سنڌ جو ڪنول ڀڳت ڪنور رام
ڀڳت ڪنور رام مڌر ۽ رسيلي آواز ۽ نياز ۽ نوڙت سان لکين دلين کي موھي ڇڏيو. راڳ سندس عبادت ھئي. ھو سخي ماڻھو ھيو ۽ ھن کي جيڪو ڪجهہ راڳ جي بدلي ملندو ھيو سو سفيد پوش محتاجن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. محبتي ماڻھو ڀڳت ڪنور رام ھندو مسلم فسادن واري نفرتن جي ور چڙھي گوليءَ جو شڪار ٿي سنڌ کان وڇڙي ويو. ھن ڪتاب ۾ ڀڳت ڪنور رام بابت سنڌ ۽ ھند ۾ ڇپيل مختلف مضمونن کي سھيڙيو ويو آھي.