سنڌ شناسي

تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

ھي ڪتاب تحريڪ ِ آزاديءَ جي تاريخ جو ھڪ اھم ۽ تاريخي دستاويز آھي، جنھن ۾ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ ۽ اُن ۾ سنڌ واسين جو ڀرپور نموني ۾ حصو وٺڻ جي احوال کي مستند حوالن سان پيش ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جي ٽڙيل پکڙيل مواد کي سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ وڏي محنت سان يڪجا ڪري، ھڪ دور جي سياسي تاريخ کي محفوظ ڪيو آھي ۽ گڏوگڏ سنڌ واسين جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجھد تي انتھائي باريڪ بينيءَ سان روشني وڌي آھي ۽ لڪيل ۽ گم ڪيل ڳالھين کي نروار ڪيو آھي. ڪيترن گمنام قومي ڪارڪنن جي ڪارنامن ۽ قربانين کي ھميشہ ھميشہ لاءِ ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي ۽ سنڌ جي ھزارين سپاھين جي قربانين جو احوال قلمبند ڪيو آھي. 

Title Cover of book Tehreek Pakistan Mein Sindh Jo Hiso

ڇپائيندڙ پاران

”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ تحريڪ ِ آزادي جي تاريخ جو ھڪ اھم ۽ تاريخي دستاويز آھي، جنھن ۾ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ ۽ اُن ۾ سنڌ واسين جو ڀرپور نموني ۾ حصو وٺڻ جي احوال کي مستند حوالن سان پيش ڪيو ويو آھي.
ھيءُ ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبہ سياسيات ۾ سال 1980ع ۾ پي. ايڇ. ڊي. لاءِ پيش ڪيل تحقيقي مقالو آھي. جيڪو سندن استاد ڊاڪٽر محمد ابراھيم شاھ بخاري جي زير نگراني ۾ لکيو ويو. جيڪو ھن کان اڳ ڪتاب جي صورت ۾ سال 1984ع ڌاري شايع ڪيو ويو. ھِن ڪتاب ۾ آزادي جي تحريڪ جي ٽڙيل پکڙيل مواد کي سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر محمد لائق زرداري صاحب وڏي محنت سان يڪجا ڪري، ھڪ دور جي سياسي تاريخ کي محفوظ ڪيو آھي ۽ گڏوگڏ سنڌ واسين جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجھد تي انتھائي باريڪ بينيءَ سان روشني وڌي آھي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِھا شروع کان ئي ڪوشش رهي آھي تہ، تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن تہ جيئن تاريخ جي مختلف دورن جا باب محفوظ ٿي سگهن. اِن ڏَس ۾ تحريڪ ِ آزادي جي تاريخ تي مشتمل ھيءُ ڪتاب آءٌ پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آھيان. جنھن لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو تھدل سان شڪر گذار آھيان، جنھن پنھنجي مفيد مشورن سان منھنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو آھي.
اميد آھي تہ، اسان جو ھيءُ پيار ڀريو پورھيو تاريخ سان دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لھندو.


الهڏتو وگهيو
سيڪريٽري
21 - ذي الحج 1433ھہ
07- نومبر 2012ع