سنڌ شناسي

تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

ھي ڪتاب تحريڪ ِ آزاديءَ جي تاريخ جو ھڪ اھم ۽ تاريخي دستاويز آھي، جنھن ۾ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ ۽ اُن ۾ سنڌ واسين جو ڀرپور نموني ۾ حصو وٺڻ جي احوال کي مستند حوالن سان پيش ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جي ٽڙيل پکڙيل مواد کي سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ وڏي محنت سان يڪجا ڪري، ھڪ دور جي سياسي تاريخ کي محفوظ ڪيو آھي ۽ گڏوگڏ سنڌ واسين جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجھد تي انتھائي باريڪ بينيءَ سان روشني وڌي آھي ۽ لڪيل ۽ گم ڪيل ڳالھين کي نروار ڪيو آھي. ڪيترن گمنام قومي ڪارڪنن جي ڪارنامن ۽ قربانين کي ھميشہ ھميشہ لاءِ ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي ۽ سنڌ جي ھزارين سپاھين جي قربانين جو احوال قلمبند ڪيو آھي. 

Title Cover of book Tehreek Pakistan Mein Sindh Jo Hiso

پيش لفظ

چڱي ڪم ڪرڻ جي سوچ ۽ ان کي پوري ڪرڻ لاءِ محنت ۽ خلوص وارو جذبو ھوندو آھي تہ قدرت انهي لاءِ وسيلو ۽ راھون پيدا ڪندي آھي. ھڪ استاد جي حيثيت سان پڙهڻ ۽ پڙهائڻ منھنجي فرض ۾ شامل آھي، عالم ۽ علم دوست ماڻھن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري، مون کي ڪن مخلص دوستن پي ايڇ ڊي، ڪرڻ جي صلاح ڏني، انهيءَ مقصد سان مرحوم ڊاڪٽر نيازالحق سربراھ شعبہ سياسيات سان صلاح ڪيم، جنھن صاحب مون کي ھمٿايو ۽ ڪنھن بہ موضوع تي ڪجهہ لکي اچڻ لاءِ چيو: ڪو بہ موضوع منتخب ڪرڻ ۽ لکڻ مون اڻڄاڻ لاءِ نھايت ڏکيو ھو. جڏهن مان سنڌيالاجي لائبريري ۾ ويس تڏهن ڊاڪٽر جي الانہ مون کي نئين زندگي جا رسالا ڏنا. پھريون رسالو جيڪو منھنجي ھٿ ۾ آيو ان کي کوليم ورق اٿلائيندي، رسالو نئين زندگي جي ماھ آگسٽ 1969ع جي صفحه 25 تي ايڊيٽر جي طرفان اپيل جو موضوع پڙهيم. ان ۾ ليکڪن ۽ تاريخدانن جو ڌيان ڇڪايو ويو ھو ۽ ھي جملا لکيل ڏٺم ”دراصل سنڌ جي آزادي ۽ جدوجھد بابت ڪا بہ مستقل ۽ مستفيض تصنيف موجود نہ ٿي سگهي آھي، جنھن ۾ ڪنھن بہ دور جي ڪارنامن جو پيرائتو ۽ تفصيلي احوال يڪجا ھجي. سنڌ ھميشہ کان حب الوطني ۽ قرباني جا اھڙا انيڪ ڪارناما ادا ڪري چڪي آھي، جن مان ھتي جي ماڻھن جي قومي ۽ اخلاقي ڪردار جي عظمت اجاگر ٿئي ٿي. اڳ جي تاريخ کي ڇڏيندي، رڳو ھندستان جي آزادي ۽ پاڪستان جي قيام وارين تحريڪن ۾ سنڌ جي مجاھدن، جيڪي علمي ۽ عملي سرگرميون ۽ قربانيون ڏنيون، تن بابت ڪو ھڪڙو ئي ڪتاب اسان وٽ موجود نہ آھي. بيحد ضروري آھي تہ سنڌ جي تاريخ کي انهي انداز سان مرتب ڪيو وڃي، جنھن مان نہ صرف ايندڙ نسلن کي واقفيت ۽ رهنمائي ملي، بلڪہ اھا ھن سرزمين لاءِ دائمي فخر جو باعث پڻ بڻجي. اسان جي ڪنھن نہ ڪنھن تاريخدان کي اھو ڪم ترت ئي سرانجام ڪرڻ کپي.“ ھن اپيل کي پڙهي وري پڙهيم، سوچيم تہ موضوع ازخود ئي ذھن ۾ اچي ويم. ڪجهہ ڪتاب پڙهيم، پڪو ارادو ڪيم تہ ”تحريڪ پاڪستان“ تي لکان. جڏهن تحريڪ پاڪستان بابت مختلف ڪتاب پڙهيم، تڏهن نھايت ڏک ۽ صدمو پھتو. ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪجهہ انھن ڪتابن ۾ لکيو ويو ھو يا تحقيق ڪئي وئي ھئي، تن ۾ سنڌ جي ڪردار ۽ قربانين کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو ھو. معلوم ائين پيو ٿئي تہ ھندستان ۾ جيڪي بہ تحريڪون ھليون، سنڌ ڄڻ ھندستان ۾ ھئي ئي ڪا نه! جيڪڏھن ڪنھن محقق سنڌ جو ذڪر ٿي ڪيو تہ ان بہ بلڪل مختصر احوال ڏنو ھو. سنڌ ۾ ڪيل قربانيون منظم طريقي سان لڪايون ويون. نتيجي طور نوجوان نسل ”پنھنجن وڏن جي ڪيل خدمتن ۽ ڪارنامن کان غافل رهيو جن تي ھو فخر ڪرڻ جو مجاز ھو.
مٿين سببن کان متاثر ٿي مون پنھنجو مقصد بڻايو تہ اھي ڳالهيون منظرعام تي آڻيان، جن کي ڪن تاريخدانن ڄاڻي واڻي لڪايو. اھي حقيقتون ھٿ ڪيان جن کان سنڌ جو نوجوان نسل غيرواقف آھي. ان تاريخي دور کي ظاھر ڪريان جيڪو نہ صرف سنڌ بلڪہ پوري پاڪستاني قوم کان لڪايو ويو آھي.
مٿئين حقيقتن کي ذھن ۾ رکندي، مون پنھنجو موضوع ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ منتخب ڪيو. موضوع ننڍو ۽ آسان پيو لڳي مگر جڏهن فھرست بنايم تڏهن پاڻ کي ھڪ رڻ پٽ ۾ سمجهيم. ڇاڪاڻ تہ تحريڪ پاڪستان تي جيڪي ٻہ ڪتاب لکيا ويا ھئا تن ۾ سنڌ جو مختصر ذڪر بہ نہ ھئڻ جھڙو ھو. توڪل جو ترهو ٻڌي تحقيقي ڪم ۾ لڳي ويس. کوجنا ڪرڻ لاءِ سنڌ جو سيلاني ٿيڻو پيو. ھن تحريڪ ۾ جن سنڌ جي سڄڻن بھرو ورتو ھو، سي گهڻو ڪري پنھنجي جدوجھد ۾ ادا ڪيل ڪردار، تڪليفن ۽ مصيبتن جي جدوجھد واري تاريخ سيني ۾ سانڍي ھميشہ لاءِ پاڻ سان کڻي ابدي آرامي ٿي ويا ھئا. باقي جيڪي ھئا تن پنھنجي ياداشتن کي ٿورو گهڻو قلم بند ڪيو ھو. بھرحال سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان جيڪي ڪجهہ ملي سگهيو تنھن کي سھيڙي توھان جي آڏو آندو اٿم. 1971ع کان 1977ع تائين پورا ڇھه سال مون ڪوشش ڪري موضوع کي مڪمل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي اٿم. تاھم مان ھن پنھنجي ڪم تي ڪو بہ فخر نہ ٿو ڪريان. ممڪن آھي تہ مون کان گهڻو ڪجهہ رهجي ويو ھجي، تحقيقي ڪم ڪڏهن بہ مڪمل چئي نہ ٿو سگهجي. مون کان پوءِ جيڪي بہ ھن موضوع تي ڪم ڪندا، ٿي سگهي ٿو تہ اھي وڌيڪ حقيقتون اوھان جي آڏو آڻين. خدا ڪري تہ ھي مختصر محنت قبول پوي.

محمد لائق زرداري
آڪٽوبر 1978ع
مورو سنڌ