ديد جو درشن
زيب ڪنگي جي غزلن جي ھن مجموعي ۾ جماليات، احساسيات، تخيل جي اوچي اڏام ۽ لفظن جي نئين گهڙت آھي. زيب جي غزلن جا موضوع سادا ھوندي بہ بامعنيٰ آھن. سندس شاعريءَ ۾ ٻاروتڻ جون ٻوليون، لُڙڪ، ٽھڪ، مُرڪ، لوليون، سنڌوءَ جون ڇوليون، پنھنجن لاءِ پيار ڀريا گيت، غيرن لاءِ گوليون، ڌرتيءَ سان عشق، اندر جي اڌمن ۽ محبوب جي نازن جھڙا تخليقي، جمالياتي ۽ مزاحمتي ستارا جرڪندي نظر اچن ٿا.