سنڌي درسي ڪتاب (ڀاڱو ٻيو)
ھي ڪتاب غير مادري زبان وارن آفيسرن / ملازمن لاءِ سنڌي سکيا جو ڪتاب آھي، جيڪو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نصاب ۽ منظوريءَ مطابق تيار ڪيو ويو آھي. سرڪاري ملازمن کي سنڌي ٻولي سيکارڻ جي سلسلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسڪيم آف اسٽڊيز موجب سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ نصاب ٺاھڻ جو اختيار ٻولي اٿارٽي کي مليو. بي پي ايس 17 ۽ مٿي واري آفيسرن لاءِ ٺاھيل ھن نصاب ڪميٽي جا ميمبر محمد ابراھيم جويو، امين لغاري ۽ تاج جويو ھيا جڏھن تہ نگراني چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي.