![ابتدائي تعليم جي سکيا, مصنف : مائيڪل ايل ھينيگر ابتدائي تعليم جي سکيا, مصنف : مائيڪل ايل ھينيگر](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/640817e841420.jpg)
ابتدائي تعليم جي سکيا
ھي ڪتاب پري پرائمري ۽ پرائمري ٻارن جي تعليم لاءِ استادن واسطي جديد تحقيق جي روشنيءَ ۾ سائنسي طريقن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ تعليمڪار ٿيڻ جا پيشورانہ پھلو پڻ بيان ڪيا ويا آھن. ڪتاب ۾ ٻاروتڻ جي راندين جي اھميت، والدين ۽ ڪميونٽي سان گڏ ڪم ڪرڻ، جسماني، سماجي ۽ جذباتي نشونما کي وڌائڻ جي طريقن، رياضي، سائنس ۽ سماجي اڀياس جي سکيا، زبان ۽ لکڻ پڙھڻ جي صلاحيت جي سکيا ۽ نشونما ۽ سکيا ۾ مدد لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت باب شامل آھن.