ھندستان جي زبانن جو جائزو
انگريز ليکڪ ۽ محقق جان بيمز John Beames جي لکيل تحقيقي ڪتاب ”آئوٽ لائين آف انڊين فلالاجي“ Outlines of Indian Philology جو سنڌي ترجمو ”ھندستان جي زبانن جو جائزو“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار ڊاڪٽر نواز علي شوق آھي. جان بيمز ھن ڪتاب ۾ لسانيات جي عام شاگردن لاءِ ھندستان جي ٻولين جي حوالي سان پنھنجو اڀياس پيش ڪيو آھي. اختلافن باوجود ٻولين تي ٿيل تحقيق جي سلسلي جو ھي اھم ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ کي آريائي خاندان جي ٻولين سان گڏ رکيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ مصنف ھندستان جي مختلف ٻولين ۽ انھن جي خاصيتن کان واقف ڪيو آھي.