سنڌ شناسي

تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

ھي ڪتاب تحريڪ ِ آزاديءَ جي تاريخ جو ھڪ اھم ۽ تاريخي دستاويز آھي، جنھن ۾ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ ۽ اُن ۾ سنڌ واسين جو ڀرپور نموني ۾ حصو وٺڻ جي احوال کي مستند حوالن سان پيش ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جي ٽڙيل پکڙيل مواد کي سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ وڏي محنت سان يڪجا ڪري، ھڪ دور جي سياسي تاريخ کي محفوظ ڪيو آھي ۽ گڏوگڏ سنڌ واسين جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجھد تي انتھائي باريڪ بينيءَ سان روشني وڌي آھي ۽ لڪيل ۽ گم ڪيل ڳالھين کي نروار ڪيو آھي. ڪيترن گمنام قومي ڪارڪنن جي ڪارنامن ۽ قربانين کي ھميشہ ھميشہ لاءِ ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي ۽ سنڌ جي ھزارين سپاھين جي قربانين جو احوال قلمبند ڪيو آھي. 

Title Cover of book Tehreek Pakistan Mein Sindh Jo Hiso

انتساب

منسوب ٿو ڪريان
پنھنجي پياري اَبي، احمد خان زرداريءَ ڏانھن -
جنھن کي 14- آگسٽ 1983ع تي ريءَ ڏوھ، ريءَ گناھ، راھ ويندي شھيد ڪيو ويو. اُن ڏينھن، ديس ۾ آزاديءَ جا جشن، خوشيون ۽ شادمانا ھئا
مگر
منھنجي بدنصيب اڱڻ تي روڄ، راڙو ۽ ماتم ھو.
وطن جي پوليس خاموش! قانون جا محافظ بي حس!! قاتل ڇڙواڳ! فرياديءَ جي دانھن - رڃ ۾ رڙ! سڃ ۾ سڏ!!

نہ ڪو ٻڌڻ وارو، نہ ڪو ورنائڻ وارو

- ڊاڪٽر محمد لائق زرداري