ٻہ اکر
سائين جي.ايم.سيد جي لائبريريءَ مان مواد مليم ۽ ساڻس سنڌ جي سياسي جدوجھد متعلق رهاڻيون بہ ڪيم، مان سندن مھمان نوازيءَ جو ٿورائتو آھيان. ميرپور بٺوري مان محترم غلام محمد جوھر جو بہ احسان مند آھيان، جنھن صاحب مون کي الوحيد اخبار جي ٻارنھن سالن جا فائل مھيا ڪيا. جن مان مون مفيد مواد ورتو. پندرنھن ڏينھن وٽس ٻن مددگارن محترم محمد اسلم پٺاڻ (سجاول) ولي محمد چانڊيو (ضلع لاڙڪاڻو) سميت رهيس. محترم جوھر صاحب اسان سڀني جي طعام ۽ قيام جي تڪليف خلوص ۽ خوشيءَ سان برداشت ڪئي. سندس خلوص ۽ ڪيل مدد جو مان گهڻو ٿورائتو آھيان.
مان پنھنجي تعليمي دوستن، استادن، محترم مرزا حيدر عباس ڪراچي، محترم ابوبڪر ڳورڙ (دادو) محترم عبدالحميد بلوچ (ڪنڌڪوٽ) نذير احمد قاضي (مورو) نذير حسين پٺاڻ (قمبر) ۽ لياقت عزيز سولنگي جو بہ احسان مند آھيان جن وقت بہ وقت مفيد مشورن سان پئي نوازيو. آخر ۾ محمد عظيم سولنگي ۽ اعجاز حسين لغاري، شھمير علي سيال، ھدايت الله ميمڻ ۽ غلام محمد لاکو صاحب (مورو) جن جا بہ ڳڻ ڳايان جن مقالي جي ترتيب ۽ تصنيف ۾ منھنجي مدد ڪئي. محترم گل شير بلوچ ھن مقالي کي ٽائپ ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي. انھن بزرگن ۽ عالمن، اديبن، سياستدانن ۽ آفيسرن جو پڻ احسان مند آھيان، جن پنھنجي ڄاڻ ۽ علم مطابق (انٽرويو) احوال ٻڌايا. تن جو بہ گهڻو ٿورائتو آھيان انھن وٽان گڏ ڪيل ڄاڻ کانسواءِ ھي پي.ايڇ.ڊي جو مقالو مڪمل نہ ٿي سگهي ھا. سندن اسم گرامي آخر ۾ مددگار مواد جي لسٽ سان شامل ڪيا اٿم. ھن مقالي کي وڌيڪ سڌاري ۽ ڇپائي ۾ پيش ڪرڻ وقت ڪجهہ مواد محترم محمد قابل ڏاھري (شاھپور چاڪر) کان مليو جنھن لاءِ سندن ٿورائتو آھيان. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڊوانس اسٽڊي ۽ ريسرچ بورڊ جي ميمبرن جو احسان مند آھيان. جن پنھنجي ڪيل ميٽنگ جي مطابق مئي 8، 1983ع ۾ ھڪ ٺھراءَ پاس ڪري اھو مقالو مون کي پنھنجي خرچ تي ڇپائڻ جي اجازت ڏني. اھڙو اطلاع ڊپٽي رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي پنھنجي ھڪ خط نمبر AC-I – 297 مطابق، 28 جون 1983ع ذريعي ڏنو. مان محترم آصف علي خان زرداري، محمد سلام خان زرداري، غلام رسول خان زرداري جو بہ احسان مند آھيان، جن جي مدد ۽ تعاون سان ھن ڪتاب جو ڇپجڻ ممڪن ٿي سگهيو.
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
مورو سنڌ
مئي 15، 1984ع