ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار (ڀاڱو پھريون), مصنف : گل حسن ڪلمتي

ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار (ڀاڱو پھريون)

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار (ڀاڱو پھريون)
مصنف : گل حسن ڪلمتي
ڪيٽيگري : شخصيتون ۽ خاڪا
ڇپيندڙ : نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
شايع ٿيڻ جو سال : 2012
شامل ڪيو ويو : 2021-08-17
ڏِٺو ويو : 14 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 292 ڀيرا

گل حسن ڪلمتيءَ جو پنھنجي ماتر ڀومي ڪراچيءَ سان عشق لاءِ ڪنهن بہ دليل ۽ حوالي جي ضرورت ناهي، ڇو تہ سندس تحريرن ۽ سوچن جو محور ئي ڪراچي آهي. گل حسن ڪلمتي پنهنجي روين ۾ وڏو سادگيءَ وارو ۽ رواجي ماڻھو آهي پر تحقيق، تخليق ۽ تخيل ۾ هو هڪ وڏو ماڻھو آهي، جنھن ”ڪراچي سنڌ جي ماروي“ لکي پنھنجو نالو سنڌ جي چوٽيءَ جي ليکڪن ۽ تاريخدانن ۾ لکايو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ جا لڳ ڀڳ 25 عظيم ۽ لافاني ڪردار پنھنجو پاڻ ادارن جي حيثيت ۾ موجود آهن، اهي ڪردار اڻوسرندڙ ۽ ادارن جا خالق آهن، جن ڪراچيءَ کي ٺاھيو ۽ سنواريو آھي. جنکي پنھنجي شھر جي مانَ، مرتبي ۽ مالڪيءَ جو احساس ھوندو ھو. گل حسن ڪلمتيءَ ڪراچي جي تاريخ جي سڀني ڪردارن، جيڪي مختلف مذهبن سان واسطو رکن ٿا، سڀني کي هيرو ڪري پيش ڪيو آهي

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شخصيتون ۽ خاڪا مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ