مھاڳ
اسان ڏسون ٿا تہ اڄ، ڌرتيءَ تي سڀ کان اھم ۽ مک تبديلي، سياسي تبديلي ليکي وڃي ٿي ۽ ان تبديليءَ جي ڪارڻن ۽ نتيجن کي نھايت تفصيل ۽ تحقيق سان بيان ڪيو وڃي ٿو. اڄ جو انسان، ڪوڙن قصن جي ڪوڙڪي ۾ گهٽ ڦاٿل نظر اچي ٿو. ھو قومن جي عروج و زوال جي داستانن کي نہ صرف دلچسپيءَ سان پڙهي ٿو بلڪہ انھن تي غور و خوض ڪرڻ جو پڻ عادي بڻجي چڪو آھي- جتي، ھو زوال جي سببن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو، اتي عروج جي اسباب جو پڻ عاقلانہ اڀياس ڪري ٿو - ھو ان سياسي روئداد، ڪارروائي يا قبضي کي صرف عبرت حاصل ڪرڻ، ان تي افسوس ظاھر ڪرڻ، يا پاڻ وندرائڻ خاطر نٿو پڙهي بلڪہ ان مان اخذ ڪيل نتيجن جي روشنيءَ ۾ پنھنجي سياسي ماحول جو جائزو وٺي ٿو ۽ ان رخ کي معلوم ڪري، سمجهي ٿو تہ سندس حالتون کيس ڪھڙي طرف وٺي وڃي رهيون آھن. مختصر طور، ائين چئي سگهجي ٿو تہ اھڙين لکڻين جو مقصد سياسي شعور جي سجاڳي آھي، جنھن کان وانجهيل، گروھہ، طبقو يا قوم، نہ اڳتي وڌي سگهي ٿي ۽ نہ قومن جي تاريخ ۾ ڪا اھم ۽ مانائتي جاءِ والاري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اھا ڳالھہ ھر ڪو ڄاڻي ٿو تہ ٻي ھر آزادي، سياسي آزاديءَ پويان اچي ٿي. سياسيات جي موضوع جي دلچسپيءَ مان ئي ڪنھن قوم جي ذھني بلوغت ۽ پختگيءَ جو ثبوت ملي سگهي ٿو. ھن علم جي ڄاڻ ان جي قومي ايڪي جي سگهہ آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھر ترقي پسند ۽ سڌريل ٻوليءَ ۾ سياسي رهنمائن جي جدوجھد جي داستانن کي فڪشن (Fiction) جي مقبول ۽ معروف ڪتابن کان وڌيڪ شوق ۽ دلچسپيءَ سان پڙهيو وڃي ٿو ۽ انھن ڪتابن جون لکين ڪاپيون وڪرو ٿين ٿيون ۽ ٻين ٻولين ۾ انھن جا ترجما ڇاپيا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ اھڙين تحريرن جي اڃا شروعات مس ٿي آھي، جيڪا ڳالھہ نھايت ڏکوئيندڙ آھي. اڄ بہ اسان وٽ ڪيترا قلمڪار آھن جيڪي ھن موضوع تي سٺا ڪتاب لکي سگهن ٿا. ضرورت ان ڳالھہ جي آھي تہ اسان جا اھي ليکڪ ساٿي، ھن ڪم کي قومي اھميت ۽ ضرورت جي نقطئي نظر سان ڏسن ۽ ان کي قومي قرض ۽ فرض سمجهي ھٿ ۾ کڻن. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ان لحاظ کان کيرون لھڻيون جو پاڻ سياسيات کي پنھنجو مخصوص ميدان ڄاڻي، ان تي لڳاتار قلم آزمائي ڪندو اچي. سندس نوڪ قلم مان ڪيترا سياسي مضمون نڪري نروار ٿي چڪا آھن ساڳئي وقت موصوف ھن موضوع تي لکڻ جو ھڪ جامع پروگرام جوڙيو آھي. ان سلسلي جو پھريون ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجھد“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آھي ۽ ھيءُ ٻيو ڪتاب ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ سندس پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري لاءِ لکيل مقالو آھي جيڪو ڪيترين ترميمن ۽ اضافن بعد ڪتابي صورت ۾ ڇپجي اوھان جي ھٿن ۾ آھي. ڊاڪٽر صاحب، ھن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مواد کي، جنھن محنت ۽ پورهئي سان ھٿ ڪيو آھي، ان لاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھو سندس ٿورائتا رهندا. نوجوان نسل سندس ورتل ڪوشش ۽ ڪاوش کي قدر جي نگاھ سان ڏسندو، ڇاڪاڻ تہ ان نسل جي رهبري، رهنمائي ۽ عبرت واسطي ڪافي مواد، گهڻيءَ جاکوڙ ۽جدوجھد، بعد يڪجا ڪيو ويو آھي.
پاڪستان لاءِ تحريڪ ۽ ان ۾ سنڌ جي ماڻھن جو ڀرپور حصو، تاريخ جي صفحن تي ھڪ روشن باب آھي. ھن ساري تحريڪ مان ھڪ سدا جرڪندڙ نتيجو، اھو نڪري ٿو تہ سنڌ غلاميءَ جي طوق کي ھر دور ۾ لاھي اڇلائڻ لاءِ ھميشہ آتي نظر پئي آئي آھي - پوءِ اھا غلامي انگريزن جي ھجي يا ھندن جي - سنڌ جو عوام پر ماري قوتن جو دشمن رهيو آھي ۽ انھن جي مخالفت ۾ پنھنجو ڌن، من، تن - سڀ قربان ڪيو آھي. پنھنجي آزاديءَ کي محفوظ رکڻ جي اھا روش، قابل تحسين ۽ قابل قدر آھي. انساني تاريخ ٻڌائي ٿي تہ سياسي تبديليون، عوامي تحريڪون ۽ آزاديءَ لاءِ ھلچلون، گهڻو تڻو تباھين، بربادين ۽ ھولناڪين سان عبارت آھن ۽ ان ڪري ھر ڪنھن لاءِ ڳڻتيءَ ۽ فڪر جو سبب پئي رهيون آھن. مگر مقصد جي حصول خاطر انھن مڙني مصيبتن، مشڪلاتن، تڪليفن ۽ عذابن کي بھرحال ڀوڳڻو آھي - انسان، روشن ۽ بھتر مستقبل لاءِ تاريخ جي ھر دور ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آھن. ماءُ پنھنجي ممتا کي نڇاور ڪيو آھي، معصوم ٻار پنھنجي مسڪراھٽ قربان ڪئي آھي نوجوان پنھنجو پيار ڀيٽا رکيو آھي ۽ ڪنواري ڪنيا پنھنجي ارمانن کي چکيا تي چاڙهيو آھي - ايترين ڀيٽائن ڏيڻ بعد بہ سچ، سک ۽ سرهائي جو واءُ نہ وري - اھو ھر دور ۾ تاريخ جو وڏو الميو پئي رهيو آھي.
ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پاڪستان تحريڪ ۾ سنڌ جي مختلف طبقن طرفان ڪيل جدوجھد جو تفصيلي جائزو ورتو آھي ۽ ڪيترن گمنام قومي ڪارڪنن جي ڪارنامن ۽ قربانين کي ھميشہ ھميشہ لاءِ ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي- سنڌ جي ھزارين سپاھين جي قربانين جو احوال قلمبند ڪري، ڊاڪٽر صاحب، ساري قوم جو جس کٽيو آھي.
قاضي محمد قاسم نئين سنڌي لائبريري مورو سنڌ، لاءِ اھا ڳالھہ فخر ۽ عزت جو باعث آھي تہ سندس اشاعتي سلسلي جي شروعات، ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ جي پورهئي ۽ سندس گران قدر علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪئي وئي ۽ ھاڻي ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ پاران پھريون ڀيرو ڇپائي پڌرو ڪيو پيو وڃي. اميد آھي تہ پڙهندڙ ھي تحقيقي ڪتاب مان مستفيد ٿيندا.
- نذير قاضي