5
اڳيان هڪ ماڻهو ويٺو هو، تنهن هٿ ملايو ۽ پنهنجو نالو علي بخش مُرگهر ٻڌايو. ڳوٺ علي بخش مرگهر بلوچ کان ڊاٽسن هلڻ لڳي، جڏهن ٻگهاڻ ۽ کاروڇاڻ روڊ تي چڙهي ته ڪجهه ماڻهو بيٺل هئا. اهي ڊاٽسن جي کُڻ (پٺيان) ۾ چڙهيا. ڊرائيور پنهنجو نالو عبدالرحمان مُرگهر بلوچ ٻڌايو. اُن وقت صبح جا سوا ست ٿيا هئا، ڊاٽسن رستي مان ماڻهن کي کڻندي، لاهيندي جنگي سَر روڊ تي اچي پوءِ ٻگهاڻ شهر ۾ داخل ٿي. شهر جي مين روڊ تي بيهي رهي ماڻهو سڀ هيٺ لَٿا.
ڊرائيور عبدالرحمان مرگهر چيو.
ادا، توهان ٻگهاڻ ۾ ويهو، اسين ميت مان ٿي اچون ٿا. پوءِ ڳاڙهو هلنداسين آءُ ڊاٽسن مان هيٺ لهي بيهي رهيس، پاسي ۾ محبوب هوٽل هو، اُتي چانهه پيئڻ جو خيال آيو.
پوءِ هوٽل ڏي ويس، اتي ڪاٺ جا وڏا صندل پيا هجن. جن جي مٿان ڳاڙها ڪپڙا لڳل هئا. اُن صندل جي پاسي ۾ سبزي ۽ ميون جو دڪان هو. نوجوان ڇوڪرو گاڏي تي رکيل سامان کي ٺاهي رهيو هو. اُن جي پاسي ۾ ٻيو همراهه ڪپڙي سان گاڏي تي رکيل ميوون کي صاف ڪندو ٿي رهيو. مان انهن کي سلام ڪري پاسي واري صندل تي ويهي رهيس. ايتري ۾ بيرو پاڻي جو گلاس ۽ چانهه کڻي آيو، بيري چيو، هي چانهه شبير ميمڻ توهان جي لاءِ ڏني آهي.
پوءِ اُٿي اُن جو شڪريو ادا ڪيو، ايتري ۾ شبير ميمڻ اچي صندل تي ويٺو، پر هن جي نگاهَه گاڏي تي سامان ۽ گراهڪن ۾ هئي. پوءِ بشير ميمڻ چيو، “گاڏي وٽ بيٺل نوجوان جيڪو ميون ۽ ڀاڄين کي ڪپڙي سان صاف ڪري رهيو هو. اهو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي. اسين ميمڻ آهيون. سامونڊي پٽيءَ ۾ “جوهو” ننڍڙو شهر آهي. هن ڳوٺ ۾ ميمڻ گهڻا رهندا آهن ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو به رهندا آهن. ڪجهه ماڻهو هَٿَ مٿي کڻي شبير جي ڀاءُ کي اشارو ڪري هليا ويا، شبير جو ڀاءُ هَٿ وارو ڪپڙو رکي آيو. ڀاءُ کي چوڻ لڳو، “ٻه ماڻهو گُذريا آهن. جيڪو هتي گذريو آ، اُن کي نَوين(9:00) وڳي کڻندا ۽ ٻيو ٻه ڪلوميٽر پري گذريو آ، اُن کي ڏهين وڳي کڻندا، “سو آءُ وڃان پيو” پوءِ شبير ميمڻ جو ڀاءُ هليو ويو، چانهه پيئڻ کانپوءِ شبير ميمڻ ٻڌايو ته ٻه ماڻهو مري ويا آهن، هڪڙو ويجهو آهي، ٻيو پرئين ڳوٺ ۾ آهي. منهنجو ڀاءُ انهن جي ميت ۾ وڃي پيو.” ائين چئي شبير اُٿيو، سامهون گراهَڪ ڏانهن وڌي ويو.
ڪلاڪن کن کانپوءِ عبدالرحمٰن مرگهر جي ڊاٽسن هوٽل جي سامهون بيٺي، هُن اشارو ڪيو. آءُ اٿي شبير ميمڻ کان موڪلائي ڊاٽسن ۾ ويٺس، پندرنهن منٽن کانپوءِ ڳاڙهو شهر ۾ خاصخيلي هوٽل جي پاسي ڊاٽسن بيهي رهي. عبدالرحمٰن کان موڪلائي هوٽل تي اچي ويٺس، پاسي ۾ مانڊڻي هئي. اُن کي موبائيل چارج ڪرڻ جي لاءِ ڏئي هوٽل ۾ وڃي ويٺس. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ فون چارج ٿي، مانڊڻي واري کي ڏهه روپيا ڏنا. ايتري ۾ هڪ سوزڪي مانڊڻي جي اڳيان بيهي رهي تنهن ۾ ويٺل ڊرائيور “کارو، کارو” چئي، کاروڇاڻ جي لاءِ ماڻهن کي آواز ڏئي رهيو هو. آءُ وڌي اڳتي ويس ڊرائيور چيو.
ادا، اڳيان سامان پيو آهي، توهين کُڻ ڏي وڃو. کڻ جي معنيٰ پٺيان وڃو. پٺيان سوزڪي جي اڌ حصي ۾ سامان ڀريل هيو. باقي حصي تي ماڻهو ويٺا هئا، مان چڙهي ويهي رهيس. پوڻين هڪ وڳي سوزڪي ڳاڙهو شهر مان هلي. مون فون تي الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي کي ٻڌائي ڇڏيو هو.
سوزڪي هلندي اَچي ٻگهاڻ جي مين روڊ تي المهراڻ شاپنگ سينٽر محمد عثمان ڪُڙمون. هي شاپنگ سينٽر جنگي سَر روڊ تي هو. اُن جاءِ وٽ بيهي رهي، ڊرائيور هيٺ لهي شاپنگ سينٽر جي دڪان ۾ هليو ويو. شاپنگ سينٽر جي سامهون ڪلمتي ايگريڪلچر اسٽور هيو. ڏهه منٽ سوزڪي وارو اُتي بيهي رهيو، پوءِ آيو سوزڪي چالو ڪري جنگي سَر روڊ تي هلڻ لڳو. جنگي سَر روڊ تي سڄي طرف نور محمد عرف سعودي پيروزاڻي بلوچ جيڪو کيکڙو ڪُوڪَا جو واپاري هو.
ڦاٽ درياههَ جي تَڙَ تي آياسين، اڃان پاتڻي آيو ڪو نه هو، پوءِ چانهه جو خيال ٿيو.
کاروڇاڻ جي تڙ تي ننڍڙي ڪاٺين جي ڇَپَري واري هوٽل هئي. اُن منجهه آيس ته سائين عبدالحفيظ ملاح ويٺو هيو، جنهن سان رات جو ڳوٺ علي بخش مُرگهر بلوچ ۾ ملاقات ٿي هئي. پوءِ سائين عبدالحفيظ هوٽل ۾ ويٺل ٻين ماڻهن جو تعارف ڪرايو، ايوب سَهتو، عبدالحفيظ سَمون، اَمين ملاح، علي احمد پيروزاڻي جي هوٽل تي چانهه ٺاهيندڙ جو نالو پير محمد شاهه هو.
پَتڻ تي هوڙو ڪُوڪا (جِيت) کڻي آيو. اُن هوڙي ۾ سائين عبدالحفيظ ملاح ٻيا سَڀ چڙهي هليا ويا. اهو هوڙو بلوچن جو هو. اسان کي کاروڇاڻ وڃڻو هو، پتڻ اڃان ڪو نه آيو هو. هت پَتڻ جي معنيٰ ٻيڙي وارو آهي، ٻيڙيءَ وارو اڃان ڪو نه آيو هو، کاروڇاڻ وڃڻ وارا ماڻهو تڙ تي بيٺا پاتڻيءَ جو انتظار ڪن، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ درياهه منجهه هوڙي ڏسڻ ۾ آيو، جيئن تَڙَ جي ويجهو ايندو ويو ته هوڙي جي مشين (ٽنگ مشين) جو آواز هوا تي تيز ٿيندو آيو. ڪجهه منٽن کانپوءِ هوڙو تڙ تي اچي بيٺو. اُن ڏانهن ماڻهو لهڻ لڳا.
هڪ ماڻهوءَ آواز ڏنو.
“يوسف پاتڻي اَچي ويو، کاري جا ماڻهو هَلو.” آءُ هوٽل مان اُٿي تڙ تي هلڻ لڳس. هوڙي منجهه ماڻهو سامان رکي رهيا هئا، جيڪي تڙ تي بيٺا هئا. انهن هوڙي منجهه سامان رکيو ته پاتڻي سکاڻ (هوڙي جي پوئين حصي) تي اچڻ کان اڳ ناتاري کنئين جيڪا پاڻيءَ ۾ لڳل هئي. پوءِ سکاڻ تي آيو ۽ موٽر چالو ڪئي ته هوڙو ڦاٽ درياهه منجهه هلڻ لڳو. درياهه جون لَهرون پاڻيءَ جي ڇَنڊ ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ماڻهن جي مٿان وسائينديون رهيون هيون. ڄڻ اهي آيل کي کيڪار ڪنديون هُجن. هوڙو (ٻيڙي) پاڻيءَ جي لهرن تي لَڏندو هلندو رهيو.
پاتڻي يوسف مشين ۾ ٻڌل ڏوري جيڪا هُن جي هَٿَ ۾ هئي اُها پير جي هيٺان ڏئي ڇڏي، قميص جي کيسي مان پُڙي ڪَڍي، اُن کي کولي چورَي (گٽڪي) جي چَپٽي ڀَري وات ۾ وڌي، چوري کي مِٽَ جي هڪ پاسي ۾ ڪَري پُڙي کي بند ڪري واپس کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. پوءِ پير جي هيٺان مشين واري ڏور کڻي اُن کي ڇڪَ ڏني ته ٽنگ مشين وڏو آواز ڪيو ۽ ٻيڙي تيزيءَ سان درياهه مَنجهه هلڻ لڳي. ڪنهن وقت پينگهه جيان لوڏا کائيندي، آسيري پاسيري ٿيندي هلندي رَهي. جڏهن کاروڇاڻ واري ڪَنڌي ويجهو آئي ته پاتڻي مشين جي ڏور کي ڍَرو ڪَيو ته مشين جو آواز جَهڪو ٿيندو ويو. ٻيڙيءَ جي مُهري ڪنڌيءَ سان لڳي. مشين بند ٿي وئي. سکاڻ وارو پاسو ڦري آيو. اهو به ڪنڌيءَ سان لڳو بيٺو پاتڻي ناتاري هنئين ته ٻيڙي بيهي رهي، پاتڻي ٻيڙيءَ وارن کان ڀاڙو وٺڻ لڳو، مان ٻيڙيءَ مان هيٺ لَٿس ۽ پاتڻي کي ٽيهه روپيا ڏنا، تَڙَ تي گڏهه گاڏي وارو بيٺو هيو. ستار کٽي اُن ۾ سامان رکي رهيو هو.
سُڪيءَ تي ٽي هوڙا بيٺا هُجن، ستار کٽي آواز ڏنو.
ادا، ٿيلهو گڏهه گاڏي منجهه رکو، اَچو ته هلون.
مون ٿيلهو گاڏي ۾ رکيو پوءِ آءُ ۽ ستار گڏهه گاڏي سان گڏ هلڻ لڳاسين، ڪلراٺي زمين هئي، پَٽَ تي لاڻن جون وَٺيون هُجن، ستار کٽي پُڇيو.
ادا.... کاري منجهه ڪنهن وَٽ ويندا...؟
الهڏنو کيرواڻي خاصخيلي وَٽ ويندس.؟
پندرنهن منٽن کانپوءِ کارو ڇاڻ شهر ۾ داخل ٿياسين، سڄي هٿ تي هوٽل ماڻهن سان ڀريل هجي، هوٽل ۾ فلم هلي رهي هئي. هوٽل جي ٻاهران ماڻهو چانهه پي رهيا هئا. آءُ گڏهه گاڏي واري سان هوٽل کان اڳتي هليو ويس، مون ڪنڌ ورايو ته ستار هوٽل وَٽ بيٺو هو، هُن مون کي آواز ڏنو ۽ چيائين:
ادا..... الهڏنو خاصخيلي هوٽل مَنجهه آهي؟
آءُ گاڏي مان ٿيلهو کڻي واپس موٽيس ته الهڏنو کيرواڻي خاصخيلي هوٽل کان ٻاهر آيو، اسين ملياسين، ستار کٽيءَ کي چيو:
ادا مهرباني.
الهڏنو خاصخيلي ۽ آءُ کاروڇاڻ جي بازار ڏانهن هلڻ لڳاسين، بازار ۾ اُها رونق ڪونه هئي جيڪا ڪجهه سال اڳ ڏٺي هئي. هڪ دڪان ۾ داخل ٿياسين، اُتي ويٺل ماڻهو سِڪَ سان مليا، ڪاٺ جو وڏو صندل پيو هُجي. هڪ همراهه اشارو ڪري آواز ڏنو. “ادا! ٻاجهٽ تي ويهو” پوءِ آءُ صندل تي ويهي رهيس، اُن وقت شام جا چار پنجويهه (4:25) ٿيا هُئا، الهڏنو خاصخيلي دڪان ۾ ويٺل ماڻهن جو تعارف ڪرائڻ لڳو. هڪ جهوني ماڻهو هَٿَ جو اشارو ڪَري چپ رهڻ لاءِ چيس، پوءِ اهو ماڻهو پاڻ تعارف ڪرائڻ لڳو.
ادا، منهنجو نالو الله ڏنو کٽي ولد محمد کٽي عمر ستر سال آهي. پوءِ هڪ نوجوان ڏي اشارو ڪري چيو، عبدالقادر پٽ الهڏنو کٽي، اُن کانپوءِ ٻين ويٺلن پنهنجو پاڻ تعارف ڪرايو. عبدالرشيد، الهڏنو خاصخيلي، فضل حُسين کٽي ولد الهڏنو کٽي، غلام مُرتضيٰ عرف ابولي کٽي محمد شريف بلوچ، الهڏتو ولد مصري ميربحر کاروڇاڻ.
الهڏنو خاصخيلي سڀني کي منهنجي اچڻ ۽ ڪم بابت ٻڌائي ڇڏيو هيو، الهڏنو ميربحر پٽ مصري ميربحر صندل تي اچي ويهي چيو .
“ادا! خوش آهيو. ڏاڍي خوشي ٿي جو کارو ڇاڻ ۾ آيا آهيو.”
الهڏنو ميربحر کاروڇاڻ ڪچهري وارن کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو
آءُ ننڍڙو هوس، سوکي گهمڻ ويندو هوس، اُتي سوکيءَ جي بازار ۾ عيدڙو مُهاڻي جي هوٽل هُئي. اَبو هنڱورو جنهن کي اَبو موالي به سڏيندا هئا. اُن جي هوٽل ۽ مٺائي جو دڪان هو. بازار ۾ ماڻهن جو ميلو مَتل هوندو هو، مَرد ۽ ننڍڙا ٻار گڏ هلندا، سودو سامان وٺندا هئا. اُن زماني ۾ هوٽلن تي فوني وارا رڪارڊ وڄندا هئا. اُسين اهي رڪارڊ شوق سان ٻُڌڻ ويندا هئاسين. انهن رڪارڊن تي سنڌي ڪلام ۽ گانا هلندا هئا.
سوکيءَ ۾ “سونا” بازار هُئي، اُن بازار ۾ ماڻهو سون جون لڻيون ٺَهرائڻ ۽ وَٺڻ ايندا هُئا.
سوکيءَ ۾ سارين جي 200 هارس پاور جي مشين هُئي. جتي ڇَڙَ، پَيس ۽ ڏرائي ٿيندي هُئي. آءُ ننڍو هوس سوکيءَ ۾ گهمڻ، شيون کائڻ ۾ مَزو ايندو هو ۽ سارين جي مشين کي ڏسڻ ويندو هوس، اُها ڪيئن پئي اَن ڇَڙي ۽ پيهي ٿي. جڏهن به سوکيءَ ويندو هوس اها مشين ضرور ڏسندو هوس. هونئن به ٻار کي هر نئين شئي کي هر هر ڏسڻ جي عادت هوندي آهي.
سوکيءَ مُنجهه ڪنڀار هُئا، اُهي ٺَڪر جا ٿانَو، ٺاهيندا هئا. ميرواهه، درياهه تي ڏکڻ طرف سوکي بندرگاهه هو. درياهه ميرواهه جو پاتڻي ٻيڙي هلائڻ وارو پتڻ اڪارڻ وارو منهنجو سئوٽ “عالي پاتڻي” هوندو هو. اُن سان به سوکي شهر گهمڻ ويندو هوس. سوکي بندرگاهه کان هڪ ڪلوميٽر سوکيءَ جو شهر هو. بندرگاهه کان ماڻهو شهر تائين پنڌ ايندا ويندا هئا. واپارين جو مال ڍوئڻ جي لاءِ بندرگاهه تي بيل گاڏيون جيڪي رات ڏينهن واپارين جو مال ڍوئيندو، سوکي شهر ۾ لاهينديون، وري سوکي مان ٻيو مال ڀري بندر گاهه تي اينديون وينديون هيون. بندر تي ماڻهن جي رش ۽ بيل گاڏيون سدائين بيٺيون هونديون هيون.
ماڻهو بيل گاڏين (ڏاند گاڏين) ۾ چڙهي سوکي ايندا هئا، سوکي ۾ اسان جو گهر به هو. اُتي پاسي کان اسان جي مائٽن جا گهر به هئا. جن جا نالا ياد آهن، جمعو ميربحر، رکيو ميربحر، اِهي ٻئي ڀائر هئا.
عالي ميربحر پاتڻي، عالي ميربحر پاتڻي جو پَٽ مُحمد جو گهر به سوکيءَ ۾ هو. پاڙي منجهه ٻيون برادريون رهنديون هيون، کاروڇاڻ ۽ سوکيءَ جا ماڻهو ايندا ويندا هئا، ڪيترن ماڻهن جا ٻنهي بندرگاهن تي گهر هوندا هئا. دڪان ۾ هر ڪو ويٺو ڌيان سان قصو ٻڌي پيو.
سائين الهڏنو کٽي ولد محمد کٽي کاروڇاڻ
ڪچهريءَ ۾ سائين الهڏنو کٽي ڪي خاص ڳالهيون ٻڌايون. منهنجي پيدائش 7 جولاءِ 1948ع ۾ آهي، لڳ ڀڳ اُن وقت منهنجي عمر پنج سال هُئي. جڏهن منهنجي مامي جي شادي ٿيڻي هُئي. اسان جو عزيز رشتيدار حاجي خميسو کٽي، جنهن کي اسان شاديءَ جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ سوکي وياسين. منهنجي نانيءَ ۽ نانو برادري روايت سان دعوت ڏيڻ خاطر بيلَ گاڏيءَ ۾ (ڏاند گاڏي) تي چڙهي، تڏهن اهو پاسو سُڪل هوندو هو، کاروڇاڻ کان ميرواهه تائين، ڪو ڍورو يا ڍوري به ڪا نه هوندي هئي. اسان بيل گاڏي کي ميرواههَ پتڻ تي بيهاري، اُتان اسان پَتڻ پار ڪيو ته اسان جي مائٽن اُن پتڻ تائين بيل گاڏي موڪلي هُئي. جنهن ۾ اسين چڙهي سوکي شهر ۾ پهتاسين. جيڪو الهڏنو ميربحر چيو آهي، اَبو مٺائي جو دُڪان حاجي خميسي جي دڪان جي ڪاڇيلي (ڏکڻ طرف) ۾ هو. آءُ ننڍو هوس، مون اُن وقت سوکيءَ جو نظارو ڪَيو... هَر دڪان جو ٿلهو مٿي ٺاهيل هوندو هو. واحد سوکيءَ شهر ۾ دڪان زمين تي ٺَهيل هُئا.
رات جو گهر ۾ سُمهڻ جي ڪوشش ڪئي، ننڍو چار سال جو ٻار هوس، اُن وقت مون کي شور ٻڌڻ ۾ آيو. مون نانيءَ کي چيو:
ناني! آءُ سُمهي نه ٿو سگهان، هي شور ڇا جو آهي؟
اَبا.... پاسي ۾ هَنجَ پکي ۽ ٻيا پکي تن جا آواز آهن، اَبا... ماٺِ ڪري سُمهي رَهُه، پر اڄ تائين رات جي وقت ۾ اُهي آواز منهنجن ڪنن ۾ گونجندا آهن. اُن آواز کي 65 سالن ۾ به وساري ڪو نه سگهيو آهيان.
اسان پنهنجي مائٽ حاجي خميسو کٽيءَ کي دعوت ڏني، ٻئي ڏينهن تي کاروڇاڻ واپس آياسين.
59- 1958ع ۾ آءُ کاري ۾ قرآن پاڪ پڙهندو هوس، اسان سڀني کي سوکيءَ گهمڻ جو ارادو ٿيو. مون سان گڏ مدرسي جا ٻيا شاگرد هئا. اهو ئي عالي پاتڻي اسان کي اُڪاري پار ڪَيو، اڳيان خالي ميدان ڏسڻ ۾ آيا، جتي اڳي گهر ڏٺا هُيم، هاڻ اُهي ميدان هئا.
اَتي رولو ڪتا هئا، جن اسان تي حملو ڪيو، اسان وٽ لَٺيو ۽ بانٺا هئا. ڪتن کي ڀڄائي ڪڍيوسين. ان وقت سوکي ڦٽندو ٿي ويو، جيڪو اڳي واڻين جي وقت ۾ سوکي سُهڻي ڪنوار جيان لڳندي هئي، هينئر اها سوکي نه هئي. اتي خالي ابو جي هوٽل ۽ ٿوري مٺائي رکيل ڏسڻ ۾ آئي، جتان اسان مٺائي ورتي سون، وري واپس کاروڇاڻ آياسين. پَر پري پري ڪُجهه گهر ڏسڻ ۾ آيا هئا، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته سُکن ڀريو شهر سوکي ڪيئن ڦٽو آ.
سوکيءَ ۾ ڪسٽم آفيس پڻ هئي. جيڪو سامان سوکي مان هندستان ويندو هو. اُن جي ٽيڪس آفيس ۾ ڀَري پوءِ هندستان مال موڪليندا هُئا. انهي سان گڏ هڪ محال آفيس به هئي، محالڪاري سائين جمن شاهه سيد محال ڪاري اُتي جو هو. ان سان گڏ اُتي ٽپال کاتو هو. جيڪو ٽي ڏينهن کانپوءِ ڪيٽي بندر کان محمد ٽپالي، ٽپال کڻي ايندو هو. اهو ئي اُن ڏينهن تي سوکيءَ جي ٽپال واپس ڪيٽي بندر کڻي ويندو هو.
1977ع ۾ جڏهن کارو ڇاڻ تعلقو ٿيو ته ان جي آفيس مسواڙ تي هئي، سوکيءَ ۾ جيڪي سرڪاري آفيسون هُيون، اهي سڀئي کاروڇاڻ شهر ۾ قائم ڪيون ويون هيون. جنهن ۾ مختيارڪار جي آفيس محمد کٽيءَ نئين بازار ٺهرائي هُئي، اُن جا ڪمرا خالي پيل هئا. جيڪي سوکي شهر جا آفيسر کاروڇاڻ ۾ اچڻ سان اُهي خالي جايون ڏسڻ سان پسند ڪيائون، اُتي ئي آفيسون کوليائون.”
الهڏنو کٽيءَ جي دڪان تي ڪچهري ٿي، سج لهڻ ۾ ڪجهه وقت هو ته دڪان بند ٿيڻ لڳا، الهڏنو به دڪان بند ڪرڻ لڳو. پوءِ سڀئي اُٿياسين ۽ هڪٻئي کان موڪلايوسين، الهڏنو کيرواڻي خاصخيلي چيو:
“ادا! مِي جو سئوٽ موٽرسائيڪل ڪاهي آيو آهي. کاروڇاڻ کان اڍائي ميل پَري اسان جو ڳوٺ علي کيرواڻي آهي. جيڪو کاروڇاڻ ۽ سوکي شهر جي وِچَ تي آهي.” پوءِ موٽرسائيڪل تي ٽئي ڄڻا روانه ٿياسين. کاروڇاڻ کان ٻاهر سڏ پنڌ تي پٿرن جي جاءِ ٺهيل هئي، جنهن جا در دروازا ڪو نه هئا. ڪنهن هنڌان ڀت جا وڏا پٿر نڪتل هئا. الهڏنو کيرواڻي خاصخيلي ٻڌايو. اها جُهريل جاءِ ڏسو پيا، ڪنهن وقت مختيارڪار جي آفيس ۽ ٿاڻو هو. ٻيا ڪيترائي ڪمرا هُئا، جنهن ۾ پوليس جو عملو رهندو هو. هينئر اُهي سڀ جايون ڊهي پَٽَ ٿي ويون آهن، صرف اِهي ٻه ڪمرا بيٺل آهن. کاروڇاڻ ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن جا ڪيس ميجسٽريٽ هلائيندو هو. کاروڇاڻ ۾ پوسٽ آفيس ۽ هسپتال هوندي هُئي. هاڻ انهن جاين جا نشان آهن. هاڻ کاروڇاڻ ڦٽندو وڃي پيو، ايندڙ سالن ۾ بلڪل ڦٽي ويندو. جيڪڏهن پاڻي آيو ته پوءِ کارو کلي پوندو. موٽرسائيڪل تي پڪي جاءِ کان گذري اڳتي هلندا وياسين، رستو وارياسو هو، چؤڦير ڪلراٺي زمين، ڪٿي ڪٿي سُڪل وَڻ ڏسڻ ۾ آيا ٿي. زمين تي لاڻن جو وليون هيون، انهن لاڻن ۾ ڄار جا وڻ هُئا. ڪنهن وقت موٽرسائيڪل جَهڪي ڪرڻي ٿي پئي. جنهن طرف نظر ڦيرائي ڏٺو ته لاڻا، ڄاريون (وڻ جو قسم) لَيون، ديوين جا وڻ، ڪٿي ڪٿي ٻٻر جا وڻ نظر آيا ٿي.
هاڻ اسين کاروڇاڻ ۽ سوکيءَ بندرگاهه جي وچ تي هياسين، اولهه جي ڪنڊ ۾ سج جي لالاڻ جهڪي ٿيندي وئي. چئن پاسن کان اوندهه گهيرو ڪري وئي، لاڻن منجهان سنهڙن جيتن جا آواز ٿي آيا. رستو وارياسو ڪَچو رهيو. الهڏنو جو سئوٽ موٽرسائيڪل آهستي هلائي رهيو هو. مون وقت ڏٺو ته اڌ ڪلاڪ ٿي چڪو هو، سامهون وڏي خالي تلاءُ هو. جنهن جي بند تي کٽ پئي هُئي، ان تي هنڌ وڇايل هيو. موٽرسائيڪل کٽ جي پاسي وَٽ بيهي رهي، اسين هيٺ لٿاسين. الهڏنو کيرواڻي چيو. هي پنهنجو ڳوٺ آهي، ڪجهه وکن تي اسان جا گهر آهن. رستي ۾ ڪيترائي سُڪل ڍورا ڏسڻ ۾ آيا هئا. اُنهن جا نالا ٻڌايان ٿو.
رستي ۾ پنج واهڙ (ڍورا) هئا، اسين ڍوري کي واهڙ به چوندا آهيون.
1- حاجي رحمت الله جو واهڙ
2- صدر وارو واهه
3- جمو سليمان جو واهه
4- الياس سمون جو واهه
5- محمد علي گڊو ڳاڙهائي واهه
6- کمن گڊي جو واهه
7- واڍي وارو واهه
8- پينگهر نالي وارو واهه
9- ميڙائو ماليو جو واهه
10- سيٺ مصري کٽي جو واهه
11- درگاهه متارو شاهه جو واهه
12- ٻٽڙيا واهه
13- ديوان منگل مل جو واهه
الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي ٻڌايو ته:
جنهن هنڌ اسين ويٺا آهيون، هي علي کيرواڻي ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ جي اوڀر ۾ مُٽڻي درياهه ۽ ڳوٺ جي ڪاڇيل (ڏکڻ طرف) ۾ ميرواهه درياهه آهن. سوکي بندرگاهه، ميرواهه ۽ سنهڙي درياهن جي وچ ۾ هو. ايتري ۾ چار پنج نوجوان آيا، انهن جي هٿن ۾ هٿ بتيون هيون. اُهي ماني کڻي آيا هئا، پوءِ اسين ماني کائڻ ويٺاسين. مانيءَ کانپوءِ ڪچهري شروع ٿي، ڪچهريءَ ۾ هوت ولد احمد خاصخيلي، علي اڪبر ولد علي کيرواڻي، الهڏتو ولد علي کيرواڻي خاصخيلي آهستي آهستي ڪچهريءَ ۾ ٻيا به دوست شامل ٿيندا ويا.
هوت ولد محمد خاصخيلي کيرواڻي:
هن جي عمر ستر سال هُئي، ڪچهريءَ ۾ ويٺلن کي سوکيءَ جي يادگيرين بابت ٻڌائڻ لڳو.آءُ ڳوٺ کان نڪري، خواجه جي ٻنيءَ کان تانگهه (ننڍو پاڻي) هوندو هو، اُتان اُڪري سوکي شهر ويندو هوس. گهران اُڙد (گاهه جو قسم) کڻي اِها کپائڻ ويندو هوس. اُڙد گاهه جا ٻه قسم ٿين ٿا. ڪاري اُڙد ۽ سائي اُڙد، انهن ٻنهي گاهن کي ڪَٽي ان مان ٻج ڪڍي سوکيءَ وڪڻڻ ويندو هوس، اُتي آني ڪلو کپائيندو هوس.
انهن پئسن يعني هڪ آني مان سوکيءَ جي مٺائي کائيندو هوس. عَلو مور جَهريو جي سوکيءَ بازار ۾ هوٽل هوندي هئي. اُتي پاڻيءَ کان بغير نج کير ۾ چانهه ملندي هئي. ڏاڍي مزي واري واهه، واهه جو چانهه هئي. اُها شوق سان پيئڻ ويندو هوس. جنهن کي جا ماڻهو “سکڻي چانهه” چوندا هئا، مٺائي کائي چانهه پي گهر موٽي ايندو هوس.
سوکي شهر جي ڪاڇيل (ڏکڻ طرف) ۾ مال جو وٿاڻ هو، اهو منهنجي مامي ڪاري جو هو. آءُ ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ جنهن جو نالو “ساٿي” هو، اسين اُن وٿاڻ تي رهندا هُئاسين. اسين مينهن جي کير مان مکڻ ڪڍي، اُن مکڻ کي باهه تي رجائي صفا ڪنگڻي ڪري، پوءِ بازار منجهه وڪڻندا هئاسين. ڪنگڻي جي معنيٰ “صاف سٿرو” آهي. وٿاڻ تي اڪثر کدڙا فقير خير وٺڻ ايندا هئا. انهن سان مي جي دوستي ٿي وئي. اُنهن ۾ بابل کدڙو، اسماعيل کدڙو، شريفا کدڙو، ڀڳڙو کدڙو، حاجي کدڙو، مرزا کدڙو ۽ نازان کدڙو، اهي نالا ياد هُئا، گهڻا نالا وسري ويا آهن، سوکيءَ ۾ فقيرن (کدڙن) جي ڏاڍي عزت هوندي هئي، سوکيءَ ۾ کدڙن فقيرن جي مَڙهي هوندي هئي. اُهي کدڙا فقير ڳائيندا به هُئا، شريفان ۽ نازا جا آواز ڏاڍا سريلا هوندا هئا.
سوکيءَ جي ڪنهن گهر ۾ پُٽ جو اولاد ڄمندو هو. اُن جي پِنَ وٺندا هئا. پوءِ ڄمندڙ ڇوڪر جا چاچا، ماما، ماسيون، ماميون سي فقيرن کي گنديون ۽ مال، ڍور ڍڳا ۽ روڪ پئسا به ڏيندا ها.
علي کيرواڻي خاصخيلي جنهن جي نالي سان هيءَ ڳوٺ آهي، علي کيرواڻي خاصخيلي جي ڇوڪرن جا طهر هُئا. اُن جلال چانڊيو کي دعوت ڏئي هتي گهرايو هو. جلال چانڊيو کي ڏَهه هزار روپيا ڏنا هئا، اُن کان علاوه تر جي ماڻهن جلال چانڊيو کي وڏو قرب، مانُ ۽ عزت ڏيڻ سان گڏ جَهجو ڏوڪڙ پيسو ڏنو، تحفه ڏنا، اهو ضياءَ الحق جو دور هو.
کاري ۽ سوکيءَ ۾ ڪنهن به وڏي ماڻهو کي پيسو ڏوڪڙ وارو، يا هلندي پُڃندي ۽ سَرنديءَ وارا ماڻهو پٽ ڄمڻ تي وڏي خوشي ڪندا ها، وڏا راڳ ٿيندا ها. سوکي ۽ کارو ٻئي شهر خوشين جي ڇولين سان ڇُلڪي، اُٿلي پوندا هئا، فقيرن ۽ فنڪارن ۽ پهلوانن جا جاوا (ڍَؤَ) ٿي ويندا ها.
اسين سٻاجهڙيءَ پٽن ۾ مٺو ڪڇيءَ، مائي ڀاڳيءَ جا راڳ ٻُڌا. جن ماڻهن وٽ مال هوندو هو. اُنهن کي ڀاڳيا چيو ويندو آهي. سوکيءَ ۽ ڳوٺن ۾ اسان جي ڳوٺ علي کيرواڻيءَ ۾ “ڄَر پيندي هُئي” معنيٰ هَر روز مينهن ويامندي هُئي. هي پَٽَ ايڏا ڀلارا ۽ سٻاجهڙا پٽ سون جيان چمڪندا، جرڪندا هئا.”
جنهن هنڌ اسين ويٺا هئاسين، ان جي پاسي ۾ وڏو سڪل تلاءُ هجي، ان جي بندن جي پاسي ۾ گدڙن جي باهڙ ٿي، هوت محمد کيرواڻي ان طرف نهاري، وري ڪنڌ لاڙي چوڻ لڳو.
“ادا! اڳي ايڏا سُهڻا پَٽَ هُئا، هاڻ سامونڊي پٽيءَ سوکي، سُک ڀري، سونا سنگ، پَنَ ڏيڻ واري ڪانهي ڪا، پوري سامونڊي پٽي سُورن جي تؤُ ۾ سَڙي ويئي آهي. سُک ڀريا ماڳَ، سور جي باهَه ۾ سَڙي رک ٿي ويا. هاڻ هر طرف کاري پاڻيءَ واري کاري زمين، جتي ڀاڳين جا ڀاڳ وارا وٿاڻ، پکين جا پيارا آواز، ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. هَير اُتي، لاڻن جون وَليون ۽ ڄار بيٺي هئي، رات جي وقت گدڙن جون اَناهيون اچن ٿيون. انهن سوکيءَ وارن کي قصن ۽ ڏينهن کي ساريندي اندر اُکڙيو پوي، “بَس کاري (سمنڊ جي پاڻي) ڦٽايا کَيٽ اسان جا” ڪي ڳوٺ سوکي جي شهر جهڙو ڏيک ڏيندا ها، اُهي سڀ اُجڙي ويا. خالي ڪلراٺي زمين بچي آ، ڪو وقت اهڙو به اچي ويندو. اهي پَٽَ به پنهنجا نشان ڇڏي ويندا، جيئن ماضي وارن بندرگاهن جا نشان به نه ٿا مَلن. اُهي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ هليا ويا. سي هي پَٽَ به ائين سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ گُم ٿي ويندا. هزارن ايڪڙن تي ٻڌل علائقو آباد هو، جنهن ۾ سوکي جو شهر هو ۽ وڏو بندرگاهه، سي سَڀَ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ڍڪجي گم ٿي ويا. سنڌ جي ٻين بندرگاهن وانگر سوکي بندر جو نالو ڪتابن ۾ پڙهنداسين. هاڻ ڪڏهن سوکيءَ جي پٽن کي ڏسندا آهيون، اندر ۾ سڏڪن جي اُٿل پٿل ٿيندي آهي. مٽڻي ۽ ميرواهه درياهن مان هلندي اکيون سوکيءَ جي پَٽن ڏانهن لڙي وينديون آهن. بس ٿڌو ساهه نڪري ويندو آهي. هاڻي سوکي جي شهر جي زمين جو ٿورو ٽُڪر سو به ڪلراٺو بچيو آهي، هاڻ اسين به لڏڻ جي سوچيون پيا.
“الهڏنو کيرواڻي خاصخيلي چيو، هاڻ هِت رهڻ اَهنجو ٿي پيو آهي. ساڪرو يا ڪنهن پَٽَ تي سَولي آبادي واري زمين مِلي پوي ته اسين اوڏانهن هليا وينداسين، انهيءَ ڪوشش ۾ لڳا پيا آهيون.”
رات جو وقت هُجي، آسمان ۾ ٽمڪندڙ تارن کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي، جيئن اڳي ڳوٺاڻيون عورتون رئي گندي ۽ چنريءَ تي رنگين ستارا هڻنديون هيون، اهي ستارا چمڪندا تارن جهڙو ڏيک ڏيندا رهيا. آسمان جي جهوليءَ منجهه ننڍڙا ۽ وڏڙا تارا ٽمڪي ۽ چمڪي رهيا هئا، ڪنهن وقت ۾ هي پَٽَ به آسمان جي تارن جيان ڏيک ڏيندا هئا. وري پٽ تي نگاهه ڦيرائي ڏٺو ته، ڪلراٺي زمين جي جهوليءَ تي لاڻن جون وَليون، جن جي اندران سنهڙن جيتن جا آواز اچي رهيا هئا، بس پوءِ ڪنهن مهل آسمان کي ته ڪنهن مهل کاري پَٽن کي ڏسندي اُداس ٿي ويس”.
ايتري ۾ هوت جو آواز آيو.
ادا، هاڻ رات جَهجي ٿي ويئي آ، منهنجو ڳوٺ پَري آهي. منهنجي ڳوٺ جو نالو قبول خاصخيلي آهي، هاڻ سڀني کان موڪلاڻي ڪريان پيو. ڪَچهريءَ ۾ ويٺل رستم خاصخيليءَ کي هوت چيو:
رستم! مِکي لائيٽ ڏي، اوندهه لڳي پيئي آهي، واٽ تي نانگ چُرندا هوندا، سُڀاڻي لائيٽ واپس ڏئي ويندس. رستم جي هٿ ۾ ننڍڙي سيلن واري لائيٽ هئي، اُها هوت کي ڏنائين پوءِ ڪچهريءَ مان سڀئي اٿيا.
الهڏنو کيرواڻي، رستم پٽ الهڏنو، مجيد پُٽ حاجي خاصخيلي، ابراهيم پُٽ حاجي، سِلو پٽ حاجي، آمون پٽ حاجي، عيدو پٽ حاجي خاصخيلي، عثمان پٽ الهڏنو، سلطان پٽ الهڏنو، دلدار پُٽ الهڏنو، بَراد پٽ علي کيرواڻي، محمد پٽ بَراد، عيسو پٽ سومار خاصخيلي، عرس پٽ عيسيٰ خاصخيلي، موسيٰ پٽ عيسيٰ خاصخيلي، اُميد علي پٽ سومار سڀئي هليا ويا، علي اڪبر خاصخيلي ڪو نه وَيو. پَٽَ تي تڏو وڇايل هيو، جتي ويهي ڪچهري ڪئي سون، علي اڪبر اُن تي هنڌ وڇائي سمهي رهيو.
صبح جو سوير سج ڪَني ڪَڍي ته اُٿيس، ايتري ۾ ڇوڪرو چانهه ماني کڻي آيو. پَٽَ تي پاڻيءَ جو ڀريل پَپَولو (پلاسٽڪ جو ڊرم) خالي ٽامري (ديڳڙو) ٺُولو (ڇَل) ۽ ٻاجَهٽ (ننڍڙي صندلي) پيا هئا، مان اُٿي ٻاجهت تي ويهي، پَيولو مان ٿورو پاڻي ٽامريءَ ۾ وڌو ۽ ٺُولو مان پاڻي لاهي هَٿ مُنهن ڌوئڻ لڳس، کٽ جي سيرانديءَ کان ٽوال پيو هو. هَٿ منهن ڌوئي تڏي تي آيس، علي اڪبر چانهه ڪوپ ۾ لاهي ڏني، ماني کائڻ کانپوءِ ڇوڪرو ٿانوَ کڻي ويو، اڪبر خاصخيلي اُٿي گهر ڏي ويو. واپس ۾ هڪ بانٺو (لَٺَ) کڻي آيو، هن جا پير اگهاڙا هئا، هڪڙو ٻار ٻَڪرين جا ڌڻ ڪاهيون پئي آيو، ٻڪرين جي اڳيان ۽ پاسن کان ڇَيلڙا ڪُڏَ ٽينگ ۽ ٽپا ڏيندا لاڻن کي سگهندا ڄار جي وڻ وٽ آيا. ٻه ٻڪريون ڄار جي وَڻ تي چڙهي ويون. اُتي ڄار جا ساوا پَنَ کائي رهيون هيون، ڪي ٻڪريون لاڻن منجهه چرنديون اڳتي هلنديون ٿي رهيون. ڳوٺ جي ٻاهران سڪو تلاءُ هو، اُن جي بند تي کٽ رکيل هئي جنهن تي اسين ويٺا هئاسين، تلاءُ جي اُوڀر ۾ مُٽڻي درياهه هو.
علي اڪبر چيو:
هاڻ هَلو ته کاري هَلو، هنڌ بسترا پپولو، ٺولو، ٽامري ۽ ٻاجهٽ اُهي سڀ سامان ڇوڪرا پاڻ کڻي ويندا. پوءِ اسين علي کيرواڻي خاصخيلي ڳوٺ مان پنڌ نڪتاسين. کاروڇاڻ کان اڍائي ميل هو. کارو کان صبح جو نائين ڌاري پَتڻ نڪرندو آهي، اُن پتڻ تي مون کي پهچڻو هيو، اهو پتڻ ڦاٽ درياهه جي پرينءَ ڪنڌي تي پهچائيندو، جتان سوزڪي يا ڊاٽسن ٻگهاڻ ۽ ڳاڙهو ماڻهن کي کڻي ويندي آهي. اسين ڪلراٺي زمين تي ٺهيل پيرو چارو کان هلندا رهياسين، پَٽَ تي لاڻا، ڄاريون، سُڪل ٻٻر جا وڻ هيا.
علي اڪبر چيو:
ادا، بَينا زمين آهي، يعني کاري زمين آهي، “بُينا لفظ جي معنيٰ غير آباد ۽ کاري زمين،” هڪ ٻڪري ڄار جي وڻ تي چڙهي وئي، وڻ جي هيٺيان ننڍڙو ڇيلو ٻي ٻي ڪري رهيو هو. اوسيتائين دانهون ڪندو ٻاڪاريندو رهيو، جيسيتائين ڄار جي وڻ تي چڙهيل ٻڪري هيٺ لهي ڪو نه آئي.
ڪي ڇيلڙا ڪلراٺي پَٽَ تي ڊوڙندا، لاڻن جي ننڍڙن ٻوٽن ۽ زمين تي ليٽيل لاڻن جي وَلين مٿان ڪڏندا ٿي ويا.
رستي ۾ پري پري کان ڪانن ۽ ڪَڙَن جا ڇنا ۽ مَنههَ ڏسڻ ۾ آيا منهنجو ڌيان انهن گهرن ڏانهن ڏسندي علي اڪبر کيراڻي چيو:
ادا، هي پَٽَ جنهن تان هلي رهيا آهيون، سي اُجڙي ويا آهن. اسان ننڍپڻ ۾ هن علائقي کي ڏٺو هو. کاروڇاڻ کان وٺي ميرواهه ۽ مُٽڻي درياهن تائين هي پٽ آباد هئا. سون جي تعداد ۾ مختلف ذاتن وارا ماڻهو رهندا هئا، وڏا باغ زمينون سهڻن فصلن سان سايون، ساهه واريون لڳنديون هيون. آباد هو، هَنن پٽن تي ملاکڙا لڳندا هئا. کارو ۽ سوکي ڦِٽو ته هِن علائقا به اُجڙي ويا. هاڻ ڪجهه گهر جيڪي ڇڊا ڇڊا هئا، جنهن ۾ رونجها، بگدا، سهتا، ميربحر ۽ خاصخيلن جا گهر جهجا آهن.
1. ڇُٽو ڄاموٽ ڳوٺ خاصخيلي
2. لالڻ خاصخيلي ڳوٺ
3. علي محمد کيرواڻي ڳوٺ
4. صديق اوٺاڙي خاصخيلي
5. اسماعيل بگدو
6. صديق رونجهو
7. الهڏنو رونجهو
8. جمعو سَهتو
9. محمد سهتو
10. حاجي خاصخيلي
11. عبدالله ميربحر ۽ کٽين جو ڳوٺ
کاروڇاڻ جي ويجهو آياسين، ڪجهه گهر ڏسڻ ۾ ٿي آيا. پاسي ۾ قبرستان هيو، جيڪو پراڻو نظر اچي رهيو هو. هي قبرستان ميلن ۾ هيو.
اسين قبرستان جو پاسو وٺي هلندا کاروڇاڻ جي بازار منجهه آياسين، الهڏنو کٽيءَ جو دڪان هجي، اُتي ڪي ماڻهو وکر، سودو سامان وٺي رهيا هئا، الهڏنو کٽي دڪان تي ويٺو هو، اسان کي ڏسندي، اٿيو ۽ سڪ سان مليو، هڪ ڇوڪري کي چانهه جو چئي پوءِ صندل ڏانهن اشارو ڪيو، اسين صندل تي ويهي رهياسين، ايتري ۾ الهڏنو ميربحر آيو، هن سان مليس کين چيو:
آءُ وڃان ٿو پاتڻي يوسف ڪهڙي وقت پتڻ ڪڍندو؟ الهڏنو کٽي چيو:
يوسف پاتڻي شهر ۾ ايندو آهي ته مون وٽان چڪر ڏئي پوءِ پتڻ تي ويندو آهي، توهين الڪو نه ڪريو، اجهو پاتڻي آيو، الهڏنو ميربحر اُٿيو، آءُ پاتڻي يوسف کي ڏسي ۽ چئي اچان ٿو. الهڏنو ميربحر هليو ويو، ڪجهه منٽن ۾ موٽي آيو، پاتڻي هوٽل تي چانهه ويٺو پئي، هيڏانهن اچي پيو.
هڪ ڇوڪرو چانهه کڻي آيو، اسان سڀئي چانهه پيئڻ لڳاسين. دڪان ۾ ننڍا وڏا جيڪي به آيا ٿي، انهن جي وات ۾ چورو، گٽڪو ۽ ڪن جي وات ۾ پان هجي، ننڍڙا ٻار دڪان تان سوپاريون، سونڦ جون ننڍڙيون پڙيون وٺيو ٿي ويا. دڪان ۾ ويٺل نوجوان دڪان جي فرش تي ڳاڙهي پچڪاري وات واري اڇلائين پيا ته فرش تي ڳاڙها نشان، چُٽا ٺهي پيا وڃن. اُنهن کي دڪاندار به ڪجهه نه ٿي چيو.
اسين چانهه ختم ڪئي ته، پاتڻي يوسف دڪان تي آيو، پوءِ اسان اُٿياسين. هر هڪ کان موڪلايو، الهڏنو ميربحر مونسان گڏ اُٿيو ۽ پتڻ تي هلڻ لڳو، يوسف پاتڻي اسان کان تڪڙو هلندو هڪ دڪان کان گٽڪي جون پڙيون ورتيون، اسين هلندا رهياسين، جڏهن کاروڇاڻ جي بازار ٽپي اڳتي هلڻ لڳاسين ته زاهد ساڪاڻي بلوچ مليو، هُن سان گڏ ٻه ماڻهو هئا. زاهد بلوچ اُنهن جو تعارف ڪرايو. امين ميربحر، رشيد ساڪاڻي بلوچ پوءِ سڀئي ڦاٽ درياهه ڏي هلڻ لڳاسين. جنهن جاءِ تي پتڻ (ٻيڙي) بيٺو هو. پوءِ غلام محمد ساڪاڻي بلوچ، سائين سومار کيرواڻي جنهن کي اڇي ڏاڙهي هُئي، اِهي پتڻ تي ويا ٿي، جڏهن پتڻ تي آياسين ته ٻيڙيءَ منجهه گهڻا ماڻهو اڳ ۾ ويٺا هئا، ٻيڙيءَ جي سکاڻ تي جنهن جاءِ تي مشين (ٽنگ مشين) لڳل هئي، ٻيڙي جي کڻ (پيٽ) ۾ عورتون ۽ ننڍا ٻار ويٺا هئا، ٻيڙيءَ جي مُهريءَ تي چار ماڻهو ويٺا هئا، اسين ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سکاڻ ڏي وڌي وياسين، زاهد ڪاساڻي بلوچ، غلام محمد ساڪاڻي بلوچ، آءُ سکاڻ تي ويٺاسين، زاهد سڪاڻي موٽر جي پاسي ۾ ويهي رهيو اُتي ٻه ماڻهو ويٺا هئا، انهن پاڻ کي ٽوال سان ويڙهي ڇڏيو هو، زاهد ڪاساڻي بلوچ هڪ ماڻهوءَ کان وڏو ٽوال (پوتڙو) وٺي اُن سان پاڻ کي ويڙهي ويهي رهيو، جيئن موٽو هلڻ وقت تيل جا ڇنڊا، ڦينگيون هڻي ڪپڙا خراب نه ڪري، پاتڻي يوسف اچي ويو. هاڻ ماڻهن کي اميد ٿي ته پتڻ هلندو، تڙ تي ٽي ٻيڙا سڪي وٽ بيٺا هئا. هڪ ٻيڙي جي واڍا مرمت ڪري رهيا، ان کي هيٺيان ڪاٺ جون پٽيون هڻي رهيا هئا.
پاتڻي يوسف سکاڻ تي ٽنگ مشين چالو ڪئي ته هوا ۾ مشين جو شور هوا ۾ پکڙجي ويو، ٻيڙي لوڏو کائي هلڻ لڳي. آهستي موڙ کائي تيزيءَ سان درياهه جي سيني تي هلڻ لڳي ته درياهه جي پاڻيءَ جون ڇَنڊون ڇوليون (ڦينگون) سکاڻ ۽ مُهري تي ويٺل ماڻهن جي مٿان ڪرڻ لڳيون، جنهن پاسي کان لهرون اٿل کائي ٻيڙيءَ (هوڙو) سان اچي لڳن پيون ته پاسن کان ويٺل ماڻهن کي پَسايون هليون پيون وڃن. درياههَ ۾ موج هُئي، واءُ تيز گهلي رهيو هيو. ٻيڙي پينگهه جيان لڏندي هلندي رهي، ڪنهن مهل درياهه ۾ ٻيڙي آسيري پاسيري ٿيندي رهي ته ماڻهو هڪٻئي کي پڪڙي جهلي وَٺن پيا، ڦاٽ درياهه جي وچ ۾ ٻيڙي هلي رهي هئي. درياهه منجهه ڪيترا هوڙا هلندا رهيا، پاتڻي يوسف سکاڻ تي بيٺو هجي، هن کيسي مان گٽڪي جي پُڙي ڪڍي، وات ۾ وجهي، وري پڙيءَ کي ويڙهي سيڙهي کيسي ۾ رکيائين. پوءِ مُهريءَ (ٻيڙي جو پويون حصو) تي ويٺلن ماڻهن ڏانهن هليو ويو. اُنهن کان ڀاڙو وٺڻ لڳو.
پتڻ ڪَڍو، هَٿ ۾ رکو.
يوسف پاتڻي مُهريءَ وارن کان پئسا وٺي پوءِ سُکاڻ وارن ڏي آيو. انهن کان پتڻ (ڀاڙو) ورتائين، تنهن کانپوءِ کُڻ منجهه ويٺل عورتن ۽ ٻارن کان ڀاڙو ورتو. واپس سکاڻ تي آيو، هن هر هڪ ماڻهوءَ کان پنجاهه (50) روپيا ڪرايو ورتو، موٽر ۾ ٻڌل رسي کي ڇڪ ڏني ته ٻيڙي تيزيءَ سان هلڻ لڳي. سامهون تڙ هيو، اُتي ٻيون ٻيڙيون بيٺل هيون. پاتڻي انهن ٻيڙن کان پري ڦاٽ درياهه جي ڪنڌي ڏي ٻيڙي جو رُخ موڙيو. ڪجهه منٽن کانپوءِ ٻيڙي ڪنڌيءَ کان پَر ڀري ٿي بيهي رهي، ماڻهو شلوار وارا پاچا مٿي کڻي ٻيڙيءَ مان هيٺ لٿا، ڪن ماڻهن کي گوڏن تائين پاڻي آيو ٿي. ڪن کي چيلهه تائين پاڻي، آءُ ٻيڙيءَ مان هيٺ لَهي، پاڻي جي گپ ۾ پير ڪُنڊا ڪري هلندو سُڪيءَ تي آيس. ڪناري تي اچي درياهه جي پاڻيءَ ۾ پير ڇاڇولي (ڌوئي) بوٽ پائي سوزڪيءَ ۾ چڙهي ويٺس. تڙ تي هڪ ڊاٽسن ۽ هڪ سوزڪي بيٺي هئي، ڪي ماڻهو ڊاٽسن ۾ چڙهيا ته ڪي سوزڪي ۾ چڙهي ويٺا، ٻئي گاڏيون ماڻهن سان ڀرجي ويون.
زاهد ساڪاڻي بلوچ سان ڪچهري ٿي، هن ٻڌايو ته ٻاٻيهو ڳوٺ ۾ ڪجهه ماڻهو سوکيءَ کان لڏي اچي ويٺا آهن، انهن سان ڪچهري ڪنداسين. “ادا! هير ٻگهاڻ هلون ٿا، اتي ڪي ماڻهو آهن ته ٻڌاءِ، انهن سان ملڻ سولو ٿيندو، ڇو ته آءُ ٻگهاڻ مان ڪراچي هليو ويندس.”
اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سوزڪي ٻگهاڻ شهر ۾ پهتي، سوزڪي وارو هڪ، هڪ ماڻهوءَ کان پنجاهه روپيه ڀاڙو ورتو، اسين هيٺ لٿاسين، سوزڪيءَ واري کي ڪرايو ڏنو، زاهد بلوچ چيو:
ادا، توهان پندرنهن ويهه منٽ اتي بيهو يا ڪنهن جاءِ تي ويهو، آءُ ڊاڪٽر کي طبيعت ڏيکاري اچان ٿو. منهنجي ذهن ۾ آيو ته ڪالهه محبوب جي هوٽل تي ويٺو هوس، ڇو نه اُتي وڃي ويهي رهان.
زاهد! آءُ محبوب هوٽل تي وڃي ويهان ٿو.
“ها.... اهو هوٽل ڏٺل آهي، آءُ اتي اچي ويندس.”
زاهد ائين چئي هليو ويو، آءُ محبوب هوٽل تي آيس. صندل تي ويهي رهيس، بيرو آيو، هن جي هٿ ۾ پاڻي جو گلاس هيو، اهو اڳيان رکيائين.
ڀاءُ.... هڪ چانهه ڦِڪي:
بيرو ڪنڌ لوڏي هليو ويو، شبير ميمڻ جو وڏو ڀاءُ دڪان تي هيو، اُهو مليو. آءُ اڌ ڪلاڪ اُتي ويٺو رهيس، زاهد بلوچ جي فون آئي، اسين اچون پيا. ڪجهه منٽن کان پوءِ هڪ موٽرسائيڪل هوٽل جي اڳيان اچي بيٺي، اُن تي زاهد ويٺو هو. آءُ اُٿي ويس، پوءِ ٽئي ڄڻا جنگي سَر روڊ تي آياسين. مهراڻ شاپنگ سينٽر کان ٿورو اڳيان کٻي هٿ تي ڇَنو ٺهيل هيو، اُتي موٽرسائيڪل بيهاري اسين اندر داخل ٿياسين. هڪ نوجوان سفيد ڪپڙن ۾ ويٺو هو، بنديءَ تي لکي رهيو هو. شايد حساب ڪتاب لکي رهيو هو، ڇَني ۾ چار ماڻهو ويٺا هئا. انهن مان ٻه ڄڻا اُٿي هليا ويا، ٻه ڄڻا ويٺا رهيا، هڪ کي نوجوان جيڪو حساب ڪتاب لکي رهيو تنهن چانهه جو چيو ته ويٺل ٻن ماڻهن مان هڪڙو اُٿيو ۽ ڇني کان ٻاهر هليو ويو، وري موٽي آيو. اُن جي پويان چانهه وارو ٿرماس ۽ ٽي ڪوپ کنيو اندر داخل ٿيو، نوجوان چيو، هيءَ چانهه انهن ملاحن جي لاءِ چئي هئي، جيڪي اُٿي هليا ويا، هاڻ اها چانهه اسين پيئنداسين. پوءِ ڪوپ ۾ چانهه ڏني، ٻئي ڪوپ ۾ پنهنجي لاءِ چانهه لاهي پيئڻ لڳو. ايتري ۾ هن جي فون اچي وئي، ان سان ڳالهائڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
آءُ چانهه پي خالي ڪوپ اڳيان ميز تي رکيو ته ٽي ماڻهو ڇني منجهه آيا، منهنجي ڀر ۾ خالي ڪرسيون پيون هيون، اُن تي اچي ويٺا. انهن سان حال احوال ٿيا پوءِ انهن پنهنجو تعارف ڪرايو.
ادا، منهنجو نالو شير محمد ڪاساڻي بلوچ ولد احمد علي ساڪاڻي بلوچ، ٻگهاڻ شهر کان سڄي پاسي تي هڪ ڪلوميٽر ۽ هڪ فرلانگ جي مفاصلي تي ڳوٺ احمد علي ساڪاڻي بلوچ آهي. اهو اسان جو ڳوٺ آهي، هي پُنَ شاخ جي ڀَر ۾ آهي.
جنهن نوجوان چانهه گهرائي هُئي، ان پنهنجو تعارف ڪرايو. منهنجو نالو جلال احمد پيروزاڻي آهي، ڳاڙهو شهر جي ڀَر ۾ اسان جو ڳوٺ حاجي رمضان پيروزاڻي آهي.
ڇَني ۾ ويٺلن ماڻهن پنهنجا نالا ٻڌايا:
ڇَڇَر ملاح ولد ماڪُو، عباس علي، الله بچايو، ڌانڌل، معشوق ساڪاڻي، زاهد ساڪاڻي بلوچ، علي حسن پيروزاڻي بلوچ، سليمان ملاح، سڪندر رجيرو، علي ملاح.
شير محمد ساڪاڻي بلوچ ڪچهري ۾ ٻڌايو ته اسان جا ڏاڏا، پڙ ڏاڏا سوکيءَ جا آهن، سوکيءَ ۾ هندو گهڻا هئا، اُنهن جا پڪا گهر هئي ۽ سوکي ۾ پائيلا به هُئا. پائيلو جي معنيٰ ڪارخانو، جنهن ۾ ڇڙ پيسائي ٿيندي هئي.
ٻگهاڻ ۾ ويٺو هئس ته ڊاڪٽر جليل کٽيءَ جي فون آئي،
ادا! ڪٿي آهيو؟
ڊاڪٽر! ٻگهاڻ شهر ۾ آهيان.
آءُ ٺٽو کان گهارو اچان پيو. تون به اُتي اچ، آءُ چئرمين هوٽل تي انتظار ڪندس.
ڊاڪٽر! مهرباني، گهارو شهر ۾ گڏ آهيون.
ڊاڪٽر جليل کٽيءَ جي فون کانپوءِ، دوستن کان موڪلايو، ٻگهاڻ مان سوزڪي ۾ چڙهي، ڳاڙهو شهر ۾ آيس.
خاصخيلي هوٽل وٽ ڳاڙهو کان ڪراچي ويندڙ وين ۾ چڙهيس، جيڪا ابراهيم حيدري وڃي رهي هئي، گهارو ۾ لهي روڊ ٽپي چيئرمين هوٽل تي ويس، ڊاڪٽر جليل ويٺو هو، ڪچهري ڪندي حال احوال ڪيائين ته،
ادا! چوهڙ جمالي کان اچان پيو، جڏهن ٺٽو شهر پهتس ته تنهنجو خيال آيو، “منصور سان ڳالهايان.” مون کي پڪ هئي، تون ٺٽي ضلعي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ يا شهر ۾ هوندي، اهو سوچي توهان کي فون ڪئي.
چوهڙ ۾ “ناٿو ولد محمد ميراسي”، سان ملاقات ٿي، ۽ اوستو محمد يوسف خاصخيلي ولد محمد رمضان خاصخيلي سان ملاقاتون ٿيون. اوستو (استاد) ان کي چوندا آهن جيڪو ڪنهن به فن جي ڄاڻ رکندڙ هجي. ناٿو ولد محمد عرس ميراسي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ورهاڱي ٿيڻ کي ٽي سال گذريا هئا. راڳ ڳائيندڙ هڪ ٽوليءَ سان، ناچو بڻجي سوکي بندرگاهه ۽ سوکي شهر ويو هوس، ان وقت منهنجي عمر ٻارنهن سال هئي، اسين سوکي شهر ۾ آياسين. اتن (اتان) جي ماڻهن پئي چيو،
“هاڻي واڻيا هليا ويا آهن، جيڪي وڻج واپار ڪندا هئا، انهن جي وڃڻ کانپوءِ ڪاروبار ۾ اها ڳالهه ڪانهي، هتان جي واپارين جو ٻين شهرن سان ڏيتي ليتي اُها نه رهي آهي. هندو جيڪي ڪاروباري ڄاڻ رکندڙ هئا، سوکي بندر ۽ سوکي شهر جا وارث هئا. هاڻي هتان جا مالڪ مسلمان بڻيا آهن، ان وقت بازار ۾ هلندين، سوکيءَ جو شهر گهمندي، ڦرندي مزو اچي رهيو هو.
جنهن راڳيندڙ ٽوليءَ سان ويو هوس، اُهي اڳي واڻين جي وقت سوکي شهر ۽ بندر تي ايندا ويندا هئا. انهن مِکي (مون کي) سوکي جي قصن بابت ۽ سوکيءَ جي محبتي ماڻهن جا قصا ٻڌايا. اهو به ٻڌايو ته واڻيا فنڪارن جو جهجهو قدر ڪندا هئا.
آءُ جنهن ٽوليءَ سان ويو هوس. انهن راڳيندڙن جا نالا هينئر به ياد آهن. “منڱو ميراثي، مهراڻ ميراثي، ڪريم بخش عرف ڦوٽو ميراثي، خادم ميراثي، مِٺو مصري ميراثي هئا.
سوکي شهر ۾ اسان جو رهڻ عثمان شيديءَ جي اوطاق تي ٿيو هو. ماني ٽڪي سڀ اتي کائيندا هئاسين ۽ راڳ جي محفل به عثمان شيديءَ جي اوطاق تي ٿي، سوکيءَ شهر ۾ ڪيترين ئي ذاتين وارا ماڻهو رهندا هئا، راڳ ٻڌڻ جي لاءِ سوکي شهر ۽ ڀرپاسن جا ماڻهو به آيا هئا.
اسان کي پئسو جام ڏنائون، سي ماڻهو راڳ جا وڏا شوقين هجن، اسان فنڪارن جي عزت ڪيائون، مهمانوازي اهڙي جو اڄ ڏينهن تائين، اهو قربائتو ۽ پيار وارو هلڻ، سوکيءَ جي ماڻهن جو وسري نه ٿو. ان کانپوءِ موجو (منهنجو) سوکيءَ شهر ڏي وڃڻ ڪونه ٿيو.
اسين چيئرمين هوٽل تي ماني کائي ساڪرو شهر کان ايندڙ وين ۾ چڙهي، ريڙهي مياڻ جي موڙ تي پهتاسين. پوءِ اسان کي هڪ سوزڪي ملي وئي، ريڙهي ڳوٺ ۾ آياسين.
رات جو ڊاڪٽر جليل جي اوطاق تي سائين لطيف الله خاصخيلي آيو. جيڪو پرائمري اسڪول ريڙهي ۾ استاد هجي. اوطاق ۾ ٻه ٻارڙا فائزه ۽ فيضان به اچي ويٺا. سائين لطف الله ڳالهين ۾ هن پنهنجي والد لهر محمد هاشم جنهن کي “لهر ڪيٽوي” به چوندا هئا، ان بابت ٻڌايو.
ادا! منهنجو والد سوکيءَ ۾ پرائمري ماستر هيو. پاڻ شاعري ڪندا هئا، سوکي شهر ۽ جوڳيئڙا ڳوٺ ۾ استاد رهيو. سوکيءَ شهر ۽ جوڳيئڙا ڳوٺ ۾ ٽن ميلن جو فاصلو آهي، جوڳيئڙا ڳوٺ ۾ فصل ڀلو ٿيندو هو، خاص طور “ساڳ” جوڳيئڙن جو ڏاڍو مشهور هيو. جوڳيئڙا ۾ ساڳ جي پوک سُٺي ٿيندي هُئي، ماڻهو ساڳ وڏي شوق سان کائيندا هئا.
بابا جي هڪ بيت ۾ جوڳيئڙا ڳوٺ جي “ساڳ” جو ذڪر آهي،
جام ملي ٿو جوڳيئڙن، سَرههَ سندو ساڳ،
کايو سهڻو ساڳ، ويٺا ڪريون راڳ،
چوءَ پنهنجو ڀاڳ، جنهن جان اڙائي جوڳيئڙن ۾.
جوڳيئڙا ڳوٺ هير به آباد آهي، پر اهو ماضيءَ وارو اوج نه رهيو آهي، جوڳيئڙا جا شاگرد درياهه جو ڍورو اڪري سوکيءَ جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئا.
بابا جي شاعري جو ڪتاب “لهريون اچڻيون وڃڻيون” سندس حياتيءَ ۾ صداقت ڊيپو گاڏي کاتو شايع ڪرايو هو. 1998ع ۾ بابا وفات ڪئي.
ڊاڪٽر جليل ٻڌايو ته چوهڙ ۾ منهنجي ملاقات اُستو محمد يوسف ولد محمد رمضان خاصخيلي سان ٿي، ان چيو ته،
“اسان سوکيءَ مان 1962ع ۾ لڏ پلاڻ ڪئي، صديق ڪاٿڙائي مهاڻو هيو، ان جي ٻيڙي جنهن کي “گاليو” چون. “گاليو” ٻيڙي جو قسم آهي، اسين ان م لڏ کڻي (گهر جو سامان) چوهڙ جمالي لڳ “لوڊ موري” جي ڳوٺ جيڪو بچل پاتڻي جو ڳوٺ هجي، اتي اچي لڏو لاهي ويٺاسين. پوءِ وري اتان ڏاند گاڏين ۾ لڏ کڻي (سامان) چوهڙ شهر جي لڳ “ڀلو اوٺار” جي پٽن تي اچي رهائش اختيار ڪئي. سوکيءَ آباد شهر هيو، هن شهر جو واپار ڪيترن ملڪن ۽ شهرن سان هلندو هيو.
سوکيءَ ۾ واڻيا، جن ۾ ڀاٽيا ۽ لوهاڻا ذات وارا هئا، سوکيءَ جي شهر ۾ ان چڙهڻ ۽ ان پيسڻ وارو ڪارخانو هندو ڀاٽين جو هيو، ان مل کي محمد رمضان خاصخيلي هلائيندو هو.
سوکي شهر ۾ اسان جا دڪان، هوٽل ۽ ڪئبن به هيون، سوکيءَ جي اتر طرف ۽ اولهه پاسي ۾ موسو ڪنڀار وارن جا ويهه کن گهر هئا.
انهن جي پاسي ۾ خاصخيلين جا گهر، انهن گهرن جي ٿورو اڳيان مهاڻن جا گهر هجن.
سوکيءَ ۾ “ٻنندو مل” ديوان لوهاڻو سريال (چڱو مڙس) هوندو هو. جنهن کي هڪ ڌيءَ تارا ۽ هڪ پٽ تارو مل هئا.
واڻين جي وڃڻ کانپوءِ جيئن جيئن سوکي جي چلتي واري ۽ وڻج واپاري سونهن گهٽجڻ لڳي ته ماڻهو به لڏ پلاڻ شروع ڪرڻ لڳا. موسو ڪنڀار سوکيءَ مان لڏي “باگاڻن” ۾ سائين جلال شاهه وٽ آيو. ان کان ٻيڙين جي مدد گهريائين. جنهن موسيٰ ڪنڀار کي “دبائي جت” جي ٻيڙي ڏني. ان ٻيڙي ۾ سامان (لڏ) کني چوهڙ آيو ۽ ڪجهه عرصو رهي پوءِ ابراهيم حيدري هليو ويو، هاڻ ان جو اولاد ابراهيم حيدريءَ ۾ رهي پيو.
سوکي جو شهر “سڪ پريت جو شهر” هيو، اڃان به ڪيترا ئي ماڻهو مون کان رهجي ويا آهن، جيڪي سوکي جا اصل رهواسي هئا. هن وقت مختلف ماڳن تي رهن ٿا. انهن سان ملاقات ڪري ڪو نه سگهيو آهيان پر جن به ماڻهن سان ملاقاتون ٿيون، انهن سڀني سامونڊي سورن جون دانهون ڪيون، سمنڊ جي کاري پاڻيءَ انهن جا اجها ڦٽائي ڇڏيا، سامونڊي کاري پاني لاڙ جي سکين ستابن پٽن کي “پوٺو” بڻائي ڇڏيو ۽ اڃان به اجاڙيندو اچي پيو. سامونڊي سورن جا داستان ڪنهن کان وسريا ڪونه آهن.