موتين داڻا
علي محمد درد سولنگي ھڪ ڊگهي عرصي کان ادب خاص ڪري ٻاراڻي ادب سان پڻ نڀائيندو رھيو آھي. سندس ٻارن لاءِ ڪيل شاعري ھميشہ ٻارڙن جي مزاج ۽ فھم مطابق نھايت، ڪارائتي، سبق آموز ۽ نصيحت آموز رھي آھي. ھن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل نوان موضوع، نيون تشبيھون ۽ استعارا پڻ ٻارڙن جي ذھني آبياري لاءِ مفيد ۽ اصلاحي روپ ۾ موجود آھن.