوي.
سو سڄو ئي آيتن ۽ حديثن سان ڀريو پيو آهي. هر فرقي وارا ان کي چڱي طرح مڃين ٿا. انگريزن وٽ به ان جو ترجمون موجود آهن. مسلمانن مان صرف مذهبي شيعن کان سواءِ ٻيا سڀئي مذهب ان ڪتاب کي معتبر ڪتاب سمجهن ٿا. جن کي حضرت رسول الله ﷺ پنجن پاڪن جو حضور حاصل آهي. اهي شيعا باطني اکين وارا آهن. اهي رومي صاحب جي قول ۽ فعل کي قبول ڪندا. مگر جيڪي علم اليقين ڪنين ٻڌل ڳالهين تي شيعا آهن. اهي هن ڪتاب کان منڪر آهن ٻيا سڀ ڪچهرين ۾ رومي صاحب جا بيت مثالن طور ڪتب آڻيندا آهن. مگر ظاهربين نه رڳو مولانا روميءَ جا پر هر هڪ صوفي عارف کان منڪر آهن. سنڌ ۾ شاهه جو رسالو به روميءَ جي مثنوي جي طرز تي ٺهيل آهي.ڏسو ته رومي صاحب جي سروز ڏي ڪيڏي نه رغبت آهي.
رومي صاحب ڪونيا شهر، جيڪو روم ۽ انگليڊ جي دنگ تي آهي اتان دجو ويٺل هو. فقير جو روضو به اتي آهي. رومي صاحب جي فيض مان ڪيتريون ئي درگاهون فيضياب ٿيون آهن. جن جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي.سندس شعر جو آغاز ئي نڙ سروز سان ٿئي ٿو.
بيت مثنوي
بيشنواز نئي چون حکايت ميکند واز جدائيها شکايت ميکند
که ازينستان مرابه بريده اندر، از نفيرم مرد زن ناليده اند
نڙ کان ٻڌ ته ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪري. جدائي جون شڪايتون ٿو ڪري. جڏهن کان مون کي ٻوڙي مان وڍيو اٿن ان ڏانهن کان منهنجي دانهن تي مرد ۽ زالون روئيندا ٿا رهن.
اهڙي طرح ڪتاب جي شروعات ئي نڙ جي آواز سان ڪئي اٿس ڇو ته هو باطن بين عارف هوهن سروز جو مالڪ ڏٺو هو.اهو جلال الدين رومي صاحب ٽنهي جهانن جو رهاڪو هو. سارو جهان هن جهان جو رهاڪو آهي. ٻن جهانن جا رهاڪو به ڪي ڪي آهن ٽئين جهان جي حقيقت حضرت شمس الحق تبريز پنهنجي ڪتاب مرغوب القلوب ۾ هن طرح ڪئي آهي.
مقام قرب و منزل بي نيشان است،
بجز کون مکان ديگر جهان است
قرب جو مڪان ۽ منزل بي نيشان آهي. هن هُن جهان کان سواءِ ٻيوجهان به آهي.
مولانا روميءَ جي درٻار تي هر جمع جي رات سَوَن جي تعداد ۾ نڙن جو سروز ٿيندو آهي. ٻارهين مهيني ته سندس درٻار تي هزارين نڙن وارا گڏ ٿيندا آهن. مولانا روميءَ جي روح کي رڳو نڙ جي آواز جو ختمون ملندو آهي. هڪ ڏينهن مولانا. سوناري جي دوڪان تي اچي بيٺو سونارو پنهنجي وڏاڻ سنداڻ تي اهڙي سريلي نموني پيو هڻي جو ان آواز ٻڌڻ سان مولانا صاحب ڪري پيو وجد .حال ۾ بل کائڻ لڳو ۽ هي بيت چيائين.
يک کنج پديد آمد دراين دوکان زد کوبي،
زه صورت زه معنيٰ زه خوبي زه چوبي.
سوناري جي دوڪان مان اهڙو ته آواز پيدا ٿيو جو واه جو ان جي صورت ۽ معني ۽ سونهن ۽ ڌڪ جا آواز آهن
رومي صاحب ان وجد حال ۾ پيو هو ته صلاح الدين سندس پير پنهنجي اکين تي پئي گهمائندو رهيو۽ سيني سان پيو لڳائي. جڏهن رومي صاحب وجد حال کان فارغ ٿي اٿيو. ته صلاح الدين به اٿي تاڙي وڄائي ٻاهر نڪري ماڻهن کي بڇ ڪري دوڪان پنهنجي جي لُٽ ڪرايائين ۽ رومي صاحب جي پويان لڳي پيو. ۽ سندس طالب ٿيو. مولانا صاحب پنهنجي مثنوي ۾ صلاح الدين جي تعريف به ڪئي آهي. اهو پاڻ جهڙو ڪامل درويش ٿي پيس.
هڪ دفعي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب وٽ هڪ مڱڻهار آيو جنهن اچي وٽس سروز وڄايو. آواز تي رومي صاحب مست ٿي نچڻ ٻاهران ڦرڻ ۽ وري پهرياڻ به لاهي کڻي اڳيان اڇليائينس. ۽ لڳو سلوار به اڇلڻ تي هو ته ماڻهو کيس هٿ وجهي پري کڻي ويا. ۽ مڱڻهار کي سروز کان بند ڪيائون هي آهي سزرو جو حال جو اهڙي عارف کي به بيهوش ڪري وڌائين.
عام طرح سان ڏسو ته هر هڪ عاشق عارف جي ميلن تي سروز ٿا وڄن ۽ توحيد جا ڪلام ٿا چئجن عارفن جا سخن به سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ عرش جا پيغام آهن ۽ انهن کي خدائي ڪلام چوندا آهن.
بيت
پس غذائي عاشقان آمد سماع، که دراو باشد خيال اجتماع
عاشقن جي غذا لاءِ ويراڳ آيو جوان ۾ خيال کي سڪون ۽ ٽڪاءُ ملي ٿو.
نالئه سرناءِ وتعديد دهل.
شرناءِ ۽ دهل جي آواز کي
بانگ گرد شهنائي گرد دخلق، مي سرا اينرش بطنبور وبه خلق
شرناءِ جي آواز تي خلق ڦري ٿي. ان کي طنبور ۽ نڙيءَ جي آواز سان ڳائن ٿا.
ماهمه اجراءِ آدم بوده ايم ، دربهشت آن لحنهابه شنيذه ايم
اسان سڀ آدم جي اولاد آهيون .بهشت ۾ اهي آواز ٻڌا هئاسون
قوتي گيرند خيالات صغير بلکه صورت گردد ازبانگ صغير
دل جا ننڍا خيال طاقت وٺن ٿا. پر پکين جي آواز مان به صورت ظاهر ٿئي ٿي.
آتش عشق از نواها گشت تيز، آن چنان که آتش آن جوز ريز،
عشق جي باهه آوازن سان ٿيز ٿئي ٿي اها باهه اهڙي آهي ڄڻ اکروٽ هاري ٿي.
آنکه عالم مست کردي آمدي کلميني ياحميرا ميزدي.
ان کي مستيءَ جي عالم ۾ مون ڀليڪار ڪئي. مون سان ڳالهاءِ اي محبوب آواز کي وري هڻ.
مصطفيٰ آمد که ساز دهم دم . کليميني يا حمير کليميني
مصطفيٰ آيو ۽ ساز سان گڏ ٿيو. مون سان ڳالهاءِ اي محبوب مون سان ڳالهاءِ
اي بلال افراز بانگ سلسلت زآن دم که اندر دم دم دردلت،
تنهنجو آواز جو سلسلو بلال کي به وڌائي ٿو. ان وقت جڏهن تنهنجي دل ۾ مون دم ڦوڪيو هو.
زان دم که آدم ازاو مدهوش شد، هوش اهل آسمان بيهوش شد.
ان ڦوڪ سان جنهن سان آدم بيهوش ٿيو هو. آسمان وارن جو هوش به هليو ويو هو.
مصطفيٰ بي خوش زآن خوب صوت ، شد نازش از شب تعريس فوت
مصطفيٰ به ان آواز سان بيخود ٿي ويو هو.ان جي رات واري نماز به گذري ويئي هئي
سر ازان خواب مبارک برنه داشت تانماز صبح دم آمدبه چاشت.
ان بيخودي مبارڪ مان سجاڳ نه ٿيا.تان جو صبح جي نيرن جو وقت ٿي ويو.
در شب پيش آن عروس، يافت جان پاک ايشان دست پوس
بيخودي واري رات محبوب جي روبرو ڏسڻ سان محبوب جي دست بوسي ڪيائون.