وڳھہ جا وريام
ابراھيم منشي ھڪ قومي شاعر طور پنھنجو نالو روشن ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ سولي ۽ سادي سنڌي ٻولي استعمال ٿيل آهي. سندس شاعري فطرت، سونھن ۽ عشق جي شاعري آهي. ھن ڪتاب ۾ شامل سندس شاعري دودي سومري، ٻاگهل سومري کان وٺي سومرا قبيلن جي ڀيٽا سان رنگيل آھي. ڪتاب ۾ قومي ۽ جاڳرتا واري شاعري پڻ شامل آھي.