شاعري

وَرُ ۽ وائي

ھن ڪتاب ۾ ٻہ سئو مختصر نثري نظم شامل آهن. هنن نظمن  جي خوبين ۾ خوبصورت ۽ سولي ٻولي، سھڻيون تشبيھون، ڇرڪائيندڙ استعارا تہ آهن ئي پر ھنن نظمن ۾ ڪٿي لفظن، استعارن، ترڪيبن، تمثيلن ۾ لڪل سِٽائر/چُڀندڙ طنز آهي تہ ڪٿي تنقيدي سونٽو وهائي ڪڍيل آهي. نظمن ۾ اڻ کُٽ موضوع آھن.  ھن ڪتاب ۾ احساسن جي گَھرائي آھي تنھنڪري ھيءُ ڪتاب پڙهندڙ کان تڪڙ نہ، پر توجھہ ۽ غورُ گُهري ٿو. 
 

Title Cover of book war'u aen wai

پيش لفظ

ڪا بہ لکڻي يا تخليقي ڪم لفظن جي گهڻائي سان نہ پر اختصار، خاموشي ۽ معنوي ضبط سان بہ پنھنجو اثر ڇڏيندي آهي. پوءِ اھو ننڍو نظم ھجي يا مختصر سِٽَ، فڪري ٽڪرو ھجي يا افورزم اظھار جا گهٽ درجي وارا روپ ڪڏهن بہ ادبي ڪمزوري نہ رهيا آهن، پر اهي اعليٰ ادبي شعور جا نشان آهن، جتي شاعر لفظن کي وڏي ڌيان سان چونڊي انھن ۾ ساھہ وجهي ٿو ۽ هر سِٽَ ۾ گَھِري سوچ ۽ احساس ڀري ٿو. ائين جيئن حضرت عيسيٰ مردن ۾ ساھہ وجهندو هو.
ھر تخليق ڌرتيءَ تي ئي جنم وٺي ٿي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن لاءِ ئي ھوندي آھي. محمد علي پٺاڻ سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي ادب جو اهڙو ليکڪ آهي، جيڪو شاعري، افساني نگاري، ناٽڪ نويسي ۽ ناول نگاريءَ ۾ پنھنجو الڳ مقام رکي ٿو. سندس هيءُ ڪتاب “وَرُ ۽ وائي” ٻہ سو مختصر نظمن تي مشتمل آهي، جتي هر سِٽَ هڪ لمحي، هڪ احساس ۽ هڪ فڪري عڪس کي بيان ڪري ٿي. لفظن جي ٿوري مقدار ۾ گَھرو فڪر ۽ انساني تجربي کي اجاگر ڪرڻ عالمي روايتن سان ڀرپور ڀيٽ رکي ٿو.
ادب ۽ شاعريءَ سان گڏ فلسفي جي دنيا ۾ بہ اختصار کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي، جتي ڳوڙھين ڳالھين کي ٿورن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جرمن فلسفي آرٿر شوپنھاور مختصر ٽڪرن ۽ افورزم ذريعي زندگي، دردن ۽ انساني تجربن جي گَهِراين کي بيان ڪيو، جڏهن تہ فريڊرڪ نٽشي سقراط وانگي ھر گهڙي زھر پيئندي، زندگيءَ جي بي ثباتي تي ڳوڙها ڳاڙيندي حرڪت ۽ تضاد کي افورزم ۾ اظھارڻ جو سگهارو وسيلو سمجهيو. انھن جي مختصر لکڻين ۾ پڙهندڙ کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ پنھنجي اندروني شعور سان ڳنڍجڻ جو موقعو ملي ٿو. محمد علي پٺاڻ جا هيءُ مختصر نظم پڻ اهڙي ئي فڪري ۽ شعوري نفاست سان ڀرپور آهن. شاعريءَ ۾ مختصر سِٽون هميشہ باطني احساس، وجودي سوال ۽ روحاني تجربي جي نمائندگي ڪنديون رهيون آهن. عالمي شاعري ۾ رائينر ماريا رِلڪي ۽ خليل جبران جا مختصر شاعراڻا ٽڪرا اهو ڏيکارين ٿا تہ گهٽ لفظ بہ گھرو اثر پيدا ڪري سگهن ٿا. شيخ اياز سنڌي ادب ۾ اهڙي طرز جا نثري نظم لکيا آهن. محمد علي پٺاڻ جا چئن سٽن وارا نظم بہ اهڙي ئي انداز سان انساني تجربي کي قيد ڪن ٿا—اهي بيان نہ پر اشارو، احساس ۽ لمحو آهن.
هائيڪو، جاپاني شاعريءَ جي هڪ انتھائي مختصر ۽ گَھِري صنف، ٽِنِ سِٽن ۾ فطرت، تبديلي، تحرڪ، وقت ۽ انساني احساس کي ظاهر ڪري ٿي. هائيڪو بيان نٿو ڪري؛ اهو منظر ڏيکاري ٿو. هائيڪو وضاحت نٿو ڏئي؛ اهو لمحي کي قيد ڪري ٿو. هائيڪو جو شاعراڻو طريقو شاعر جي “مان” کي پاسي تي رکي، فطرت ۽ زندگيءَ کي پاڻ ڳالھائڻ ڏئي ٿو. هتي ڪجهہ مشھور ھائيڪو جا مثال ڏجن ٿا:
سينواريل تلاءُ—
ڏيڏر جو ٽپو،
پاڻيءَ ۾ ڇپڪو.
(باشو)

ھيءُ سادو منظر خاموشي ۽ حرڪت جي وچ ۾ موجود شعور کي ظاهر ڪري ٿو. ھڪ پُراڻو يا سينوارجي ويل تلاءَ بيٺل زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو جنھن ۾ ڏيڏر جو ٽپو لھرون پئدا ڪرڻ ٺاپر ۾ چر پر پئدا ڪري ٿو جنھن مان مراد آهي ماٺي ۽ منجمند ٿي ويل زندگيءَ ۾ تحرڪ ۽ تبديلي آڻڻ، جتي ساڪن عڪس متحرڪ عڪس ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. اھڙي طرح هڪ ئي پل ۾ زندگيءَ جو احساس، خاموشيءَ ۾ تحرڪ، پڙهندڙ کي پنھنجي موجودگيءَ جو شعور ڏئي ٿو.

بھار جو سمنڊ—
سڄو ڏينھن آهستي،
لھرن جي ھلچل.
(بسن)

ھن هائيڪو ۾ بھار جي مند جو منظر چٽيل آهي جتي سمنڊ جون لھرون ھوريان ھوريان ھلي رھيون آهن جن مان فطرت جي سڪون ۽ انسان جي اندروني امن جو احساس پيدا ٿئي ٿو.

ھيءَ دنيا—
ماڪ جي دنيا،
۽ پوءِ بہ...
(ايسا)

ھيءُ ايسا جو مشھور هائيڪو دنيا جي فاني هجڻ ۽ انسان جي اندر جاڳندڙ اميد جو اظھار ڪري ٿو. ٽي سِٽون، پر پوري فلسفي، انساني جذبي ۽ زندگيءَ جي اڻڄاتل قوت کي سمائن ٿيون.
محمد علي پٺاڻ جي چئن سِٽن تي ٻڌل ڪوتائون بہ انھيءَ هائيڪو واري شاعريءَ سان شعوري ويجهڙائي رکن ٿيون. هتي وڏا بيان نہ آهن، پر ننڍا منظر آهن؛ هتي ڪھاڻي ناهي، پر وقفو ۽ شعور آهي؛ هتي لفظن کان وڌيڪ خاموشيءَ جي معنيٰ آهي. جيئن هائيڪو فطرت جي هڪ سائت مان زندگيءَ ۽ ڪائنات جو احساس پيدا ڪري ٿو، تيئن محمد علي پٺاڻ جا مختصر نظم انساني تجربي جي هڪ جهاتي مان فڪر جو نور اُجارين ٿا.
ھيءُ ڪتاب پڙهندڙ کان تڪڙ نہ، پر توجھہ ۽ غورُ گُهري ٿو. اهي نظم پڙهڻ لاءِ نہ، پر سوچڻ لاءِ آهن. ٽن يا چئن سِٽن ۾ شاعر اهڙا احساس، سوال ۽ وجودي لمحا قيد ڪري ٿو، جيڪي ڊگهي بيان ۾ پنھنجو اثر وڃائي ويھن ها. محمد علي پٺاڻ جي فني ڪاميابي انھيءَ ڳالھہ ۾ آهي تہ هو ڄاڻي ٿو تہ ڪٿي لفظ کي روڪڻو آهي، ڪٿي خاموش ٿي ڳالھائڻو آهي ۽ ڪٿي پڙهندڙ کي نظم جو همسفر بڻائڻو آهي.
سوشل ميڊيا جي مَھا ڄارَ منجهہ ھر پل تڪڙو تبديل ٿيندڙ دنيا منجهہ ۽ لفظن جي شور ۽ بي مقصد گهڻائيءَ واري هن دور ۾، ھيءُ ڪتاب هڪ سنجيدہ ادبي اعلان آهي تہ معنيٰ اڃا بہ اختصار ۾ زندھہ آهي. محمد علي پٺاڻ جا هيءُ مختصر نظم سنڌي ادب ۾ انھيءَ روايت کي اڳتي وڌائين ٿا، جتي ٿورا لفظ، گھري شعور ۽ خاموشيءَ سان گڏجي شاعريءَ کي نئون وقار بخشين ٿا.
سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا وسيع آهي جنھن ۾ هر تخليقيڪار پنھنجي پنھنجي جوت جلائي رهيو آهي. ان زرخيز زمين تي ڪي نالا اهڙا آهن، جيڪي صرف لکڻ لاءِ نہ، پر محسوس ڪرڻ، سوچڻ ۽ روحاني تجربن لاءِ بہ ياد رکيا وڃن ٿا. محمد علي پٺاڻ اهڙو ئي نالو آهي—هڪ شاعر، هڪ تخليقڪار ۽ هڪ سفر ڪندڙ، جيڪو لفظن ۾ زندگي جا رنگ ڀرڻ ڄاڻي ٿو. هن جا 45 ڪتاب ڇپيا آهن، جن ۾ شاعريءَ جا مجموعا، ناول، ناٽڪ، ڪھاڻيون، ڪالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا مھاڳ شامل آهن. جن ۾ سڀ کان اهم ڳالھہ اها آهي تہ ھو پنھنجي هر لکڻيءَ ۾ نئين روشني، نئين فڪر ۽ نئين تجربي کي متعارف ڪرائي ٿو. سندس قلم ڪڏهن فطرت جي تصوير وانگر روشن، ڪڏهن موسيقيءَ وانگر رَوان، ۽ ڪڏهن سوچ جي سڳنڌ سان ڀريل آهي. سندس مختصر نظمن جو ھيءُ مجموعو “وَرُ ۽ وائي” پنھنجي جمالياتي حِساسيت، فڪري گَھِرائي ۽ احساساتي شدت سان ڀرپور آهي. مجموعي ۾ شامل سمورا ننڍڙا نظم ٻوليءَ جي منظرڪشي، خيالن جي رواني ۽ زندگيءَ جي حقيقتن جي عڪاسي ڪن ٿا.
محمد علي پٺاڻ جا اهي نظم ڪڏهن انساني جذبن جا نازڪ رنگ ڏيکارين ٿا، ڪڏهن قدرت جي حسين منظرن جي تصويرن سان دل کي ڇُھَنِ ٿا ۽ ڪڏهن وري روحاني سوچ ۽ فڪر جي گھرائيءَ ۾ وٺي وڃن ٿا.
محمد علي پٺاڻ صرف شاعر ناهي؛ پر اھڙو تخليقڪار آهي، جيڪو هر صنف ۾ نوان تجربا ڪري ٿو. سندس ناول، ڪھاڻيون ۽ شاعري ادب جي دنيا ۾ پنھنجو خاص مقام رکن ٿا. شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سائين جي ايم سيد، امر جليل ۽ الطاف شيخ وانگر سندس ڪتابن جو ڳاڻيٽو سندس علمي ذوق ۽ تخليقي حيثيت جو چٽو ثبوت آهي. هيءُ ڀٽائي جي انھن کاھوڙين جو مثال آهي، جيڪي ڪڏهن بہ ماٺ ٿي نٿا ويھن پر ساھت جي دنيا ۾ نئين پنڌ سان علم جي ڇَپَرَنِ جو ڇيھہ لھن ٿا ۽ سچ ڪارڻ سسئي وانگر فڪر جا سمورا وَٿاڻَ ووڙين ٿا.
هيءُ ڪتاب، جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي، محمد علي پٺاڻ جي ادبي دنيا جو نئون روشن عڪس آهي. ھن ۾ پڙهندڙ کي سندس شاعري نہ صرف سوچڻ تي مجبور ڪندي، پر محسوس ڪرڻ، ڏسڻ ۽ زندگيءَ جا نوان رنگ پسڻ لاءِ پڻ دعوت ڏيندي.
ھونئن بہ محمد علي پٺاڻ جو قلم ھميشہ آزادي، نواڻ ۽ تخليق سان ڀرپور دنيائون پسائيندو رھيو آهي ۽ سندس هر لکڻي پڙهندڙ کي هڪ اڻ ڏٺل جھان ڏيکاري ٿي. “وَرُ ۽ وائي” ۽ سندس ٻيا مجموعا پڙهڻ سان محسوس ٿيندو تہ ھن وٽ شاعري صرف لفظن جو ميل ناهي، پر زندگيءَ جو عڪس، احساسن جي روشني ۽ خيالن جي پرواز آهي. ان سان گڏوگڏ هيءُ مختصر نظمن جو سلسلو لفظن جي ٿورائيءَ ۾ بہ اندر جي اونھاين کي نروار ڪري ٿو. اهي نظم رڳو احساسن جا ٽڪرا نہ، پر وجودي تجربن، اڪيلائي، تمنا، صبر ۽ تخليقي ذميواريءَ جو خاموش بيان آهن.
“بيتابي...” ۾ انتظار ۽ تمنا کي باھہ جي استعارِي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. محبوب کي ڏسڻ جي خواهش اهڙي شدت اختيار ڪري ٿي جو شاعر پاڻ بہ ان جنون کان بچي نٿو سگهي. هتي “بيتابي” رڳو جذبو ناهي، پر هڪ اهڙي وجودي ڪيفيت آهي، جيڪا انسان کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏي ٿي.
“تون ٿيءُ...” نظم نھايت سادي لھجي ۾ وڏي سچائي بيان ڪري ٿو. “جڳ ۾ ڪوئي ڪنھن جو ڪونھي ٿيو” جھڙن سٽ انساني لاڳاپن جي عارضي هجڻ ۽ وجودي اڪيلائيءَ ڏانھن اشارو ڪري ٿي. شاعر “تون ٿيءُ” چئي اخلاقي سڏ ڏئي ٿو: پاڻ ٿيءُ، پنھنجو وجود بچاءِ.
“نہ پَنَ، نہ پکي، نہ آکيرا...” ۾ محبوب جي غيرموجودگيءَ سان دل کي وڻ بڻائي پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن “تو بنا” سڀ ڪجهہ سڪي وڃي ٿو تہ سپنن جا پن، پکي ۽ آکيرا بہ ختم ٿي وڃن ٿا. ھيءُ نظم محبت جي وڃايل معنويت ۽ خوابن جي بي گهر هجڻ جو دردناڪ اظھار آهي.
“چوهٺھين سالگرہ تي...” هڪ گهرو، خاموش اعتراف آهي. زندگيءَ جي هن موڙ تي شاعر لاءِ قلم جو ڏُک ۽ لفظن جا لڙڪ ئي ساٿي بڻجن ٿا. ھيءُ نظم تخليقڪار جي اڪيلائي، عمر جي شعور ۽ لفظن سان جيئڻ جي مجبوريءَ کي نھايت سنجيدگيءَ سان پيش ڪري ٿو.
“ڪتڻ جي ڪارِ...” هن سلسلي جو سڀ کان سگهارو وجودي نظم آهي. ساھہ جي سوراخن جي پيڙا جي باوجود “ڪتڻ جي ڪار” نہ ڇڏڻ، زندگيءَ سان وفاداريءَ جي علامت آهي. شاعر هتي رڳو پنھنجي تڪليف بيان نٿو ڪري، پر تخليق کي هڪ اخلاقي فرض طور پيش ڪري ٿو: جيئن زندگي لڄاري نہ ٿئي.
مجموعي طور، محمد علي پٺاڻ جا ھيءُ مختصر نظم جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سنجيدہ، باوقار ۽ فڪر جو نئون آواز آهن. گهٽ لفظن ۾ وڏي ڳالھہ ڪرڻ، سادن استعارن ۾ اونھي فلسفي کي سموھڻ ۽ ذاتي احساس کي اجتماعي تجربو بڻائڻ هن شاعريءَ جي وڏي خوبي آهي، جيڪا سٺي شاعريءَ جي خاص سڃاڻپ ليکي ويندي آهي.
ھيءُ مختصر نظمن جو مجموعو جديد سنڌي شاعريءَ جو اهڙو دستاويز آهي، جيڪو وقت جي نبض تي هٿ رکي بيٺل ڏسجي ٿو. هيءَ شاعري نہ صرف ذاتي احساسن جي ترجمان آهي، پر سماج، سياست، اخلاق، وجود، علم، محبت ۽ انسانيت بابت گهري فڪري شاهدي پڻ ڏيندڙ آهي. هر نظم پنھنجي ساخت ۾ ننڍو، پر تخيلاتي معنيٰ ۾ وڏو آهي.
محمد علي پٺاڻ وٽ زندگيءَ جي تقريباً هر اهم پھلوءَ کي شاعراڻي اسلوب سان اظھارڻ جو ڏانءُ نرالو آهي. ڪٿي هو سماجي بي انصافيءَ تي ڀرپور اظھار ڪري ٿو، ڪٿي اڄ جي دور جي سياست ۽ منافقت کي وائکو ڪري ٿو ۽ ڪٿي وري محبت، وڇوڙي ۽ انتظار جي ڪيفيتن کي وڏي سادگيءَ سان بيان ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ذاتي ۽ اجتماعي تجربا هڪ ٻئي ۾ ملي هڪ گڏيل انساني منظرنامو جوڙين ٿا.
ھيءَ جديد شاعري خاموش قبوليت جي شاعري ناهي. شاعر وٽ سوال آهن، اعتراض آهن ۽ سچ کي چٽائيءَ سان چوڻ جي جرئت آهي.
“قبر فقط اڍائي وال...”، “اسان وٽ...”، “دوزخ ۾ آن...” جھڙا نظم سماج جي ٻٽي معيار، قبائليت، مذهبي ۽ اخلاقي منافقت کي بي نقاب ڪن ٿا. شاعر هتي رڳو ڏسندڙ ناهي، پر باشعور شاهد بڻجي بيٺو آهي.
ڪيترائي نظم وجودي لھجو رکن ٿا: اڪيلائي، خوف، موت جو شعور، بي معنيٰ ٿيندڙ رشتا ۽ وقت جي بي رحميءَ جا عڪس پيش ڪن ٿا.
ھيءَ شاعري رڳو احساسن جي نمائش نہ، پر اندروني سچائيءَ جو وڏو اعتراف بڻجي اڳيان اڀري ٿي. شاعر سادين ۽ روزمرھہ جي شين کي گهري علامتي معنيٰ ڏيڻ جو گُرُ رکي ٿو: ڏيئو، هوا، آسمان، قبر، ڪتاب، رڻ، بگهڙ، اسڪرين. اهي علامتون نظمن کي صرف شاعراڻو نہ، پر فڪري بہ بڻائين ٿيون ۽ مختصر سٽن ۾ ڪيتريون ئي وڏيون تصويرون بہ اڳيان آڻين ٿيون.
نظمن جي ٻولي بنھين سادي، روان ۽ غير مصنوعي آهي. جن ۾ ڪا بہ بناوٽ نہ آهي، نہ ئي لفظي ڏيکاءُ آهي. هر نظم “وَرُ” وانگر وزنائتو ۽ “وائي” وانگر سوز سان ڀريل محسوس ٿئي ٿو ۽ اھو ئي شاعر جو ڪمال بہ لڳي ٿو تہ هو ٿورڙن لفظن ۾ گهڻو ڪجهہ چئي وڃڻ جو علم رکي ٿو، بغير واعظي لھجي جي.
سندس ھيٺيان نظم ان حوالي سان ثبوت طور پيش ڪجن ٿا:

“تنھنجي ۽ منھنجي اندر ۾
ھڪ آسمان آ
خيال ۽ خواب پکين وانگر
اُن ۾ پيا ٿا اُڏرن...”
———

“پارٽيون آهن
عوام سان گڏ ڪا بہ ناهي
ماڻھو اسپتالن، ٿاڻن ۽ روڊن تي
ننڌڻڪائي ڀوڳين پيا...”

سو محمد علي پٺاڻ جو ھيءُ “وَرُ ۽ وائي” ڪتاب جديد سنڌي مختصر نظم کي وڏي فڪري وشالتا بخشي ٿو. هيءَ شاعري رڳو پڙهڻ لاءِ نہ، پر گهڻي غور ويچار ۽ سوچڻ لاءِ آهي. شاعر لفظن سان راند نٿو کيڏي، پر انھن وسيلي ستل ضمير کي جاڳائي ٿو.
هيءُ مجموعو سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي اھڙي سڃاڻپ بڻجي سامھون آيو آهي، جنھن جو فڪر وقت سان سمجهوتو نٿو ڪري، پر وقت کان سوال ڪري ٿو. ڪنھن شاعر جي ھيٺين شعر وانگي تہ:

جب ديئا جلتا ہے تو روشنی ہوتی ہے،
ٹوٹتا کبھی نہیں یہ سلسلہ تخیل کا۔

اميد تہ محمد علي پٺاڻ جي شاعري جو ھن انداز جو ڏيئو ٻرندو رھندو ۽ سندس تخيل جو ھيءُ سلسلو جاري رهندو.
ساحر جي ھن شعر وانگي

”ہر نسل اک فصل ہے دھرتی کی آج اگتی ہے کل کٹتی ہے
جیون وہ مہنگی مدرا ہے جو قطرہ قطرہ بٹتی ہے“

نويد سنديلو
ڏوڪري
20-02-2026ع