تو سنگ تو بن ڏينھڙا
محمود مغل وٽ ڪھاڻين لکڻ جي ھڪ منفرد ٽيڪنڪ آھي. ھن مجموعي ۾ 16 ڪھاڻيون شامل آھن. عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو: ”محمود سٺو ڪھاڻيڪار بہ آھي، سندس ڪھاڻين جا خاص جزا رومانس، گُل، ھلڪي روشني، خوشبو، خواب، انساني ھمدردي ۽ سافسٽيڪيٽيڊ ڪردار آھن. محمود جي ڪھاڻين جو وڏو ڪمال اھو آھي تہ ھو غير دلچسپ ماحول مان دلچسپ ڪھاڻيون ڪڍي ٿو وٺي.“