شاعري

وَرُ ۽ وائي

ھن ڪتاب ۾ ٻہ سئو مختصر نثري نظم شامل آهن. هنن نظمن  جي خوبين ۾ خوبصورت ۽ سولي ٻولي، سھڻيون تشبيھون، ڇرڪائيندڙ استعارا تہ آهن ئي پر ھنن نظمن ۾ ڪٿي لفظن، استعارن، ترڪيبن، تمثيلن ۾ لڪل سِٽائر/چُڀندڙ طنز آهي تہ ڪٿي تنقيدي سونٽو وهائي ڪڍيل آهي. نظمن ۾ اڻ کُٽ موضوع آھن.  ھن ڪتاب ۾ احساسن جي گَھرائي آھي تنھنڪري ھيءُ ڪتاب پڙهندڙ کان تڪڙ نہ، پر توجھہ ۽ غورُ گُهري ٿو. 
 

  • 5.0/5.0
  • 257
  • 40
  • 2 هفتا اڳ
  • 1
Title Cover of book war'u aen wai
سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار، محقق ۽ ڊراما نگار محمد علي پٺاڻ جي نثري نظمن جو مجموعو ”ورُ ۽ وائي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
پروفيسر محمد علي پٺاڻ هڪ متحرڪ ۽ ڪُل وقتي اديب، شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊرامہ نگار آهي. هو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مسلسل لکي رهيو آهي ۽ سندس 46 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چُڪا آھن. ھن ڪتاب ۾ سندس ٻہ سئو مختصر نثري نظم شامل آهن. هنن نظمن  جي خوبين ۾ خوبصورت ۽ سولي ٻولي، سھڻيون تشبيھون، ڇرڪائيندڙ استعارا تہ آهن ئي پر ھنن نظمن ۾ ڪٿي لفظن، استعارن، ترڪيبن، تمثيلن ۾ لڪل سِٽائر/چُڀندڙ طنز آهي تہ ڪٿي تنقيدي سونٽو وهائي ڪڍيل آهي. نظمن ۾ اڻ کُٽ موضوع آھن.  ھن ڪتاب ۾ احساسن جي گَھرائي آھي تنھنڪري ھيءُ ڪتاب پڙهندڙ کان تڪڙ نہ، پر توجھہ ۽ غورُ گُهري ٿو. 
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ڇپايو ڪونھي پر روحي پبلشر ڪمپوز ڪيو آھي ۽ محمد علي پٺاڻ سنڏ سلامت ڪتاب گهر کي اجازت ڏني آھي تہ آنلائين ايڊيشن پيش ڪيون، جنھن لاءِ سنڌ سلامت سٿ سندن ٿورائتو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
 

ڪتاب جو مطالعو ڪريو
حق ۽ واسطا اداري ۽ ليکڪ وٽ محفوظ.

ارپنا

سڃاڻپ

مھاڳ : ياد رکڻ جھڙا نظم...

پيش لفظ

”وائي ۽ وَرُ“ شعري مجموعي جو واسُ

شاعر پاران

1 کان 25

26 کان 50

51 کان 75

76 کان 100

101 کان 125

126 کان 150

151 کان 175

176 کان 200

THE CONCERNS AND CONTEMPLATIONS!

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف محمد علي پٺاڻ
  • ڇپيو ويو 2025
  • ڇپائيندڙ روحي پبلشرز، ڪراچي
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 20/Apr/2026
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
  • لاٿو ويو 40 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون