جڏھن سنڌ ۾ باھ ٻري (1983ع ايم آر ڊي جي ڪھاڻي)
سنڌ جي ويجهي ماضي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت کانپوءِ آمريت
خلاف ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي Movement for Restoration of Democracy جي
نالي ۾ سنڌ جي ماڻھن جيڪا شاندار تحريڪ ھلائي ھئي، ان بابت نامياري صحافي ۽ محقق
بدر ابڙي جامع انداز ۾ لکيو آھي. بدر ابڙي ھي ڪتاب 1980ع جي ڏھاڪي ۾ مشھور ”ڄام
ساقي ڪيس“ ۾ قيد ھئڻ دوران لکيو ھو.