صحرا جي ڀاڪُر ۾
هڪ حساس ڪوتاڪار جي روپ ۾ رحيمداد جوڳيءَ جا سڏ پڙاڏا ان وقت احساسن جي صليب ڀاسين ٿا جڏهن سندس قلم جي جنبش ڪاغذي ڪئنواس تي پنھنجا رنگ ڇڏي هر پڙهندڙ اکڙين ۾ گهر ڪرڻ لڳن ٿيون، سونھن، سڪ، پرت، پيار، وڍ، وڇوڙا، موھ، ميلاپ، چاھ ۽ چاشني جي من کي ڇھندڙ احساساتي لمس يا تڙپ هن ڪتاب ۾ شامل هر نثري نظم جي ڪنھن نہ ڪنھن ڪنڊ ۾ ليئاڪا پائيندي نظر ايندي. ڪوتاڪاڪ جي رمتي جوڳيءَ رحيمداد جوڳيءَ جا نثري نظم سندس اندر جو اهڙو آئينو آهن، جن ۾ ڪٿي نہ ڪٿي اسان پنهنجو اولڙو بہ پسيون ٿا تہ معاشرتي منفي ۽ مثبت پھلوئن کي ڳولي بہ لھون ٿا.