مختلف موضوع

سوکي بندر ۽ سامونڊي سُور

منصور ٿلهي جو هيءُ ڪتاب “سوکي بندر ۽ سامونڊي سور” سفرنامو سچ پچ پڙهڻ وٽان آهي، ڇاڪاڻ ته هن بندر تي تمام گھٽ لکيو ويو آهي. منصور اتي وڃي ڏينهن جا ڏينهن رهي احوال محفوظ ڪيا آهن. بندر جي آسپاس کي ووڙيو آهي، هتان لڏي مختلف هنڌن وڃي ويٺل ماڻهن سان اتي وڃي ملي، ساڻن رهاڻيون ڪري، سمورا احوال حاصل ڪيا آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجا اباڻا گھر ڇڏي ٻين شهرن يا ڳوٺن ۾ وڃي ويٺا آهن انهن ڏکيا ڏينهن گھاريندڙن جا داستان اسان جي سامهون آندا آهن.
Title Cover of book سوکي بندر ۽ سامونڊي سُور

3

آءُ درياهه جي پرين ڪنڌيءَ جي پتڻ تي آيس، اتي ڊاٽسن بيٺي هُجي، هڪ نوجوان پتڻ تي لهندڙ ماڻهن ڏي نهاري آواز ڏئي رهيو هو.
“ڳاڙهو، ڳاڙهو.”
آءُ ڊاٽسن جي پٺيان چڙهي هيٺ خالي جاءِ تي ويهي رهيس، ٻيڙيءَ جا گهڻا ماڻهو، جيڪي کاري مان گڏ ٻيڙي ۾ هئا، اهي به اچي ڊاٽسن جي پويان ويٺا.
ڊاٽسن ڀرجي وئي ته اهو نوجوان جيڪو آواز ڏئي رهيو هو، اهو ڊرائيور سيٽ تي ويٺو ۽ ڊاٽسن چالو ڪئي. هي رستي تي ماڻهو لاهيندو ۽ کڻندو هليو. چاليهه منٽن کانپوءِ ڳاڙهو شهر ۾ داخل ٿياسين، ڪجهه منٽن کان پوءِ خاصخيلي هوٽل ڀرسان ڊاٽسن بيهي رهي. آءُ هيٺ لٿس، ڊرائيور کي پنجاهه روپيه ڪرايو ڏنو.
آءُ پاسي واري هوٽل ۾ ويس ته ڪن تي آواز آيو. ادا منصور! ڪنڌ لاڙي ڏٺو ته ان ئي هوٽل ۾ باقر خان مروا بلوچ هڪ دوست سان گڏ ويٺو هجي، انهن جي اڳيان ميز تي چانهه جا ڪوپ رکيل هئا.
باقر خان مروا ۽ ان جي دوستن سان مليس، باقر خان اشارو ڪري ڇوڪري کي چيو، ادا! چانهه کڻي اچ.
ادا! سٺو ٿيو جو ملاقات ٿي، توکي فون ڪرڻ وارو هوس، سڀاڻي سائين ڪرم علي بلوچ جي والد مرحوم جي چاليهي جي ماني آهي، ان جي دعوت ڏيڻي هئي، هاڻ چانهه پي پوءِ ڳوٺ هلنداسين.
ڳاڙهو کان ڳوٺ رسول بخش مروا بلوچ تائين پنجاهه ڪلو ميٽر جو فاصلو آهي.
اسين ڳاڙهو شهر مان نڪتاسين، هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ميرپور ساڪرو شهر ۾ پهتاسين، سنڌ بلوچستان هوٽل ميرپور ساڪرو، حاجي عبدالغني گبول جي هوٽل جي ٻاهران موٽرسائيڪل بيهاري سين. باقر خان چيو.
ادا! چانهه پي پوءِ هلون ٿا، هاڻ اسان جو ڳوٺ ويهه ڪلو ميٽر پري آهي. روڊ خراب آهي، ڪلاڪ جو پنڌ ٿيندو.
هوٽل ۾ داخل ٿياسين ته سامهون هڪ بزرگ شخص سفيد ڏاڙهي سان ويٺو هو. ان سان اڳ ۾ ملاقات ٿي چڪي هئي. ذهن ۾ ان جو نالو ياد نه پيو اچي، الهڏنو ٻاهوٽ سان 2007ع ۾ سندس جي ڳوٺ محمد صديق ٻاهوٽ ۾ ملاقات ٿي هئي. الهڏنو ٻاهوٽ سوکيءَ جي باري ۾ ٻڌايو. ڏهه سالن جو هوس، باقر خان مروا بلوچ جي پيءُ بنگل خان مروا بلوچ جيڪو مي جو چاچو هيو، ان سان گڏجي سوکي بندر گاهه تي ويو هوس. سوکي شهر جي ٻاهران پاڻي هيو، وير چڙهي آئي هئي. ان پاڻيءَ مان ٽپي سوکي شهر وياسين، اتي ڊٺل گهر هئا، جايون پڪيون ٺهيل هجن پر انهن جون ڀتيون ڊٺل هيون، اتان سرون کڻي آيس. هڪ سر ڏهن ڪلو جي هئي، جيڪا ٻه فوٽ ويڪري ٻه فوٽ ڊگهي هئي. اهي مٽيءَ جون ٺهيل هيون.
الهڏنو ٻاهوٽ کان موڪلائي اسين ڳوٺ رسول بخش مروا ۾ آياسين. اوطاق تي ڪچهري متل هئي، ان ڪچهري ۾ کارو ڇاڻ جو ذڪر هلي رهيو هو.
کارو ڇاڻ، هتي ڪنهن وقت ۾ درياهي بندر هو. ٻيڙين جو وڏو تڙ هوندو هو. کارو ڇاڻ شهر ۾ ٽيهن هزارن کان مٿي آبادي هئي. ساريون سَوَن کرارن ۾ ٿينديون هُيون. سوکيءَ جا ماڻهو محنتي هئا. هاري بنا ڍڳن جي زمينون آباد ڪندا هئا، انهن ماڻهن جو ساريال (سارين جو فصل) پوکڻ جو طريقو الڳ هو، جنهن زمين مَنجهه ساريون پوکيندا هُئا، اُن زمين کي پهرين ڳَڙَ (پَنو) ڦيرائيندا هئا، پوءِ اُن زمين مَنجهه پاڻي ڦيرائيندا هئا، اُهي ماڻهو زمين جا ڳَڙَ مضبوط (ٻَنا مضبوط) ٻڌندا هئا، تن ڏينهن ۾ مِٺو پاڻي ججهو جام هُئو، سنڌو درياههَ کي روڪ ٽوڪ ڪونه هئي. مِٺي پاڻيءَ جي ڪري سامونڊي پٽيءَ جا بندرگاههَ ٻيٽ ۽ درياهي ڪنڌيون، خوشحال ۽ آسوديون، مهاڻن ۽ ٻيڙائتن جا مَيلا مَتل هوندا هئا. درياههَ کي بند ڪونه هئا، درياههَ جي پڇڙيءَ وارا (لاڙي ۽ سامونڊي) ماڻهو سکيا هُئا، ٻي ڳالهه اِها ته درياههَ موج مَستي سان وهندو هو ته سمنڊ جي پاڻيءَ کي اڳتي اچڻ ڪين ڏيندو ۽ پوئتي ڌوڪيندو رهندو هو، تنهنڪري لاڙي ۽ سامونڊري پٽيءَ ٻيٽ ۽ بندر بازاريون آبادي وارا هوندا هئا. کارو ڇاڻ جا ماڻهو پوکي راهي جي ڄاڻ رکندڙ ۽ ماهر هئا. زمين کي ڳَڙَ ڏئي، اُن زمين ۾ مِٺو پاڻي ڇڏي پوءِ (زمين مان گاهه ڦٽڻ) زمين مَنجهه گاههُ ڦٽندو هو ته مال (جانور) ڇڏيندا هئا. مال جڏهن گاههَ چَرندو، زمين ۾ هلندو، اُهي پنهنجن پيرن سان لَتڙَ ڪندا هئا. جانورن جي لتاڙ سان اُها زمين نرم ٿيندي هئي ته پوءِ اُها زمين ساريال پوکي راهيءَ (سارين پوکڻ) جي لاءِ تيار ٿي ويندي هئي. هاري زمين جي حساب سان ٻج تيار ڪندا هئا. بِنا ڀاڻ جي ساريال جو فصل تيار ٿي پوندو هو.
ٻج تيار ڪرڻ جو طريقو:
کاري جا ماڻهو زمين جي حساب سان ساريال (سارين) جو ٻج ٻورين ۾ وِجهي پوءِ ٻورين جا مُنهن بند ڪري سِبي ڇڏيندا هئا، جنهن زمين ۾ ٻج پوکڻو هوندو هو، اُن زمين جي هڪ جاءِ تي کڏ کوٽي، اُن منجهه ٻِجَ واريون ٻوريون وجهي ڇڏيندا هئا.
اهي ٻوريون پاڻيءَ منجهه ٻن ڏينهن تائين پيون هونديون هيون. ٽئين ڏينهن تي زمين جي کڏي مان ٻوريون ڪڍي زمين جي ڳَڙَ ٻاهران سُڪي ڪناري تي پڙشَ (تڏا) وڇائي، ٻورين مان ٻج ڪڍي اُن پڙش (پڙش-گاهه جا قسم، جنهن مان تڏا ۽ توريون ٺاهيون وينديون آهن) تي هاري، پکيڙيندا هئا. هاري هٿن سان ٻج کي کنڊيڙي، کُلو (وائکو-ڇِڊو) ڪَري تنهن کانپوءِ اُن مٿان ٻيو پڙش ڏئي وري مٽيءَ جو راڳو ڏئي بند ڪندا هئا، جيئن انهن پڙشن جي اندر هوا نه وڃي. هِڪ يا ٻن ڏينهن کانپوءِ گرميءَ جي ڪري پڙشن جي اندر ۾ رکيل ساريال ٻج منجهان ”سُئي“ نڪري ايندي هئي. گونچ يا ٻج موري پوندو هو. يعني ٻج ڦٽي پوندو هو. پوءِ پڙش کي هٽائي ٻورين مان ٻج ڪڍي اُن کي ڪلاڪَ سوا جي لاءِ کولي يا پکيڙي(کنڊيڙي) رکبو هو، پوءِ ٽي چار مُڙس چيلهه سان گنديءَ (ڪپڙي) جو ڪانڀو ٻڌي، اُن ۾ ٻج وجهي، پوءِ زمين ۾ لَهي وڃي، ٻج اُڇلائيندا هئا، پوکيندا هئا. اهو کاري جي ماڻهن جو ساريال پوکڻ جو طريقو هو.
کاري ۾ سارين جي پوکي راهيءَ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ڳالهه ٻولهه ۾ جن دوستن حصو ورتو، انهن ۾ محمد ايوب مَروا بلوچ، شهباز مَروو بلوچ، شير محمد چانڊيو، بلوچ، وزير چانڊيو بلوچ، هنيد خان گنبو بلوچ، ولي محمد گنبو بلوچ، خميسو گنبو بلوچ، شاعر رشيد چانڊيو، ڪمال بلوچ، خان محمد گنبو بلوچ، بکر چانڊيو ۽ عبدالله چانڊيو. پوءِ شاعر رشيد چانڊيو کارائي پَٽن جي ڦٽندڙ حالتن بابت ڪچهريءَ وارن وارن کي نظم ٻڌايو.
مشهور ملڪن اندر، کارو ڪڏهن خوشحال هو،
ڪيئي ٿي رهيون، قومون، قومون هتي هن جو نه ڪو مثال هو،
هر ڏئي توڙ بُکيلا، هي وڏو هت ڍال هو،
هَو هاري ناري هتي، ماڻهو مَڙئي متوال هو،
اَن انباري هُئا هتي، ۽ ٻيو گهڻو هت مال هو،
کير لَسيون کوڙ هئا، کُٽو نه ڪِنهن جو خيال هو،
موج هئي مهراڻ جي، جَر مِٺو هت جال هو،
واهڻ هئا، وسنديون هيون، ناليون هيون نيڪال هو.
سَر بسر ساريون هُيون، خالي نه هت خال هو،
اڄ ڏٺم کارو وڃي، بي حد گهڻو بي حال هو،
سمنڊ سارو ويو کڻي، ظاهر مٿس زوال هو،
وَر چَڙهي وَيو، وِير جي، اهڙيءَ طرح احوال هو،
ويا ٻَنيون ٻارا ٻُڏي افضل نه ڪو في الحال هو،
جا گُذر ٿي ٿئي گهڙي، سا سوَ برابر سال هو،
ويا لڏي کارو ڇَڏي، جِن جو جيئڻ جَنجال هو،
هي ڇا مَنجهان ڇا ٿي ويو، قدرت سندو ڪمال هو،
سَي ڪير هُئا، ڪيڏانهن ويا، ڏس پَتا پڇندا هلو،
سنڌ جي هَر چيز تي، لِکُ ته ڪجهه لکندا هلو،
ورق رشيد تاريخ سندا، پڙهه ته ڪُجهه پڙهندا هلو.



سوکي بندرگاهه کان لڏي ويل ماڻهن سان ملاقاتون
اُتي خبر پئي ته ڪجهه ماڻهو ماستر ڪرم علي بلوچ جي دعوت تي آيا آهن. انهن جا وڏڙا سوکيءَ جا هئا. پوءِ ڏاڍو خوش ٿيس. شام جي وقت ماستر ڪرم علي ۽ باقر خان مروا انهن سان ملاقات ڪرائي. هڪ جو نالو ڪرمي بلوچ اوڙڪ صوباڻي، جنهن جي عمُر ستهتر (77) سال هئي. ٻيو مراد علي بلوچ هو. سائين ڪرم علي بلوچ صوباڻي احوال ڪندي چيو:
اسين هاڻي ڳوٺ ٻاٻيهو تعلقو ڪيٽي بندر ضلعو ٺٽو ۾ رهون ٿا، جڏهن اسان جي وڏڙن سوکي شهر ڇڏيو هو. اُن وقت جوان هُيس. سوکيءَ جي هر ڳالهه ياد آهي. ڪنهن مهل ائين لڳندو آهي ته. ڪالهه آيا آهيون. سوکي. واه. ڪرمي بلوچ ماٺَ ٿي ويو. هُن جي اکين ۾ آلاڻ اچي وئي، اکين تي هٿ ڦيري ڳالهه ڪرڻ لڳو.
ادا! سوکيءَ اسان کي هَر شئي ڏني، سوکيءَ ۾ سڀ سُک هُئا. سُک مان مُراد اَمن ڀريو شهر هجي، هر ڪو ماڻهو پکي پکڻ، پرديسي ماڻهو به سوکيءَ ۾ اچي اَمن ۽ پيار سان رهندا هئا. ڪوبه ڪنهن کي رَنجائي ۽ ڏکائي ڪونه پيو. هر ڪو (هندو، مسلمان، سک) هڪٻئي سان سِڪ ونڊي هلندو رهندو هو. پاڻ ۾ ائين ملندا هئاسين، جيئن سڳا ڀائر هُجن.
سوکيءَ ۾ سرڪاري آفيسون هيون، اُتي محالڪاري صاحب رهندو هو، سيڪنڊ ڪلاس ماجسٽريٽ رهندو هو. جنهن کي ڇَهن مهينن جي سزا ڏيڻ جو اختيار حاصل هو. اُنهن ڏينهن ۾ سوکي ۽ کاروڇاڻ ۾ جيل ڪونه هوندو هو، پر لاڏيون شهر ۾ هو. تن ڏينهن ۾ لاڏيون شهر شاهه بندر منجهه هو. شاهه بندر کي “محال” جو درجو هو، تعلقا پوءِ ٺهيا هئا. لاڏيون شهر هاڻ سجاول ضلعي ۾ آهي.
مان لاڏيون شهر جي “جيل” جو ذڪر ڪري رهيو هوس، سو پراڻو جيل اڃان لاڏيون ۾ آهي. سوکي شهر جي ڀرسان ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين، اسان جا مائٽ، عزيز رفيق سڀئي سوکيءَ ۾ هئا. منهنجو گهڻو وقت مائٽن ۾ گذرندو هو. سوکي شهر مون کي پنهنجي شهر جيان لڳندو هو. جواني وارا ڏينهن سوکيءَ منجهه گذاريا.
جڏهن سوکي ڦِٽو ته منهنجي عُمر 25 سال هُئي. واهه جو وقت هُيو. سوکيءَ جي اولههَ ۾ اسان جا 50 پنجاهه گهر هئا. سوکيءَ جي اوڀر ۽ اُتر۽ ڏکڻ ۾ به اسان جا مائٽ رهندا هئا. سوکي جي اُتر ڪاڇيل ۾ بازار هوندي هُئي. اُن بازار جي اولهه منجهه سارين جي مِل (ڪارخانو) هُئي. سوکيءَ جي بازار جي ڏاکڻ ۾ آفيسون هيون. بازار ۾ ماڻهن جو ميلو هر وقت متل هوندو هو. هر دڪان تي ماڻهن جي پيهه رش لڳل هوندي هئي. ڪو ڪنهن کي ميري اک سان ڏسندو ڪونه هو. بازار ۾ گهڻا دڪان هندن جا هوندا هئا، اُتي کٽي، جَت، شيدي، خاصخلي ۽ ٻين ذاتين وارن جا به دڪان هئا، پر گهڻو واپار وارو چلتو واڻين جي دڪانن تي هوندو هو. واڻين کي گراهڪن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو ڏانءُ ڏاڍو سٺو ايندو هو.
سوکيءَ جي بازار ۾ “ويرو هندو” جو درزڪو دڪان هو، اسين ان کان ڪپڙا سبرائيندا هئاسين. اتي مسلمانن درزي انهن جا دڪان هُئا. سوکي ۾ ٻاهرين ملڪن ۽ مختلف شهرن کان ججها ماڻهو ايندا هئا. انهن ماڻهن کي ڏسي هر ڪو پيو خوش ٿيندو هيو. جنهن وٽِ ڪو مهمان ايندو هو ته اهو ڏاڍو خوش ٿيندو هو. چوڻي آهي ته “ڪپڙن ۾ ماپندو ڪونه هو.” اُن مهمان کي ماني ٽڪي ۽ مٺايون ايتريون کارائيندا هئا جو مهمان کائي ڪونه سگهندو هو. ائين چئي ماٺ ٿي ويو. پوءِ ڪريم بلوچ صوباڻي ٿڌو ساهه ڀري چيو.
“واهه سوکي واهه.”
ڪچهري ۾ ويٺلن ماڻهن جي چهرن تي هلڪي مايوسي پکڙجي وئي. سڀئي سوکيءَ جي ڏکن جي ڏور منجهه ائين ٻڌل ويٺا هئا، جيئن جيل جي ماڙيءَ ۾ رَسن سان ٻڌيل قيدي ويٺا هوندا آهن. هر ڪو ماٺ جي مُٺ ۾ ڀڪوڙيو ويٺو هجي.
ڪريم بلوچ صوباڻي چوڻ لڳو.
شام جي ويلي تي سوکيءَ جي چئن پاسن کان وهندڙ دريائن جون هوائون، ٿڌڙيون ٿڌڙيون گهلنديون هُيون. درياءَ مِٺي پاڻيءَ سان تار وهندا هُئا. سوکيءَ جي پَٽن تي پکين جون جهونگاريون وري ويتر سهڻو مانڊاڻ مچائي وجهنديون هيون. سوکيءَ تي راڳ رنگ، ميلا ملاکڙا، هر پاسي ملوڪ مهمانن جون چوڪڙيون متل هونديون هيون. پوءِ ڇو نه سوکي جي سونهن ناچ ڪري ۽ ڳائي... واهه سوکي واهه... سوکيءَ ۾ ٻين شهرن مان ۽ ضلعن مان، پر سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ڀلوڙ فنڪار ايندا هئا. ملهه پهلوان ۽ ڳائڻا ۽ ڳائڻيون اينديون هيون. فنڪارن کي وڏو مانُ مِلندو هو، کين جَهجو ڏوڪڙ پيسو سوکيءَ جا ماڻهو ڏيندا هئا. ڪي سوکيءَ جا ماڻهو پهلوانن، فنڪارن، ڳائڻن ۽ ڳائڻين کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيندا هئا. فنڪارن جون مانيون ڪندا هئا. هر ڪو چوندو، خوش ٿيندو هو ته اڄ رات فنڪار رات جي ماني تي مون وٽ ايندا.
سوکيءَ ۾ مون ڪيترن فنڪارن جا راڳ ٻڌا، راڳيندڙن جا راڳ ماڻهن جي مَن کي ريجهائي ۽ روئاري وجهندا هئا. سوکيءَ ۾ مهمان جو وڏو قدر هوندو هو. سوکيءَ جي مهمان نوازي ملڪن تائين مشهور هئي. سوکيءَ ۾ ڪنور ڀڳت ايندو هو. جيوڻي مائي، ماستر چَندر جي سُريلي آواز ۾ سوکيءَ جو شور گونجڻ لڳندو هو. پري پري تائين درياهه جون هوائون ماستر چندر جي ڪلام کي کڻي وينديون هيون. ماڻهن جا وڏا ٻيڙا ڀرجي ايندا هئا. ماستر چندر، ڪنور ڀڳت ۽ جيوڻيءَ جي آواز تي ماڻهو مَست هوندا هئا.
سوکيءَ ۾ سُليمان شاهه کي ڏٺو. اُن جو ناچ ۽ راڳ نرالو هوندو هو. سوکيءَ جي ماڻهن کي جهومائي وجهندو هو. ٻيا فنڪار محمد خان خاصخيلي، حُسين مرگهل کي ٻڌو. اهي فنڪار ڪنهن کان گهٽ ڪونه هُجن. راڳ رنگ جون محفلون چانڊوڪين راتين ۾ گهڻيون ٿينديون هيون. چنڊ جي مِٺي ۽ ٿڌڙي روشنيءَ ۾ راڳ ٻڌڻ جو مزو اچي ويندو هو.
سوکيءَ جا ماڻهو راڳ رنگ کان علاوه گهوڙن ۽ اُٺن ۽ ڀليون مينهون ڌارڻ جا شوقين هئا. جانورن سان گهڻو پيار ڪندا هئا ۽ شوق سان پاليندا هئا. سوکيءَ جا ماڻهو وڏا مالدار ۽ ڀَلن گهوڙن ڌارڻ جا شوقين هئا. سوکيءَ ۾ پَنَ“ (گاهه) جي وڏي پيدائش ٿيندي هئي، جنهن مان تڏا، تنوريون ۽ پڙش ٺهندا هئا. سوکيءَ بندرگاهه جي اوسي پاسي وارو ماڻهو سوکيءَ مان ”پَنَ“ خريد ڪري اُن جا ٻيڙا، ٻيڙيون ڀرائي پنهنجن گهرن ۽ ماڳن ڏي کڻي ويندا هئا.
سوکيءَ جي ڀرپاسن ۾ رهندڙ ماڻهن جو اِهو به ڌنڌو ۽ گذران هوندو هو. جو اُهي گهرن ۾ عورتون “پَنَ” مان تڏا تنوريون، پکا، کارا، کاريون وڪڻڻ جي لاءِ ٺاهينديون هيون، انهن تي سُگهڙ عورتن جي هٿَ جي هنر جا ڪمال ڏسڻ ۾ ايندا هئا. سوکيءَ منجهه ”عوسو شيدي“ جي هوٽل مشهور هئي، اوسو شيدي ٺاهوڪو درزي به هو. وڏا وڏا، مالدار سوکي جا ۽ ٻين تڙن جا ڪيترائي ماڻهو ”اوسو شيدي“ کان لڳڙ ٻڳڙ (لٽا ڪپڙا) سبرائيندا هئا. بازار ۾ جتن جا وڏا دڪان هوندا هئا.
اسين روزانو اوسو شيديءَ جي هوٽل تي چانهه پيئڻ ويندا هئاسين. سوکيءَ ۾ اسان جي مائٽن جون زمينون هُيون، جن ۾ ساريال (سارين) جو فصل ڀلوڙ ٿيندو هو. اسان جي وڏڙن ۽ عزيزن وٽ زمينون هيون. انهن جا نالا صديق رَجيرو، حاجي رَمون رجيرو، حاجي قادر بخش رجيرو، سوکيءَ ۾ شيدي، جَت، خاصخيلي ۽ ٻين ڪيترن ماڻهن جون زمينون هُيون. سوکيءَ ۾ ڪيترن ئي ذاتين وارا ماڻهو رهندا هئا. ائين لڳندو هيو، سي اسين سڀ هڪ ويڙهي جا آهيون. اسان سوکي وارن جي پاڻ منجهه اهڙي سِڪ پريت هئي، جو ٻيا ماڻهو سوکي جي ماڻهن جو مثال ڏيندا هئا. تڏهن سوکيءَ کي “سک پريت” ۽ سُکن وارو شهر چوندا هئا.
هَير (هينئر) سوچيندو آهيان ۽ خيالن ۾ سوکيءَ شهر ۽ وهندڙ درياهن کي ڏسندي، اندر وڍجي پوندو آهي. جڏهن سنڌو درياههَ جي مَستي ۽ هستي سان کيچل ٿي، پاڻي رُڪي رُڪي اَچڻ لڳو ٿي. سامونڊي پٽيءَ ۽ درياهن تي رهندڙ ماڻهن کي کُٽڪو ۽ اندر منجهه کائڻ لڳو. ڪٿي ائين ته ڪونهي، سنڌ جي سامونڊي پٽي کي سڪائڻ جي لاءِ پاڻي کي روڪيو وڃي ٿو. اهو اُلڪو هر ڪنهن کي اندر ۾ کائڻ ۽ مارڻ لڳو. جنهن شيءِ جو ڊپ هيو، ائين ٿيو. پنهنجن ماڻهن ئي لاڙ ۽ سامونڊي پٽن تي وسندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي حياتي کاري ڪئي. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي وجهه ملي ويو. اهو اڳتي وڌڻ لڳو. آباد زمينون جن کي کارو پاڻي اندران ئي اندران کاڄ هڻي، اُن جي مِٺي جَر کي کارو ڪري رهيو هو. پوءِ ڏسندي ڏسندي آبادي واريون زمينون ڪلراٺجي ويون. فصل سُڪندا ويا، ماڻهن جا روزگار ڦٽندا ويا. جڏهن گذر سفر وارا وسيلا تنگ ٿي ويا پوءِ ماڻهن لڏ پلاڻ ڪرڻ لڳا.
سوکيءَ مان واڻيا هليا ويا. اهي 1947- 1948ع ڌاري حالتن جي رُخ کي سمجهندي آهستي آهستي سوکي مان وڃڻ لڳا. ڪجهه هندن پنهنجون جايون سوکيءَ جي ماڻهن کي مفت ۾ ڏيندي ائين چيو “جي موٽي آياسين ته اسان کي موٽائي ڏجو، جي وري ورڻ نه ٿيو ته اِهي جايون ۽ دڪان ۽ زمينون اوهان جون ٿيون.” پوءِ سوکيءَ جا واپاري ماڻهو پنهنجا ڪک ڇڏڻ لڳا. پنهنجيون جايون ۽ دڪان مفت ۾ ۽ سستي اگهه ۾ ڏئي هليا ويا. مون کي ياد آهي “ريلو واڻيو” رهي پيو هو. پوءِ اهو مسلمان ٿيو. ان جو ”عبدالقادر“ نالو رکيئون، ٻيو هندو، اهو به مسلمان ٿيو، ان جو نالو ”نورمحمد“ رکئون. ٻنهي کي مون ڏٺو هو. نورمحمد کي هَير (هينئر) اولاد آهي.
سوکيءَ جي بازار ۾ ”ويرو درزي“ جو دڪان هُيو. هو ٺاهوڪو درزي هجي. اهو لڏي ڪونه ويو. لاڏيون شهر کان اُتر ۾ جيئي شاهه (شاهه يقيق) جي مزار آهي. سوکيءَ شهر جي ڦٽڻ کانپوءِ ”ويرو هندو“ ان مزار تي وڃي رهيو ۽ ڪجهه سالن کانپوءِ اتي ئي دم ڏنائين. ”ويرو هندو“ کي ساڙيو ڪونه ويو، کيس اتي ئي دفنايو ويو.
هاڻ اسين ويٺا واجهايون ڪڏهن مِٺو، ڇُڙيو، لڙيو پاڻي سامونڊي پٽين ۾ پالوٽ ڪري ايندو ۽ ڪنڌيون سايون آباد ٿينديون.

سوکيءَ جي پاسي ۾ مُٽڻي درياهه تي جُمڙو ڳوٺ هو. هي ڳوٺ منهنجي ڏاڏي جي نالي تي هو. سوکي بندرگاهه تي هفتي ۾ دوستن سان، عزيزن سان گڏ ويندو هوس. ديوان جي دڪان تي مٺائي شوق سان کائيندا هياسين. پوءِ گهر جو سيڌو سامان وٺي واپس ورندا هئاسين.
واڻ درياهه تي ڳائڻي جيوڻي آئي، اُن جو راڳ ٻڌوسين. واڻ درياهه تي قاسماڻي جَت رهندا هئا. اهي وڏا شوقين هوندا هئا. راڳ رنگ جون محفلون ڪرائيندا هئا. سوکي شهر ۾ ملاکڙو ڏٺوسين، پير سيد شاهه ملاکڙا لڳرائيندو هو. مون کي مَلهه پهلوانن جا نالا ياد آهن. چُڍي دبلو، حُسين سوڍائي، گدا شيدي، ريڍار مَلهه ذات جو مالهيو، هارون پاتڻي وڏو مَلهه هو. سوکي شهر ۾ جمعي جي ڏينهن ملاکڙو لڳندو هو. اُن ۾ کارو ڇاڻ جا ملهه به حصو وٺندا هئا.
عبدالله شيدي، ميڙائو مُهاڻو، آچار سُوٽو، عثمان لاشاري، ساندو چانڊيو، مامو خليفو، ڇاڱو خاصخيلي (هن کي ٻه آڱوٺا هئا. تنهنڪري ڇاڱو چوندا هئا) ملهه هو. ڳوٺ رسول بخش مروا بلوچ ۾ ٻه ڏينهن رهڻ کانپوءِ باقر خان مروا سان گهارو شهر آياسين، باقر خان مروا پوءِ واپس ڳوٺ هليو ويو.

محمد عمر خاصخيلي کيرواڻي
شام جي وقت عيسو خاصخيلي کيراڻي جي جاءِ تي بادام جي وڻ جي هيٺان ويٺو هوس. ڀرسان الهڏنو خاصخيلي ويٺو هيو. ايتري ۾ ٻه همراهه اوطاق ۾ آيا. انهن جو تعارف الهڏني ڪرايو.
ادا! محمد عمر خاصخيلي کارو ڇاڻ جو آهي. هن جي عمر 85 سال کن آهي ۽ هيءُ محمد سومار ولد رمضان سهتو، هن جي عمر 90 سال آهي، پوءِ محمد سومار چوڻ لڳو. پوءِ انهن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. محمّد عمر خاصخيلي پٽ عبدالله خاصخيلي سوکيءَ جي يادگيرين بابت احوال ٻڌايو.
اسان جو ڳوٺ درياهه کڻند ۽ درياههَ وَٺو، انهن ٻنهي درياهن جي وچَ ۾ هو، ديهه ٻَيٽڙي، کارو ڇاڻ جي پاسي ۾ ڳوٺ هو. اتي خاصخيلي ماڻهن جا ڇَههَ سئو گهر هُجن، اتي چوڏهن سئو ايڪڙ زمين هئي. ان ۾ ساريال (سارين) جو فصل ٿيندو هو. انهن ڏينهن ۾ ٻارنهن مهينا مٺو پاڻي وهندو هو. ساريال فصل جهجهو ٿيندو هو، دادو، لاڙڪاڻو، ميرپور، سانگهڙ حيدرآباد ۽ سکر جا ماڻهو سوکي ۽ کارو ڇاڻ ۽ ڀرپاسن تي، درياهن تي لابارو ڪرڻ ايندا هئا. ساريال جا لابارا ٽي چار مهينا هلندا هئا. اهي ماڻهون ٽي چار مهينا ٽڪي پوندا هئا. پوءِ سوکيءَ جا ماڻهو ۽ کاري ڇاڻ جا ماڻهو انهن کي کير ۽ مکڻ جي لاءِ ڏُڌي (مينهن) مفت ۾ ڏيندا هئا. اهي جيترا مهينا رهندا هئا، ڏُڌي (مينهن) انهن وٽ هوندي هئي، اهي جڏهن ويندا هئا ته ڏُڌي واپس ڪندا هئا. انهن ماڻهن کي شام جو ڪاٺين جي ڀَري ۽ اَن جي ڀَري به مفت ۾ ڏيندا هئا. جيئن اُنهن جا ٻچڙا بک تي نه ويهن ۽ لنگهڻ نه ڪاٽين.
کاري ڇاڻ ۾ اسڪول هو، اسين اتي پڙهندا هاسين (هئاسين)، سوکيءَ ۾ اسڪول هو. پوءِ استاد اسان ٻارن کي سوکيءَ وٺي ويندو هو. سوکي جي اسڪول ۾ ٻارن سان چٽا ڀيٽي جا امتحان ڪرائيندو هو. جيڪي ٻار کٽي ويندا هئا. انهن کي انعام ۽ شاباس ڏيندا هئا. اسڪول واري زماني ۾ سوکي ڏٺوسين، هن وقت به اهي ڏينهن ۽ اسڪول وارو زمانو ياد ايندو آهي. اسان جو وَٺَو درياههَ جي ڪنڌيءَ تي ريزڪي جو دڪان هو. اُن دڪان ۾ ريزڪيءَ جي سامان سان گڏ، ڪپڙو لٽو، ٺڪر جا ٿانوَ به رکيل هوندا هئا. هڪڙي ڏينهن آئون دڪان تي ويٺو هوس. وٺو درياههَ جي ڪنڌي سان ٻيڙي لنگهي، ٻيڙي ۾ مائي ويٺي هجي ۽ چار پنج مرد به ويٺا هُجن. ٻيڙيءَ منجهه ويٺل مائي سُرسان ڳائي رهي هئي. ڪلام جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو. ڌيان ٻيڙي ڏانهن هليو ويو.
صبح مِليم سومرا، وَٺي جون واڌايون،
سانوڻ سوڙهه لائي، ٿيون ساڻي منجهه سڻائي.
پوءِ خبر پئي ته اُها ڳائڻ واري مائي “جيوڻي” هُئي، واڻ درياهه تي ڳائڻ وڃي پئي. وَٺو درياهه جا ماڻهو تيار ٿيا، هر ڪو خوشيءَ ۾ چوندو وتي پيو... “هلو واڻ درياهه تي هَلو... جيوڻي آئي آهي.” پوءِ سڀني تڙن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو سنبريا ۽ ٻيڙين ۾ چڙهي ‘واڻ’ درياهه تي ويا. انهن ڳوٺن جا نالا ياد آهن.
حاجي هارون سمون ڳوٺ، حاجي چَنڊُو رونجهو ڳوٺ، حاجي قادر بخش بلوچ ڳوٺ، آمو خاصخيلي ڳوٺ، عبدالرحمان شيديءَ جو ڳوٺ، حاجي قاسم جت جو ڳوٺ، کارو ڇاڻ شهر، اسحاق اتراديءَ جو ڳوٺ، سيد ڪريم ڏنو شاهه ڳوٺ، صديق بلوچ ڳوٺ، حاجي صالح جت ونگائي جو ڳوٺ، مامو ڪڇيءَ جو ڳوٺ، خمو مالهيو جو ڳوٺ، الهڏنو مالهيو جو ڳوٺ، يعقوب مالهيو جو ڳوٺ، جمعو مالهيو جو ڳوٺ، موسيٰ مالهيو جو ڳوٺ، موسن خاصخيلي ڳوٺ، دائود چيرو ڳوٺ، علي خاصخيلي ڳوٺ، سومار چيرو ڳوٺ، ڪاڪ ڳوٺ، مبارڪ ڳوٺ، کارائي ڳوٺ، محمد سَمون ڳوٺ، چارڻ ڳوٺ، حاجي لونگ جمعو ڳوٺ، آڏڙي ڳوٺ.
مائي جيوڻي جي راڳ کي ٻڌڻ لاءِ سڄي تر جا ماڻهو ۽ پري پري جا ماڻهو آيا. واڻ درياهه تي ميلو مچي ويو. مائي جيوڻي کي مَردن پئسا گهڻا ڏنا، پر ماين (عورتن) به وَس کان ڪونه گهٽايو هو. انهن هَٿَ جون ٺاهيل رليون، وهاڻا، گهرا کڻي اچي جيوڻيءَ کي تحفي ۾ ڏنيون، اُهي رليون ۽ وهاڻا وڏا قيمتي هئا. انهن تي هٿ جي هُنر جو سهڻو ڪم ٿيل هُجي.
ڪي عورتون گنديون (پوتيون، روا) آڻي جيوڻيءَ جي مٿان وڌيون، اُهي چنريون ۽ ٻانڌڙيون (گندين جا قسم) جيڪي مشهور هُيون. هونئن به سنڌ جون ثقافتي شيون ڏيهه ۽ ڏيساور تائين مشهور رهيون آهن. سامونڊي پٽيءَ جي ڪنڌين تي وڏا راڳ ٿيندا هئا.
اسان سوکيءَ مان ڪنڀارن کان ٿانوَ وٺي ايندا هئاسين.حاجي موسو ۽ يعقوب ڪنڀار اهي ٻئي ڀائر هئا. انهن جو خاندان هن وقت حيدريءَ ۾ آباد آهي. اهي ڪپڙي جو ڪاروبار ڪن ٿا. گهارو شهرجي نئين آباد يعني وچ وارو حصو چئجي ٿو. اتي حاجي ابراهيم ڪنڀار جو ڪپڙي جو دڪان آهي ۽ اُن جي پٽ حاجي لطيف ڪنڀار جو به ڪپڙي جو دڪان آهي. هينئر گهارو شهر ۾ ڪنڀارن جا ڪپڙي جا دڪان آهن. پوءِ محمد عمر خاصخيلي ۽ محمد سومار سهتو موڪلائي هليا ويا.
احمد خاصخيلي ابراهيم حيدري
ڪجهه ڏينهن اڳ پياري دوست ايوب شان سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. انهيءَ ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهو سوکي کان لڏي، حيدري ۾ اچي آباد ٿيا هئا، انهن مان ڪي حيات آهن، ڪي ابراهيم حيدريءَ جي پاسي (ميمڻ ڳوٺ) ۾ رهن ٿا. شام جو جليل کٽي ۽ آءٌ گڏجي ابراهيم حيدري وياسين.
ريڙهي مياڻ کان ابراهيم حيدري بندرگاهه تائين ويهن منٽن جو سفر هَجي. اسان ابراهيم حيدريءَ ۾ فشر فوڪ فورم پاڪستان جي آفيس ۾ پهتاسين اُتي ايوب شان انتظار ۾ هو. پوءِ اسين آفيسن مان نڪري پنڌ هلندا، ابراهيم حيدري شهر جي سنهڙين گهٽين مان هلندا اچي احمد خاصخيليءَ جي گهر آياسين. اتي ڪچهري ڪندي خبرون چارون پُڇندي احمد ٻڌايو ته
“سوکيءَ ۾ سُک ئي سُک هو، ائين سمجهو سوکي شهر نه پر سک جو گهر” هجي. اسين سڀئي هڪ گهر جي ماڻهن وانگر رهندا هئاسين، اتي ڪوبه ماڻهو پيٽ بکيو ستو ڪونه، نه بُک ۾ ماڻهو ڪو مُئو. سوکيءَ جا ماڻهو هر ڪنهن جي سار لهندا هئا ۽ آيل ماڻهن جي وڏي مهمان نوازي ڪندا هئا. سوکي بندرگاهه کان ٻيڙين وارا گذرندا هئا ته انهن کي سڏي کير مکڻ ڏيندا هئا. ڇو ته ڀاڳين ماڻهن جو شهر هجي، هر ڪنهن وَٽ چوپائي مال جا وٿاڻ هوندا هئا، سو کير مکڻ جام ٿيندو هو.
اسان جا پڙ ڏاڏا ميرپورخاص جا هئا. اسان جو ڏاڏو ميرپورخاص مان لڏي اچي سوکيءَ جي ڀر ۾ ڳوٺ ڪريم ناڻي بچلاڻي ۾ ويٺا. اسان جو هتي لڏي اچڻ جو سبب اهو هو ته اسان جي وڏڙن ”سوکيءَ جي سک“ جي ساک ۽ هاڪ ٻڌي هئي.
جنهن ڳوٺ ۾ اسان جو ڏاڏو اچي رهيو هو، اهو اَٺَ ايڪڙن تي هو. اسان جي وڏڙن سوکيءَ ۾ هٽ کوليو. جڏهن “سُکيا پر” ٿيڻ لڳاسين ته پوءِ سوکيءَ ۾ زمين ورتي سون. اسين پاڻ هارپو ڪندا هئاسين. اسان جو ڏاڏو واپار ڪرڻ لڳو. هي ٻيڙين ۾ ساريون ۽ چانور ڀرائي ڪراچي کڻي ويندو هو. اتان هَٽَ جي لاءِ جنس (سامان شيءِ، وکر وڙو وغيره وٺي ايندو هو. اسان جي وڏڙن سان سوکيءَ جي واڻين جي وڏي سِڪ پريت هئي، جڏهن واڻيا ويا پئي ته روئڻ لڳا، سڀني کان روئي موڪلايائون. اسان جا وڏڙا به روئي ويٺا.
سوکيءَ مان واڻيا هليا ويا هُجن. پوءِ سوکيءَ ۾ اُهو رنگ ۽ واپار چَلتو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. سوکيءَ واڻين کانسواءِ خالي خالي لڳندو هو. ڄڻ شهر کٽل هوندو هو. پوءِ سوکي ڦٽندو ۽ کٽندو ويو. جڏهن هندو ويا پئي ته انهن زمينون مسلمانن کي ڏنيون ۽ چيائون ”جي واپس وري آياسين ته اسان کي موٽائي ڏجو، نه ته اوهان جون ٿيون.
هڪ ڀيري اسان جو مائٽ سير ڪريڪ تي شڪار گهورڻ (مڇي مارڻ) ويو، اتي پڪڙجي پيو. انڊيا نيوي وارن هن کي پڪڙي وڌو، انهن جو آفيسر هندو هو. ان پڪڙيل ٻيڙين وارن کان پار پتا پڇيا، ڪير آهيو؟ ڪٿان آيا آهيو؟ وغيره انهن هر هڪ خلاصي کان پڇيو. محمد صديق خلاصي کيس چيو.
”اسين سوکي بندرگاهه کان آيا آهيون.“ آفيسر سوکي بندرگاهه جو نالو ٻُڌي ڪا گهڙي خاموش ٿي ويو. پوءِ ٻيڙين وارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ لڳو. پوءِ ان آفيسر پنهنجي باري ۾ ٻڌايو. اسان جا وڏا جڏهن سوکي مان لڏي رهيا هئا ته سوکيءَ جي ماڻهن اسان جي وڏڙن سان سٺو سلوڪ ڪيو هو. مون کي پنهنجا پيءُ ماءُ سوکيءَ جي ماڻهن جي محبتن ۽ انهن جي عزيزائپ جي باري ۾ ٻڌائيندا هئا. وڏڙن جون ڳالهيون ياد آهن، تنهنڪري توهان کي ڇڏيان ٿو.
سوکي ۾ اسان جي پنجاهه ايڪڙ زمين هئي. چار گهوڙا هئا. انهن ڏينهن ۾ خوشحال ماڻهن وٽ گهوڙا هوندا هئا. جڏهن سوکي ڦٽو ته اسان پنهنجي زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊُڪ ڊوڙ ڪئي، صرف 16 سورنهن ايڪڙن جي رقم ملي هئي. اسان شاديون پنهنجي ذات وارن مان ڪندا هئاسين، چنڊ جي سائي ۾ شاديون ٿينديون هيون. چنڊ جي پهرين رات کان چوڏهين چنڊ تائين اهي سايون راتيون ليکبيون هُيون، جن ۾ شاديون ٿينديون هيون. سايون راتيون معني سوجهري ۽ چانڊوڪي واريون راتيون.
سوکيءَ جي ڦٽڻ کانپوءِ اسان جا وڏڙا “درياهه آباد” تي اچي ويٺا، درياهه آباد (لياري، کڏو، ميمڻ سوسائٽي، ڪراچي لياريءَ درياهه آباد کارا در وغيره) وارو علائقو هو. اسان جي وڏڙن ”درياهه آباد“ تي نوراني مسجد ٺهرائي هئي. جنهن ۾ منهنجو نانو ”ميان جي محمد يوسف خاصخيلي هو. اُن مسجد جي سار سنڀال لهڻ، ٻانگ ڏيڻ يا ڪو اعلان ڪرڻ واري کي ”ميان جي“ جي لقب واري نالي سان سڏيندا هئا.
هڪ واقعو ٻڌايان ٿو ته ”انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسان جا وڏڙا حج تي پيادل ويا هئا، منهنجو پيءُ بچل ان سان ٻيا به ڳوٺ وارا ماڻهو هُجن. رستي ۾ هڪ جاءِ تي پڪڙجي پيا، اتي مهينو قيد ۾ هئا. اهو قيد ڪاٽي پوءِ حج تي ويا. بابا گهر کان نڪرڻ وقت امڙ کي روڪ پنجاهه روپيه ڏئي چيو هو. هي پئسا گهر جي خرچ پکي لاءِ رک، اسان کي ڳچ مهينا ٿيا سگهي ٿو ته سال کن لڳي وڃي.

عيسيٰ خاصخيلي پٽ حاجي سومار خاصخيلي کيرواڻي
عيسيٰ خاصخيلي کيرواڻي پٽ حاجي سومار خاصخيلي کيرواڻي ڳوٺ علي کيرواڻي خاصخيلي ديهه بَبلو تپو ببلو، ببلو به واڻيون هندو هو، جنهن جي نالي سان ديهه آهي، تعلقو کاروڇاڻ
آئون ستونجاهه سالن جو آهيان. ديهه سوکي ۽ ديهه بَبلو اُن جي وچ تي ”علي کيرواڻي“ ڳوٺ ۾ ويٺل هئاسين. اسان جو ڳوٺ سوکي کان ٽي ڪلوميٽر پري اتر طرف هجي. علي کيرواڻي ڳوٺ جي اوڀر پاسي ۾ مُٽڻي درياهه ۽ ڏکڻ جي پاسي ۾ ميرواهه درياهه جو وڏو بندرگاهه سوکي هيو. علي کيرواڻي ڳوٺ ۾ اسان جا پنجاهه سٺ گهر هئا. اهي سڀئي کيرواڻين جا هئا. مالوند ماڻهو هئا. اهي سڀئي هارپ ڪندا هئا. محمد موسي! ملڪاڻي وڏو زميندار هو. تنهن جا هاري هئاسين، تنهن چار سئو (400) ايڪڙ زمين اسان کي کڻائي ڏني. ان زمين ۾ جيڪي فصل ٿيندا هئا، ساريون، رتڙيون، کسرو. هن ساريءَ جو قد مڙس جيترو هوندو هو. سُڳنديا (سڳداسي) ڪامبر چانور، هي چانور چاليهن ڏينهن ۾ تيار ٿيندو هو.
باسبتي چانور جام ٿيندو هو. ان کان علاوه چيٽ جا فصل واٽئي واٽا زمين ۾ ٿيندا هئا. جنهن ۾ مُور مٽَر، اڙو ڪاري، اڙد سائي، مڱ، لاهوري گجر، پتائي گجر، موري وٽاڙ رول، جنهن جي ڀاڄي ڀلي ٿيندي هئي، شوق سان کائيندا آهيون. ٻاجهر، جوئار. ان کان علاوه اسان جي زمين ۾ باغ هئا. گنگو باغ، ٻيرن جا باغ، گدامڙين جا باغ، ٻيڙين جي پنن جا باغ، پرڏيهي وڻن جا باغ اسان جي زمين ۾ ميرون جا ڀَلا وڻ هئا، انهن جا وڻن جا نالا... ڄمون، کٽوبڙا، گدامڻي، ٻيرَ، صوفي وڏا ٻير، ناريل کٽي آمري، ڄام جا وڻَ (ڄام ذات به آهي) انبَ ليمان، سوپارين جا وڻ هوندا هئا، انهن جو قد ٽن فوٽن کان پنجن فوٽن تائين هوندو هو.

ٻٻَر ۽ ٻيرن جا ٻيلا هئا. پرڏيهي وڻ، ڪَئي جو وڻ. هن وڻ مان کئونر ٿيندو آهي. حڪيم ڪَئي جي وڻ جي کئونر مان مردن جي طاقت واري دوا ٺاهيندا هئا. پرڏيهي وڻ، هن وڻ ۾ ڦريون ٿينديون هيون، ماڻهو وڻ مان ڪچيون ڦريون پٽي (کائيندا) هئا. سَريل وڻ، هن وڻ جي ڪاٺي ڏاڍي مضبوط ٿيندي هئي. سريل وڻ جيترو پراڻو اوترو ان جي ڪاٺي مضبوط ٿئي ٿي. بڙ جي وڻ مان حڪمت جون شيون ٺهنديون هيون. گيدوڙي جو وڻ، هن جي ڪاٺي مضبوط ٿئي ٿي. هن جي پن مان ماڻهو ٻيڙي ٺاهيندا هئا ۽ ڇڪيندا هئا ته ان ۾ تماڪ وجهندا هئا. اسان وٽ جڏهن برساتون پونديون هيون ته انهن ۾ وليون ٿينديون هيون. ولين جا قسم... گولو (ول) هي ول تي چڙهي ويندي آهي. هن جو ڦر گول چماٽي جهڙو ڳاڙهو ٿئي ٿو. هن جو ڦر ماکي کان وڌيڪ مٺو مصري ٿئي ٿو. سنگرال (ول) هن وڻ جو ڦر قد ۾ ڀينڊي جيترو ٿيندو آهي، پر ڀينڊيءَ کان سنهڙو، عورت جي سنهڙي آڱر جيترو ٿئي. ٽوهه (ول) هن جو ڦر دوائن ۾ ڪم اچي ٿو. منڍيري (ول) گرمي جي موسم ۾ وڏي فائدي واري آهي.کُنڀيون پيدا ٿين. هن جي ڀاڄي سٺي ٿيندي آهي.
اسان جا سڀ فصل واٽائو هئا. سواءِ سارين جي لهڻ کانپوءِ ان زمين ۾ چيٽ ڪندا هئاسين، چيٽ جا فصل بغير پاڻي جي ٿيندا هئا. واٽائي ۽ واٽا جي معنيٰ اها زمين جنهن کي پهرين هر ڏئي پوءِ تَرَ ڏيندا هئا.
تَرَ جو طريقو
ڇهه فوٽ ڊگهي ڪاٺي جيڪا سوا يا ڏيڍ فوٽ ويڪري هوندي هئي. ان سان کيڙيل زمين کي سرخو ڪِينداسين، يا تَرَ ڏينداسين ته پوءِ اُها زمين سَڙجي سنئين ٿي ويندي هئي. پوءِ ناڙي ڪينداسين ۽ ٻج ڇٽيندا هئاسين. ان زمين ۾ اڳ ساريال فصل هيو.
پوءِ جليل کٽي ۽ مان دوستن کان موڪلائي ريڙهي آياسين. ڊاڪٽر چيو، “هلو ته گُهچ سان ملون.”
ريڙهي مياڻ ۾ محمد حسن گهچ جي گهر ۾ قاسم ولد زين موساڻي، موساڻي پاڙو محمد حسين ولد عمر ڍوراڻي پاڙو دريائي، گهچ موساڻي (بک جي گهاڻي) ڪچهري ۾ هر ڪنهن زندگيءَ جو هڪ واقعو ٻڌايو.
ادا! درياهه جي ڌنڌي ۾ اسان سان واقعا الائي ٿيا آهن، ڏانڊي درياههَ تي وياسين. هوڙيءَ ۾ پنج خلاصي محمد حسن موساڻي، محمد صديق موساڻي، محمد موسيٰ موساڻي، محدم قادر موساڻي، محمد جمن موساڻي ۽ آءُ محمد قاسم موساڻي شام پوڻان ڇَهه يعني وچين کان اوير آکڙ جو ٽيم هُجي. وڏن سانن جو وقت، ڪلو ۾ ٻارنهن تگرنهن سانا تُرندا، ايڏا وڏا اسان مارڻ وياسين.
درياهه منجهه شڪار تي ويندڙ ناکئان ۽ خلاصين سان زندگي ۽ موت جا واقعا ٿيندا رهندا آهن. پر هڪڙو ڏانڊي وارو واقعو جيڪو ٻڌايان پيو. ايڏي وڏي لَهر اُٿي جيڪا هوڙي تي آئي، هوڙي کي ائين وڪوڙي ويڙهي وئي جيئن ڪپڙي جو تاڪيو ويڙهبو آهي. ايئن ويڙهجي وياسين. پوءِ اسين هوڙي مان ڇلانگ ڏئي پاڻ کي آجو ڪري پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳاسين. ٻيو پاڙي وارو هوڙو جيڪو موساڻي ابلو جو هو. اُن اسان کي پاڻي مان کنيو ۽ پانجي هوڙي ۾ پاڙهيو. پوءِ ان اسانجي ٻڏل هوڙي کي ڇيڙو ٻڌي تڙ تي آندو.
ڪاجر درياءَ کان ناکئي چيو ته هلون، رات جي اُن مهل اونداهي هجي. واءُ تيز پيو لڳي. اسين کلئي سمنڊ مان ٻاهر اچون پيا. تقريبا ويهه يا ٽيهه واٽون ڪنڌي کان ٻاهر هُجون اُتي ناکئي جي مت مُجها وئي، ناکئي جو دماغ نه پيو ڪم ڪري. پوءِ ناکئي مکي سڏ ڪيو.
قاسو! ٻڌاءِ هير ڪهڙي نَرَ تي آئيون (آهيون)؟
ناکئا! اونداهي الائي آهي، واءُ وڌندو پيو اچي، سُڌ نه پئي!! مجرو (هوڙي جو منهن) تل تي ڪر.
ناکئو، قاسو جي ڳالهه سڻي هوڙي جو مُجرو تل تي ڪِو ۽ قاسو ماندا (موري وارو حصو) هوڙي ۾ بيهِي ونجهه تانگهائي بيٺو، پر وَنجهه نه پيو لڳي، هوڙو هليو پيو اچي، واءُ تيز هجي، خلاصي اڌ ۾ جهليا پيا آئن!، ناکئي جو دماغ ڪم نه پيو ڪري، خلاصي پريشاني منجهان اکئي جي مُنهن پيا نارين، قاسو ونجهه تانگائيندو پيو اَچي، نيٺ ونجهه اچي دوڻي ۾ لڳو.
ڊاڪٽر جليل کي ڪا ڳالهه ياد آئي، مون کي اشارو ڪري چيائين، “ادا! اٿ ته هلون، موساڻي پاڙي ۾ چاچا محمد پٽ عرس خاصخيلي وڏي عمر جو ماڻهو آهي، جنهن سوکيءَ کي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. هل ته هلي ان سان ٿا ملون.”
پوءِ اسان دوستن کان موڪلائي چاچا محمد جي گهر آياسين. چاچا محمد ولد عرس خاصخيلي، جنهن ‘‘سوکيءَ جو سُک اکين سان ڏٺو’’.
‘‘ابا! اُهي سوکي جا سک، چڱن مڙسن جا فيصلا، محبتي ماڻهن جون محفلون......واهه.......... سوکي تو جي سونهن.
‘‘ ابا! سوکيءَ جو شهر چئن دريائن، اُتر ۾ ميرواهه، ڏکڻ ۾ ‘‘ سنهڙي’’، اوڀر ۾ ‘‘مُٽڻي’’ ۽ اولهه ۾ ‘‘گابار’’ درياهه هو. انهن چئن دريائن جي وچ ۾ پنجاهه ايڪڙن جو ٻيٽ هو. ان ٻيٽ تي خوبصورت شهر سوکي ۽ ‘‘بندرگاهه’’ هو. سوکيءَ ۾ ڀلي زمين، باغ ۽ سارين جي فصلن سان ساوڻي لڳي پئي هوندي هئي.
سوکيءَ جي شهر ۾ ٻه وڏيون بازاريون، اتر کان ڏکڻ جي طرف ۾ هيون ۽ اُتر پاسي ۾ سارين جي مل (Rice Mill ) سا ٽن ڀائرن ‘‘سيٺ ڌرمون مل’’، ‘‘ سيٺ تيجومل’’، ‘‘ سيٺ آسن داس’’ جي هُئي.
ابا! سوکي جي سک جي وڏي ڳالهه اها هئي، جو اُتي ‘’ٿاڻو’’ ڪونه هو، نه چور، سپاهي هو. ها.... باقي ڪسٽم جي آفيس هئي. سوکي بندرگاهه کان جيڪو مال ٻيڙن، اُٺن ذريعي ايندو هو ۽ سوکي شهر مان مال بندر گاهه تي ايندو هو. ٻنهي کان ڪسٽم وٺندا هئا. معنيٰ ڪسٽم جي پرچي کانسواءِ مال لهندو ۽ چڙهندو ڪونه هو. سوکي کان سچو گيهه، جانورن جو چمڙو، چيٽ ۽ ڪتيءَ جا فصل، تڏا تنوريون، اَنُ وغيرهه اِهي سڀ هتان ويندا هئا. جيڪي واپاري سوکي بندر گاهه کان پنهنجا ٻيڙا ڀرائي ڏور ملڪن تائين وڃي،ا تي ٽڪي پوندا ها ۽ پنهنجو مال کپائي، سي ورڻ جي ڪندا هئا ته اهي انهن ملڪن مان گرم مصالا ٻيڙن جا پٽا وغيرهه وٺيون ايندا هئا. انديا جون ٻيڙيون مشهور هونديون هيون.
ابا! هير هوري هجي، يا هورو. ٻيڙي هجي يا ٻيڙو ۽ لانچ وغيرهه. سڀئي مشين تي هلن ٿا. پر اڳي ڪونه هيون، ٻيڙيون، ٻيڙا، رنگي ٻيڙاسي ‘‘ممڙهن’’ ڪپڙن جي ٺهيل ‘‘بادبان’’ تي هلندا هئا. سياري ۾ اتر واءُ لکندو هوپ ته اُتر پار جا ٻيڙا ‘‘سوکي بندر’’ تي کنگر انداز ٿيندا هئا. ۽ وري جڏهن انهاري ۾ اولهه ڏکڻ جون هوائون لڳنديون هُيون ته سوکي بندر کان ٻيڙا هاڪاري هلندا هئا ۽ اهي ٻين ملڪن ڏانهن عدن، مسقط، هندستان، يورپ تاءِ ويندا هئا.
ابل! مطلب ته هر وقت سوکي بندر تي بهارون ئي بهارون ، خوشيون ئي خوشيون لڳيون پيون هونديون هُيون ۽ رات ڏينهن ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هئا. ماڻهو ٻيرن، لانچن ۽ هوڙن سان سامان لاهيندا ‘‘ڍڳا گاڏي’’ ‘‘بيل گاڏي’’ هڪ شئي جا ٻه نالا آهن گھڻا ‘‘ ڍڳا گاڏي’’ چون ته ڪي بيل گاڏي چوندا آهن. بندرگاهه تي مزوري جام هئي، تڙن، ڍورن ۽ درياهن تي رهندڙ ماڻهو، سوکي بندر ۽ سوکي شهر به روزانو سياهه ۾ مزدوري لاءِ ايندا هئا. بندر تي رات ڏينهن ڪم جو چلتو چلندو هو.
سوکيءَ جا واڻيا وڏا زميندار هئا، ڪي مسلمان به زميندار هئا. پر وانين جو واپار سان گھڻو واسطو هوندو هو. جيڪي مسلمان زميندار هئا انهن ۾ رئيس قاسو جت آمر، علي محمد قاسماڻي جت ۽ عثمان شيدي، ابا! ٻيا زميندار هئا، هان وڏپڻ (وڏي عمر) ۾ نالا وسري ويا آهن.
سوکيءَ ۾ سُک، ٻارهوئي سڄو سال مٺو پاني پيو وهندو هو. مٺو پاڻي جيڪو لڙهاٽيل مٺي پاڻيءَ سان هوندو هو. اها مٽي جنهن هنڌ تي به ويهي، ڄمي پوندي هئي ته زمين جا ننڍڙا ننڍڙا، اهي اڙا، ٽڪرا ‘‘ ٻيٽ’’ جنهن کي کاري جي ٻوليءَ ۾ ‘‘بل’’ چون، پوءِ نوان ‘‘بل’’ ظاهر ٿي پوندا هئا. ان زمين تي ساريون پوکيندا هئا ۽ ٻيا به فصل پوکيندا هئا. مٺي زمين ۽ مٺو پاني هُجڻ ڪري ڀلو فصل ٿيندو هو.
سوکيءَ جي اولهه طرف ۾ مسلمانن جي بازار ۽ ان بازار جي پٺيان مسلمانن جا گھر، ڳوٺ هوندا هئا. ۽ اوڀر طرف بازار هئي. ان بازار جي پويان واڻين جا گھر هوندا هئا.
سوکيءَ ۾ ميلا، سٺا ميلا لڳندا هئا. انهن ميلن ملاکڙن ۾ هندو ۽ مسلمان گڏ هوندا هئا. ٻيو شادي مرادي هندو توڙي مسلمانن جي ٿيندي هئي ته به گڏ شريڪ ٿيندا هئا.
ميلن ۽ هندن جي شادين ۾ ڳائڻا جن کي هاڻ فنڪار چون ٿا ناهن ڳائڻن، لتا، رفيع ۽ ٻيا ڳائڻا انڊيا مان ٻيڙين ۾ چڙهي سوکي شهر ايندا هئا.
راڳ جون محفلون سوکي شهر جي وچ ميدان تي ٿينديون هيون مسلمان مرد ۽ هندو مرد آمهون سامهون وچ ۾ ٿوري گھٽي ڳائڻ جي لاءِ ڇڏي ڏيندا هئا. ڪي ڳائڻا ڇير ٻڌي نچندا هئا. ان وچ واري گھٽي نچندا هئا. جيڪي ماڻهو ڳائڻن کي پيسئه ڏيندا هئا ته ان ماڻهو وٽ بيهي رهندا ۽ ڳائيندا هئا هرڪو ماڻهو چاهيندو هو ته ڳائڻو منهنجي ويجھو اچي ڳائي ۽ نچي. ان وقت جيڪي پئسه هئا، انهن ڍينگلن، چانديءَ ۽ پتل جي پيسن جو رواج هيو. ماڻهن ڳائڻن جي مٿان ڍنگيلن روپين چانديءَ ۽ پتل جي سڪن جا وسڪارا لائي ڏيندا هئا. ائين لڳندو هو ڄڻ ڪنهن چانديءَ جي سڪن جو مينهن وسايو هجي.
واڻيا پنهنجن عورتن کي پردن پٺيان ويهاريندا هئا، اهي به ڍينگلن، چانديءَ جي سڪن جون ڳائڻن مٿان وسڪارو ڪنديون هيون، اڪثر رات جي پوئين پهر ۾ ڳائڻ وقت برسات پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙي برسات پئجي ويندي هئي، سڄو مزو ڦٽي پوندو هو، ماڻهن کي ڀڃڻ لڪڻ جون جايون ڪونه ملنديون هيون مرد، عورتون، ٻار پئي سانهون ڪندا ۽ رڙيون پئجي وينديون هيون.
ابل! سوکي بندر ۽ شهر جي چئو طرف ننڍا وڏا ڳوٺ ، جن ۾ مختلف ذاتين وارا ماڻهو رهندا هئا. اهي ڀاڳيا خوش ۽ مالوند هئا. انهن وٽ چوپائي مال جا وٿاڻ ويڙها، هر پاسي ويندڙ آباد يون، وستيون، مال جون ڪڏڪاريون، سانا، پلا، مڇي ۽ مانيون.....
شام جي وقت جانور (چوپائو مال) جوءُ ‘‘چراڪائو’’ مان چري ڦري واپس وٿاڻ تي ايندو هو ته انهن جانورن کي ٻڌل چڙن جون چونگارو، ڍگرن جي ڊڻ ڊڻ جا آواز، پري کان ئي ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ان مال جي چڙن ۽ ڍگرن جي آوازن مان پتو پئجي ويندو هو ته اهو فلاڻي ڀاڳئي جو ‘‘وڳ’’ پيو اچي.
ان وقت پنجاهه روپين ۾ سارين جا ويهه مڻ يعني ‘‘کراڙ’’ ملندو هو. ابا هيئر پنجاهه روپين (50) ۾ ڪلو ان جو نٿو ملي ڇا ته مهانگائي آهي.
ابا! اڳي ماڻهو جو ملهه ۽ قدر هو ۽ هاڻ ماڻهو جو ملهه ۽ قدر ڪونهي پر پئسن جو ملهه ۽ قدر آ. جنهن وٽ ججهو ناڻو ان جو هرڪو سڏائي پيو.
ابا! واڻ، درياءَ، آياڙي درياهه، ٻانهي واري مسجد وارو ڍورو، مل درياهه، وٺور درياهه، کوبر، گھوڙو درياهه اهي سڀ آباد ڳوٺ هئا. هاڻ انهن هندن تي ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن.
ابل! اڳوڻي زماني ۾ مهاڻن جي ‘‘مڍن’’ ذات هئي. ماڻهو ڪم ذات گھٽ زات سمجهندا هئا.
ِهل ڙي هل مهاڻا وڃي ڇوڏيون مار!
هينئر ڏسين پيو ته هر ذات وارو ماڻهو چوڏيون پيو ماري ، مڇيءَ وارو ڌنڌو پيو ڪري.
سوکيءَ جي شهر ۾ ‘‘ابو ساٽي’’ جي هوٽل ۾ بچو سهتو جي هوٽل مشهور هيون، جن ۾ فونا ڦرندا هئا. انهن فونن جي ذريعي ڪلام ٻڌندا هئاسين. جن کي ‘‘رڪاڊ’’ به چوندا هئا. هاڻي ته اهي ‘‘فونا’’ به ڪونهي ، هاڻ اهڙيون شيون نڪري پيون آهن جو وڃي ٿيا خير. هر ٻار وٽ موبائيل آهي اڳي ٻار ڦرهي، پٽي تي لکندا ۽ پرهندا هئا. هاڻ سڀ ڪو موبائل تي لکي پڙهي ويٺو آهي. سوکيءَ ۾ حاجي خميسو کٽي جو دڪان هوندو هو، جيڪو پوءِ کارو ڇاڻ ۾ دڪان کولي ويٺو. موسي ڪنڀار سوکيءَ ۾ .
صبح جو ڊاڪٽر جليل ۽ ٻين دوستن کان موڪلائي ڪراچي هليو آيس.
ٻئي ڏينهن تي الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي پٽ علي کيرواڻي خاصخيلي کارو ڇاڻ مان فون ڪئي.
“ادا! گهارو شهر ۾ چاچو عيسيٰ کيرواڻي خاصخيلي رهي ٿو. اُن وٽ وڃان پيو. توهين اتي اچو.”
“ادا! آءُ گهارو اچان ٿو.” پوءِ فون بند ڪري تياري ۾ لڳي ويس. آئون ڪراچي ۾ ڀاءُ نويد ٿلهو جي گهر رابعه سٽي ۾ رهيل هوس. پوءِ تيار ٿي ڀاءُ ۽ امڙ ڀيڻ کان موڪلائي هيٺ آيس. اتان رڪشه ۾ چڙهي جوهر موڙ تي اچي ڊي ست (D-7) ۾ چڙهي، قائد آباد آيس. قائد آباد مان سجاول شهر ڏانهن وڃڻ واري وين ۾ جاءِ ملي وئي. ڪلاڪ سوا ۾ گهارو شهر ۾ پهتس، ايتري ۾ ڀاءُ الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي جي فون اچي وئي.
ادا! آئون ”چيئرمين هوٽل“ تي ويٺو آهيان. مون ڪنڌ ورايو ته اتر پاسي ۾ ”چيئرمين هوٽل“ ڏسڻ ۾ آيو. اڳتي وڌي هلڻ لڳس ته سامهون ڀاءُ الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي ويٺو هو. هن چانهه ماني جي صلاح ڪئي پر مون کي ضرورت ڪونه هئي.
الهڏني چيو قادو ملاح پاڙي ۾ چاچي عيسيٰ خاصخيلي کيراڻي جي جاءِ آهي، اتي هلنداسين. چاچا به اتي آهي. ان اسان سوکيءَ جي باري ۾ حال احوال ڪنداسين. الهڏنو خاصخيلي رستي ۾ هلندي ننڍپڻ جي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو.
کاري ڇاڻ شهر کان ڏکڻ ۾ خچر جي مڪان تي آباد هو ۽ ميرواهه ۽ سوکي جو شهر ڏکڻ ۾ آباد هئا، اسان جي ڳوٺ جو نالو علي کيرواڻي هو. اسين ٻار هئاسين جو سوکي شهر گهمڻ ويندا هئاسين. سوکي ۾ اسان جي اوڙڪ وارا خاصخلي رهندا هئا. هڪ جو نالو سڀاڳو خاصخلي هو. اسين هن وٽ ويندا هئاسين. سوکيءَ جي بازار ۾ مانڊڻيون هيون. اسين مانڊڻين تان شيون وٺندا کئيندا (کائيندا)( هاسو (هئاسون) اتي هَڏو سوپاري ملندي هئي، جنهن ماڙ (ماڻهو) جون ڏاٺون مضبوط هونديون هيون، اهو هڏو سوپاري وٺي کائيندو هو... باقي پوڙها ماڙ (پوڙها ماڻهو) هَڏو سوپاري وٺي گهر اچي ان کي پاڻي منجهه پسائي رکندا هئا. پوءِ صبح جو پاڻي مان هَڏو سوپاري ڪڍي کائيندا هئا. هڏو سوپاري جو اهڙو رنگ هوندو هو، جهڙو ڏونگي جي اندر وارو رنگ آهي.
اسان جا وڏڙا مالوند ماڙها (ماڻهو هئا) تن وٽ ڍور ڍڳا، مينهون، ٻڪريون، رڍون ۽ اُٺ هئا. اسان جي گهر ۾ به کير مکڻ جام هوندو هو... اسين ٻنين تي ويندا هاسين (هئاسين) اتي خوبصورت وليون ولون هونديون هيون ۽ گاهه هجن، انهن ولين جا نالا ياد اچن پيا.
دود ڦُل، گاهه هوندو هو، دود ڦَل هر مال کئيندو هو. لُلّر گاهه، برسات منجهه ٿيندو هو. مال جو چَڙو (گاهه) هوندو هو. مليرو، گاهه جو قسم. هي گاهه برسات ۾ ٿيندو هو. مال به کئيندو ماڙو (ماڻهو) مليرو گاهه پٽي ان جو ٻوڙ رڌي کائيندا هئا. ڪُم ٿيندا هئا، ماڻهو کئيندا (ماڻهو کائيندا) هئا. پَٻڻ به ٿيندا هئا.
جهنگ ڊاڪو. هي گاهه جو قسم هو. هِن ۾ ڦر ٿيندو هو، جيڪو ماڙ کئيندا (ماڻهو کائيندا) ڏاڍي مٺي ٿيندي هئي. ڪانهه پيرو. هي گاهه جو قسم آهي. هن جو ميوو ڇگن ۾ هوندو. ماڙ کئيندا (ماڻهو کائيندا) ته جانور به کئيندا هئا. منڌيڙو گاهه... هي مال جو ڇَرو هو (جانور جو کاڌو هو) هي گاهه برسات ۾ ٿيندو هو. ڏنگڻ گاهه... هي سَنهو گاهه ڪمند وانگر مٿي چڙهيو ويندو هو. جانور ڍور ڍڳا ٻڪريون رڍڍون ۽ مينهون، اُٺ کئيندا هئا. ڌاڻا ٿيندا هئا.
سانوڻي: هي گاهه جو قسم هو. هي گاهه مال چرندو هو.
ٽوپ: گاهه جو قسم.
ڀَتر: گاهه جو قسم.
ڪانئر: گاهه جو قسم هو. هي گاهه گَپَ ۾ ٿيندو هو.
سامونڊي لوئانڊو: هي گاهه جو قسم آهي.
ڏِير: هي گاهه جو قسم هو. مال چرندو هو.
سوراڻي: گاهه جو قسم.
سونئڻ: گاهه جو قسم. هن گاهه ۾ ٻج ٿيندو. ان ٻج جو ماڻهو ڀت رڌيندا هئا.
پاڙ: گاهه جو قسم.
اُبتي ڏنگڻي: گاهه جو قسم. هي گاهه مال کائيندو آهي.
ماميچو: گاهه جو قسم.
ڪانڊيرو: وڻ گاهه جو قسم. مال چرندو هو.
ڊامائو: گاهه جو قسم. مال چرندو آهي.
آڏيري: گاهه جو قسم.
پَن: گاهه. اسان پَنَ وڍيو گهر ٻَر ان مان ٺاهيندا هئاسين.
گهر جون عورتون پَنَ مان تڏا تنوريون ٺاهينديون هيون. هٿ وارا پکا ٺاهينديون هيون. پَنَ جون تڏيون تنوريون ۽ پکا انهن تي پَنَ جا نمونا ڪڍنديون هيون. ڪي تڏا تنوريون ۽ پکا لسا يعني سادا ٺاهينديون هيون. سر سبز ساوڪ ئي ساوڪ باغات ٻيلا هئڻ سبب جي ڪري سامونڊي پٽي ۾ برسات جام پوندي هئي، ان برسات ۾ گاهه پَٽَ ۽ وليون بي انتها خوبصورت ڦٽنديون هيون.
وَل جا قسم: ريبڙ وَل. هن جو ڦر گندري کان ننڍو ٿئي ٿو، پر ماڙ کيندا آهن.
چمبڙ: ول هن جو بڄ به کائيندا آهن.
ڪُتي ول: هي ول مال چرندو آهي.
وائو ول: جانور کائيندا آهن.
ٻُڪن: ول جو قسم.
چَمبر ڪاٺي: ول جو قسم. هي ول ٻار جي سُتيءَ ۾ ڪم ايندي آهي.
اڄ به پَنَ مان تڏيون تنوريون ٺهنديون آهن. اها پَنَ حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ ايندي آهي. ماڻهو وٺندا آهن.ا ڳي اهو وقت هو جو ماڻهو اسان جي پن زمينن مان پَنَ مفت ۾ وڍيون کڻيون ويندا هئا. ايڏي پَنَ هوندي هئي. اسين عيسو خاصخيلي جي جاءِ تي پهچي وياسين، سائين عيسو خاصخيلي سان ملاقات ٿي.