عورت، جنس ۽ مذھب
عالمي ادب کان وٺي ڪري سنڌي ادب تائين گرو رجنيش اوشو جو نالو ڪنهن کان بہ ڳجهو ڪونہ آهي. سندس لکيل ڪتابن کي سنڌ، هنڌ توڙي عالمي دنيا جي سُڌريل ملڪن تائين سُٺي پذيرائي ملي آهي. ھي ڪتاب نون بابن تي مشتمل آھي جن ۾ ”قانون جي نہ محبت جي حڪمراني“، ”پاڻ سان محبت“، ”محبت جي جرئت“، ”دوستي“، ”محبت ۽ حسد“، ”غير مشروط محبت“، ”جنس، جماليات ۽ شعور“، ”عورت، جنس ۽ محبت“ جھڙن موضوعن تي ڪيل گفتگو ۽ مضمون شامل آھن.