شاعري

وَرُ ۽ وائي

ھن ڪتاب ۾ ٻہ سئو مختصر نثري نظم شامل آهن. هنن نظمن  جي خوبين ۾ خوبصورت ۽ سولي ٻولي، سھڻيون تشبيھون، ڇرڪائيندڙ استعارا تہ آهن ئي پر ھنن نظمن ۾ ڪٿي لفظن، استعارن، ترڪيبن، تمثيلن ۾ لڪل سِٽائر/چُڀندڙ طنز آهي تہ ڪٿي تنقيدي سونٽو وهائي ڪڍيل آهي. نظمن ۾ اڻ کُٽ موضوع آھن.  ھن ڪتاب ۾ احساسن جي گَھرائي آھي تنھنڪري ھيءُ ڪتاب پڙهندڙ کان تڪڙ نہ، پر توجھہ ۽ غورُ گُهري ٿو. 
 

Title Cover of book war'u aen wai

مھاڳ : ياد رکڻ جھڙا نظم...

پروفيسر محمد علي پٺاڻ هڪ متحرڪ ۽ ڪُل وقتي اديب، شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊرامہ نگار آهي. هو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مسلسل لکي رهيو آهي. هو ڀلي شاعري ڪري، ڊرامو لکي، ناول يا ڪھاڻي لکي پر سندس لکڻين جي موضوعن ۾ گهڻو ڪري سنڌ، سنڌي سماج، سنڌي سماج جا مسئلا، لطيف سائين، سنڌو درياھہ، سنڌ جا ڏاها ڪردار ۽ سنڌ جي تاريخ، ثقافت، جاگرافي ۽ سنڌي ماڻھن جي نفسيات، انھن جو رسڻ، پرچڻ، پيار ڪرڻ جا مامرا ضرور شامل هوندا آهن. مطلب تہ هو سنڌ جو ليکڪ آهي؛ جيڪو هتان جي مامرن تي قلم کڻي ٿو، لکي ٿو ۽ انھن جي نشاندھي ڪري ٿو. سندس ڪيترائي ڪتاب انگريزي ۽ اردو ۾ بہ ترجمو ٿي چڪا آهن؛ جن کي سامھون رکي چئي سگهجي ٿو تہ هو سنڌ، سنڌي سماج، تاريخ، لطيفيات ۽ ٻين ڪردارن کي وسيع تناظر ۾ کڻي وڃي ٿو. لکڻ سولو ڪم ناهي؛ لکڻ دوران جتي دماغ جي ولوڙ ڪرڻي پوي ٿي، اتي اکين کي اوجاڳا بہ ڏيڻا پون ٿا تہ درد جي درياھہ مان بہ گذرڻو پوي ٿو. ۽ اسان جو دوست پروفيسر محمد علي پٺاڻ ائين ڪري ٿو. هن ادبي لکڻين جي ڳري قيمت بہ ڀري آهي. مسلسل لکڻ سبب سندس صحت تمام گهڻي خراب ٿي پئي آهي؛ پر هي قلندر طبيعت شخص آهي؛ سو بنان ڪنھن پرواھہ جي لکندو رهي ٿو ۽ مسلسل لکندو ۽ پنھنجي خرچ تي اهي لکڻيون شايع پڻ ڪرائيندو رهي ٿو. موٽ ۾ سماج کان ڪجهہ گهري بہ تہ نٿو. اسان کيس ڏئي بہ ڇا رهيا آهيون؟ يا کيس ڇا ڏنو آهي؟ سواءِ ڪجهہ لفظن ۽ دل ۾ سانڍيل پيار ۽ احترام جي اسان کيس ٻيو ڪجهہ ڏئي بہ تہ نٿا سگهون. پروفيسر محمد علي پٺاڻ صاحب جھڙا ماڻھو ئي سماجن کي اهنجن مان ڪڍندا آهن؛ هو سماجي مسئلن تي ويچارن ٿا، لکن ٿا، انھن ڏانھن ڌيان ڇڪائن ٿا. نتيجي ۾ ڪنھن نہ ڪنھن جي تہ ڪن تي جونءَ سُري ٿي. ڪنھن نہ ڪنھن جي تہ دماغ ۾ ڳالھہ ويھي ٿي ۽ ڪٿي نہ ڪٿي ڪو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو.
زير بحث ڪتاب سندس ٻہ سئو مختصر نثري نظم آهن. هنن نظمن جي خوبين ۾ خوبصورت ٻولي، سھڻيون تشبيھون، ڇرڪائيندڙ استعارا تہ آهن ئي پر سڀني کان اهم خوبي اها آهي تہ انھن نظمن ۾ ڪٿي لفظن، استعارن، ترڪيبن، تمثيلن ۾ لڪل سِٽائر/چُڀندڙ طنز آهي تہ ڪٿي الاعلان ڀاروڙي جو ڌُڪو (زوردار سگهارو سئونٽو) وهائي ڪڍيل آهي. جيئن هن مختصر نظم ۾ عادل جي عدالت ۽ انصاف تي ڪيڏي نہ زوردار جُلھہ ڪيل آهي.
حاڪم ۽ عادل...!!
حاڪم، سياري جي باهِہ
لوڪَ کان کسي
پاڻ ڏي سوريندي چوين ٿو،
“مان عادل آھيان...!”
هن نظم ۾ “سياري جي باھہ” هڪ پھاڪي طور ڪتب آندل آهي. “سياري جي باھہ” مان مراد آهي. موجود لاڀ/فائدو. يعني وقت جو حاڪم سڀ فائدا پنھنجي پاسي ڪري دعويٰ اها ٿو ڪري تہ “مان عادل آهيان” هن نظم ۾ بظاهر ڪا طنز يا ٽوڪ نظر نٿي اچي؛ پر ٿورڙو ويچارڻ سان پتو پوي ٿو تہ “مان عادل آهيان” ۾ ڪيتري سخت چٿر بلڪہ چِڙ ڏيکاريل آهي. هي نظم بنيادي طور تي اهو ردعمل آهن؛ جيڪو هر ذهن ۾ اڀرن ٿا. هن نظم ۾ بہ ساڳيو رد عمل آهي!
جنگجُو...
تون ماڻھو ٿِي ماڻھو ٿو مارين
اھا تنھنجي فتح ناهي
بدترين شڪست آهي
جَنگِجُو...!
“ماڻھو ٿي ڪري ماڻھوءَ کي مارڻ” معنيٰ پنھنجي ذات سان پاڻ دشمني ڪرڻ! هن وقت جتي هر طرف جنگ جو ماحول آهي؛ خاص طور تي هن خطي ۾ هڪ ويڙهاند هلي رهي آهي. پر سوچيندڙ شاعر ڇاڪاڻ تہ جنگ جي خلاف آهي، انڪري هو جنگ جي خلاف هنن لفظن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائي ٿو. ڪنھن لکيو هو تہ جنگ سان ٻيو ڪجهہ ٿئي يا نہ ٿئي پر ٻنھي حريف ملڪن جون مائرون ضرور سوڳ ملھائينديون آهن. ڇاڪاڻ تہ جوان سرحد جي هُن پار جو مارجي يا هِن پار جو جوان شھيد ٿئي؛ هڪ ماءُ جو تہ پٽ ڪُسجي ٿو. پروفيسر محمد علي پٺاڻ جيئن تہ حساس طبيعت شاعر آهي؛ انڪري هو جنگ جي خلاف پنھنجي طبيعت آهر احتجاج رڪارڊ ڪرائي ٿو. ساڳي موضوع تي هن ٻيا بہ خوبصورت ۽ احساسن سان ڀرپور نظم لکيا آهن.
بَمَ....
موت ڪيتري فاصلي تي آهي؟
خبر ناهي
بم وسن ٿا،
انھن کي ھوندي...!
هن نظم ۾ جنگ جوٽيندڙ ڌرين کي اڻلکائتو پر اثرائتو ڌڪ هنيو ويو آهي. شاعر جو اهو چوڻ تہ موت ڪيتري فاصلي تي آهي؟ اسان کي تہ خبر ناهي پر بم وسائيندڙ ڌريون ضرور ڄاڻن ٿيون تہ هو بمن جي صورت ۾ موت ڪٿي وسائي رهيون آهن. هو جھڙوڪر بم نہ بلڪہ موت وسائي رهيا آهن.
جنگبندي...
ھيڏي دنيا مان ڏاھپ
ڪاڏي بر مُنھن ڪري وئي آ،
جو
ڪوئي جنگ بند نٿو ڪرائي...!
هن نظم ۾ پڻ شاعر انتھائي اهم ڳالھہ ڪئي آهي تہ ڇا دنيا ۾ ڪوبہ ڏاهو ماڻھو نہ رهيو آهي، جيڪو جنگ بند ڪرائي.
شاعر چڱي ريت ڄاڻي ٿو تہ ڪارپوريٽ ۽ کاپائو ثقافت منافعي خوري جي ايڏو تہ ڪڍ لڳي چڪي آهي جو هو زندگيءَ جھڙن عظيم وٿ کي وڃائڻ کان بہ نٿا مڙن. هو پئسن عيوض زندگي وڪڻي پاڇيءَ ۾ موت جو سودو ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ شاعر انھن کي مَتِ جو مُوڙهيو ئي سڏي سگهي ٿو. پڪ ئي پڪ اهي ماڻھو مت جا موڙهيا ئي چئبا جيڪي موت جو واپار ڪن ٿا. شاعر ڪيڏي نہ معصوميت سان انھن خوابن کي ياد ڪري ٿو؛ جن کي موت ماري ڇڏي ٿو.

خوابَ

خوابَ
زندگيءَ جي چرپر سان ٻڌل آھن
موت
انھن کي بہ ماري ڇڏي ٿو...
يا هو جڏهن موت کي زندگيءَ کان سگهارو ٿو سڏي تہ ان ۾ بہ زندگيءَ سان سندس پيار ۽ موت سان ڌڪار ظاهر ٿئي ٿي.
موت ڏاڍو آ...
موت کان زندگي
ھارائي ويندي آ
ڇو تہ اھو اڻ ڏٺو
ساھدارن کان ڏاڍو آ

هو مڃي ٿو تہ موت پنھنجي جاءِ تي سگهارو آهي پر هو زندگيءَ سان پيار ڪري اميد جي روشنيءَ ڏانھن آڱر کڻي ٿو. هو پيار ۾ يقين رکي ٿو؛ ۽ سونھن سان پيار ڪري ٿو.

پرينءَ جا ٽھڪ...
ھوا
پاڻ مان پرينءَ جا ٽھڪ ڳولي
موتي ڪري ڏي تہ
سڳي ۾ پوئي مالھا ڪري پايان
‘پرينءَ جي ٽھڪن جي مالھا ٺاهي سڳي ۾ پوئڻ’ ڪيڏو نہ دلفريب عڪس آهي.
محمد علي پٺاڻ جي شاعريءَ ۾ اهڙا سھڻا ڪيئي عڪس ملن ٿا، جن ۾ زندگيءَ سان بيپناھہ پيارموجود آهي. بنيادي طور تي هو زندگيءَ سان پيار ڪندڙ هڪ اهڙو معصوم روح آهي؛ جيڪو ڌرتي، سمنڊ، سج، چنڊ، ستارن، لطيف ۽ سھڻي سنڌو درياھہ سان پيار ڪري ٿو؛ ڇاڪاڻ تہ انھن جي ئي آڌار سندس ۽ ساڻس پيار ڪندڙ ماڻھن جو جياپو آهي. هيءَ پڻ سندس خوبي آهي تہ هو پنھنجي هر سالگرھہ لطيف سائينءَ جي آڳنڌ ۾ ملھائي پنھنجي پيار جو اظھار ڪندو آهي. بلڪہ هن تہ ان حد تائين چيو آهي تہ جيڪڏهن تو لطيف سائينءَ جي شاعري ناهي پڙهي تہ پوئي توکي سنڌي سڏائڻ جو حق ئي ناهي.
سنڌي ۽ ڀٽائي....
سنڌي ڪيئن ٿو سڏائين
تو تہ
ڀٽائيءَ کي
پڙھيو ئي ناهي. . .
اهڙي ريت هو پاڻ پيار جي ميدان ۾ آيو آهي؛ ۽ هن وچن ڪيو آهي تہ جيڪا حياتي آهي؛ ان ۾ پنھنجن ماڻھن، ڌرتي، سنڌو درياھہ ۽ لطيف سائينءَ سان نينھن نيبھہ ڪبو.
احترام جو وچن...
پيار جي ميدان ۾ آيو آن
تہ عمر ڀر
ان جي احترام جو
پاڻ سان وچن ڪر. . .
مجموعي طور تي محمد علي پٺاڻ صاحب جا هي نظم مونکي اهڙا ويچار لڳن ٿا؛ جن ۾ ڳڻتي بہ آهي تہ ڏاهپ پڻ آهي، جن ۾ سنڌ جي مسئلن تي گهري سوچ بہ شامل آهي تہ مسئلن جي حل لاءِ آڱر بہ کنيل آهي. زندگيءَ سان بيپناھہ پيار بہ آهي تہ حُسن ۽ عشق جو عڪس بہ موجود آهي. پڙهي ياد ڪرڻ ۽ حوالي طور ڪتب آڻڻ جھڙا نظم لکڻ تي کيس واڌايون.

ڊاڪٽر شير مھراڻي
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،
حيدرآباد