شاعري

وَرُ ۽ وائي

ھن ڪتاب ۾ ٻہ سئو مختصر نثري نظم شامل آهن. هنن نظمن  جي خوبين ۾ خوبصورت ۽ سولي ٻولي، سھڻيون تشبيھون، ڇرڪائيندڙ استعارا تہ آهن ئي پر ھنن نظمن ۾ ڪٿي لفظن، استعارن، ترڪيبن، تمثيلن ۾ لڪل سِٽائر/چُڀندڙ طنز آهي تہ ڪٿي تنقيدي سونٽو وهائي ڪڍيل آهي. نظمن ۾ اڻ کُٽ موضوع آھن.  ھن ڪتاب ۾ احساسن جي گَھرائي آھي تنھنڪري ھيءُ ڪتاب پڙهندڙ کان تڪڙ نہ، پر توجھہ ۽ غورُ گُهري ٿو. 
 

Title Cover of book war'u aen wai

سڃاڻپ

نالو : محمد علي پٺاڻ
والد جو نالو : حبيب ﷲ پٺاڻ
والدہ جو نالو : عائشہ خاتون عباسي
ڄم جي تاريخ: 3 فيبروري 1962ع
ڄم جو ھنڌ: لاڙڪاڻو
پرائمري تعليم: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، لاڙڪاڻو
سيڪنڊري تعليم: گورنمينٽ، پائليٽ، سيڪنڊري
اسڪول، لاڙڪاڻو
انٽر: گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج، لاڙڪاڻو
بي اي: سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو
ايم اي: (سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو
شادي: 1987ع
اولاد: ھڪ نياڻي، روحي بانو پٺاڻ
لکڻ جي شروعات: 1974ع کان ٻارن جي لاءِ ڪھاڻين ۽ شاعريءَ

ڇپيل ڪتاب:
1. اکيون آلا چنڊ (نثري نظم) 1988ع
2 -عاشورا آھن : (شاعري) 1995ع
3. اَگهيا اوجاڳا (وايون) 2000ع
4. ڀڳو آرس اکڙين (شاعري) 2001ع
5. Fluttering Feelings (poetry)
2011 Translated by Jam Jamali
6. مسافتون ياد جون (ڪَوِتا ناول) 2013ع
7. مسافتيں ياد کی (اردو) ترجمہ: ننگر چنا
8. اڇي رات ڪارو چنڊ (ڊراما سيريز) 2016ع
9. مونکي آھَہ اُٿاريو (شاعري) 2016ع
10. ميندي لھڻ کان اڳ ۾: (ڪھاڻيون) 2016ع
11. وقت بيھي نٿو : (طويل نظم) 2018ع
12. سئو لفظ سئو ڪھاڻيون: (ڪھاڻيون) 2018ع
13. سامين سمر سور : (ڊراما سيريل) 2018ع
14. دنيا کان اڳتي : (ڪھاڻيون) 2019ع
15. جان جيئان تان پاڙيان : (شاعري) 2019ع
16. طوفان ۾ ڪکائون گهر : (ڪھاڻيون) 2020ع
17. تيسرا لباس : (اردو) ترجمہ : ننگر چنا 2020ع
18. دنيا سے آگے : (اردو) ترجمہ : ننگر چنا 2020ع
19. گهائي ٿي تنھائي : (شاعري) 2020ع
20. اميد جو ڪِرڻو : (ڪھاڻيون)2021ع
21. Ray of Hope : (Short Stories) 2021
Compiled by Ali Bakhshan Pathan
22. منظر مھڪي ٿو : (شاعري) 2021ع
23. نئون مثال : (ڪھاڻيون) 2022ع
24. وڇوڙي وايون : (شاعري) 2022ع
25. اوڌر جي ماءُ : (ٽي وي ڊراما) 2022ع
26. طوفان میں جهونپڑی : (اردو) مترجم :
ننگر چنا 2023ع
27. روشنيءَ راھون : (مھاڳ ۽ پيش لفظ) 2023ع
28. Odyssey of Memoirs (poetic Novel) Translated by Professor Muhammad Hashim Solangi 2023
29. ھوا جي آ مرضي : (شاعري) 2023ع
30. منھنجو ڏک: (انور پيرزادو -
سوانحي ڪَوِتا ناول) 2023ع
31. Time never stops ever (The Longer Poem)
Translated by Prof Muhammad Hashim Solangi 2023
32. سو افسانے (اردو) ترجمو : ننگر چنا 2024ع
33. My Grief (Anwer Pirzado - Biographical Poetic Novel)
Translated by Professor Ali Sher Ghanghro
34. ھڪ سِٽَ ٻہ سئو ڪھاڻيون
(انگريزي ۽ اردو ترجمي سان)
Translated by Zain ul Abdin Jessar
اردو ترجمہ : ڈاکٹر شیر مہربانی 2024ع
35. Reflection (Short Stories)
Translated by Rafia Bukhari 2025
36. ڏيئي ھيٺان اوندھِہ (ڪالم-2025ع)
37. گل وڇائيندو رهيو (شاعري-2025ع
38. شاهُہ ۽ سِٽَ ڪھاڻي 2025ع
Translated by Sultan Khoso
اردو ترجمہ : ڈاکٹر شیر مہربانی
39. چوڏهينءَ چنڊ ۽ چارا (مھاڳ ۽ تبصرا-2025ع)
40. عجب جھڙا انسان (خاڪا-2025ع)
41. اللہ کی لاٹھی (افسانے 2025ع)
42. سفر مَنَ ڪٿا (ڀاڱو ٻيو - 2025)
43. سانپ کا اغوا (فائیو ڈیز ٹی وی ڈرامہ سیریل2025ع)
44. The River is Flowing Slowly
(Sindhi Poetry) Complied by Ali Bakhsh Pathan.
45. گل مہران کی خوشبو (سندھی نظموں کا اردو ترجمہ2025ع)
46. وَر ۽ وائي (نثري نظم-2026ع)

اڻڇپيل ڪتاب :
يادون رزاق مھر جون، مونکي بہ وٺي هلو (ڪھاڻيون)، وقت جا ڪانٽا (ناول)، واٽ وڃائي جن (ناول)، وھڪرو (انفرادي ٽي وي ڊراما)، پسي بازاريون (ڪالم)، انصاف (ٽي وي ڊراما سيريز)، ڌِڪِ دنگي ھَلُ ناکُئا (ڪالم)، يادگيريون سنڀال(خاڪا)، ڌرتتي (ٽي وي ڊراما سيريل)، ڏکي ۽ ڏونگر (ڪالم)، اوجهڙ (ٽي وي ڊراما سيريل)، ٻاروچا ڀنڀورَ جا (انٽرويوز)، اٺون نڪاح (اسٽيج ڊرامو)، اُڀي اُڀاريامِ (مھاڳ، تبصرا، فليپ، بيڪ پيج ۽ رايا)، دوستن جا خط، ڏنو پٽ ڇُٽي جو (اسٽيج ڊراما)، اَکر جِيائين جُڙيا (مضمون ۽ اخباري فيچر)، تڪرار (ٽي وي ڊراما سيريل)، کاھيءَ جي وچ ۾ (ناوليٽ)، پنج ڪھاڻيون پنج ڊراما، پِنڊيءَ تي نالو (ڪالم) مون ۾ شاهُه لطيف (شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو سفر) منھنجيون تقريرون.

سھيڙيل ڪتاب:
ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي جي آتم ڪھاڻي “جيڪي ھلڻ ھيڪليون”، سوڀي گيانچنداڻيءَ جي آتم ڪھاڻي “روشنيءَ جي پنڌَ ۾”، “شھيد ملير غلام مرتضيٰ بلوچ” (تعزيتي تاثرات).

ٽيليڪاسٽ ٿيل ڊراما سيريز:
انصاف (سنڌ ٽي وي 2004ع)، اڇي رات ڪارو چنڊ (ڪي ٽي اين 2005ع)
ٽيليڪاسٽ ٿيل انفرادي ڊراما: وھڪرو (بنا ڊائلاگن جي)، قومي شاعر، بک بڇڙو ٽول، پاڻيءَ جا شھيد، جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، ھمٿ، پنجوڙ (مرڪزي خيال رزاق مھر جي اسٽيج ڊرامي “ايف آئي آر” تان ورتل) ڪاري ڪٿي آهي (ڪھاڻي: امر جليل) ساڳيو ئي سوال (ڪھاڻي: ايشور چندر)، انڌو خواب (ڪھاڻي: اخلاق انصاري)، اوڌر جي ماءُ، مداخلت.

اڻ ٽيليڪاسٽ ٿيل ڊراما:
ڌر تتي (ڊراما سيريل)، بيوسي (انفرادي ڊرامو)، سامين سمر سور (ڊراما سيريل)، توتان بند بِدا ٿيو (ڪھاڻي : امرجليل)، تڪرار (ڊراما سيريل)، پڙلاءُ (ڪھاڻي : امرجليل) اوجهڙ (ڊراما سيريل)

ايوارڊ:
ڪھاڻي ڪتاب "ميندي لھڻ کان اڳ ۾" تي سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران 2016ع ۾، ساڳئي ڪتاب تي انجمن ترقي پسند مصنفين پاران 2016ع ۾، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي پاران 2022ع ۾ بھترين مقالا نگار جو ايوارڊ، بزم روح رهاڻ پاران 2022ع ۾ “حميد سنڌي” ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت، مرڪز پاران 2022ع ۾ “سوڀو گيانچنداڻي” ايوارڊ ۽ ٻيا کوڙ سارا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ.

ڳايل شاعري:
بيدل مسرور بدوي، رحمان مغل (سرمد سنڌي)، عاشق نظاماڻي، رحمت ميرالي، شبانہ ڪوثر، نظير سمون، شفيق منگي، محمد بچل عباسي، ھادي بخش عباسي، پروان علي (مشتاق شيخ) ممتاز علي شيخ، شڪيلا نون، رزاق سروھي، وحيد رمضان سروھي، نديم سومرو، محمد ھاشم، عبدالباري ابڙو ۽ حاڪم جوڳي

ايڊيٽر (اعزازي):
ڏات پبليڪيشن، مرڪ پبليڪيشن، ماھوار “ڪونج” لاڙڪاڻو.
علي بخش پٺاڻ جو سھيڙيل ڪتاب: (1) محمد علي پٺاڻ ھڪ قلمڪار (اديبن ۽ عالمن جي نظر ۾)، (ڇپيل) 2023ع
(2) اديب ۽ شاعر: محمد علي پٺاڻ (قلمڪارن جي نظر ۾)، (ڇپيل) 2025ع
محمد علي پٺاڻ جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو (ڪراچي يونيورسٽي پاران 2023ع ۾ ڪيل ايم فل / اڻ ڇپيل) انجنيئر زبير احمد ڪلوڙ
محمد علي پٺاڻ ھڪ شخص ھڪ ليکڪ : سھيڙيندڙ: علي بخش پٺاڻ (تخليقڪارن جي نظر ۾) (اڻ ڇپيل)

نوڪري: (رٽائرڊ) ايسوسيئيٽ پروفيسر گورنمينٽ ڊگري (بوائز) ڪاليج جوڳي موڙ ڪراچي.
رھائش: ماڊل ڪالوني، ڪراچي
سيل نمبر: 03003414407
03312291073
اِي ميل: pathanmohammadali@gmail.com