موت کان موٽيل ماڻھن جا مشاھدا
موت ڇا آھي؟ موت بعد ڇا ٿو ٿئي؟ ان قسم جا سوال انساني تاريخ جي ھر دور ۾ اھميت وارا رھيا آھن. ھن دلچسپ ۽ تجسس ڀريي موضوع تي خالد نوراني صاحب قلم کڻي نون اسرارن تان پردو ھٽايو آھي. ڪتاب ۾ 11 باب شامل آھن. ھن موضوع تي لکڻ لاءِ خالد نوراني صاحب اولھہ جي مختلف لکندڙن/تحقيق ڪندڙ عالمن ۽ ڊاڪٽرن جي ڪتابن مان پڻ مدد ورتي آھي.