ڪوٽ لکپت جو قيدي
پليجو صاحب لکي ٿو: ”ھيءَ ڊائري منھنجي فڪر ۽ شعور جي ڀيٽ ۾ ذھن ۽ روح مان ازخود اٿي نڪرندڙ احساس ۽ ويچارن جو پاڻ مرادو وھڪرو وڌيڪ آھي. ھن ڊائريءَ جا ورق وري پڙھندي مون پاڻ کي وري بہ خيرپور، حيدرآباد، سکر ۽ ڪوٽ لکپت جيلن ۾ ويٺل محسوس ڪيو. جيل ۾ گهاريل زندگي ھن ڊائريءَ جي ڪري منھنجي شعور جو ھڪڙو اڻ ٽٽ حصو بڻجي وئي آھي.“