شاعري

وَرُ ۽ وائي

ھن ڪتاب ۾ ٻہ سئو مختصر نثري نظم شامل آهن. هنن نظمن  جي خوبين ۾ خوبصورت ۽ سولي ٻولي، سھڻيون تشبيھون، ڇرڪائيندڙ استعارا تہ آهن ئي پر ھنن نظمن ۾ ڪٿي لفظن، استعارن، ترڪيبن، تمثيلن ۾ لڪل سِٽائر/چُڀندڙ طنز آهي تہ ڪٿي تنقيدي سونٽو وهائي ڪڍيل آهي. نظمن ۾ اڻ کُٽ موضوع آھن.  ھن ڪتاب ۾ احساسن جي گَھرائي آھي تنھنڪري ھيءُ ڪتاب پڙهندڙ کان تڪڙ نہ، پر توجھہ ۽ غورُ گُهري ٿو. 
 

Title Cover of book war'u aen wai

”وائي ۽ وَرُ“ شعري مجموعي جو واسُ

انسان بنيادي طور تي پاڻ استحصالي بہ آھي، تہ محڪوم مجبور بڻجي با اثري قوتن جي ڏاڍاين جو شڪار بہ ٿيندو رھيو آھي. ھو دنيائي وجود کان خير ۽ شر، نيڪي ۽ بديءَ جي جنگي اس ڇانوَ ۾ پلجندو رھيو آھي. ايئن قابيل کان قاسم تائين ۽ قاسم کان ڪَنَ ڪَٽي تائين مار ڌاڙ ۽ ڦرلٽ جي ڊگهي تاريخ لکجي چڪي آھي. پر ماري ۽ ماڻھپي وارن ماڻھن مان دنيا انسانيت واري احساساتي ميدان تي پاڻ ملھائيندڙ فردن کي ئي مڃتا ڏيندي آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي، جو انسانيت جو درد ۽ منجهن ويساھہ رکندڙ شخصن ماڻيل ڏات ۽ ذات مان پنھنجي صلاحيتن آھر انساني ڀلائيءَ واري راھ، رستي جي چونڊ ڪئي آھي. ڀلا ھڪڙو آرٽسٽ فقط پنھنجي فن ذريعي محبت ۽ مزاحمت جون ميڻ بتيون ئي ٻارڻ پسند ڪري ٿو. اسان جو دوست محمد علي پٺاڻ بہ اڌ صديءَ کان لڳ ڀڳ پنجاھہ ڪتاب لکي عام ماڻھوءَ جي اھنجن ايذائن تي لفظن جي سھاري پاڻ موکيو آھي. ان حوالي سان ھي نثري نظم، جنھن ۾ احساس عيوض غم ۽ درد ئي کيس پلئہ پيا آھن.
ان حوالي سان سندس ھن تخيل ۾ ڏسو تہ، ھو ڪيڏي نہ نرم مزاج احساس جي خوب اڳواڻي ڪندي ڏسجي ٿو:

چوھٺين سالگرھہ تي...
حياتيءَ جي ھن موڙ تي
قلم جو غم
۽ لفظن جا لڙڪ ئي
ٻيلي ھن...

محمد علي پٺاڻ وٽ گهڻي ڀاڱي زرعي سماج جا سور پور، تضاد، جھالت ۽ محروميون ئي نمايان نموني نظر اچن ٿيون. ھن جي حساسيت ان وقت نوٽ ڪرڻ جھڙن آھي، جڏھن معمولي لوڪ طعني يا معمولي مگر حقيقي طنز تي سنڌي ماڻھوءَ ھٿان بيگناھہ سنڌي ئي قتل ٿين ٿا.
ھت پيش ڪيل ٻہ شعري مثال جيڪي ٻھراڙيء جي سماج جو عڪس/اولڙو رکندڙ آھن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻن مروج اصطلاحن “ھنڀوڇيون ھڻڻ” ۽ “اوڇنگارون ڏيڻ” جي تضمين نھايت فنائتي انداز ۾ ڪئي وئي آھي.
ھنن نثري نظمن ۾ لڳي ٿو ڄڻ، تہ احساسن سان ڀريل فڪري بندوق مان نڪتل طنزيا گولي جاھل طبقي جي تعاقب ۾ نڪتل ھجي.

ڪڪڙ کي ڀاڙي ڇو چيئي ؟
ھڪ قتل پندرنھن مرڻينگ
اوندھہ جون ھنڀوڇيون
روشنيءَ جون اوڇنگارون...
اڙي، پير ۾ معمولي کَٻُ ٿئي
پِنُ نہ مڙس ٿي ڪماء
طعنو ترار ٿي لڳس
چار ماڻھو خون ڪري ڇڏيائين...

محمد علي پٺاڻ جي ھن مجموعي ۾ جنگ مخالف عالمي فڪر بہ ڏنل آھي. ھو ھلندڙ دؤر جي جنگ کي حيات جي سفري سونھن لاءِ ھاڃيڪارڪ سمجهي ٿو ۽ جيئن، تہ اسرائيل آمريڪا گڏجي اڪيلي ايران تي ھي جنگ مڙھي آھي، انھيءَ پس منظر ۾ اسان جي دوست انھي جنگي جنون جي مخالفت ڪندي پنھنجو نقطو نظر ھن طرح ظاھر ڪيو آھي:

ڪن کولي ٻڌو...
ڌرتيءَ کي جيئن وڻ
۽ ماڻھوءَ کي ساھہ ٿا کپن
ايئن ئي وقت کي
بمن بنا سفر ٿو کپي.

محمد علي پٺاڻ جي شاعريءَ ۾ ھونئن تہ ھن دور جو درد ھر ھنڌ جهلڪي ٿو، پر من جي ڪنھن ڪنڊڙيءَ ۾ پيار محبت جا گوئنچ بہ رکي رکي گلن جيئن ٽڙي ضرور پون ٿا.
۽ پيار جي گلن کي ڪوبہ آدم جو ٻچڙو ٽڙڻ کان روڪي نٿو سگهي. جو پيار تہ ٿي ويندو آھي، مئٿ جي حساب جيئن مشق ھيٺ نہ اچي سگهندو آھي .پيار جي گلڙن ٽڙائڻ لاءِ محبوب جي فقط ھڪ پرڪشش نيڻ نھار،ميڇ يا مرڪ ئي ڪافي آھي.
ان حوالي سان ھن جو ھي نظم ڏسو، جنھن ۾ حسن جمال جھڙوڪ فطرت سان قافيي جيان ٻيلھہ ٿي ھڪ اھڙو خوبصورت عڪس جوڙي ٿي، جو ڇا ڳالھہ ڪجي!

مست ٿي ويا...
سونھن باغ ۾ پير ڌريو
گلن ڪنڌ نمائي آڌر ڀاءُ ڪيو
پوپٽ ڦيريون پائيندي
مست ٿي ويا...

دنيا جو ھر حساس شاعر (Optimist) اميد جو آدرڀاءُ ڪندڙ ٿئي ٿو. ھو ھر ڏکي حالت ۾ انھيءَ فڪر جو دامن ناھي ڇڏيندو.
محمد علي پٺاڻ جي تخيل ۾ اميد پرستيءَ وارو گڻ بہ جتي ڪٿي موجود آهي. جنھن سبب ئي، ھو نئين صبح ۽ سک جا سپنا ڏسندو، جاڳندو ۽ لکندو رهي ٿو. نئين سال جي ھر حال ۾ ڀليڪار بہ ان آسري تي ئي ڪرڻ چاھي ٿو، جيئن ڏيھہ ۾ روشنائيءَ جا رنگ پڌرا ٿي پون. اھا ئي سمجهہ کيس نئين سال جي جاري ۾ سک ۽ اميد جا ڏيئا ٻارڻ جي فڪري ڪوششون ڪرائيندي رھي ٿي.
ھي ننڍڙو ڪوتائي مثال ان پسمنظر ۾ ڪيتري نہ گھري فڪري خوشبوءِ پنھنجي خيال جي ساھہ ۾ سمائي ويٺو آھي.

جاڳان ٿو....
مان
جاڳان ٿو
ان لاءِ تہ
صبح ٿئي ....

محمد علي پٺاڻ کي جيڪا قدرتي (سوچڻ واري ) طاقت مليل آھي، انھي کي ھو ضايع ڪرڻ بدران اونداهي سماج کي روشنيءَ ۾ بدلائڻ لاءِ وقف ڪري ٿو. سندس ھي ڪتاب وائي (ڳالھہ) ۽ وَرُ (فڪر) اھڙي ئي طاقت جي نمائندگي سمجهڻ گهرجي. سندس سوچ ۾ سماجي شعور جو وراڪو ڏاڍي فنائتي انداز ۾ فڪر سان گڏوگڏ ڏنل آھي. جنھن مان اميد جا ڪيترائي ڪرڻا ٻاٽ کي چماٽ ھڻي اڇي اجري ۽ نئين صبح ۾ تبديل ڪرڻ جا سانباها ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ھن جي تخليقي ڪائنات نج پج پنھنجي آھي.يا ايئن کڻي چئجي تہ، محمد عليء جو تخليقي تاڃو پيٽو ئي سندس سخنوريء جي تابع آھي. شعري اسلوب نرالو، بياني صنعتون، انفراديت جون حامل، اڇوتا موضوع، سخنوري ساک پت برقرار رکڻ ۽ ٻيون انيڪ شعري خوبيون پڻ سندس خيالي مينھن وسڻ کان پوءِ کنڀين جيئان ڦٽي نڪرندي ڏسجن ٿيون.
ھو ھن اسم ۾ منھنجي جھڙوڪر دل جي ڀر کڻندي چوي ٿو تہ:

خيال کي
پنھنجو آسمان ھوندو آ
سج بہ پنھنجو،تہ
چنڊ ۽ ستارا بہ پنھنجا...

محمد علي پٺاڻ جي شاعريءَ ۾ سماجي سرت ۽ قدرن جي ڪميءَ جو فڪر بہ موجود آھي. ھو منافقت ۽ انساني ڪم ظرفيءَ وارين ڪمزورين ۽ڪوتاھين کي پڻ احتساب جي ڪٽھڙي ۾ آڻي ٿو. ان حوالي سان سندس ڏنل شعور پنھنجي ئي پيرن تي بيٺل نظر اچي ٿو. ھو وڏي واڪي انھن مرڻينگ قدرن تي ھن طرح نوحا ڪنان ٿئي ٿو:

مڃوتي
ظرف واري وٽ ھوندي آ
ڪم ظرف
پٿر جون اکيون رکندو آ...
يا اھو تہ:
لفظ منافق اڳيان ٿو اچي
تہ تنھنجي چھري جو نقشو ٺھي ٿو وڃي
ڇا اھا تجريديت آ ؟

ھن جي خود ڪلاميء جي خوشبوءِ بہ پنھنجي ئي آھي. ھو حيات جي حقيقت ۽ سچاين جي سون جي پرک ڪندڙ صراف وانگر اونھي ادراڪ اک رکي ٿو. وقت ۽ حالتن ھٿان کاڌل پنھنجي تڪليفن جي دانھن بہ ڪري ٿو تہ شڪايت بہ شعري صورت ۾ درج ڪرائي ٿو.
مون ننڍ پڻ کان
ڪک ڪانا گڏ ڪيا
پيريءَ ۾ جهوپڙي ٺاھي
طوفان، توکي نظر ئي اھا آئي ...

۽ جيئن مون مٿي ڳالھہ ڪئي تہ محمد عليءَ جي شاعريءَ جو بياني صنعتن واروپاسو/ پھلو نھايت نشانبر ۽ خوبصورت آهي. ھن جي ڪلام ۾ خاص ڪري استعارن جي آميزش خيال ۾ پائيدار ۽ پرڪشش جمالياتي سرگرمين جو سبب پيدا ڪندڙ آهي. سندس فڪر ۽ تخيل ۾ مستعمل استعارن کي عڪسي جارن ۾ جرڪندي ۽ ٻرندي ڏسي ڀاسندو آھي تہ ڄڻ محمد علي پٺاڻ اسٽوپا تي اڻ ڳڻيا ڏيئا ٻاري سمبارا کي پنھنجن روشن خيال، روادار ۽ سخنور ھٿن سان سلامي ڏيندو ھجي. ھي ڪجهہ محمد عليءَ ميڊ ميٽافرس آھن، جن جي سونھن سرگرمي تخيل کي گهڻو خوبصورت ۽ خاص سڃاڻپ عطا ڪري ٿي.
مثلن: دل جو وڻ، سپنن جا پن، بيتابي باھہ جا الا، ٽھڪن جي واٽ،مڀنڀٽ جي رھنما، من جي تارازي، غربت جي چولي،نمرڪ جو ڪڪر، غم جا ڪڪر، عقل جا ڪڪر، گلن جا ڀاڪر، جمھوريت جو لباس، زندگيء جي ريل، دوائن جو ڀاڙو، خواب جي ٿوڻي، مرضن جا منھن، عشق جو تنور، سوچ جو درياھ، ٻاجهہ جون ٻيڙيون، نئين سال جو جارو، سفاڪيء جون حدون،مساھن جا سينگار، جھالت جي فالج، سک جا ماڻڪ، صبر جو ڳوٺ، بک جا تارا، اوندھہ جون ھنبوشيون، مروشنيء جون اوڇنگارون، بک جو شان، ڀلائيء جا ڀاڙا، ڏک جي چيڀٽ، ضمير جي نڙي ۽ ھي چند شاعراڻا ميڊ اصطلاح، ساھن سان وڙھڻ ،اوسئيڙي جو تڙپڻ، انتظار جو لتاڙجڻ، ڀرم کي ڀاڪر پائڻ وغيرہ فڪري جمال سان ٻيلھہ نظر اچن ٿا.
آخر ۾ ھڪڙو نثري نظم اوھان اڳيان لازمي پيش ڪرڻ چاھيان ٿو، جنھن ۾ موجود قومي ايڪي ۽ عدم ترقيءَ وارو فڪر اسان سنڌين جي اجتماعي احتساب جو گهرجائو آھي. علامتي انداز ۾ ڦيٿي سان ڪيل مختصر مڪالمي بازيءَ ۾ بلا جو طنز، تنقيدي ۽ معنوي حساب ڪتاب سان سامھون آندو ويو آھي.
۽ اھا حقيقت سورھن آنا سچ آهي تہ ترقيءَ جو عالمي اھڃاڻ “ڦيٿو “ سنڌو تھذيب جي ئي ايجاد آھي:
“تہ پوءِ پاڻ پٺتي ڇو رھجي وياسون؟” ھڪ ڇرڪائيندڙ ۽ اچرج ڀريو سوال، جنھن جي ڪارڻن تي سوچڻ جي سگهہ، شعور ھن چئن مختصرن سٽن جي خيال ۾ گلن جيان اوتيل آھي:

ڦيٿا
تو سفر تہ مھين کان ڪيو
سنڌ کي
ڇو پوئتي ڇڏي وئين ؟

ڊاڪٽر جاويد شيخ
ڪراچي