سنڌي شاعريءَ جو اڀياس, مصنف : شمشير الحيدري

سنڌي شاعريءَ جو اڀياس

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : سنڌي شاعريءَ جو اڀياس
مصنف : شمشير الحيدري
ڪيٽيگري : لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
ڇپيندڙ : ثقافت کاتو حڪومت سنڌ
شايع ٿيڻ جو سال : 2012
شامل ڪيو ويو : 2022-08-12
ڏِٺو ويو : 27 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 319 ڀيرا

هي ڪتاب نامور شاعر ۽ اديب شاعر شمشير الحيدريءَ جي ٻن ننڍن ڪتابن: ’سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر‘ ۽ ’جديد شاعريءَ جو اڀياس‘ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو پھريون ڀاڱو ’سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر‘ ستن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ جديد شاعري، سنڌي شاعريءَ جو مزاج، آزاد نظم جو تاريخي پسمنظر، آزاد نظم اردو ۾، غزل کان آزاد نظم تائين، آزاد نظم جو فن ۽ سنڌي آزاد نظم جو مستقبل جھڙا موضوع شامل آهن. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ’جديد شاعريءَ جو اڀياس‘ ۾ سنڌوءَ جي ساک، سنڌيءَ ۾ رومانوي شاعري، سنڌي ۾ جمالياتي شاعري، سنڌي ۾ رزميہ شاعري، سنڌيءَ ۾ مزاحيہ شاعريءَ تي بحث ڪيو ويو آهي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ