ڪتاب جو نالو: ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت سکر
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 1988
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 14 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 1121 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 554 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ماڻھو جيڪي مرڻا ناھن“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڊونلڊ ڪلراس پيٽي جي لکيل ڪتاب Lives of Destiny جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. ھو لکي ٿو:
”موزارٽ، ليونارڊو ۽ مائيڪل اينجليو اهي شخصيتون آهن جيڪي هڪ ”ديو“ جيان منهنجي سوچن جي بوتل ۾ سالن کان بند هيون. مون نو سال اڳ انهن جو اظهار مختصر نموني ڪيو هيو. مون جڏهن ڊونالڊ ڪلراس پيٽيءَ جو ڪتاب Lives of Destiny پڙهيو هيو ته ان جي لکڻيءَ مونکي ايترو متاثر ڪيو جو مان لکت ۽ گفتگوءَ ۾ پيو ان جا حوالا ڏيندو هوس. ان ساڳي ڪتاب مان ڪجهه چونڊ شخصيتن جو ترجمو ڪري اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • اڍائي اکر
  • والٽئر
  • مائيڪل اينجلو
  • موزارٽ
  • ليونارڊو ڊاونچي
  • چارلس ڊارون

  • ڪتاب بابت

    ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن


    (ڊونالڊ ڪلراس پيٽيءَ جي ڪتاب
    Lives of Destiny جو سنڌي ترجمو)

    سنڌيڪار:
    رسول ميمڻ


    سنڌي ادبي سنگت، سکر
    1988ع



    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر



    ڪتاب جو نالو: ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن
    مصنف: ڊونالڊ ڪلراس پيٽي
    ترجمو: رسول ميمڻ
    ڇپائيندڙ: ادل سومرو، سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سکر
    ڇاپو: پهريون، جولاءِ 1988ع
    قيمت 00-10 روپيا


    هي ڪتاب محموديه پرنٽنگ پريس جاگيراڻي محلي سکر مان ڇپجي پڌرو ٿيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ماڻھو جيڪي مرڻا ناھن“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڊونلڊ ڪلراس پيٽي جي لکيل ڪتاب Lives of Destiny جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. ھو لکي ٿو:
    ”موزارٽ، ليونارڊو ۽ مائيڪل اينجليو اهي شخصيتون آهن جيڪي هڪ ”ديو“ جيان منهنجي سوچن جي بوتل ۾ سالن کان بند هيون. مون نو سال اڳ انهن جو اظهار مختصر نموني ڪيو هيو. مون جڏهن ڊونالڊ ڪلراس پيٽيءَ جو ڪتاب Lives of Destiny پڙهيو هيو ته ان جي لکڻيءَ مونکي ايترو متاثر ڪيو جو مان لکت ۽ گفتگوءَ ۾ پيو ان جا حوالا ڏيندو هوس. ان ساڳي ڪتاب مان ڪجهه چونڊ شخصيتن جو ترجمو ڪري اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.“
    هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت، سکر پاران 1988ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ نئين سر ڪمپوز ڪرائي موڪليا.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    هن ڪتاب جو مهاڳ محترم رشيد ڀٽي کي لکڻو هيو، پر سندن اوچتي وفات سبب هي صفحا خالي ڇڏيا ويا آهن.




    هيٺ ڀٽي صاحب جي وفات جي تاريخ ڏنل آهي.



    رشيد ڀٽي
    جاڳيراڻي پاڙو سکر
    15 فيبروري 1988ع


    اڍائي اکر

    اڄ کان نو سال پهريون پنهنجي شاعريءَ جي مجموعي ”اوشاجي آشا“ جو مهاڳ لکندي، مون لکيو هيو ”موزارٽ جون سڀ ڌنيون چوري ٿي وڃن، هن کي جيئري ڪيترا به عذاب ڏنا وڃن، ناجائز تنقيدون ڪيون وڃن، پر پوءِ به هن جا آپيرا فنا نه ٿا ٿي سگهن. صدين کان پوءِ به هن جي وائلن جا سُر سٽينزا جي سڏڪن سان گڏ دنيا جي اسٽيج تي نمودار ٿيندا رهن ٿا. ليونارڊو جي موناليزا مرڪي ٿي ۽ مائيڪل جو(David) (حضرت دائود) ائين ئي جيئرا سلامت آهن.
    موزارٽ، ليونارڊو ۽ مائيڪل اينجليو اهي شخصيتون آهن جيڪي هڪ ”ديو“ جيان منهنجي سوچن جي بوتل ۾ سالن کان بند هيون. مون نو سال اڳ انهن جو اظهار مختصر نموني ڪيو هيو. مون جڏهن ڊونالڊ ڪلراس پيٽيءَ جو ڪتاب Lives of Destiny پڙهيو هيو ته ان جي لکڻيءَ مونکي ايترو متاثر ڪيو جو مان لکت ۽ گفتگوءَ ۾ پيو ان جا حوالا ڏيندو هوس. ان ساڳي ڪتاب مان ڪجهه چونڊ شخصيتن جو ترجمو ڪري اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.
    ترجمو ڪو تخليقي عمل نه آهي، جيڪڏهن دنيا جا سڀ ليکڪ صرف ترجما ڪرڻ شروع ڪري ڏين ته آخرڪار اهڙو وقت به اچي وڃي جو ترجمي ڪرڻ لاءِ باقي مواد ئي نه بچي. ان ڪري ترجمو ڪندڙ تخليقڪار نه آهي. ڪا به نئي شيءِ لکڻ لاءِ هڪ اديب کي وڏي فڪر، پيڙا ۽ مشاهدي مان لنگهڻو ٿو پوي. جڏهن ته ترجمو ڪنهن تخليق کي ڪاغذ تي پنهنجي زبان ۾ ڪا پي ڪرڻ آهي. ان ڪري مان چاهيندس ته مون کي ساڳي رسول ميمڻ جي نالي سان سڃاتو وڃي جيڪو ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي.
    هن ڪتاب جي باري ۾ مان ايترو چوندس ته مون ترجمو ڪندي ان جا ڪجهه حصا ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيا آهن. ڊونالڊ ڪلراس پيٽي جيڪو هڪ آمريڪن صحافي آهي، ان جا مختلف شخصيتن تي اهي خاڪا سڀ کان پهريون ريڊرز ڊائجسٽ ۾ شايع ٿيا هيا. هڪ آمريڪي صحافيءَ جي حيثيت سان هو ڪٿي ڪٿي پنهنجي مقصد کان ٿڙي ويو آهي. هن والٽئر جي خاڪي ۾ ان وقت جي فرانس کي موجوده روس سان تشبيهه ڏني آهي جيڪا منهنجي خيال ۾ سراسر زيادتي آهي، ڇو جو هن جو والٽئر تي لکيل خاڪو پڙهندي ان وقت جي فرانس جو ماحول مونکي بلڪل موجوده پاڪستان جهڙو معلوم ٿيو. اهي ساڳيون نا انصافيون جن مان فرانس جو عوام گذري آيو آهي ائين پيون لڳن جيئن انهن نا انصافين مان اسان جو عوام لنگهي رهيو آهي. خبر نه آهي ته آمريڪي صحافين جي ذهنن تي روس جي ايڏي مخالفت ڇو سوار آهي. ڏٺو وڃي ته گذريل ڏهن سالن کان روس جو اثر جيڪو پوري دنيا ۾ ڦهلجڻ جو انديشو هيو ان کي بلڪل ٻنجو اچي ويو آهي ۽ دنيا سوشلزم کان به ڪنهن اعليٰ نظريي جي طرف نهاري رهي آهي.
    ڪتاب ۾ ڪٿي ڪنهن شخصيت کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ان جي اصلي لکڻيءَ کي پڻ وڌايو ويو آهي، جنهن مان ٻين ڪتابن مان مدد ورتي آهي. چارلس ڊارون تي لکيل خاڪي ۾ ان جو نظريو سڄو سارو هڪ ٻئي ڪتاب تان ترجمو ٿيل آهي، صرف سوانحي خاڪو اصل مصنف جو ڏنل آهي. سورهن سال اڳ مون جڏهن پنهنجي ڪورس جي ڪتاب ۾ ڊارون جو نظريو The theory of natural selection پڙهيو هيو ته لادين ٿي پيو هوس، ان ڏينهن کان خدا جي وجود جو ته پڪو اقراري ٿي پيس پر مذهب جو انڪاري. جيڪڏهن قيامت ٿي ته خدا کي اهو ئي چوندس ته اهو سڀ ڊارون ئي هيو جنهن پنهنجي نظريي کي ڪجهه اهڙن پختن مشاهدن سان پيش ڪيو جو مون وٽ انهن جي قبول ڪرڻ کان سواءِ ڪو به جواز نه هيو. ڪو به ماڻهو جڏهن ارتقائي عمل تي غور سان ويچار ڪري ٿو ته ان جو مذهب تان ايمان ئي کڄي وڃي ٿو.
    رشيد ڀٽي منهنجي پهرين ڪتاب ”امن جي نالي“ جو مهاڳ لکيو ۽ ”چچريل زندگين جا قافلا“ جو مهاڳ لکي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن طرفان جڏهن پاڻ ان جي سکر شاخ جا صدر هيا، سنڌي ساهت سال جي آخري ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرايائون. هن ڪتاب جي مهاڳ وارا صفحا رشيد ڀٽيءَ جي ياد ۾ خالي ڇڏيا ويا آهن، ڇو جو رشيد ڀٽيءَ جو موت سنڌي ادب جو اهڙو خال آهي جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه ٿو سگهي.

    ڊاڪٽر رسول ميمڻ
    سامي هائوس، بشير آباد
    ملٽري روڊ سکر


    والٽئر

    ”مان اوهانجي هر لفظ سان اختلاف ڪريان ٿو پر توهان جي خيالن جي اظهار جي حق لاءِ مرڻ گهڙيءَ تائين وڙهندو رهندس“.
    جيڪڏهن توهان پڇندءُ ته سڀ کان پهريون اهو جملو ڪنهن چيو ته گهڻا ماڻهو فخر سان چوندا ”والٽئر“.
    پر اهو جملو حقيقت ۾ عظيم فرانسيسي ۽ اخلاقي قدرن جي علمبردار والٽئر جو نه آهي، اهو جملو اصل ۾ ان جي جيون ڪٿا لکندڙ مصنف جو آهي جنهن ان جملي ۾ ان جي خيالن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ زندگيءَ جو خلاصو بيان ڪيو آهي.
    تنگ نظري ۽ هٺ ڌرميءَ جي دور ۾ والٽئر جديد دور جو اڳواڻ هيو، ان هميشه اهو نعرو هنيو ”پنهنجو پاڻ سوچيو، جڏهن ڪا به قوم سوچڻ شروع ڪندي آهي ته ڪا به شيءِ ان جي راهن ۾ رڪاوٽ نه بڻبي آهي“.
    هن جي ڪنهن به همعصر عوام جي ايڏي وڏي تعداد کي پنهنجو پاڻ سوچڻ نه سيکاريو ۽ هنجي تعليم سان پوري يورپ ۾ جيڪا روشنيءَ جي لهر ڦهلي ۽ جيڪا اڃا تائين دنيا جي اڀ تي ڇانيل آهي ان کي ڪابه طاقت ختم نه ٿي ڪري سگهي.
    جيڪي ماڻهو توهان کي عقل استعمال ڪرڻ نٿا ڏين اهي هر ڳالهه کي ڪوڙو چئي ان کان لنوائين ٿا پر والٽئر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته توهان جنهن ڳالهه تي يقين نه ٿا ڪيو ان ڳالهه جي باري ۾ شڪ ظاهر ڪيو. جن ماڻهن والٽئر جي لکڻين جو هڪ لفظ به نه پڙهيو آهي، اهي توهان کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا ته والٽئر ملحد هيو، پر والٽئر ان ڳالهه جو جواب اهڙن ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ خدا کي هيٺين لفظن ۾ ڏنو.
    ”اي ڌڻي، تنهنجا ڪرشما تنهنجي ذات جا دليل آهن. اي ڌڻي، منهنجو اهو آخري اقرار ٻڌ، جيڪڏهن مون ڪا غلطي ڪئي ته اها تنهنجي قانون جي ڳولا لاءِ هئي. منهنجو من راهن تان ڀٽڪي سگهي ٿو، پر ان ۾ صرف تنهنجي ذات جو ئي ڏيک آهي“.
    والٽئر لا مذهب هوندي به ڪڏهن مذهب جي سادگين تي حملو نه ڪيو، هن اصل ۾ تو هم پرستي ۽ اکيون ٻوٽي پويان لڳڻ واري اعتقاد خلاف آواز اٿاريو.
    والٽئر 21 نومبر 1696ع ۾ پيرس ۾ پيدا ٿيو، ان جو نالو فرينڪوئي ميري اروٽ رکيو ويو، ستن سالن جي عمر ۾ سندس ماءُ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. والٽئر جي صحت جيڪا ننڍي هوندي کان ئي خراب هئي اها ان جي مرڻ گهڙي تائين ٺيڪ نه ٿي سگهي. هو بت ۾ حد کان وڌيڪ سنهو ۽ ننڍي قد وارو هيو، هن جي طبعيت ننڍپڻ کان جوشيلي هئي، هن کي لکڻ، پڙهڻ سان شروع کان لڳاءُ رهيو، ڳالهه ٻولهه اهڙي هوندي هيس جو ماڻهو ان تي چڙ کائيندا هيا، پر سچ هجڻ ڪري ان کي نندي به نه سگهندا هيا.
    سترهن سالن جي عمر ۾ والٽئر باقاعدي لکڻ شروع ڪيو، هن جي پيءُ کي ان ڳالهه جي پهريون ئي خبر هئي ته والٽئر ننڍي هوندي کان ئي لکڻ طرف راغب آهي، هن جي اٿڻ، ويهڻ ۽ ڳالهائڻ مان ڊرامي جو ڏيک پيو ايندو هيو. والٽئر جي پيءُ اهو نه پئي چاهيو ته هن جو پٽ ليکڪ يا ڊراما نويس ٿي فاقا ڪشيءَ جي زندگي بسر ڪري، هن جو پيءُ فرانس جي دولتمند ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هيو ۽ فطري طرح تمام سخت گير هيو. هن والٽئر جي لڇڻن کي پرکي هن کي زبردستي هڪڙي وڪيل وٽ نوڪري ڏياري ڏني، جيڪا هن کان نه ٿي سگهي ۽ هو ان پيشي ۾ تمام بريءَ طرح ناڪام ٿيو. هن کي جڏهن سفارتي نمائندي جي طور هالينڊ موڪليو ويو ته هن سفارتي ضابطن کي ٽوڙي ڇڏيو، هن هالينڊ ۾ زندگيءَ جو پهريون عشق ڪيو ۽ هن چاهيو پئي ته شادي کان سواءِ پنهنجي محبوبا کي فرانس وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿئي پر سفارتي سطح تي جڏهن اها خبر عام ٿي ته هن کي ڏاڍو خوار ۽ خراب ڪيو ويو ۽ هن کي تمام وڏي ذلت سان وطن واپس موڪليو ويو. هن فرانس اچي وري لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو، هن کي پنهنجي سرمائيدار پيءُ ان جي اجازت ڪڏهن به نه ڏني، هو نه پيو چاهي ته ڪو هن جو پٽ اديب ٿي مفلسيءَ واري زندگي گذاري، “مصنف ٿيندين ته بک مرندين”. هو والٽئر کي چوندو هيو، پر والٽئر پنهنجي پيءُ جي ڳالهه کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ مجبور ٿي هن کي پنهنجي پيءُ دولت جي ورثي کان بي دخل ڪيو، جيئن هو لکڻ تان هٿ کڻي هن جي ڳالهه کي مڃي پر تاريخ ثابت ڪيو ته اها والٽئر جي پيءُ جي غلطي هئي، هن کي لکڻ اهو ڪجهه ڏنو جنهن کان دنيا جو وڏي ۾ وڏو سرمائيدار به محروم آهي.
    ڏهن سالن جي اندر والٽئر پئرس جو مالي طرح سکيو ماڻهو بڻجي ويو، اهو سڀ ڪجهه اهڙي نموني سان ٿيو جو والٽئر نه پئسي جي طلب ڪئي ۽ نه ئي ڪو پيشاوراڻي (Professional) لکڻ کي ترجيح ڏني پر هن هڪ سچي قلمڪار جي حيثيت سان اهو ڪجهه لکيو جو ان وقت جي حڪومت پريشان ٿي وئي، هن جي ڪتابن تي بندش وڌي وئي ۽ هن جا ڊراما پئرس جي ٿيٽرن ۾ ٽن ڏينهن کان مٿي نه هلندا هيا، حڪومت هن جي ڊرامي کي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ٻنجو ڏئي بند ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي هئي. اها ئي ڳالهه هئي جو والٽئر هڪدم اڀري فرانس جي افق تي هڪ نئين ستاري جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. ماڻهو هن جا ڊراما ڏسي ان جا مڪالما ياد ڪندا هيا ۽ ان ڊرامي جي بند ٿي وڃڻ کان پوءِ فرانس جي گهٽين ۾ بيهي انهن کي ورجائيندا هيا. هن جي ڊرامن جي گفتگوءَ ۾ سماج ۽ حڪومت جي ناقص پاليسين تي چڀندڙ تنقيد سمايل هوندي هئي، جنهن ڪري فرانس جي غريب عوام ان کي پنهنجي دل جو آواز سمجهي دماغن ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. هن جا ناول ۽ ٻيون لکڻيون بندش پوڻ کان پوءِ سياسي جماعت جي پمفليٽن وانگر لڪ ڇپ ۾ وڪامجڻ لڳندا هيا ۽ اهي پڻ فرانس جي ڀرپاسي وارن ملڪن تائين ڦهلجي ويا، جنهن ڪري والٽئر نه صرف مالي طرح مستحڪم ٿيو پر شهرت به هن جي حصي ۾ رٺل محبوبا وانگر موٽي آئي.
    والٽئر جي ناولن ۽ ڊرامن جو پس منظر گهڻو ڪري ايران، يونان، پيرو ۽ چين رهيا آهن، هر ماڻهو انهن ۾ لڪيل مذهبي توهم پرستي ۽ وقت جي حاڪم جي تابعداري ڪندڙ مذهبي پيشوائن خلاف طنز کي محسوس ڪري مرڪڻ کان وٺي ويندي ٽهڪ ڏئي کلي سگهي ٿو. هن جي اهڙين لکڻين خلاف حڪومت انهن تي بندش وجهڻ کان پوءِ والٽئر کي ستت ئي گرفتار ڪري بيسٽل جيل ۾ قيد ڪيو، ان زماني ۾ ڪنهن به شخص کي قيد ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ثبوت جو هجن لازمي تصور نه ڪيو ويندو هيو، صرف ان کي شڪ جي بنياد تي ڪيترا ئي سال قيد ۾ر کي سگهبو هيو، جيستائين ان جو ڪو سفارشي يا دوست نه پيدا ٿئي جيڪو ان جي معاملي ۾ دلچسپي وٺي جيل مان آزاد ڪرائڻ ۾ مدد ڏئي، والٽئر جي دوستن به ان لاءِ ڀڄ ڊوڙ شروع ڪئي ۽ انهن کي والٽئر کي آزاد ڪرائڻ ۾ يارهن مهينا لڳي ويا. جيل مان نڪرڻ وقت والٽئر جي صحت بلڪل تباهه ٿي چڪي هئي ۽ هو حد کان وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو هيو، پر جيل جي سختين هن کي جسماني طرح ڪمزور ڪيو ۽ هن جي سوچڻ کي وسيع ڪري اڃا به حد کان وڌيڪ بي باڪ ۽ بي خوف ڪري ڇڏيو. جيل مان نڪرڻ کان پوءِ هن تي جڏهن هڪ احمق قسم جي نواب شيوليئر ڊي روهان فحش قسم جي تنقيد ڪئي ته والٽئر به سخت لفظن ۾ ان جو جواب ڏنو، جنهن جو انجام اهو ٿيو جو شيوليئر جي ڇاڙتن هڪ ڏينهن والٽئر کي رستي ۾ روڪي ڏنڊن سان حملو ڪيو ۽ نواب صاحب پنهنجي گاڏيءَ مان ويهي انهن ڇاڙتن کي مارڪٽ جي سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪندو رهيو.
    والٽئر ڪنهن حد تائين ته پنهنجي خلاف ناانصافين کي برداشت ڪري ويندو هيو پر هو ٻين سان ٿيندڙ ناانصافين اڳيان ڪنڌ کڻي بيهي رهندو هيو،. جڏهن فرانس جي ان وقت جي سڀ کان وڏي اداڪارا ايڊرني ليڪوريٽر سڪرات جي حالت ۾ هئي ته والٽئر کي خبر پئي ته پادري هن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪري رهيا آهن ته هوءَ مرڻ کان اڳ پنهنجي فن کي گند سڏي خدا کان معافيءَ جي طلبگار ٿئي جيئن ان جي روحاني ڇوٽڪاري لاءِ دعا گهري سگهجي. ان زماني ۾ ايڪٽرن سان ائين ٿيندو هيو ته مرڻ وقت انهن کي پنهنجي ايڪٽر طور گهاريل زندگيءَ کي گناهه قرار ڏئي معافيءَ تي مجبور ڪري انهن کان اهو اقرار ڪرايو ويندو هيو ته واقعي انهن پنهنجي زندگي گناهن ۾ بسر ڪئي آهي جنهن لاءِ ڇوٽڪاري جي دعا گهري وڃي. پر عظيم اداڪارا ليڪوريٽر جيڪا والٽئر جي محبوبا هئي، سڪرات جي حالت ۾ به سخت لفظن ۾ ان ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ڪو هن جي زندگي ڪنهن گناهه جو حصو هئي. هن جي اها ڳالهه ٻڌي پادري هن جي روحاني ڇوٽڪاري جي دعا گهرڻ بنا ائين ئي هليا ويا ۽ پوليس ان جي لاش کي دفن ڪرڻ کان اڳ زوريءَ کڻي وڃي هڪ کڏ ۾ اڇلائي مٿان چوني جو ليپو ڪرائي ڇڏيو. والٽئر جي دل ۾ ان ڏينهن کان مذهب خلاف نفرت پيدا ٿي ۽ مذهب خلاف هن جي اها نفرت نه ڪو فرانس ۽ مسيحت تائين محدود رهي، پر هر اهو ظلم جيڪو پروٽسٽنٽ فرقي کان ٿيندو هيو يا ڪيٿولڪ فرقي کان، فرانس ۾ ٿيندو هيو يا فرانس کان ٻاهر، والٽئر ان ظلم خلاف هڪ آواز بڻجي اٿندو هيو. هو چوندو هيو ته ”جيڪو شخص مونکي ائين چوي ٿو ته منهنجي عقيدي تي ايمان آڻ نه ته خدا توکي تباهه ڪري ڇڏيندو، اهو دراصل ائين چوي ٿو ته منهنجي عقيدي تي ايمان آڻ نه ته مان توکي تباهه ڪري ڇڏيندس“.
    هن جي اهڙن نظرين ڪري هن کي هڪ دفعو وري بيسٽل جيل ۾ قيد ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي ان شرط تي ڇڏيو ويو ته فرانس کي ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ هليو ويندو. هن کي تمام مجبوريءَ جي حالت ۾ فرانس ڇڏي برطانيه روانو ٿيڻو پيو. 1726ع ۾ هو هڪڙي ”ديٽ سنڊي“ جي ڏينهن برطانيا پهتو ۽ هن ٽيمز درياهه وارو مشهور جشن ڏٺو. پنهنجي برطانوي زندگيءَ ۾ هو ويسٽ منسٽر ايبي ۾ سر آئزڪ نيوٽن جي دفنائڻ واري منظر کان ڏاڍو متاثر ٿيو، اهو ان ڪري جو ان وقت فرانس نه ته ڪنهن سائنسدان کي نائٽ جو اعزاز ڏنو هيو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي پروقار طريقي سان دفنايو ويو هيو. هو انگريز قوم جي ان ڳالهه کان تمام متاثر ٿيو ته انگريز قوم جيئرن شاعرن ۽ دانشورن کي به اهڙي ئي عزت ۽ احترام سان ڏسي ٿي، جيئن ملٽن ۽ شيڪسپيئر کي. برطانوي پارليامينٽري نظام جي قوت ۽ آزادي کي ڏسي هن کي اتان گهڻو ڪجهه پرائڻ جو موقعو مليو، برطانوي انصاف ۽ عدالتن جي طور طريقن کي ڏسي هن کي حيرت ٿي ته فرانس جي مقابلي ۾ برطانوي سماج ڪيترو نه حقيقت تي مبني ۽ اتان جي عوام جو ڪنهن حد تائين ترجمان آهي. جتي والٽئر برطانيه جي پارليامينٽري ۽ عدالتي نظام کان متاثر ٿيو اتي هن برطانوي سرمائيڪاريءَ جا جديد گر به سکيا. هن محسوس ڪيو ته برطانيه جو سرمائيدار ۽ ڪاروباري ماڻهو ڪيترو نه ذهين ۽ پنهنجي ڪاروباري وسعت لاءِ صحيح اڳڪٿي ڪندڙ آهي، هن برطانوي سرمائيڪاري نظام کان اهو ڪجهه پرايو جو هن کي فرانس واپس اچڻ کان پوءِ پاڻ کي مالي طرح مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي محسوس نه ٿي.
    1729ع ۾ جڏهن والٽئر پنجٽيهن سالن جو هو ته هن کي فرانس واپس اچڻ جي اجازت ملي ۽ جڏهن هو فرانس واپس پهتو ته هن کي ڪنهن به مالي دشواري جو منهن نه ڏسڻو پيو، جڏهن هن کي هڪ رياضي دان کان اها خبر پئي ته هن سال سرڪاري خزاني جي سربراهه کان قومي لاٽريءَ جي ٽڪيٽن جي جاري ڪرڻ ۾ غلطي ٿي آهي ته والٽئر هڪ سنڊيڪيٽ تشڪيل ڏني جنهن سمورين ٽڪيٽن کي خريد ڪري ورتو. جڏهن قومي خزاني جي سربراهه کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ته هن لاٽريءَ جي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر والٽئر ان خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي اڍائي لک ڊالرن جيڏي وڏي رقم ملي وئي. ايتري عقلمندي دنيا جي ڪنهن اديب يا شاعر ۾ مشڪل سان نظر ايندي پر والٽئر اهو سڀ برطانوي ڪاروباري نظام مان پرايو هيو. ان وڏي رقم مان هن هندستان، آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن مال موڪلڻ واري ڪاروبار جي شروعات ڪئي.
    والٽئر نه ته ڪو ولي هيو ۽ نه ڪنهن ڪليسا جي راهب وانگر، هن جيئري پنهنجي پئسي کي خرچ ڪري زندگيءَ جو ڀرپور مزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هو آسائش پسند، خوبصورت گاڏين جو شوقين ۽ قيمتي ڪپڙن پائڻ جو ڪوڏيو هيو. هن کي دنيا جون سڀ خوبصورت شيون پسند هيون، هو ٻين کي به اهو ئي مشورو ڏيندو هيو ته جيڪڏهن توهان کي دنيا جون مسرتون نصيب ٿين ته انهن جو ڀرپور لطف وٺو. هو عيش ۽ عشرت ڪندڙ فرانسيسي ڪليسا جي پادرين وانگر ان ڳالهه کي خدا جي مرضيءَ ڏانهن منسوب ڪري پاڪدامنيءَ جي دعوا جو طلبگار نه هيو. هن کي ڪجهه ماڻهو ان ڪري بدڪار سڏيندا هيا جو هو فرانس جي اداڪارائن کان وٺي ويندي نوابن جي طلاق يافته زالن تائين هر ذهين عورت جو مداح هيو. 1734ع کان 1749ع تائين هو ايملي مارڪوئيس سان گڏ رهيو جيڪا هڪ نواب جي طلاق ڏنل زال هئي. هن جي دوستن ۾ حسين اداڪارا ليڪوئر کان وٺي ويندي هڪ ڇوڪريءَ سان پڻ تعلقات هيا جنهن کي هو پيار مان ”ملن“ سڏيندو هيو. دنيا جو وڏي ۾ وڏو انسان جتي گهڻين خوبين سان مالا مال آهي اتي هو عيبن کان به پاڪ نه آهي. والٽئر انسان ذات جي آزادي ۽ ان جي ڪرتوتن ۽ عملن کي ناجائز ذريعن سان دٻائڻ جي خلاف هيو پر هن جون ڪجهه ڪمزوريون به هيون، هو پاڻ پڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هيو. هر ٿوري ڳالهه تي هو جذباتي ٿي ويڙهه تي لهي ايندو هيو، جڏهن جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو چاڙهو نه ڏسندو هيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ به دير نه ڪندو هيو. جڏهن اهڙي خطري ۾ وڪوڙجي ويندو هيو جنهن مان جان بچائڻ جي اميد نه هوندي هيس ته پوءِ اتان ڀڄڻ ۾ به دير نه ڪندو هيو. هو تن آسان هيو، بي آراميءَ کان هن کي نفرت هئي. ڪڏهن ڪنهن اڻ وڻندڙ صورت حال کان بچڻ لاءِ پاڻ کي بيمار تصور ڪندو هيو يا ڪوڙ ۾بيمار ٿي پوندو هيو. ان جي باوجود والٽئر جو اخلاقي تصور انهن ماڻهن کان گهڻو مٿي هيو جيڪي هن جي ڪردار کي ننديندا هيا. هن وٽ انسان پنهنجي ڪرتوتن لاءِ آزاد ۽ انهن جو پاڻ ذميوار هيو. ان جو ضمير ان جو وڏو محتسب هيو.
    ”جيڪڏهن انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ته هن کي اڪيلي سر پاڻ تي حڪومت ڪرڻي آهي، جيڪڏهن انهن انسانن تي ڪو ظلم مڙهيل آهي ته ان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ گهرجي“. والٽئر چوندو هيو ۽ جن شين کان هو نفرت ڪندو هيو اهي نفس پرستي نه پر ناانصافي ۽ غير برابري، ظلم ۽ ڏاڍ هيو. اهي شيون اڄ به اسان جي سماج ۾ موجود آهن ۽ موجود رهنديون، جيستائين ڪو والٽئر پيدا ٿي انهن کي پڌرو ڪري ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ نه پتوڙي.
    هو هر سچي ڳالهه ڏاڍي بهادري ۽ بي باڪيءَ سان ڪندو هيو، اهڙي شاندار ڳالهه جيڪا ڪاوڙ کي مزاح ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي هئي ۽ باهه کي روشنيءَ جو روپ بخشيندي هئي، هو مذاق ۾ چوندو هيو ”مان چاهيان ٿو جيڪا ڳالهه منهنجي ذهن ۾ اچي اها هڪدم چئي ڏيان“ ۽ اهي ڳالهيون جيڪي هن جي ذهن ۾ آيون ۽ هن چئي ڏنيون اهي ڪتابن جي نوانوي جلدن تي مشتمل آهن. هن پنهنجا خيال پنهنجي نظمن، ناولن ۽ مضمونن ۾ ظاهر ڪيا آهن ۽ پڻ انهن ڏهه هزار خطن ۾ جيڪي هن يورپ جي مختلف مفڪرن تي لکيا. روس جي ڪيٿرائن اعظم پهريون ان ڳالهه جو خيال رکندي هئي ته هوءَ والٽئر جي خطن جا ايترا ترت جواب نه اماڻي متان هو انهن مان بيزار نه ٿي وڃي، پر هن خطن جي ڏي وٺ واري عمل ۾ والٽئر کي پاڻ کان اڳرو پاتو. ڪيٿرائن والٽئر ڏي تحفا پڻ اماڻيندي هئي. سويڊن جي بادشاهه گستافس ٽئين والٽئر جي نظرين کان متاثر ٿي اهو وعدو ڪيو ته هو والٽئر جي ٻڌايل انسان دوستيءَ جي معيار مطابق زندگي بسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. فريڊرڪ اعظم جيڪو انهن ڏينهن ۾ جرمنيءَ جو ولي عهد هيو ان والٽئر کي پنهنجي ملڪ اچڻ جي دعوت ڏني، جڏهن والٽئر ان جي دعوت تي جرمنيءَ جو سفر نه ڪيو ته فريڊرڪ اعظم چمڙا پوش ٿي پاڻ والٽئر وٽ حاضر ٿي ان جي قدمن کي چميو. والٽئر سان ملاقات ڪرڻ وارن کي ان سان ملڻ ۾ ڏاڍي ڏکائپ محسوس ٿيندي هئي ڇو جو والٽئر جو ڪنهن به جاءِ تي ٺڪاڻو نه هوندو هيو. ڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ جلاوطن هوندو هيو، ڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ زمين دوز ڪاروائين ۾ مصروف هوندو هيو. هن جو لکيل هر ڪتاب اقتدار تي قابض حڪمرانن جي ڪاوڙ ۽ غضب کي ڀڙڪائي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ جلد ان ڪتاب يا مصنف خلاف ڪاروائي شروع ٿي ويندي هئي. ڪيترا دفعا هن جي ڪتاب جي نئين ڇاپي کي چوسول تي باهه ڏئي ساڙيو ويو ۽ ان باهه جي روشنيءَ ۾ پورو يورپ اهو ڏسندو هيو ته ظالم حڪمرانن، جادوءَ جي ٽوٽڪين، بادشاهن جي حقن، درسگاهه جي ڪند ذهن پروفيسرن ۽ فلسفين ۽ زندگيءَ جي ضابطي جي باري ۾ والٽئر جي ڪهڙي راءِ آهي ۽ انهن جي متعلق جيڪي چون ٿا ته دنيا جيئن آهي ٺيڪ آهي ۽ ائين ئي سٺي آهي. والٽئر جڏهن به ڪو قدم کڻي اڳتي وڌندو هيو ته اهو ڪنهنجي پير مٿان وڃي پوندو هيو، هن جي ڳالهايل هر جملي ۾ ٻئي کي فنا ڪرڻ جيتري قوت هوندي هئي، هن ڪارڊينل مزارين جي باري ۾ چيو ”هو انهن سڀني نيڪين جو خطاوار هيو جيڪي ان کان نه ٿيون“. اهڙيون ڳالهيون والٽئر ئي ڪري پئي سگهيو، جيڪي اڄ جي سياستدانن سان پڻ لاڳو ڪري سگهجن ٿيون.
    ايمليءَ جي موت کان پوءِ والٽئر ڏاڍو اٻاڻڪو ٿي پيو، هو فرانس جهڙي ملڪ ۾ صرف انهن محبتن جي سهاري ئي رهيل هيو جيڪي هن کان کسجي ويون، والٽئر فرانس کي هڪ دفعو وري الوداع چئي فريڊرڪ اعظم جي دعوت تي جرمني هليو ويو. فريڊرڪ اعظم هڪ وڏو ادب نواز ۽ پارکو ماڻهو هيو. والٽئر سان هن جا تعلقات جوانيءَ وارن ڏينهن کان ئي رهيا هيا. هنن هڪٻئي جي ڪردار جي سرعام واکاڻ ڪئي هئي، پر اندروني طرح ٻئي ارڏا، خود پسند، طاقتور ۽ چالاڪ هيا. والٽئر جي جرمني پهچڻ کان پوءِ فريڊرڪ محسوس ڪيو ته هن جو جڳ مشهور مهمان هن لاءِ ڪڏهن به درٻاري مسخرو ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي، والٽئر فريڊرڪ ۽ جرمنيءَ جي سرمائيدارن جي فوجي ذهنيت کي ڪڏهن به پسند نه ڪيو، هن فريڊرڪ جي هر ان عمل تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏني جيڪو انسان ذات لاءِ هاڃيڪار هيو. اهڙيءَ طرح والٽئر فريڊرڪ جي رستن ۾ ڪنڊن جيان ثابت ٿيو. فريڊرڪ لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه رهيو ته هو انهن ڪنڊن کي هٽائي رستو صاف ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ والٽئر هڪ دفعو وري پاڻ کي بي يار۽ مددگار پاتو. فريڊرڪ نه صرف هن لاءِ جرمنيءَ جو رستو بند ڪيو پر پنهنجي شهنشاهي غضب ۽ دٻاءَ سان يورپ جا سڀ رستا هن لاءِ بند ڪرائي ڇڏيا.
    آخرڪار 1755ع ۾ هن پيرسن فلسفيءَ دنيا جي هڪ آزاد جمهوري ملڪ سئزرلينڊ ۾ پناهه ورتي. هن هر ايندڙ ملاقاتيءَ جو فرشتن جهڙي مرڪ سان استقبال ڪيو. ڪافيءَ جا دور هلندا ها ۽ والٽئر راتين جو دير تائين انهن محلفن ۾ جيڪي يورپ ۾ مثالي تصور ڪيون وينديون هيون، پنهنجي شاندار گفتگوءَ سان رونق بخشيندو هيو. ماڻهو ٽي ڏينهن رهڻ لاءِ ايندا هيا ۽ ٽي ٽي مهينا ٽڪي پوندا هيا. ”خدا مون کي منهنجي دوستن کان محفوظ رکي“. والٽئر ٿڌو ساهه کڻي چوندو هيو، ”دشمنن سان ته مان پاڻ ئي نبري پوندس“.
    هن جون سخاوتون هن جي مهمان نوازيءَ جي بنسبت لڪل هونديون هيون. ڪيترائي غريب ۽ مسڪين، سياسي يا مذهبي جنون جو شڪار ٿي هن جي در تي ايندا هيا، والٽئر اهڙن ماڻهن لاءِ باقاعدي گهر اڏائڻ شروع ڪيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اتي هڪ ڳوٺ آباد ٿي ويو. هن ڳوٺ جي ماڻهن کي انهن جي صلاحيتن مطابق ڌنڌا کولي ڏنا، انهن ۾ گهڻا ماڻهو گهڙي سازيءَ جو ڪم ڄاڻيندا هيا، والٽئر جلد گهڙي سازيءَ جي ڪاروبار جو سيلز ايجنٽ بڻجي ويو، هو پنهنجي ماڻهن جون ٺاهيل گهڙيون ٻين جي مقابلي ۾ ٽين حصي جيتري رقم جي رعايت سان وڪڻندو هيو، جنهن ڪري هن جو اهو ڪاروبار ڄمي هلڻ لڳو، انهن گهڙين جا اشتهار هو پاڻ لکندو هيو، جيڪڏهن اڄ اهو اشتهار ڪنهن وٽ محفوظ آهي ته اهو بي بها آهي.
    والٽئر چاهي ها ته پنهنجي پيريءَ جا ڏينهن ڏاڍي آرام سان گذاري ها، هو دنيا جو امير ترين ماڻهو هيو پر هن جي حق لاءِ وڙهندڙ طبيعت هن کي هڪ دفعو وري سڪون سان ويهڻ نه ڏنو. 1762ع ۾ جڏهن ٽونور جا مذهبي جنوني ان شهر ۾ چار هزار ماڻهن جي قتل جي ٻه سوئين ورسي ملهائي رهيا هئا جن کي مذهبي جنون تحت قتل ڪيو ويو هيو ته هڪ نوجوان شخص کي ڦاسيءَ تي لٽڪيل ڏٺو ويو. هر طرف اهي ئي چئمگويون گشت ڪري رهيون هيون ته اهو نوجوان رومن ڪيٿولڪ هيو جيڪو پروٽسٽنٽ ٿيڻ چاهي پيو. مذهبي جنونين ان ڳالهه کي غلط نموني سان پيش ڪيو، انهن راءِ ڏني ته ان نوجوان کي پنهنجي پيءُ زان ڪيلاس جيڪو هڪ ڪمزور ۽ شريف ماڻهو هيو ڦاسي ڏني آهي، جنهن کان پوءِ زان ڪيلاس تي گهڻو تشدد ڪيو ويو. جڏهن ته هن ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪو هن پنهنجي پٽ کي ڦاسيءَ جي تختي تي چاڙهيو آهي تڏهن به هن کي ناحق موت جي سزا ڏني وئي، نه صرف ايترو پر پوري زان ڪيلاس گهراڻي کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
    والٽئر ان معاملي ۾ دلچسپي ورتي ۽ قانون جا بخيا اڊيڙڻ شروع ڪيا. هن تعزيراتي قانونن جي حقيقت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، جيڪا نه صرف فرانس پر پوري يورپ ۾ رائج هئي. انهن قانونن جي تحت جيوريءَ جو ڪو به تصور نه هيو. ملزم کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ وڪيل جو حق نه هيو. ان جي حمايت ۾ ڪا به شهادت قبول نه ڪئي ويندي هئي. الزام لڳائڻ وارا لڪيل طريقي شهادت ڏيندا هيا. والٽئر کي اهو به معلوم ٿيو ته گهڻا فوجداري قانون لکت ۾ موجود نه آهن، اهي صرف وڪيلن جي حافظي تائين محدود هيا ۽ اهي جڏهن ڪنهن کي سزا ڏياريندا هيا ته پنهنجي حق ۾ انهن قانونن جي تشريح ڪندا هيا. ان زماني جي سرمائيدار ۽ اثر و رسوخ واري طبقي کي اهڙن قانونن جي دهشت گردين جو ڪو به علم نه هيو، اهي ان مان مطمئن هيا ۽ سمجهندا هيا ته غريب جن کي سزائون ملن ٿيون اهي قدرتي طور ڏوهي آهن، والٽئر پنهنجي تمام اثر رسوخ ۽ دولت جي زور تي ان معاملي کي پنهنجن هٿن ۾ کنيو. ٽن سالن تائين بقول هن جي هن کي مرڪڻ جيتري مهلت به نه ملي. هن جي راتين جي ننڊ حرام ٿي وئي، هن جي هر گهڙي قانون جي ماهرن، ڪليسيا جي وارثن ، بادشاهن ۽ يورپ جي پريس تي ان مطالبي ۾ گذرندي هئي ته زان ڪيلاس جي مقدمي کي ٻيهر هلايو وڃي، عوام جو ان تي وڏو ردعمل ٿيو ۽ نيٺ بادشاهه مجبور ٿي والٽئر جو اهو مطالبو منظور ڪيو. زان ڪيلاس جي موت کان پوءِ جڏهن ان جي مقدمي جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي ته والٽئر عدالت کان اهو تسليم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته زان ڪيلاس بي ڏوهي هيو ۽ ٽائوس جي عدالت جنهن زان ڪيلاس کي موت جي سزا ڏئي ڦاهي تي لڙڪايو هيو، هڪ وڏي شرمندگيءَ سان همڪنار ٿي وئي.
    جيئن ئي زان ڪيلاس جو مقدمو کٽيو ويو، اهي سڀ ماڻهو والٽئر وٽ اچي گڏ ٿيا جن سان قانوني ناانصافيون ٿيون هيون، والٽئر انهن سڀني کي پنهنجا حق وٺرائي ڏنا. هن کي سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ ان ڳالهه تي ايندي هئي ته ڪليسا کي اهڙا اختيار ڇو آهن، جن تحت اهي ڪليسائي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهوءَ کي عذاب پهچائڻ کان وٺي ويندي ڦاسي چاڙهڻ تائين خودمختيار هيا. هن مطالبو ڪيو ته مذهب کي سياست ۽ قانون کان الڳ ڪيو وڃي. مذهب جو ڪم صرف روحاني اصلاح تائين محدود ڪيو وڃي، جيستائين گناهن جو تعلق آهي ته انهن جي سزا مذهبي طرح خدا وٽ هجڻ گهرجي، ڪليسا کي خدائيءَ جو حق نه ٿو پهچي، جيستائين قانون جو تعلق آهي ته هر ڪنهن کي قانون سان محبت هئڻ گهرجي ۽ جيڪو شخص ان جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ان کي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت نه آهي.
    مرڻ کان پهريون والٽئر جي دل ۾ هڪ دفعو وري فرانس کي ڏسڻ جي خواهش پيدا ٿي. ڊسمبر 1777ع ۾ هڪ ڏينهن پئرس جي هڪ محصول چوڪيءَ وٽ هڪ آفيسر ڪنهن گاڏي کي چڪاس لاءِ روڪيو. هن ان گاڏيءَ ۾ اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪا ناجائز شيءِ ته ان ۾ موجود نه آهي. گاڏيءَ جي اندران هڪ ڪمزور ۽ جهيڻو آواز آيو.”هن گاڏيءَ ۾ مون کان سواءِ ڪا به ناجائز شيءِ موجود نه آهي“. چنگيءَ جي آفيسر گاڏيءَ جي دريءَ مان ليئو پائي اندر ويٺل پوڙهي شخص کي نهاريو ۽ هن جي ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. ”توهان موسيو والٽئر؟“ ان آفيسر چيو، والٽئر جو پوڙهو منهن هاڻي ڪنهن لاءِ به اڻ ڄاتل نه رهيو هيو، لکين ماڻهو ان شڪل کي ڏسي سڃاڻي ويندا هيا ته اهو پوڙهو آزاديءَ جو ڪرڻو والٽئر آهي.
    پئرس جا لکين ماڻهو پنهنجي محبوب رهنما جي آجيان لاءِ گڏ ٿي ويا. اها ئي نيشنل اڪيڊمي جنهن روايتن جي پابندي ڪندي والٽئر کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هيو، هن لاءِ عزت جا دروازا کولي ڇڏيا ”ڪوميڊي فرانسيسي“. جي عمارت ۾ هن عظيم ڊرامانگار جي آجيان ڪرڻ لاءِ پوري ڪاسٽ جمع ٿي وئي ۽ هن جو آخري ڊرامو اتي ئي پيش ڪيو ويو، جنهن جو اڀ ڏاريندڙ نعرن سان اختتام ٿيو.
    ٽياسي سالن جي عمر ۾ والٽئر وفات ڪئي. هن مرڻ کان اڳ پنهنجي سيڪريٽريءَ کي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو ۽ هڪ اهڙو جملو لکرايو جيڪو والٽئر جي من جي صفائي ۽ وسيع دماغ سوچن جو ترجمان آهي.
    ”مان خدا جي عظمت جو اقرار ڪندي، پنهنجن دوستن لاءِ محبت دل ۾ سانڍي، پنهنجن دشمنن کان نفرت نه ڪندي ۽ توهم پرستي کي ناپسند ڪندي مري رهيو آهيان“.
    مئي 1778ع ۾ والٽئر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. ڪليسا جي پادرين هن جي لاش کي دفن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٿي سگهي ٿو هن جي لاش سان به اها ئي حالت ٿي ها جيڪا مشهور اداڪارا ليڪوريٽر جي لاش سان ٿي هئي، پر والٽئر جا دوست هن جي لاش کي ڪجهه اهڙي نموني سنڀاليندا کڻي هليا ويا جو سپاهين کي اهو دوکو ٿيو ته والٽئر جيئرو آهي. شهر کان ٻاهر تڪڙ ۾ پروقار طريقي سان والٽئر کي دفن ڪيو ويو.
    والٽئر مري چڪو هيو پر نظرياتي طرح هو فرانس جي عوام ۾ جيئرو هيو. هن جي ان نعري نيٺ پنهنجو اثر ڏيکاريو ته ”اي انسانو سجاڳ ٿيو ۽ پنهنجا زنجير ٽوڙي ڇڏيو“.
    1791ع ۾ فرانس ۾ انقلاب رونما ٿيو ته والٽئر جو لاش کوٽي ڪڍي ان کي عزت ۽ احترام سان پئرس آندو ويو ۽ پوري رات بيسٽل جي کنڊرن تي فاتحانا انداز ۾ رکيو ويو. اڍائي لکن جي عوامي جلوس گهوڙن تي سوار ۽ پيدل فوجي دستن سان گڏ فرانس جي هن عظيم انقلابي کي پوري رات سلامي پيش ڪئي ۽ پوءِ هن جي لاش کي پيانٿيال ۾ دفن ڪيو ويو، جتي فرانس جون عظيم هستيون دفن آهن.


    مائيڪل اينجلو

    تختن جي ڊگهي ڀت پويان جيڪي ڪجهه ٿيندو هيو ان باري ۾ فلورنس جي باشندن کي ڪا به خبر نه هئي. ڪيترن سالن تائين اتان لنگهندڙ ماڻهو صرف لوهه جي ڇيڻيءَ مٿان هٿوڙي جي جهنڪار ٻڌندا هيا. ڪڏهن پٿر مٿان زور سان لڳندڙ ڌڪ ڪري ان جا ننڍا ذرا برف جي ڳڙي وانگر هيٺ وسندا هيا. هڪ دفعي ان شخص جنهن کي ڪجهه دير اندر وڃي ڏسڻ جي موڪل ملي هئي، ٻاهر اچي ماڻهن کي ٻڌايو ته ”هو پنهنجي ڪم ۾ جوش ۽ جذبي سان مهو آهي، هو ايترو ته تيزي ۽ زور سان پٿرن کي ڇلي رهيو آهي، جو محسوس پيو ٿئي ته اهو پٿر ٽڪجي ذرا ذرا ٿي ويندو پر هن جو هٿ تمام نفاست سان پٿر کي ڇليندو، جيئرن عضون کي ظاهر ڪندو پيو وڃي“.
    فلورنس جي ماڻهن کي اها خبر هئي ته اهو سنگمرمر جو ٽڪرو تباهه ٿي چڪو آهي، ان کي وڌيڪ گهڙڻ وقت جو زيان آهي. گهڻو عرصو ٿيو جڏهن هڪ مڏي سنگتراش ان پٿر جي ٽڪر کي بي ڍنگيائيءَ سان تراشي وڃائي ڇڏيو هيو ۽ اهو ان ڪم کي مڪمل نه ڪري سگهيو هيو. پٿر جي ٽڪري تي هيٺ هن ٽڪنڊي نما هڪ وڏو گهاءُ ٺاهي ان کي زيان ڪري ڇڏيو هيو ۽ جڏهن ان سمجهيو هيو ته پٿر بيڪار ٿي چڪو آهي تڏهن اهو ڪم اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو هيو.
    فلورسن وارا ان اڌ گهڙيل بيڪار مرمر جي ٽڪري کي ”ديو“ جي نالي سان سڏيندا هيا، اهو حڪومت جي اڏاوتن واري محڪمي وٽ پيو هوندو هيو. ڪيترن ئي فنڪارن بعد ۾ ان پٿر جي ناقص ٽڪري کي سنوارڻ لاءِ سوچيو، پر اهو ٽڪر ائين ئي سو سالن تائين محڪمي وٽ پيو رهيو ۽ هر ڪو ان کي اهڙي ”ديو“ سان تشبيهه ڏيندو هيو جيڪو ڪنهن جي قابوءَ ۾ اچڻ کان زور هيو.
    آخرڪار 13 سيپٽمبر 1501ع ۾ سومر جي ڏينهن صبح جو ”مائيڪل اينجيلو بوناروتي“ هٿ ۾ ڇيڻي ۽ هٿوڙو کڻي ان ”ديو“ سان مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو. چئن سالن تائين هن صبح شام ان تي محنت ڪئي، جڏهن ججن جي ڪاميٽي هن جو ڪم ڏسڻ آئي ته انهن چار سو سونا فلورنس هن کي انعام طور ڏنا ۽ هن کي اهو اختيار پڻ ڏنائون ته هو پنهنجي تخليق کي نصب ڪرڻ لاءِ شهر ۾ ڪنهن مناسب هنڌ جي چونڊ ڪري. مائيڪل اينجيلو پنهنجي تراشيل شاهڪار لاءِ فلورنس جي سڀ کان نمايان جاءِ قديم شاهي محلات جي سامهون واري چوواٽي جو انتخاب ڪيو. جڏهن مجسمو تيار ٿي ويو ته ان کي فلورنس جي وروڪڙ کائيندڙ سنهڙين گهٽين مان ٽپائي پنهنجيءَ جاءِ تائين آڻڻ هڪ مسئلو بنجي ويو. اٽڪل چاليهه ماڻهن ڪاٺ جي پلين تي ان مجسمي کي ڇڪي بيهاريو ۽ پوءِ هڪ جلوس جي شڪل ۾ اهو اڳتي وڌڻ لڳو. جلوس ۾ شامل ماڻهو هڪٻئي جي همٿ وڌائيندا، خوشيءَ مان شرنايون وڄائيندا اڳتي وڌندا ويا. شهر جي دروازي جو هڪ تاڪ ڀڳو ويو جيئن ان مجسمي کي آسانيءَ سان ان مان گذاري سگهجي. ڪاٺ جي پلين جا چيڪاٽ فلورنس ۾ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيا ۽ ان سست عمل ۾ اٽڪل چار ڏينهن لڳي ويا، جنهن کان پوءِ مجسمي کي پنهنجيءَ جاءِ تي نصب ڪيو ويو.
    حضرت دائود جو مجسمو جيڪو بلڪل اگهاڙو هيو ۽ پنهنجي دشمن جالوت تي نظرون کپايو بيٺو هيو، ان جي پهريداريءَ لاءِ ڪجهه ماڻهو بيهاريا ويا، ڇو جو ڪجهه تعصبي قسم جا مذهبي ماڻهو ان اگهاڙي مجسمي کي تباهه ڪرڻ لاءِ نفرت مان پٿر اڇلائيندا هيا. حضرت دائود جو مجسمو مائيڪل اينجيلو جي شاهڪارن مان هڪ آهي. مرمر جو اهو بيڪار ٽڪر جنهن تي گهڻن ئي فنڪارن قسمت آزمائي ڪئي هئي، مائيڪل اينجيلو جي هٿان گهڙجي صاف ٿي دنيا جو هڪ عظيم شاهڪار ٿي پيو هيو. پٿر جي هيٺين حصي تي ٺهيل ٽڪنڊي نما گهاءَ ٻن مضبوط ٽنگن جي وچ واري فاصلي ۾ تبديل ٿي چڪو هيو. اها ڇيڻي جيڪا بظاهر پٿر تي بي احتياطي ۽ بي درديءَ سان هلي رهي هئي، ان اصل ۾ تمام نفاست ۽ سليقي سان مجسمي جي هر مُشڪ ۽ رڳن کي تراشي نروار ڪيو هيو، جيئن واقعي ئي انهن رڳن ۾ خون گردش ڪندو هجي. مائيڪل اينجيلو جي ٻين تخليقن وانگر ”ڊيوڊ“ (حضرت دائود جو مجسمو) به جيئري حقيقت جيان اڄ به سلامت آهي، جيئن اڄ کان اٽڪل ساڍا چار سئو سال پهريون هيو.
    مائيڪل اينجيلو بوناروتي 1475ع ۾ ڪيپريز جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو جتي ٽائبر درياهه اٽليءَ جي وچ مان لنگهي ٿو. هن کي کير پيئارڻ لاءِ هڪ پٿر ٽوڙيندڙ مزدور عورت جي حوالي ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ مائيڪل اينجيلو هر وقت چوندو هيو ته هن کي پنهنجو فن ان کير پيئاريندڙ ماءَ جي ڇاتين مان مليو جنهن جي هنج ۾ ليٽي هن پهريون دفعو پٿر جي ٽڪجڻ جو آواز ٻڌو. هن جي ننڍڙن هٿن ماءَ جي ڇاتيءَ جي لاهن چاڙهن کي ڇهيو، اهي هٿ جن کي اڳتي هلي مريم جي مجسمن کي تراشڻو ۽ اهي تصويرون ٺاهڻيون هيون جن جو شمار دنيا جي شاهڪارن ۾ ٿيڻو هيو. مائيڪل اينجيلو جا همعصر جڏهن هن جي تصويرن ۽ مجسمن کي ڏسندا هيا ته طنز ڀريل لهجي ۾ هن کي چوندا هيا ”اهي ته ڪنهن پٿر ٽڪيندڙ عورت جون تصويرون ۽ مجسما آهن“.
    ”ها واقعي ئي مريم منهنجي ذهن ۾ ان پٿر ٽڪيندڙ عورت مان ئي جنم ورتو آهي“ مائيڪل اينجيلو انهن کي جواب ڏيندو هيو.
    اهي مجسما واقعي ئي مائيڪل اينجيلو جي محرومين جو ڏيک ڏين ٿا، هن کي پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ عورت جو پيار نصيب نه ٿيو، جڏهن هو ڇهن سالن جو هيو ته هن جي ماءُ وفات ڪري وئي، هن سڄي عمر شادي نه ڪئي. سٺ سالن جي عمر ۾ هو هڪ عورت سان وابستا ٿيو پر اها به ڪجهه سالن کانپوءِ انتقال ڪري وئي.
    ننڍي هوندي هو ڪند ذهن شاگردن ۾ شمار ٿيندو هيو، لکڻ پڙهڻ ۾ بلڪل ڪچو هيو، ڇو جو هو ڪاپيءَ تي هميشه ويٺو تصويرون ٺاهيندو هيو، گهر جي ڀتين تي اڪثر هو تصويرن جا خاڪا چٽيندو رهندو هيو، جنهن ڪري هن کي پنهنجو پيءُ ان ڪم کان روڪڻ لاءِ اڪثر مارڪٽ ڪندو رهندو هيو، جڏهن هو اڃان به نه مڙندو هيو ته پڻس ايتري مارڪٽ ڏيندو هيو جو ڪنهن به عڪس چٽڻ لاءِ هن جي آڱرين ۾ چرڻ جيتري گنجائش به نه رهندي هئي، پر هن ۾ جيڪو لڪيل فنڪار هيو ان ڪڏهن به آڻ نه مڃي. مائيڪل اينجيلو جو پيءُ چاهيندو هيو ته هن جو پٽ اهڙو ڪم اختيار ڪري جنهن مان پئسي ڏوڪڙ جي آمدني ٿئي، آخر هن محسوس ڪيو ته مائيڪل اينجيلو لاءِ اهو ئي ڪم اختيار ڪرڻ ٺيڪ آهي، جنهن سان سندس لڳاءُ آهي، هن پنهنجي پٽ کي فلورنس جي ڊينيڪو گرلانڊائيو برودرس جي مشهور اسٽوڊيو ۾ تربيت لاءِ موڪلي ڏنو، ان وقت مائيڪل اينجيلو جي عمر تيرهن سال هئي ۽ اهو ئي اسٽوڊيو هيو جتي هن کي تصويرون ٺاهڻ جي تربيت ملي.
    هڪ ڏينهن ڊينڪو گرلانڊائيو جا شاگرد جڏهن پنهنجي استاد جي ٺاهيل هڪ اگهاڙي انساني خاڪي جو مطالعو ڪري رهيا هيا ته مائيڪل اينجيلو هڪ ٿلهي پينسل کڻي ان خاڪي ۾ هڪ اصلاح ڪئي، اصلاح پنهنجي جاءِ تي مناسب ۽ ٺيڪ هئي پر ڊينڪو ڪاوڙجي مائيڪل اينجيلو کي پنهنجي اسٽوڊيو مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ڪجهه وقت کانپوءِ هڪ سفارشي خط ذريعي هو مجسمي ساز برٽولڊو جي آرٽ فيڪٽريءَ ۾ پهچي ويو، برٽولڊو پنهنجن ڪجهه ماتحتن جي مدد سان انهن ڏينهن لورينزو ڊي ميڊيسيءَ جي باغن جي سينگارڻ لاءِ ڪجهه مجسمن ٺاهڻ ۾ مشغول هيو، لورينزو يورپ جو امير ترين شخص هيو، هن کي فلورنس جو غير سرڪاري آمر سمجهيو ويندو هيو هن کي بي پناهه دولت ۽ آرٽ جي شوقين هجڻ جي ناتي فلورنس جي چڱي مڙس جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هيو. ميڊيسيءَ جي باغن ۾ مائيڪل اينجيلو لاءِ اهو ڪم رکيو ويو ته هو ٻين مجسما سازن لاءِ پٿر جا ٽڪر ڪٽي رکندو وڃي، جيڪو ڪم هن جي تخليقي صلاحيتن لاءِ موزون نه هيو پر هو فرصت جي گهڙين ۾ سنگمرمر جي بيڪار ٽڪرن تي ويٺو نقش ۽ نگار ٺاهيندو هيو. هڪ ڏينهن لورينزو جي نظر هڪ اهڙي تراشيل ٽڪر تي پئجي وئي جيڪو مائيڪل اينجيلو مرمر جي هڪ ٽڪر تي اڪيريو هيو، لورينزو هن جي ڪم کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هو هن کي پنهنجي محل ۾ وٺي ويو، هن کي بخمل جي خلعت عطا ڪيائين ۽ پنهنجي ٻارن سان گڏ کاڌي ۾ شريڪ ڪيائين. لورينزو جي شاهي دستر خوان تي اديبن ۽ شاعرن جو هجوم رهندو هيو،. اتي مائيڪل اينجيلو جي ٻين صلاحيتن جنم ورتو. هن اتي ٻين کان افلاطون جون عظيم فلسفيانا ڳالهيون ٻڌيون ۽ دانتي جي عظيم شاعريءَ کان واقف ٿيو. مائيڪل اينجيلو تي اهڙين صحبتن جو وڏو اثر ٿيو جنهن ڪري هن پاڻ به شاعري ڪئي. ستهتر سانيٽ لکيا، جن مان هر سانيٽ ايترو ته پرخلوص ۽ جذبي سان ڀريل آهي جو اهو هن جي روح جو تراشيل ٽڪرو پيو معلوم ٿئي.
    مائيڪل اينجيلو جو روح ڪنهن قديم تهذيب جي عظيم وليءَ جيان پاڪ، اخلاق جي نور ۽ جذبي سان ڀرپور هيو. پر هن جي انساني شخصيت رحم جي حد تائين ڪريل ۽ ناقص هئي. خودسر جهڳڙالو ۽ بدزبان هئڻ سبب هڪ ڏينهن هو پنهنجي هڪ شاگرد ساٿيءَ سان وڙهي پيو ۽ پنهنجو نڪ ڀڃائي وڌائين. اهو جسماني نقص هن ۾ پوري زندگي رهيو، زخم جي اها گهرائي صرف هن جي منهن تائين محدود نه رهي پر هن جي روح تائين ڦهليل رهي ڇو جو جيڪو شخص سونهن کي خدا جو پاڇو سمجهي ان جي پوڄا ڪندو هيو، جڏهن پاڻ کي ڏسندو هيو ته هن کي نفرت ايندي هئي.
    1492ع ۾ عياشيءَ جي زندگي لورينزو جو خاتمو آڻي ڇڏيو. هن جي پٽ پائيرو مائيڪل اينجيلو لاءِ ٻيو ڪو ڪم نه ڏسي هڪ ڏينهن سياري جي موسم ۾ صبح جو هن کي سڏ ڪرائي پنهنجي محل جي اڱڻ ۾ برف جو هڪ بت ٺاهڻ لاءِ چيو، ڇو جو هو انتهائي بدذوق قسم جو ماڻهو هيو. ميڊيسيءَ جي محل جا سڀ اديب ۽ شاعر هڪ هڪ ٿي وکرجي ويا. مائيڪل اينجيلو غمگين دل سان محل جي خالي ڪمرن جا چڪر هڻندو هيو. ان وقت فلورنس ۾ هڪ زبردست اخلاقي، سياسي ۽ فوجي طوفان ڪر کڻي رهيو هيو، ميڊيسي خاندان جو مڪمل طرح خاتمو اچي ويو ۽ ڪٽر مذهبي ماڻهو هر طرف ڇانئجي ويا. مائيڪل اينجيلو جنهن کي مذهب سان دلي لڳاءُ هيو، ڪليسا جي پاڇي ۾ بيٺو فرائير جي تقرير ٻڌي رهيو هيو، فرائير ماڻهن کي واڪا ڪري چئي رهيو هيو ”ان کان اڳ جو قيامت اچي، پنهنجي نالي ۽ بقاءَ واريون سڀ شيون باهه ۾ ساڙي ڇڏيو، ڇو جو صرف خدا جو نالو ئي دنيا ۾ رهڻ جهڙو آهي“.
    هن جي تقريرن جي اثر ڪري فلورنس ۾ هر طرف آرٽ ۽ مصوريءَ جي ڄڻ خاتمي جو اعلان ٿي ويو، خوبصورت لباسَ، ڳهه ۽ اهي تصويرون به باهه جي حوالي ٿي ويون جيڪي ڪڏهن شهر جي بازارن ۽ گهٽين مان جلوس جي شڪل ۾ ڪڍيون وينديون هيون. مائيڪل اينجيلو اهڙا نظارا ڏسي دهشت مان شهر ڇڏي ڀڄي ويو ۽ بولونا ۾ وڃي پناهه ورتي جتي جي گهٽين ۾ هو خوبصورت مجسما ٺاهي پنهنجي روزي ڪمائيندو رهيو. ان کان پوءِ هو روم هليو ويو.
    روم جي قديم تاريخي عمارتن ۽ کنڊرن مائيڪل اينجيلو کي ڀليڪار ڪئي. هو پراڻن تاريخي شهرن جي ٽٽل ڦٽل رستن تي گهمندو وتندو هيو. هو سوڀ جي يادگار منارن وٽان لنگهندو هيو ۽ ڊگهن ٿنڀن وارين عمارتن کي ڏسندو، هو اتان جي چوسولن تي پيو ڦرندو هيو. هن لائيڪون جي دفن ٿيل نوادرن کي پنهنجين اکين سان زمين جي تهن هيٺان نروار ٿيندي ڏٺو، ڇو جو انهن ڏينهن ۾ کنڊرن جي کوٽائيءَ دوران ڪلاسيڪي عهد جا ڪجهه عظيم خزانا ٻاهر نڪري آيا هيا. انهن ۾ هڪ مجسمو ”مرندڙ ماڻهو“ کي پنهنجي اصلي صورت ۾ آڻڻ لاءِ مائيڪل اينجيلو وڏي مدد ڪئي. هن ان مجسمي جو اهو ڀڳل هٿ ٻيهر تراشي جوڙيو جنهن جي ٻانهن ۾ جنگ جو هڪ زخمي درد ۽ پيڙا جي ڪيفيت ۾ ڪريو پيو هيو.
    انهن ڏينهن روم جي عظمت اها نه رهي هئي جيڪا پهريون هئي، اتي رشوت ۽ بدعنواني پنهنجي عروج تي هئي. ان شهر ۾ هن پاڻ کي اڪيلو بي يار مددگار ۽ مفلس محسوس ڪيو. روم جي گهٽين ۽ رستن تي هر روز فرقيوارانا فساد ٿيندا هيا. رات جي وقت پهريداريءَ لاءِ رستن کي زنجيرن سان بند ڪيو ويندو هيو. شهر ۾ صفائي جو حال به پورو سارو هيو. ناليون ۽ روڊ ڀڄي ڀري چڪا هيا، ڪوئي به حڪومت جو عملدار انهن جي مرمت ۾ دلچسپي نه وٺي رهيو هيو، وٽيڪن به اهڙن آثارن کان بچيل نه هيو، خود سينٽ پيٽرز جي ڏاڪڻين تي روز قتل ٿيندا هيا، ان جو سبب اهو هيو ته چرچ جي حڪمراني اسپين جي بدنام بورجيا خاندان جي هڪ ڌاڙيل جي قبضي ۾ هئي، جنهن پاڻ کي اليگزينڊر ڇهين جو لقب ڏنو هيو. مائيڪل اينجيلو هڪ سانيٽ جي ٻن مصرعن ۾ روم جي ان وقت جي حالتن کي هيئن چٽيو آهي.
    ”يسوع مسيح جي رت کي پئسن سان بازار ۾ وڪرو ڪن ٿا.
    روم جا حڪمران اڄ به يسوع جي کل لاهي ان جو عدالت ۾ سودو ڪن ٿا“.
    مائيڪل اينجيلو اتي ئي پنهنجو عظيم مجسمو تراشيو، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته مريم يسوع جي لاش کي پنهنجيءَ هنج ۾سمهاري لوريون ڏئي رهي آهي. نقادن ان ڳالهه تي اعتراض ڪيو ته مريم جو منهن ايترو ته تازو ۽ شفاف آهي جو اها هڪ جوان پٽ جي ماءُ نه ٿي محسوس ٿئي.
    ”پاڪيزگي هميشه جوان هوندي آهي“. مائيڪل اينجيلو انهن کي جواب ڏنو.
    هن ڪجهه ماڻهن کي جيڪي هن جو ٺاهيل مجسمو ڏسڻ آيا هيا، هن جي ڪم کي ڪنهن ٻئي فنڪار جي نالي منسوب ڪندي ٻڌو. ان رات مائيڪل اينجيلو گرجا ۾ وڃي پنهنجي مجسمي هيٺان نالو لکي آيو، اهڙيءَ طرح اهو اڪيلو مجسمو آهي جنهن تي مائيڪل اينجيلو جو نانءُ لکيل آهي، حقيقت به اها ئي آهي ته اهڙو مجسمو ٻيو ڪو فنڪار تراشي به نه پئي سگهيو. اهو مجسمو سينٽ پيٽرز جي گرجا گهر ۾ نصب آهي.
    جڏهن اليگزينڊر اوچتو مري ويو ته وٽيڪن ۾ اهي افواهون گشت ڪرڻ لڳيون ته هو ان زهر سبب مئو آهي جيڪو هو ڪنهن ٻئي لاءِ تيار ڪرائي رهيو هيو. ان جي مرڻ کان پوءِ ”جوليس ٻيون“ ان جو جانشين مقرر ٿيو. هيءَ هڪ ديانت دار ۽ فن جو پارکو ماڻهو هيو. فطرتن جنگ پسند ۽ دنيادار هيو. يادگارن ۽ عمارتن ٺهرائڻ جو شوقين هيو، هو انهن لاءِ عظيم الشان منصوبا ٺاهيندو هيو پر انهن سڀني منصوبن جو مرڪز هن جي پنهنجي ذات هوندي هئي. هن سينٽ پيٽرز جي عمارت کي ايترو جلدي ڊهرائڻ جو حڪم صادر ڪيو جو ان تي گهڻو پئسو زيان ٿي ويو، مقصد صرف اهو هيو ته نئين عمارت جو بنياد هو پنهنجن هٿن سان رکي ۽ پڻ اتي دنيا جو وڏو مقبرو اڏائي جنهن ۾ مرڻ کان پوءِ هن جي لاش کي دفنايو وڃي. هن اتي نئين عمارت جي تعمير شروع ڪئي ته اهڙي فنڪار کي گهرايو جنهن وٽ عظيم تصورات هيا، اهڙي طرح مائيڪل اينجيلو سان هن جي دوستيءَ جي شروعات ٿي.
    مقبري لاءِ مائيڪل اينجيلو جي تجويزن جوليس کي خوش ڪري ڇڏيو. ان مقبري ۾ اٺٽيھن مجسمن جي لڳ ڀڳ اهڙا مجسما نصب ڪرڻ جو منصوبو هيو، جن ۾ اوليائن ۽ پيغمبرن جي مجسمن کي جوليس جي تابوت جي چوڌاري گڏ ٿيل ڏيکارڻو هيو، جنهن کان پوءِ مائيڪل اينجيلو سنگ مرمر کڻي اچڻ لاءِ ڪيرارا جي معدني جبلن ڏانهن هليو ويو ۽ جوليس پنهنجين فوجي مهمن ۾ مشغول ٿي ويو.
    مائيڪل اينجيلو وٽيڪن واپس پهتو ته هن جوليس جي خدمت ۾ حاضر ٿي سنگ مرمر جي کڻائي اچڻ لاءِ پسئن جي گهر ڪئي. جوليس جيڪو انهن ڏينهن ۾ بولونا خلاف هڪ جنگ ۾ مصروف هيو، مائيڪل اينجيلو کي خرچ ڏيڻ کان انڪار ڪري هن کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ٽري وڃڻ جو حڪم ڏنو، جنهن ڳالهه تان مائيڪل اينجيلو کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هن ڪاوڙ مان جوليس ڏي هڪ خط لکيو، جنهن کان پوءِ پنهنجي ان حرڪت تان خوفزده ٿي هو گهوڙي تي چڙهي ڀڄي ويو. جوليس جا ماڻهو جن کي مائيڪل اينجيلو کي پڪڙي اچڻ جو حڪم هيو، پنهنجن تيز رفتار گهوڙن تي ان جو چڱي فاصلي تائين پيڇو ڪيو، پر ان وچ ۾ مائيڪل اينجيلو ٽسڪن جي علائقي ۾ پهچي ويو، جيڪو جوليس جي اختياري کان ٻاهر هيو. جوليس ٽسڪن جي عملدارن کي مائيڪل اينجيلو کي هن جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر ٽسڪن جي اعليٰ اختياري وارا ٿڌي دل ۽ دماغ جا مالڪ هيا، انهن پاڻ مائيڪل اينجيلو کي ترغيب ڏني ته بولونا وڃي جوليس سان ملاقات ڪري ان مقصد لاءِ هن کي سفارشي حق ۽ رعايتون ڏنيون ويون، جيئن ته جوليس بولونا تي حملو ڪري ان تي قابض ٿي چڪو هيو، تنهن ڪري هن مائيڪل اينجيلو کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ هو هڪ دفعو وري جوليس جي پويان هلندو اچي روم پهتو.
    ڪنهن جوليس کي اها صلاح ڏني ته پنهنجي جيئري مقبرو ٺهرائڻ نڀاڳ جهڙي ڳالهه آهي، جنهن ڪري جوليس مائيڪل اينجيلو کي ڪجهه ڏينهن صبر ڪرڻ لاءِ چيو ۽ ڪيرارا جي معدني جبلن کان ايندڙ سنگ مرمر جي ٽڪرن کي روڪڻ جو حڪم ڏنو.
    اڀرندڙ نقاش رافيل ۽ ان جو دوست بدامانتي جيڪي سينٽ پيٽرز جي عمارت جا نوان معمار هيا، وٽيڪن ۾ مائيڪل اينجيلو جي اثر ۽ رسوخ تان سڙڻ لڳا. انهن جوليس کي صلاح ڏني ته هو مائيڪل اينجيلو کي سسٽين جي گرجا گهر جي ڇت تي نقاشيءَ جو حڪم ڏئي. انهن اهو سوچيو هيو ته مائيڪل اينجيلو ان آزمائش ۾ ناڪام ٿي ويندو. مائيڪل اينجيلو به ان ڳالهه تي احتجاج ڪيو ته نقاشي هن جو فن نه آهي، اهو فرض رافيل کي سونپيو وڃي، پر جوليس کي ضدي ۽ مغرور ماڻهن جو سر پنهنجي اڳيان جهڪائڻ ۾ مزو ايندو هيو، جنهن ڪري ايندڙ چئن سالن تائين مائيڪل اينجيلو سسٽين جي اونداهي ۽ بي رونق گرجا گهر ۾ قيدي بنجي ويو.
    ڪنهن به فنڪار کي اهڙو مشڪل ۽ ڏکيو ڪم نه سونپيو ويو هوندو جيڪو مائيڪل اينجيلو جي حصي ۾ آيو. سسٽين جو گرجا گهر هڪ اونداهي ۽ تنگ عمارت آهي، جنهن جي اوچائي ويڪرائيءَ کان وڌيڪ آهي. ان جي ڇت جنهن تي نقش نگاري ڪرڻي هئي ڏهه هزار چورس فٽن جي پکيڙ تائين ڦهليل آهي، ان ڇت جي بناوٽ ڪجهه اهڙي قسم جي آهي جو مختلف هنڌن تي گنبذ نما ڪنڊون ٻاهر نڪتل آهن، جيڪي نقاشيءَ لاءِ ڏکيائي پيدا ڪري رهيون هيون، ان سڄي حصي کي پلسٽر اندر مختلف تصويرن سان ڀرڻو هيو. پلسٽر ۾ تصويرن ڀرڻ جي ٽيڪنيڪ اها آهي ته رنگن کي تيل بجاءِ پاڻيءَ ۾ ڳاريو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن کي آلي پلسٽر سان هنيو ويندو آهي. جڏهن پلسٽر خشڪ ٿي ويندو آهي ته رنگ هميشه لاءِ چوني ۾ ڄمي ويندا آهن، جنهن لاءِ آرٽسٽ کي سست رفتاريءَ ۽ هوشياريءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو آهي ته متان ڪا غلطي دائمي حيثيت نه اختيار ڪري وڃي.
    ڏاڪڻين تي مٿي ڪاٺ جي ڪوازن تي پٺيءَ ڀر سمهي مائيڪل اينجيلو کي نقاشي ڪرڻي هئي، انهن چئن سالن ۾ هن سان جيڪي وهيو واپريو اهو هڪ سانيٽ ۾ پنهنجي هڪ دوست ڏي هنئين لکيائين.
    ”ان اونڌاهي ڪوٺيءَ ۾ رهي مونکي ڳلي جي سوڄ جي بيماري ٿي پئي آهي.
    جيئن لومبارڊي جي گندي نالين جي ٻلين جون ڳچيون سڄيل هونديون آهن، ائين لڳي ٿو پيٽ اچي منهنجي کاڏيءَ سان لڳو آهي.
    مون کي خبر آهي ته ذهن ۽ سوچ جي کجيءَ جو ميوو مختلف ۽ غير حقيقي هوندو آهي.
    ڇو جو جيڪا بندوق سڌي نه هجي، ان جو نشانو ڪهڙو ٺيڪ هوندو؟
    اچ گيواني! منهنجين مئل تصويرن ۽ شهرت کي جيار، مونسان ڏاڍو خراب سلوڪ ٿي رهيو آهي.
    اهو سڀ منهنجي فن لاءِ شرم جهڙي ڳالهه آهي،“
    مائيڪل اينجيلو پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مهو رهيو جو هن جي راتين جي ننڊ به ڦٽي وئي، هن جي طبيعت چڙ چڙي ۽ بخيل ٿي پئي. هن ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجن سڀني ساٿين کي هڪ هڪ ڪري ٻاهر ڀڄائي ڇڏيو ۽ دروازي کي اندران تالو هڻي ڇڏيو، صرف هڪ پوڙهي ملازم کي هن پاڻ سان اندر رهڻ جي اجازت ڏني. هو ڪڏهن اکيون مهٽيندو ٻاهر سوجهري ۾ نڪرندو هيو ته ڀڄندو وڃي رافيل وٽ پهچندو هيو، جيڪو وٽيڪن جي وڏن هوادار ڪمرن ۾ سڌين سنئين ڀتين تي جوليس جي فوجي ڪارنامن جون شاندار تصويرون ويٺو چٽيندو هيو. رافيل خوبصورت، خوش مزاج، سٺن ڪپڙن ۽ شراب جو شوقين، عورتن ۽ ساٿي نقاشن جو محبوب هيو. رافيل مائيڪل اينجيلو کي ڏسي هن جو کليءَ دل سان آڌر ڀاءُ ڪندو هيو ۽ ان جي جواب ۾ مائيڪل اينجيلو هن سان ڏاڍي چڙ چڙي نموني سان پيش ايندو هيو.
    مائيڪل اينجيلو سسٽين گرجا گهر جا دروازا هميشه تالو هڻي بند ڪري پوءِ نڪرندو هيو ۽ چوندو هيو ته عظيم ٽيڪنيڪ به مال ۽ جواهرن جيان چوري ڪري سگهجي ٿي.
    جوليس جڏهن به ايندو هيو ته پنهنجي بيد جي لڪڻ سان دروازي کي کڙڪائيندو هيو، اينجيلو دروازو کوليندو هيو، پوءِ خطرناڪ ڏاڪڻين تان هن کي مٿي وٺي ويندو هيو، جيئن هن جي عظيم محنت جو مشاهدو ڪري سگهي، جوليس آرٽ کي ته سمجهي نه سگهندو هيو پر پوءِ به ان جي عظمت ۽ رونق کي محسوس ڪري وٺندو هيو ۽ اهو سوچي ته زندگي تمام مختصر آهي، هو وڏي آواز سان پڇندو هيو. ”آخر هيءُ ڪم ڪڏهن پورو ٿيندو؟ تون ته هميشه چوندو آهين، ڪم جلدي پورو ٿيڻ وارو آهي“.
    وقت جيئن جيئن گذرندو ويو، جوليس جي بي صبري وڌندي وئي.
    ”بس هاڻي ڪم گهڻو ٿي ويو، انهن ڪاٺ جي ڪوازن تان هيِٺ لهي اچ نه ته ٻاهر اڇلرائي ڇڏيندو سانءِ“ جوليس هن کي ڪاوڙ مان چوندو هيو ۽ هن جي ان ڌمڪيءَ جي نتيجي ۾ هڪ ڏينهن واقعي مائيڪل اينجيلو ڏاڪڻين تان ڪري پيو.
    مائيڪل اينجيلو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ محدود ماڻهن کي اندر ڪليسا ۾ اچڻ جي اجازت ڏني، انهن جڏهن مٿي ڇت ڏي نهاريو ته ڄڻ آسمان ۾ توريت جو هڪ نئون بابت کلي پيو. اتي ڪائنات جي تخليق، آدم جي زوال ۽ نوح جي طوفان جا داستان نقش هيا. خدا هڪ حاڪماڻي اشاري سان عدم کي وجود ۾ آڻيندي نظر اچي ٿو، هو مٽيءَ کي ڦوڪ ڏئي ٿو ۽ آدم خدا جي شڪل ۾ پيدا ٿئي ٿو. خدا جي آڱر آدم جي آڱر کان هاڻي هاڻي الڳ ٿي آهي ۽ آدم عقيدت مان پنهنجي خالق ڏي نهاري ٿو ۽ ”حوا“ پنهنجي خدا جي ٻانهن مان حسرت ۽ خوف جي مليل جهليل جذبن سان آدم ڏي نهاري ٿي، ڇت جا لاها چاڙها پيغمبرن، ولين جي نقشن سان ڀريا پيا هيا، هر تصوير ائين هئي جيئن مصوريءَ ۾ سنگتراشي ڪئي وئي هجي. سٽين گرجا گهر ۾ 343 ننڍيون ۽ وڏيون مورتيون آهن ۽ انهن مان هر هڪ پنهنجيءَ جاءِ تي عظيم آهي.
    ان ئي زماني ۾ مائيڪل اينجيلو پنهنجي عظيم تخليق ”موسيٰ“ نبيءَ جو مجسمو تراشيو، جيڪو جوليس جي ڪڏهن به مڪمل نه ٿيندڙ مقبري جو حصو آهي. روم جا يهودي قطارن ۾ ايندا هيا ۽ پنهنجي ديني پيشوا جي منهن ڏانهن حيرت ۽ خوف مان نهاريندا هيا. موسيٰ نبيءَ جو هڪ هٿ سينا جي جبل ۾ کپيل آهي ۽ خدا جي تجليءَ جو نور ۽ چمڪ هر طرف ڦهليل آهي، ٻئي هٿ ۾ پيغمبري شريعت جون لوحون اٿس ۽ اکين ۾ پنهنجي امت جي زوال سبب ڪاوڙ جي باهه جا شعلا ڀڙڪي رهيا اٿس. هڪ روايت مشهور آهي ۽ ان ۾ صداقت به نظر اچي ٿي ته جڏهن مائيڪل اينجيلو اهو مجسمو مڪمل ڪيو ته ان تي ڇيڻيءَ سان آخري ضرب هڻي، حڪم ڏنو ”اي موسيٰ ڳالهاءِ“ ته مجسمي جي چپن مان توريت جون آيتون ڦٽي نڪتيون.
    جڏهن مائيڪل اينجيلو اهڙيون لازوال شيون تخليق ڪري رهيو هيو، تڏهن هر طرف مذهبي بدامني ڦهلجي چڪي هئي، جوليس جي موت کان پوءِ حالتون خراب ٿي چڪيون هيون. نئين حڪمران پوپ ليئو جي عيش ۽ عشرت سبب وٽيڪن جو خزانو خالي ٿي ويو ۽ هر شيءِ جو اخلاق تباهيءَ جي حدن کي پهچي ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڌ يورپ ۾ پروٽيسٽنٽ انقلاب اچي ويو. اٽليءَ تي فرانسيسي، جرمن ۽ اسپيني فوجن حملو ڪيو ۽ ٻئي طرف اندروني جنگ ان کي ناس ڪري ڇڏيو. پوپ ڪليمنٽ ميڊيسي خاندان جي ماڻهن سان ملي فلورنس تي چڙهائي ڪئي. مائيڪل اينجيلو دشمنن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ قلعي جي ڀتين، پهاڙن ۽ ٻين جاين تي توبون نصب ڪرڻ ۾ مصروف رهيو. جڏهن دشمن اڳتي وڌي گهيرو تنگ ڪيو ته هن کي ان بدنصيب شهر مان نڪرڻ کان سواءِ ڪو به چارو نظر نه آيو پر پنهنجن ماڻهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هو وري فلورنس موٽي آيو. ڪليمنٽ فلورنس ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي معاف ڪيو ته اهو مائيڪل اينجيلو هيو.
    خون خرابي جي انهن ئي ڏينهن ۾ مائيڪل اينجيلو جا سڪون ۽ امن سان ڀريل شاهڪار ميڊيسيءَ جا مقبرا وجود ۾ آيا. اهي مقبرا لورينزا جي ڪليسيا جي ڀرواري گرجا گهر ۾ واقع آهن. زيارتون ڪندڙ ماڻهن جو سيلاب هتي ڪڏهن به نه ٿو ٿڪجي. جڏهن به ڪو شخص گرجا جي ان ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو جنهن جي ڀتين تي مائيڪل اينجيلو پنهنجي فن جي زيب ۽ زينت جا شاهڪار ٺاهيا آهن ته ڏسڻ وارو ساهه روڪي ڄڻ هر شيءِ کي ڏسڻ ۾ محو ٿي وڃي ٿو. هن جي جسم جي نبضن جو سسڻ ۽ وڌڻ بند ٿي وڃي ٿو. اتي ئي ٻه مقبرا ٻيا آهن، انهن مان هڪ مقبرو لورينزو ڊي ميڊيسيءَ جو ۽ ٻيو گيوليانو جو آهي. اتي تصوير ۾ نوجوان گيوليانو زرهه پائي اهڙي انداز ۾ بيٺو آهي جو ان جو هڪ هٿ چيلهه سان لڙڪندڙ تلوار جي دستي تي آهي. نوجوان گيوليانو ان تصوير ۾ حسرت سان عمر جي ان حصي ڏانهن نهاريندو نظر اچي ٿو، جيڪا هن جي نصيب ۾ لکيل نه هئي. ان تصوير کي ”عملي زندگيءَ“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ان جي سامهون ئي ”ٻڏندڙ زندگي“ نالي تصوير ۾ لورينزو کي اهڙي حال ۾ ڏيکاريو ويو آهي جو هن جو هڪ هٿ هن جي وات مٿان حيرت جي انداز ۾ ٺهيل آهي ۽ ٻيو هٿ اکين جي ڇپرن مٿان پاڇو ٺاهيو بيٺو آهي اکيون هيٺ جهڪيل، اڪيلائيءَ جي موت طرف ڏسي رهيون آهن.
    وري هڪڙي ٻئي پوپ (اهي پوپ به ڪيتري نه تيزيءَ سان مرندا رهيا، مائيڪل اينجيلو خبر نه آهي ڪيترن پوپن جو زمانو ڏٺو) مائيڪل اينيجلو کي جيڪو هاڻي پيريءَ جي حدن کي پهچي چڪو هيو، هڪ ٻئي ٿڪائيندڙ ڪم تي لڳائي ڇڏيو. سسٽين گرجا گهر جي قربان گاهه جي پوئين ڀت اڃا ڪنهن به نقش کان خالي هئي، جنهنڪري اينجيلو وڌيڪ ستن سالن تائين نقاشيءَ ۾ مصروف رهيو. هاڻي ان ”آخري فيصلو“ نالي هڪ تصوير ٺاهي جيڪا ان گهڙيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي، جڏهن اسرافيل پنهنجو صور ڦوڪيندو، جڏهن قبرون مردن کي اوڳاشي ٻاهر ڪڍي ڇڏينديون، جڏهن بادشاهه به پنهنجن غلامن سان گڏ اگهاڙا خدا جي دربار ۾ موجود هوندا.
    وقت مائيڪل اينيجلو کي پوڙهو ڪري ڇڏيو هيو، پنهنجيءَ عمر کان به پوڙهو، ان عظيم ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي هئي، اها هن کي اڏوهيءَ جيان کوکلو ڪري وئي هئي، ڪجهه عرصو هو هڪ معزز عورت وٽوريا ڪولونا جي صحبت ۾ رهيو. هن ان عورت آڏو پنهنجا سڀ دلي خيال ۽ افڪار ظاهر ڪري رکيا، اهو رتبو شايد ئي ڪنهن کي نصيب ٿيو هجي. جڏهن موت جي هٿن ان عورت کي مائيڪل اينجيلو کان جدا ڪيو ته هو تقريبن گوشه نشينيءَ جي زندگي گذارڻ لڳو ۽ هن روم ۾ پنهنجي ننڍڙي ۽ گمنام گهر مان ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو. انهن ڏينهن ۾ هو ذهني دٻاءَ جو شڪار رهيو ۽ محتاجن جهڙي زندگي گذارڻ لڳو، جڏهن ته هو گهڻن ئي سٺن گهرن ۽ وڏين زمينن جو مالڪ هيو، هو هر سال ڳجهي نموني غريب ڇوڪرين جي ڏاج لاءِ پئسا پڻ ورهائيندو هيو جيئن اهي ڪنهن سٺيءَ جاءِ تي شادي ڪري سگهن.
    جڏهن مائيڪل اينجيلو اسي سالن جي عمر کي پهتو ته هڪ نئين ذميواري هن جي ڪلهن تي رکي وئي. هو گمنامي جي زندگيءَ مان هڪ دفعو وري ٻاهر نڪري آيو،. هن کي سينٽ پيٽرز جي گرجا گهر کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو، تعميراتي ڪم ۾ هن جي حيثيت بلڪل نئين شخص جهڙي هئي، ان گرجا گهر جو بنياد پنجاهه سال اڳ رکيو ويو هيو پر اڃا تائين ان تي ڇت پئجي نه سگهي هئي، ان عمارت تي ڪيئي ڪاريگر ڪم ڪري چڪا هيا، پر ان عمارت جي ڇت هڪ مسئلو بنيل هئي. ان کي دنيا جي سڀ کان وڏي گرجا گهر جي حيثيت ۾ اڏڻو هيو، ڇو جو حضرت عيسيٰ جي پوئلڳ پطرس جو لاش اتي ئي دفن هو. يسوع مسيح پطرس جي ئي ڪلهن تي هٿ رکي چيو هيو ته ”هن ئي پهاڙ تي مان پنهنجي گرجا جا بنياد رکان ٿو“.
    مائيڪل اينجيلو اهو سڄو ڪم پنهنجن هٿن ۾ کنيو ۽ واندڪائيءَ جي وقت جو فائدو وٺي روم ۾ ٻين به ڪيترن ئي عمارتن جا نقشا تيار ڪيا، انهن عمارتن ۾ محلات، دروازا، پليون، عجائب گهر ڏاڪڻيون ۽ ورانڊا شامل آهن،
    هن سسٽين گرجا گهر لاءِ جيڪو نقشو تيار ڪيو، ان تي ڪيترن ئي حاسد ماڻهن اعتراض ڪيو ۽ ان کي رد ڪرائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، ان وقت جي انجنيئرن ان نقشي تي عمل ڪرڻ ناممڪن قرار ڏنو، خود پوپ ڪيترا دفعا مائيڪل اينجيلو کي اهو طعنو ڏنو ته پوڙهائپ سبب هو ان ڪم لاءِ اهل نه رهيو آهي، مائيڪل اينجيلو هر مخالفت کي برداشت ڪندو پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهيو،
    آهستي آهستي اها ڇت گنبذ جي شڪل ۾ مٿي وڌندي رهي ۽ پٿرن جي اڏيل هر قطار جڏهن هيٺان کان اڀري مرڪز جي ويجهو پهتي ته ائين محسوس ٿيو جيئن اها ڪشش ثقل جي اصول جي مخالفت ڪندي هجي، آخرڪار موت مائيڪل اينجيلو جي پويان لڳي پيو، هو چوندو هيو، ”آءُ ايترو ته پوڙهو ٿي ويو آهيان جو موت منهنجي ڀرسان بيٺو آهي، آءُ ان گنبذ کي پورو ڪري سگهندس الائي نه ؟ “
    نوي سالن جي عمر ۾ موت کان پهريون مائيڪل اينجيلو بوناروتي پنهنجي ڪم يعني دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان خوبصورت گنبذ کي مڪمل ٿيندي پنهنجي اکين سان ڏٺو، مائيڪل اينجيلو 1564ع ۾ وفات ڪئي، دنيا ۾ جيڪڏهن ڪٿي هن عظيم فنڪار جي روح جو پڙاڏو موجود آهي ته اهو سينٽ پيٽرز جي گرجا گهر جي ان گنبذ ۾ آهي.


    موزارٽ

    ”بس موسيقيءَ جي آخري محفل، ستن سالن جي گهٽ عمر کان موسيقار بين وڄائيندو، وائلن تي گيت ٻڌائيندو ۽ ڪليوئر جي سرن کي ڪپڙي سان لڪائي سمفنيءَ جون ڌنيون وڄائيندو ۽ اهڙي آسانيءَ سان وڄائيندو جيئن هو سرن کي ڏسندو هجي، پريان ويهي هر سُر جو الڳ الڳ نالو ٻڌائيندو ۽جيتري دير به هن کي چيو ويندو ڪنهن به ٿڪاوٽ کانسواءِ بين وڄائيندو رهندو، ٽڪيٽ صرف اڌ ٿيلر “
    1769ع ۾ مٿيون اشتهار هڪ جرمن اخبار ۾ ڪجهه اهڙي نموني سان ڇپيو جيئن اهو ڪنهن بازيگر جو تماشو هجي، اهو اشتهار دنيا جي انتهائي ذهين موسيقار رولف گينگ ايمي ڊئس موزارٽ جي باري ۾ هيو، جڏهن محفل شروع ٿي ته ٻڌندڙن ۾ هڪ ٻيو نينگر به ويٺو هيو، جنهن جي عمر صرف چوڏهن سال هئي، اهو گوئٽي هيو جنهن جي تقدير ۾ پڻ لازوال شهرت لکيل هئي. گهڻن سالن تائين گوئٽي کي اهو منظر ياد رهيو ته ڪيئن نه هڪ ٻار جنهن جو منهن خوشيءَ مان ٻهڪي رهيو هيو، چمڪندڙ لباس ۽ مٿي تي وگ پائي، چيلهه سان ننڍڙي تلوار ٻڌي ڀڄندو اچي ڪليوئر جي سامهون ويٺو ۽ هن پوءِ پنهنجو پاڻ کي گيتن ۾ ٻوڙي ڇڏيو.
    موزارٽ پيدائشي موسيقار هيو، قدرت هن کي ننڍپڻ کان ئي اهڙين صلاحيتن سان نوازيو هيو جيڪي موسيقيءَ جي حصي ۾ ڪنهن ٻئي فنڪار وٽ گهٽ نظر اچن ٿيون. ٽن سالن جي عمر ۾ هن ڪليوئر وڄائڻ شروع ڪيو. پنجن سالن جي عمر ۾ هن پهريون دفعو وائلن هٿن ۾ کنيو ۽ پنهنجي پيءُ ۽ ان جي دوست جي سنگت ۾ ڏسندي ئي ڏسندي ڇهه نغما وڄائي ويو، ان دوران نه هو سُر ۽ تان تان هٽيو ۽ نه ئي هن جي سُرن جي هڪجهڙائيءَ ۾ فرق آيو.
    ٻارن کي سڀ کان پهريون اکر لکايا ۽ پڙهايا ويندا آهن، پر موزارٽ انهن سڀني شين کان پهريون موسيقيءَ جي علامتن کي پڙهيو ۽ لکيو. موسيقيءَ جا مورخ جڏهن موزارٽ جي فن تي تحقيق ڪندا آهن ته اهي ان جي انهن ڌنين کي به شمار ڪندا آهن جيڪي هن ڇهن سالن جي ڄمار ۾ لکيون. انهن ڌنين ۾ به موزارٽ جي انفراديت نمايان آهي، انهن جي دلڪشيءَ ۽ روانيءَ مان اها خبر پوي ٿي ته اهي ڪنهن عظيم روح جون تخليق ڪيل آهن. ان ٻار جو ذهن ۽ آڱريون دنيا لاءِ قدرت طرفان هڪ عطيو هيون، نون سالن جي عمر ۾ هن دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ ڏکيو آرگن وڄائي دلنديزين کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ هن کي وٽيڪن سٽيءَ جو هڪ ڊگهو مذهبي گيت (Miserere) ٻڌايو ويو، اهو مذهبي گيت ۽ ان جي ڌن موزارٽ کي سڌاري لکڻ جي عيوض پاپائي روم ”نائٽ آف گولڊن شپئر“ جو اعزاز ڏنو.
    موزارٽ جي پيءُ جو نالو ليو پولڊ هيو. هو هڪ ٽئين درجي جو ڌنيون مرتب ڪندڙ، ٻئي درجي جو وائلن نواز ۽ بهترين استاد هيو. اهو آسٽريا جي شهر مالزبرگ ۾ رهندو هيو. موزارٽ 1756ع ۾ اتي ئي پيدا ٿيو. پيءُ پنهنجي پٽ جي خداداد صلاحيتن مان واقف هيو، پر غربت ڪري هن وٽ ٻيو ڪو چارو نه هيو ته هو موزارٽ کي پاڻ سان شامل ڪري ڪمائيءَ جي ذريعي کي وڌائي سگهي. موزارٽ جي وڏي ڀيڻ جيڪا هڪ پيانو وڄائيندڙ هئي، انهن جو پيءُ پنهنجن ٻارن کي ساڻ ڪري ڪمائيءَ جي فڪر ۾ سالن تائين آسٽريا، جرمني، فرانس، انگلستان، اٽلي ۽ هالينڊ تائين گهليندو وتندو هيو. انهن ٻارن فرانس ۽ انگلستان جي حڪمرانن ۽ آسٽريا جي شاهي خاندان آڏو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ننڍي هوندي موزارٽ شاهي خاندان جي هڪ ڇوڪري ميري انٽونيءَ سان شاديءَ جو واعدو ڪيو. فن جو مظاهرو ڪندي جڏهن موزارٽ جو پير محل جي لسي فرش تي ترڪي پيو ته هن کي سخت قسم جا جسماني ڌڪ لڳا، هڪ ننڍڙي ڇوڪري ميري انٽوني هن کي سهارو ڏئي فرش تان اٿاريو ۽ ائين موزارٽ ۽ ميري انٽونيءَ جي دل ۾ هڪ ٻئي لاءِ محبت جا جذبا جاڳيا، جيڪي ٻن معصوم دلين جا جذبا هيا. موزارٽ ميري انٽونيءَ سان واعدو ڪيو ته جڏهن هو وڏو ٿيندو ته ان سان ضرور شادي ڪندو پر قدرت کي اها ڳالهه منظور نه هئي، ڇو جو موزارٽ جي زندگيءَ ۾ سکن بدران ڏک لکيل هيا.
    ڪچين ناهموار ۽ گپ سان ڀريل سڙڪن تي بگين جا جهٽڪا کائيندي، گندين سرائن ۾ رهندي ۽ ڪيئي ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي باوجود ان ننڍڙي ڇوڪري جو جوش ۽ جذبو ڪڏهن به نه گهٽيو. ٻڌندڙ جيڪي ان جي فن جي ڪمال تي حيرت کائيندا هيا ۽ پنهنجين ويٺل جاين تان اٿڻ لاءِ تيار نه هوندا هيا ۽ هيءَ ننڍڙو موسيقار ڪنهن به ٿڪاوٽ کان سواءِ ساز وڄائيندو رهندو هيو، ائين لڳندو هيو جيئن ڪنهن ان مٿان جادو ڪري ڇڏيو هجي، هڪ نغمي جا سر ٻئي نغمي پويان ائين حرڪت ڪندا هيا جيئن بهار جي موسم جو مينهن گلن مٿان وسندو هجي. آخرڪار هن جو پيءُ محفل جي ختم ٿيڻ جو اعلان ڪندو هيو. فيشن ايبل عورتون ۽ پئسي وارا ماڻهو جوتن جا قيمتي بڪل يا پنهجين صندوقن مان ڪو ننڍڙو زيور ڪڍي هن کي ڏيندا هيا ۽ موزارٽ جو پيءُ جيڪو انهن جي هٿن کي چمي ڏئي شيون قبول ڪرڻ جو ماهر هوندو هيو، اهو انهن شين کي ڪٺو ڪندو هيو ۽ پوءِ رات جي مانيءَ جي خرچ ڪڍڻ لاءِ ٻارن کي ڪنهن ٻئي هنڌ محفل ڄمائڻ لاءِ وٺي ويندو هيو.
    هڪ پوڙهو موسيقار جنهن کي موزارٽ، بابا هيڊن ڪري سڏيندو هيو، اهو موزارٽ جي پيءُ کي هميشه چوندو هيو ”تنهنجو پٽ دنيا جو عظيم ترين موسيقار ٿيندو“ پر موزارٽ کي ان وقت جي ماڻهن ضرورت کان وڌيڪ جديد ۽ ترقي پسند سڏيو پر جڏهن اڄ اسان جا ڪن ان جي موسيقيءَ کي ٻڌن ٿا ته اسان کي ائين لڳي ٿو جيئن اسين عمر ڀر ان نغمي کان واقف رهيا آهيون ۽ ان کي دل سان چاهيندا رهيا آهيون. ان جو سبب اهو آهي ته موزارٽ پنهنجي پاڻ کان پوءِ واري موسيقي جنهن کان اسين پوري ريت واقف آهيون ان کي تمام متاثر ڪيو آهي، بيٿوڊين موزارٽ جي موسيقيءَ جو مستقل مطالعو ڪندو رهندو هيو ۽ هيڊن موزارٽ کي نقل ڪري ڄڻ ان جي عزت افزائي ڪئي آهي.
    شوپن موزارٽ جي موسيقي کان ان حد تائين متاثر هيو جو هن مرڻ وقت اها وصيت ڪئي ته ”منهنجيءَ ياد ۾ موزارٽ جون ڌنيون وڄائجو“ براهمز وٽ موزارٽ جي حيثيت هڪ ”ديو“ جيان هئي. شوبرٽ ۽ شومان جا عظيم گيت موزارٽ جي موسيقيءَ جو ئي پڙاڏو آهن.
    موزارٽ وٽ نغما ۽ موسيقي ان جي چپن ۽ آڱرين جي اشارن ۾ بند هيا. سفر هن جي وجداني ڪيفيت کي حرڪت ۾ آڻيندو هيو. هو جهاڪا ۽ ٿاٻا کائيندڙ بگيءَ ۾ ويٺو پنهنجي هٿ جي آڱرين کي گوڏي مٿان رکي حرڪت ڏيندو رهندو هيو، هن جو منهن هڪدم خوشيءَ مان ٻهڪي پوندو هيو ڇو جو هڪ نئين ڌن تيار ٿي ويندي هئي، جنهن کي هو اتي ئي ڪاغذ جي ٽڪري تي لکي محفوظ ڪري ڇڏيندو هيو. پندرهن سالن جي عمر ۾ هو آپيرائن جو مصنف ٿي چڪو هيو. پندرهن کان ايڪويهه سالن جي عمر ۾ هن ڌنين جي ترتيب جي فني طور سڀ کان ڏکي ميدان ۾ قدم رکيو، اهو ائين هيو جيئن ماضيءَ جي استادن سان مقابلو ڪرڻ، پر هن ثابت ڪيو ته هو موسيقيءَ جو سڀ کان وڏو استاد آهي. موزارٽ سان ڪڏهن به انصاف نه ڪيو ويو. هڪ عظيم موسيقار هجڻ جي باوجود هو شهنشاهه جي درٻار ۾ سٺي منصب تي فائز نه ٿي سگهيو. ان وقت جي آسٽريا جي شهنشاهه فرانسس اول هن کي ڪو به اعزاز نه بخشيو. ان جو سبب اهو به هيو جو موزارٽ جي وڌندڙ شهرت درٻاري موسيقارن لاءِ حسد ۽ خوف جو سبب ٿي پئي. انهن موزارٽ جي موسيقي کي مختلف حربا استعمال ڪري منظر عام تي اچڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، هن جا حريف موسيقار موزارٽ جي ٽولي جي سازندن کي رشوت ڏيندا هيا، جيئن اهي ان وقت موسيقي کي بگاڙي پيش ڪن، جڏهن اها ڪٿي به پيش ڪئي وڃي، موزارٽ جي ٽولي ۾ شامل سازندا به زماني جي ناقدريءَ جو شڪار ٿيل ۽ مفلس هوندا هيا، جيڪي ٿوري رشوت تي موزارٽ سان دغا ڪندا هيا. هن جي حريف موسيقارن جي چالن نيٺ پنهنجو رنگ ڏيکاريو ۽ موزارٽ کي مالي طرح مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو. هن لاءِ ٽن ويلن جي ماني به مسئلو بنجي وئي. ان زماني ۾ ڪاپي رائٽ جو ڪو به قانون نه هيو، هڪ دفعو جيڪڏهن موسيقيءَ جو شاهڪار منظر عام تي اچي ويندو هيو ته رائلٽي کان سواءِ ڪوئي به ان کي ڪيترائي دفعا پيش ڪري سگهندو هيو، ان جو نقل ڪري سگهبو هيو ۽ ڪي وري ان کي پنهنجي نالي سان به پيش ڪري سگهندا هيا. ڪنهن به موسيقار لاءِ هڪڙو ئي بچاءَ جو طريقو هوندو هيو ته هو ڪنهن به درٻار سان لاڳاپجي وڃي يا ڪنهن سرمائيدار جي ملازمت اختيار ڪري. موزارٽ به مجبور ٿي هڪ اهڙي ملازمت اختيار ڪئي. هن کي سو روپين جي پگهار تي هڪ سرمائيدار جي پناهه ۾ رهڻو پيو. هن جو مالڪ آرچ بشپ آف سالزبرگ هن کي پنهنجن نوڪرن ۽ باورچين سان گڏ کاڌو کارائيندو هيو ۽ سمجهندو هيو ته هو موزارٽ سان اهڙو رويو رکي هن ۾ انڪساري پيدا ڪري رهيو آهي، موزارٽ کان پنهنجي اها ذلت برداشت نه ٿي ۽ هن ان سرمائيدار جي نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ويانا ۾ هڪ آزاد فنڪار طور ڪم شروع ڪيو، ان وقت هو آسٽريا جو واحد ناليوارو فنڪار هيو، جنهن کي ڪا به نوڪري نه هئي.
    ان وقت جي ويانا جا ماڻهو به اڄڪلهه جي ماڻهن وانگر ڪنهن موسيقار کي سٺو نه سمجهندا هيا، جيستائين ان جي نالي مان غير ملڪي هجڻ جي سڌ نه پوندي هجي. موزارٽ جي آپيرا کي ٻڌڻ کان پوءِ آسٽريا جي شهنشاهه چيو ”تنهنجي موسيقي ۾ حد کان وڌيڪ سرن جي ڀرمار آهي“.
    ”حضور بادشاهه سلامت“ موزارٽ وراڻيو. ”ان ۾ ايترائي سر آهن جيترا هجڻ گهرجن“.
    جڏهن آسٽريا جي درٻار جو سڀ کان وڏو موسيقار گلڪ وفات ڪري ويو ته موزارٽ کي ان جي جاءِ تي فائز ڪيو ويو پر موزارٽ لاءِ جيڪو وظيفو مقرر ڪيو ويو اهو گلڪ جي وظيفي جي اڌ جيترو به نه هيو، ۽ ان لاءِ هن کي اهو ڪم سونپيو ويو ته هو دربار کان ٻاهر بغير اهميت وارا آپيرا ترتيب ڏي. ان جي باوجود موزارٽ اها نوڪري قبول ڪئي ڇو جو هن جلد بازيءَ ۾ شادي ڪئي هئي ۽ گهڻن ٻارن جو پيءُ بڻجي ويو هيو.
    هن جي زال ڪانسٽينز ويبر هڪ اهڙي گهراڻي جي چئن ڇوڪرين مان هڪ هئي جنهن گهرائي جو هر فرد موسيقيءَ جو متوالو هيو. ويبر گهراڻي ۾ موزارٽ جي حيثيت هڪ خاندان جي فرد جيان هئي، ڪانسٽينز کي جڏهن موزارٽ پهريون دفعو ڏٺو ته هوءَ تيرهن سالن جي ڇوڪري هئي، موزارٽ دراصل ان جي وڏي ڀيڻ الائيسيا کي چاهيندو هيو جيڪا پندرهن سالن جي خوبصورت ۽ مٺڙي آواز واري ڇوڪري هئي، موزارٽ جڏهن روزگار جي ڳولا ۾ پئرس ويو ته الائيسيا هن سان واعدو ڪيو ته هوءَ هن جو اوسيئڙو ڪندي پر جڏهن موزارٽ پئرس مان نا اميد ٿي هٿين خالي موٽي آيو ته هوءَ آپيرا جي اسٽيج تي پنهنجي قسمت ٻئي سان وابستا ڪري چڪي هئي. گهڻي عرصي کان پوءِ جڏهن ڪنهن الائيسيا کان پڇيو ته هن موزارٽ جي پيار کي ڇو ٿڏيو ته هن اعتراف ڪندي چيو ”منهنجو خيال هيو ته هو هڪ معمولي قسم جو ماڻهو آهي پر مان غلطيءَ تي هيس“.
    ڪانسٽينز جنهن کي موزارٽ پيار مان سٽينزي ڪوٺيندو هيو، ان موزارٽ جي دل جي انهن ٽڪڙن کي جمع ڪيو جيڪي هن جي وڏي ڀيڻ ٽوڙي چڪي هئي. سٽينزي سونهري وارن ۽ خوبصورت آواز جي مالڪ نوجوان ڇوڪري هئي، جيڪا ويانا جي سرسبز وادين ۾ پڪنڪ لاءِ هڪ مثالي ساٿيءَ جي حيثيت تائين ته ٺيڪ هئي پر زال جي حيثيت ۾ هن وٽ گهر هلائڻ جون خصلتون بلڪل نه هيون، هن کي پئسن خرچ ڪرڻ جو سليقو بلڪل نه هيو، موزارٽ جيڪو مالي طرح پوئتي پيل فنڪار هيو، اهو سٽينزيءَ جي ڇڙواڳ طبعيت جي ساٿ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هيو، سٽينزي کيل تماشي ۽ گهمڻ ڦرڻ کي پسند ڪرڻ واري عورت هئي. موزارٽ پنهنجي زال کي خوش رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، پر هن محسوس ڪيو ته گهڻن ٻارن جي ڄمڻ ڪري سٽينزيءَ جي صحت بلڪل تباهه ٿي وئي آهي. ٻار ڄمڻ وقت هن جي زال کي حد کان وڌيڪ تڪليف ٿيندي هئي، جنهن ڪري ان کي اڪثر ٻار مئل ڄمندا هيا. موزارٽ قرض کڻي زال جي تڪليف کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هيو پر هر مئل ٻار تي هن جي زال سٽينزي سڏڪا ۽ سسڪيون ڀري روئيندي هئي ۽ موزارٽ وائلن کڻي هن جي سسڪين ۽ سڏڪن ۾ هڪ نئين ڌن تخليق ڪندو هيو، موزارٽ جي موسيقيءَ تي هن جي پنهنجي زندگيءَ جي غم ۽ الم جو پاڇو گهٽ پر نه هجڻ جي برابر محسوس ٿئي ٿو، موزارٽ جي پوري زندگي معاشي طور مفلوج رهي، هن پنهنجن دردن ۽ سورن جو اظهار پنهنجي موسيقيءَ ۾ نه ڪيو آهي، ڇو جو هو فرمائشي آپيرا ترتيب ڏيندو هيو ۽ هن جو هر فرمائشي آپيرا خودبخود تخليق جو شاهڪار ٿي پوندو هيو. هن کي پئسن جي عيوض جيڪو به ٿورو گهڻو ڪم ملندو هيو، هو ان ڪم کي لافاني بڻائي ڇڏيندو هيو، قرضدارن کان جان ڇڏائن لاءِ جيڪي جڏهن به هن وٽ ايندا هيا ته ڪو نه ڪو فرنيچر يا ٻيو سامان کڻي هليا ويندا هيا. موزارٽ ننڍن وڏن آپيرائن کي جلدي جلدي ترتيب ڏئي پيش ڪندو هيو، جيئن هو زندگي گهارڻ لاءِ ڪجهه ڪمائي سگهي يا ائين چئجي ته قدرت هن تي سختي ڪري هن کان گهڻو ڪجهه ڪرائڻ پئي چاهيو جيئن رهندڙ دنيا تائين ماڻهو هن جي ڌنين کي ياد ڪندا رهن.
    هن جا عظيم ترين شاهڪار صرف هڪ ٻن ڏينهن جي محنت جو نتيجو آهن. تخليق جي اها ناقابل يقين قوت صرف ان ڪري ممڪن هئي جو موزارٽ جو دماغ موسيقيءَ سان لبريز هيو پر هن جي حياتيءَ هن جي ذهن جي گهرائين جو ساٿ نه ڏنو. ڪڏهن موزارٽ وٽ اهو مسئلو ٿي پوندو هيو ته موسيقيءَ جي مشق ڪرڻ لاءِ هو پنهنجين آڱرين کي ڪيئن گرم رکي. ويانا جي برف جهڙين سرديءَ جي موسمن ۾ موزارٽ وٽ ايترو ٻارڻ به نه هوندو هيو جو هو پنهنجي ڪمري کي گرم رکي سگهي. هڪ دفعي هڪ دوست جڏهن موزارٽ سان ملڻ لاءِ هن جي گهر ويو ته هن ڏٺو، موزارٽ ۽ سٽينزا پنهنجن جسمن کي گرم رکڻ لاءِ ناچ ڪري رهيا آهن، موزارٽ پنهنجي دوست کان ڳالهه لنوائيندي اهو چيو ته هو زال مڙس خوشيءَ مان نچي رهيا آهن پر انهن جو دوست سمجهي ويو ته هو ٻئي سرديءَ ڪري جسمن کي حرارت پهچائڻ لاءِ نچي رهيا آهن، ڇو جو غريب موزارٽ وٽ مفلسيءَ جي حالت ۾ نچڻ لاءِ ٻيو ڪو سبب ئي نه هيو، انهن جو اهو دوست پوءِ ڀڄندو وڃي انهن لاءِ ٿوري ٻارڻ جو بندوبست ڪري آيو.
    موزارٽ کي پنهنجو هڪ دوست فري ميسن پچبرگ جيڪو هڪ واپاري هيو ڪڏهن ٿوري گهڻي رقم امداد جي صورت ۾ ڏيندو هيو، موزارٽ پنهنجي دوست ڏانهن جيڪي خط امداد جي طلب لاءِ لکندو هيو انهن کي پڙهي اسان جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي اچن ٿا ته ڪيئن نه حالتن هڪڙي عظيم فنڪار کي ماڻهن آڏو هٿ ڊگهيڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هيو.
    موزارٽ کي زندگيءَ ۾ ڪنهن هنڌ ساراهيو ۽ قدر ڪيو ويو ته اهو صرف پراگ ۾. هن جي مشهور آپيرا ”فگارو جو وهانءُ“ (The marriage of Figaro) جيڪو سڀ کان پهريون ويانا ۾ پيش ڪيو ويو هيو، ماڻهن جو ڌيان نه ڇڪائي سگهيو ۽ جڏهن اهو ئي آپيرا موزارٽ کي پراگ ۾ پيش ڪرڻ جي آڇ ڏني وئي ته موزارٽ ڏٺو هر ماڻهوءَ جي زبان تي فگارو جو ذڪر هيو. پراگ جي رستن ۽ گهٽين ۾ هر طرف فگارو جون ڌنيون وڄايون پئي ويون. پراگ ۾ رهائش دوران هن پنهنجي سڀ کان سريلي ڌن ”پراگ سمفني“ ترتيب ڏني. ويانا واپس اچڻ کان پوءِ هن کي وري هڪدم پراگ اچڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ هن موسيقيءَ جي ان قدردان شهر ۾ پنهنجا ڪيترائي مشهور آپيرا ترتيب ڏئي پيش ڪيا.
    موزارٽ ۽ سٽينزا لاءِ پراگ جا ڏينهن زندگي جا سکيا ڏينهن هيا. موزارٽ پراگ ۾ ئي پنهنجي جڳ مشهور آپيرا ”ڊان گيو واني“ (Don Giovanni) پيش ڪيو جيڪو هن جي مڪمل آپيرا طور دنيا ۾ مڃيو وڃي ٿو. جنهن شاعر ان موسيقي لاءِ نغما نگاري ڪئي اهو هڪ زنده دل پوڙهو هيو، جيڪو پوءِ آمريڪا هليو ويو ۽ اتي اٽلي جي ادب جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان جي نالي جي صحيح خبر نه پئجي سگهي آهي پر گهڻو ڪري اهو شاعر واپانتي هيو، جيڪو هڪ سنهڙي گهٽيءَ ۾ موزارٽ جي گهر جي سامهون ئي رهندو هيو. اهي ٻئي گهڻو ڪري گهرن مان ئي آواز ڏئي هڪ ٻئي کي سڏي، مسودي لاءِ چوندا هيا. موزارٽ هن کي سڏ ڪري پنهنجي نئين ترتيب ڏنل موسيقي ٻڌائيندو هيو ۽ واپانتي هن کي پنهنجي تازي شاعريءَ جو شرف بخشيندو هيو. ڪڏهن هو ٻئي پراگ جي گهٽين مان ڳائيندا نچندا ميخاني ڏانهن ويندا هيا ته اهو ڏسي پوري پراگ جي ماڻهن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويندي هئي.
    موزارٽ ۽ سٽينزا جتي پهچندا هيا اتي انهن جا مداح انهن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ موجود هوندا هيا، پراگ ۾ موزارٽ آپيرا تي آپيرا پيش ڪندو رهيو. ڪڏهن هن جي آپيرا جي گهر ايتري ته وڌي ويندي هئي جو هو نامڪمل آپيرا جو ڪجهه حصو ترتيب ڏيندو هيو ته ڳائڻن کي هٿ ڪري هڪدم ڳائڻ جي مشق شروع ٿي ويندي هئي ۽ هال جون بتيون ان وقت روشن ٿي وينديون هيون جو اڃان سڪور جي مس ئي آلي هوندي هئي ته ان کي سازندن جي ميز تي اڇلايو ويندو هيو. سازندا ڪنهن به مشق کان سواءِ اڀرندڙ تانن کي اهڙي نموني وڄائي ويندا هيا جو آپيرا جي پڄاڻي ڪاميابيءَ سان ٿيندي هئي، تاڙيون وڄنديون هيون ۽ مسلسل فرمائش تي ٻن ڪلاڪن جو پرگرام ڇهن ڪلاڪن تائين ڊگهو ٿي وينديون هيو. ٻڌندڙ گهرن ڏانهن موٽندا هيا ته ڄڻ موسيقيءَ جي سمنڊ ۾ ترندا جهومندا ويندا هيا. آپيرا مان جيڪا ڪمائي ٿيندي هئي ان مان ٿيٽر جو کٽيل مالڪ ته پنهنجن پيرن تي بيهي ويندو هيو، پر موزارٽ جي حصي ۾ اها ئي ٿوري رقم ايندي هئي، جيڪا پوءِ به هن لاءِ ويانا جي آمدنيءَ کان ڪئي درجا بهتر هوندي هئي. ڏيڍ صدي پهريون جڏهن موزارٽ جا آپيرا اسٽيج تي پيش ڪيا ويا ته چيو وڃي ٿو ته ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪو به اهڙو مهينو خالي نه هوندو آهي جو ڪٿي نه ڪٿي هن جو آپيرا ڪنهن ٿيٽر ۾ نه پيش ٿيندو آيو هجي.
    موزارٽ جي زندگيءَ جو ستارو جيئن ابد جي اوندهه طرف وڌندو رهيو، تيئن ان جي روشني پهريون کان تيز ٿيندي وئي. هو پنهنجي زندگيءَ جي پنجٽيهن بهار جي شروعات ۾ سخت بيمار ٿي پيو، ان جي باوجود هن ويانا ۾ پنهنجو جڳ مشهور آپيرا ”دي ميجڪ فليوٽ“ (The magic flute) جادوءَ جي بنسري لکيو. جيڪو عجيب ۽ غريب گيتن ۽ علامتن سان ڀرپور هيو، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ان کي صرف ڪو موزارٽ جو Freemason ئي سمجهي سگهي ٿو. ان آپيرا کي نواڻ ۽ نئين تجربي جي بنياد تي ڪنهن به پروڊيوسر باقاعدي ڪنهن آپيرا هائوس ۾ ڪا به جاءِ نه ڏني، پر هڪ جڏي ۽ ڪنگال پروڊيوسر ان کي ڪنهن اونداهي ۽ تنگ محلي جي پراڻي ۽ ڀڳل ٿيٽر ۾ پيش ڪيو. ان آپيرا علامتي ۽ تجريدي هوندي به ماڻهن تي ايترو اثر ڇڏيو جو ان جي خبر پري تائين ڦهلجي وئي. پورو ويانا ان کي ٻڌڻ لاءِ اچي ڪٺو ٿيو. پروڊيوسر ان مان ايترا پئسا ڪمايا جو هن انهن مان هڪ سٺو ۽ مستقل ٿيٽر ٺهرايو پر موزارٽ ٽائفائيڊ جي بخار ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ اهو پروڊيوسر ان کان پڇڻ به نه ويو.
    موت کان اڌ سال پهريون موزارٽ وٽ هڪ ماڻهو آيو جيڪو ضعيف ۽ اڇي ڏاڙهيءَ وارو هيو. ان موزارٽ کي چيو ته هن جي مالڪ پنهنجي مري ويل زال جي ياد ۾ مردن ۽ عورتن جي گڏيل آواز ۾ هڪ نوحو لکائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان شخص موزارٽ کي ڪجهه رقم پيشگي طور ڏني، پر ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي مالڪ جو نانءُ هن اڳيان ظاهر نه ڪيو. اها پوءِ خبر پئي ته ان شخص جي مالڪ جو نالو ڪائونٽ واسبيگ هيو، جيڪو ڳجهي طرح موسيقيءَ جا شاهڪار لکرائي پوءِ پنهنجي نالي پيش ڪرڻ جو شوقين هيو.
    موزارٽ بيماريءَ ڪري موسيقيءَ جي ان شاهڪار کي پهريون تيار نه ڪري سگهيو، پر اڇي ڏاڙهيءَ وارو پوڙهو هر ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي هن کي ياد ڏياريندو هيو ته باقي ٿورو وقت بچيو آهي. موزارٽ بيماريءَ ۽ غشيءَ جي حالت ۾ ان پوڙهي کي ائين تصور ڪندو هيو جيئن اهو خدا جي طرفان موڪليل ايلچي هجي، جيڪو ٿوري بچيل وقت جي ياد ڏياريندو هجي ۽ ان لاءِ هڪ دردناڪ نوحو لکڻ جي فرمائش ڪندو هجي. موزارٽ ان ئي وجداني ڪيفيت ۾ جڏهن ان نوحي کي موسيقيءَ جي ترتيب ڏني ته اڄ به نرم دل شخص اهو نوحو ٻڌي روئي ڏيندا آهن، ڇو جو اهو نوحو هڪ درد ۽ الم جو طوفان کڻي دل جي گهراين ۾ لهندو وڃي ٿو. دراصل ان نوحي جي موسيقي موزارٽ جي پنهنجي موت مٿان ترتيب ڏنل موسيقي آهي، هن جي درد ۽ پيڙا سان ڀريل حياتيءَ جي انتهائي گهڙيل موسيقي آهي، جڏهن موزارٽ وفات ڪئي ته هن جي ٻن چئن دوستن کان سواءِ اتي ڪو به موجود نه هيو، جڏهن اهي موزارٽ جي لاش کي دفنائڻ لاءِ قبرستان طرف وڌيا ته زوردار مينهن وسي پيو ۽ وڄ جهڙ مان گاج سان گڏ چمڪڻ لڳي. تيز هوا ۽ مينهن جي ڪري هن جا ٻه چار دوست به رستي تان موٽي ويا ۽ هن جو تابوت کڻي هلندڙ گاڏي صرف گورڪن سان قبرستان ڏي وڌڻ لڳي، هڪ کليل قبر ۾ هن جي لاش کي اڇلائي دفن ڪيو ويو.
    موزارٽ جي شخصيت ايڏي عظيم آهي جو ان تي ترس کائڻ جي ڪا به ضرورت نه ٿي رهي. هو بيمارين، ناانصافين ۽ نااميدين جو فاتح هيو. هن تمام ذلتن ۽ عذابن جو جواب موسيقيءَ جي سرن سان ڏنو. موزارٽ دنيا ۾ وقت کان اڳ پيدا ٿيو، ڇو جو هن کي جيئري اهو ڪجهه نه مليو جيڪي مرڻ کان پوءِ. هن کي پوري يورپ کنڊ جو سڀ کان وڏو موسيقار مڃيو وڃي ٿو.


    ليونارڊو ڊاونچي

    ”جيڪا زندگي عمل سان ڀرپور آهي، اها ئي ڊگهي زندگي آهي.“
    جنهن شخص اهي لفظ چيا اهو ان معيار مطابق صدين تائين جيئرو رهيو ۽ ان هڪ نه پر ڏهه زندگيون بسر ڪيون، ان ڪري جو ليونارڊو ڊاونچي نه صرف مصوريءَ جي نون لاڙن جو ترجمان هيو پر جديد سائنس جو بنيادي کوجنا ڪندڙ پڻ هيو.
    هو جديد دور جي صبح جو ماڻهو هيو، هو ڄڻ موجوده دور جي اسان جهڙن ماڻهن مان هڪ هيو، اسان جي ٽيڪنيڪي ترقيءَ واري دور ۾ نه پر جديد دور جي پهرين صبح جي پيدائش وقت، جنهن کي اسان جدت جي شروعات چئون ٿا ان وقت هن اهڙين گهڻين شين کي سمجهيو، انهن جي پيشنگوئي ڪئي ۽ انهن کي ايجاد ڪيو جن کي معلوم ڪرڻ لاءِ سائنس کي چار سو سالن جو عرصو لڳي ويو.
    ليونارڊو جا گهڻا انڪشاف هن جي لکيل ياداشتن تائين محدود رهيا. ڪجهه وقت اڳ انهن ياداشتن کي گڏ ڪيو ويو پر ليونارڊو جي موت کان پوءِ اهي هيڏانهن هوڏانهن وکرجي چڪيون هيون ۽ انهن مان اڌ ته هميشه لاءِ ضايع ٿي چڪيون آهن، ڇو جو اهي اهڙن ماڻهن هٿ نيلام ڪيون ويون جيڪي انهن جي قدر ۽ قيمت کان صحيح طور واقف نه هيا، پر اهي صرف ان پرلطف لکڻيءَ ڪري خريد ڪندا هيا جيڪا هڪ خطيب جي لهجي جيان آهي. ليونارڊو لکڻ وقت گهڻو ڪري کٻي هٿ کي استعمال ڪندو هيو پر هو ٻنهي هٿن سان لکي سگهندو هيو.
    هن جي ماءُ ڪيٽرينا هڪ گمنام هاري گهراڻي سان تعلق رکندڙ سورنهن سالن جي عمر جي خوبصورت ڇوڪري هئي ۽ هن جو پيءُ پيٽروداونچي وڪيلن جي ڊگهي شجري واري خاندان جو فرد هيو. ليونارڊو 15 اپريل 1452ع ۾ ٽسڪن جي قصبي ونسيانو ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيدائش غريب گهراڻي جي ڇوڪري ڪيٽرينا ۽ پيٽرز جي محبت جو نتيجو هئي، انهن ٻنهي هڪ ٻئي سان شاديءَ جو واعدو ڪيو پر انهن جي شاديءَ کان اڳ ليونارڊو جي ولادت ٿي. پيٽرز ڊاونچيءَ کي هڪ غريب گهراڻي جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هن جي مائٽن زبردستي هن جي شادي هڪ وڏي گهراڻي جي ڇوڪريءَ سان ڪرائي ڇڏي ۽ هوڏانهن ڪيٽرينا به مجبور ٿي هڪ هاريءَ سان نڪاح ڪري ڇڏيو. ان دور ۾ رسم و رواج موجب پيٽرز ڊاونچيءَ پنهنجي محبت جي يادگار طور ليونارڊو کي ان جي ماءَ کان خريد ڪري ورتو ۽ هن کي پنهنجو جائز پٽ تسليم ڪيو. عمر جي شروعاتي حصي ۾ هو پنهنجي پيءُ جو اڪيلو پٽ هيو، ان ڪري گهڻي لاڏ ۽ پيار سبب هن جون عادتون بگڙجي ويون، پر هن جو حيرت انگيز حسن ۽ حاضر جوابي هن جي خطائن جي معافي جو سبب بڻجنديون هيون ۽ اهي خطائون اهڙيون ئي هيون جن کان هو سڄي عمر پاڻ ڇڏائي نه سگهيو، يعني بي پناهه خود اعتمادي ۽ هوائي قلعا ٺاهڻ، پر ليونارڊو جا هوائي قلعا وجداني هوندا هيا. زندگي جي آخري حصي ۾ هو ماڻهن کي ان حد تائين چوندو هيو ته جڏهن ڪو به فنڪار توهان کي ڪجهه به نه ڪندي نظر اچي ته ان وقت هو پنهنجين تخليقي بلندين تي هوندو آهي.
    هو فلورنس جي ويجهو ونسيانو جي قصبي ۾ پنهنجي پيءُ جي خانداني جاگير ۾ ئي پلجي وڏو ٿيو. هن اهو عرصو ان قصبي جي خوبصورت ۽ خوش منظر ڳوٺاڻي ماحول ۾ بيڪار گهمندي گذاريو. اهو ئي سبب آهي جو اڳتي هلي هن جي چترڪاريءَ جي فن ۾ خوبصورت ڳوٺاڻي ماحول جا پس منظر نظر اچن ٿا. ور وڪڙ کائيندڙ چشما، نازڪ جهنگلي گلن کان وٺي ويندي صنوبر جي گهاٽن وڻن تائين. هر شيءِ هن جي فن جو حصو نظر اچي ٿي. هو موسيقيءَ جو شوقين هيو ۽ ڏاڍي سريلي انداز ۾ ساز وڄائي ڳائيندو هيو. هن جيڪي ڪجهه سکيو ان جو گهڻو حصو هن پاڻ کان ئي سکيو، ڇو جو هو فطرت کي پنهنجي ماءُ جيان سمجهندو هيو جيڪا هر شيءِ سکڻ تي مجبور ڪري ٿي.
    هن کي پنهنجي حقيقي ماءٌ جي باري ۾ ڪجهه نه ٻڌايو ويو. هن کي صرف اها خبر هوندي هئي ته اها ڪٿي موجود آهي. ماءُ کي ڏسڻ جي حسرت مدتن تائين هن جي سيني ۾ دکندي رهي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن اهي جذبا اڀامي ان عقيدت جي روپ ۾ ظاهر ٿيا جيڪا عقيدت بي بي مريم سان ڪنهن به ظاهر نه ڪئي آهي. هن مريم جي هنج ۾ سمهيل ٻار جي چهري ۾ مرڪ ڀرڻ لاءِ پوري دنيا جي هر شيءِ کي ماپي توري چڪاسيو، هن بهار جي ٽڙيل گلن، رڍ جي معصوم ٻچن، ننڍڙن پکين، وڻن ۽ پهاڙن جي رنگن کي گڏ ڪري ان کي ڪينواس تي نروار ڪيو.
    جڏهن پيٽرو ڊاونچيءَ پنهنجي پٽ جي ابتدائي ڊرائنگ ڏٺي ته ٻين مضمونن جي تعليم جو سلسلو ختم ڪرائي هن کي هڪ شاگرد طور فلورنس ۾ ديراشيو جي اسٽوڊيو ۾ داخل ڪرايو. ديراشيو کي انهن فن جي سڀني شعبن تي عبور حاصل هيو، جن ۾ ليونارڊو کي اڳتي هلي ماهر ٿيڻو هيو. مصوري، مجسمي سازي، اڏاوت جو فن، موسيقي، طب ۽ فطرت جو مطالعو، جنهن ڪري ليونارڊو جلدئي ديراشيو لاءِ وڏي اهميت جو باعث بنجي پيو. اسٽوڊيو جي اندر ۽ اسٽوڊيو کان ٻاهر ٻيا به نوجوان آرٽسٽ هيا جيڪي قدرتي طور ليونارڊو جا بهترين دوست بنجي ويا، انهن ۾ هڪ چترڪار بائيستلي به هيو جيڪو اڪثر هن وٽ ايندو ويندو هيو. اهي سڀ انساني حقن تي ويٺا بحث مباحثا ڪندا هيا. گهوڙي سواري ليونارڊو جو سڀ کان وڏو مشغلو هئي. هو ايڏو ته طاقتور هوندو هيو جو هڪ هٿ سان گهوڙي جي نعل کي چٻو ڪري ڇڏيندو هيو. ليونارڊو ڪڏهن فلورنس جي چوراهن تي ٺهيل گرجا گهرن ۾ مصوري ۽ نقاشيءَ جو مطالعو ڪندي نظر ايندو هيو يا ماڻهن جي پيهه ۾ ڪنهن گهاٽي وڻ جي ڇانو ۾ ان وقت جي مشهور رياضي دانن، ستارن جي ماهرن ۽ جاگرافيءَ جي استادن سان بيٺل نظر ايندو هيو. هو ڳالهيون ڪرڻ جو شوقين هيو. چوسولن تي بيهي هو ماڻهن جي اڳيان ڪڏهن تقرير ڪرڻ بيهي رهندو هيو. ماڻهو هن کي چريو سمجهندا هيا، جڏهن هو چوندو هيو ته پهاڙ جي چر ٺاهي سگهجي ٿي يا گهرن کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي منتقل ڪري سگهجي ٿو. اهي سڀ تجويزون جيڪي ان وقت الهامي معلوم ٿينديون هيون، ليونارڊو جو سائنس سان گهرو لڳاءُ پڻ ظاهر ڪنديون هيون. هو انهن چترڪارن تي طنز ڪندو هيو جيڪي فطرت جي تخليق ۾ اصلاح ڪرڻ چاهيندا هيا. هو چوندو هيو انهن کي خود پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي، فطرت ڪڏهن به غلطيءَ تي نه هوندي آهي.
    هن جون ٺاهيل تصويرون ڄڻ ڪنهن جادوگر جي هٿ جي صفائيءَ جيان آهن. هو هڪ اهڙي شخص جيان تصويرن ۾ رنگ ڀريندو هيو جنهن کي جيئن زندگيءَ سان انتهائي محبت هجي. هن کي زندگيءَ سان ڪيترو پيار هيو اهو ڏسڻ لاءِ هن جي خاڪن جي مجموعي جا ورق اٿلائڻا پوندا. هڪ صفحي تي ٻار جي گوڏن جون اندر ڇڪيل کڏون ۽ گهنجن جو خاڪو آهي ته وري ٻئي صفحي تي هڪ ٻئي کي ماريندڙ جنگجو سپاهين جا خوف ۽ جوش سان ڀريل چهرا آهن، هڪ جاءِ تي مزدور مشقت ڪندي نظر اچن ٿا ته ٻئيءَ جاءِ تي نوجوان عورت گوڏن ڀر ويهي خدا کان دعا گهري رهي آهي، ڪٿي هو ڪنهن پوڙهي فقير جي ڪنڌ جي سيٽيل مشڪن جو خاڪو ڇڪيندي نظر اچي ٿو ۽ ڪٿي ڪنهن کيڏندڙ ٻار جي خوشيءَ مان ٻهڪندڙ نقشن کي چٽي ٿو.
    هو سڄو ڏينهن حسين ۽ بدصورت ماڻهن جي پويان پيو ڦرندو هيو جيئن انهن جو مشاهدو ڪري سگهي. هو پوڙهن ماڻهن کي مرڻ جي حالت ۾ ڏسڻ لاءِ اسپتال ويندو هيو ۽ ڪنهن ڏوهيءَ کي ڦاسيءَ تي لڙڪيل ڏسي ان جي آخري گهڙيءَ جي تاثرن کي پنهنجي حافظي ۾ محفوظ ڪندو هيو. هو پنهنجي مخصوص لباس ۾ پري کان ئي سولائي سان سڃاتو ويندو هيو، سنهري گهنڊيدار وارن تي هوڪاري رنگ جي ٽوپي پائيندو هيو ۽ هن جي جسم تي گلابي رنگ جو ڍلو چوغو پاتل هوندو هيو، جيڪو تيز هوا جي جهوٽن ۾ پري کان لهرائيندو نظر ايندو هيو. ان لباس ۾ هو ماءَ جي ڇاتيءَ تي ڪنهن معصوم ٻار جي اُلر کي ڏسڻ لاءِ پيو گهمندو هيو. ڪڏهن هو انساني جسم جي بناوٽ کي چڱي نموني پرکڻ لاءِ ڪنهن قبرستان مان لاش چوري ڪري ان جي چير ڦاڙ ڪندو هيو. ليونارڊو جيترو وقت انساني عضون جي تشريح واري علم ۾ صرف ڪيو اهو ڪنهن ٻئي علم حاصل ڪرڻ ۾ نه ڪيو. هن پنهنجن تصويرن ۾ اهو ظاهر ڪيو ته اسان جون رڳون ۽ مشڪون هڪ بيرم جيان آهن. دل کي هن پاڻيءَ جي طاقت سان هلندڙ هڪ پمپ سان تشبيهه ڏني ۽ چيو ته نبضن جي اڀار ۽ چڙهاءَ ۾ دل جي حرڪت جو وڏو هٿ آهي. اسپتالن ۾ هن پنهنجي مشاهدي دوران اها ڳالهه ڪئي ته ڪراڙپ ۾ موت جو هڪ سبب شريانن جو سوڙهو ٿي وڃڻ آهي.
    جڏهن هو ٽيهن سالن جو هيو ته هن جي واقفيت لورينزو ڊي ميڊيسيءَ سان هڪ يڪتاري وڄائيندڙ جي حيثيت سان ٿي، جنهن کان پوءِ لورينزو هن کي سفورزا سان متعارف ڪرايو جيڪو ”مور“ جي نالي سان مشهور هيو. ميلان جي پوري تخت ۽ تاج جي پويان سفورزا جي شخصيت ئي ڪم ڪندي هئي، جيڪو دغاباز ۽ وحشي ماڻهو هيو. ليونارڊو آهستي آهستي پنهنجي سائنسي صلاحيت کي به اتي اجاگر ڪيو. هن سفورزا ڏي هڪ خط لکيو جنهن ۾ هڪ اهڙي دستي پل جو خاڪو پيش ڪيو ويو هو جيڪا دشمن ڏي پيش قدمي ڪرڻ وقت ندين ۽ نالن کي پار ڪرڻ لاءِ مفيد هئي. هن اها به دعويٰ ڪئي ته هن پاڻي ڇڪڻ وارو هڪ پمپ ايجاد ڪيو آهي جنهن جي وسيلي دشمن جي قلعي جي چوڌاري ڏنل کاهيءَ مان پاڻيءَ کي جلد ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪري سگهجي ٿو. هو وڏين توبن جي ڊلائيءَ جي فن جو ماهر هجڻ جو دعويدار هيو، هن اهو به چيو ته هن وٽ پيدل فوجن جي رستي صاف ڪرڻ واري خودڪار بڪتر بند گاڏي ٺاهڻ جو پلان آهي. هو ٽيٽيهن سوراخن واري وڏي توب ٺاهڻ لاءِ تيار هيو، جنهن وسيلي هڪ ئي وقت ٻارهن گولا وسائي پئي سگهيا. هو پري مار ڪرڻ واري بندوق، گول ڇرا ۽ شارپنل جا ڊزائين ٺاهي چڪو هيو. هن ٽائيم بم ۽ دستي بم ٺاهيا ۽ گيس کان محفوظ رکڻ وارن نقابن جا خاڪا تيار ڪيا. هن توبن کي ڇڪڻ لاءِ ٻن ڦيٿن واريون گاڏيون ايجاد ڪيون ۽ سڌين بندوقن جي جاءِ تي جوڙدار بندوقون ايجاد ڪيون.
    جڏهن ليونارڊو فلورنس جي چمڪندڙ سج کي ڇڏي ميلان جي جهڙيالي علائقي ۾ پهتو ته هن کي خبر پئي ته هن جي فرضن ۾ ڊچز جي غسلخاني ۾ نلڪو هڻڻ، ان جي ٿيٽر لاءِ پوشاڪون ۽ پردن تي منظر ڪشيءَ جون تصويرون ٺاهڻ شامل هيون، انهن سان گڏ ”مور“ جي مغرور ۽ سرد مهر داشتا جي زيورن ۽ بخملي گدن سان گڏ هڪ تصوير ٺاهڻي هئي. هن ان شهر لاءِ نهرن جو هڪ وسيع نظام تيار ڪيو ۽ ميلان جي شهر جو اهڙو خاڪو تيار ڪيو جنهن ۾ ٻن سطحن واريون سڙڪون ٺهيل هيون، جيئن انهن تي مختلف سواريون هلي سگهن، پر ان نقشي تي عمل نه ٿي سگهيو. ناڪابنديءَ جي ماهر جي حيثيت سان هن کي آلپس جي وادين ۾ اتر جي طرف کان ٿيندڙ حملن جي بچاءَ لاءِ موڪليو ويو ۽ اتي ان ئي جاءِ تي انگاڊين جي واديءَ ۾ هن پهريون دفعو آلپس جي لطيف ۽ خمار سان ڀرپور هوائن کي محسوس ڪيو. هن بلند ۽ پري تائين ڦهليل پهاڙن جي زندگيءَ جو لطف ورتو. هن ڪيترن ئي غارن جي اندر داخل ٿي انهن جو مطالعو ڪيو، انهن ئي گهڙين جي يادگيريءَ طور هن جي عظيم تخليق ”پهاڙن جي ڪنواري“ وجود ۾ آئي. ان تصوير ۾ هڪ عبادت جي قابل ماءَ، هڪ فرشتو ايترو ئي حسين آهي جيترو اسان ڪنهن فرشتي کي تصور ڪري سگهون ٿا ۽ هڪ ٻار ڏيکاريل آهي جيڪو پنهنجي راند جي ساٿي سينٽ جان مٿان پنهنجين آڱرين سان برڪت جو پاڇو ٺاهيو بيٺو آهي.
    ان تصوير کي ٺاهڻ لاءِ ميلان جي مذهبي اداري ليونارڊو کي ويهه اشرفين جيترو معاوضو پيش ڪيو هيو پر جڏهن هن اها تصوير مڪمل ڪئي ته هن جوخيال هيو ته ان جو معاوضو سو اشرفيون ملڻ گهرجي. ان ڳالهه تان ڪاوڙجي راهبن هن مٿان مقدمو هلائڻ لاءِ عدالت ڏانهن رجوع ڪيو. ليونارڊو انهن سان ويهن سالن تائين عدالتن ۾ وڙهندو رهيو. آخرڪار فرانس جي بادشاهه اها تصوير خريد ڪئي ۽ پيرس ۾ پنهنجي محلات ۾ ٽنگرائي ڇڏي. ليونارڊو هڪ دفعو وري پنهنجي مددگارن سان انهن راهبن لاءِ جيڪي هاڻي ڪاوڙجي حدن مان نڪري ٿڌا ٿي چڪا هيا، ان تصوير جهڙي هڪ ٻئي تصوير ٺاهي ۽ اها اهائي تصوير آهي جيڪا اڄڪلهه لنڊن جي نيشنل گيلري ۾ موجود آهي.
    جيڪا تصوير ڪڏهن دنيا جي عظيم تصويرن مان هڪ هئي، ان لاءِ گهڻو ڪري ليونارڊو ان منظر کي چونڊيو هو جيڪو انجيل ۾ هنن لفظن سان موجود آهي.
    ”جڏهن شام ٿي ته هو (يسوع) ٻارهن پوئلڳن سان گڏ کاڌو کائڻ ويٺو ۽ جڏهن اهي کائي رهيا هيا ته هن چيو مان توهان کي سچ چوان ٿو ته توهان مان هڪ ڄڻو مون سان دغا ڪندو. هو سڀ ڏاڍا دلگير ٿي ويا ۽ هر هڪ هن (يسوع) کي چوڻ لڳو، اي يسوع ڇا اهو آءُ آهيان؟ ۽ انهن سڀني جي وچ ۾ چپ ۽ پرسڪون حالت ۾ يسوع ويٺو رهيو، اداس ۽ چپ. انهن جي پويان هڪ دريءَ مان اسان جي ننڍڙي دنيا خوشحال ۽ خوبصورت نظر اچي رهي هئي جيڪا حسن ۽ زندگيءَ سان ڀريل هئي پر جنهن کي هڪ ڏينهن هنن کي به ڇڏي وڃڻو هيو، جيئن اسان کي به هڪ ڏينهن دنيا کي ڇڏڻو آهي“.
    هن جي ان تصوير جنهن جو عنوان ”رات جي کاڌي جو آخري منظر“ رکيو، هڪ گرجا گهر جي ڀت تي ٺاهي وئي هئي. بدقسمتيءَ سان پلاسٽر رنگن لاءِ موزون نه هيو. ان مان جلدي ڪلر ظاهر ٿيڻ لڳو. ويهن سالن جي ننڍڙي عرصي ۾ اها تصوير بلڪل خراب ٿي وئي ۽ ان مان ننڍا ننڍا ڇلڙ ٽٽي هيٺ ڪرڻ لڳا. ان کان پوءِ ان ڀت تي جنهن مٿان اها چترڪاري ڪئي وئي هئي، ڏاڍي سنگدليءَ سان هڪ دروازو ٺاهيو ويو. جڏهن نيپولين جا سپاهي حملو ڪري اتي پهتا ته اهي پنهنجين بندوقن جي گولين سان يسوع ۽ ان جي پوئلڳن جي تصوير کي نشانو بڻائي خوش ٿيڻ لڳا. ان کان پوءِ ان تصوير کي پنهنجي اصلي حالت ۾ آڻڻ جي دعويدارن رهيل سهيل ڪثر به پوري ڪري ڇڏي. انهن ان تي وارنش جون تهون چڙهائي ڇڏيون، جيڪي ان تصوير کي کائڻ لڳيون. گهڻن ته ان جي اصلوڪين ريکائن کي بدلائڻ جي به جرئت ڪئي. آخري دفعو ان تصوير کي بهترين طريقي ۽ وڏي نفاست سان پنهنجي اصلي حالت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ڪري اها تصوير ڪي قدر پنهنجي اصلي روپ جي ويجهو نظر اچڻ لڳي. اهو سڀ ليونارڊو جي شروعاتي خاڪن ۽ ان وقت جي آرٽسٽن جي ٺاهيل ان تصوير جي نقلن جي مدد سان ٿي سگهيو، جنهن ڪري چئي نه ٿو سگهجي ته ليونارڊو جي اها تصوير پنهنجي اصلي حالت ۾ ڪيتري پروقار ۽ عظيم هئي.
    ليونارڊو جون تصويرون گهڻي قدر ضايع ٿي چڪيون آهن، ڇو جو هن جي ٺاهيل تصويرن جو تعداد ايترو گهڻو نه هيو، پر هن جي تصويرن جي خاڪن جو تعداد هزارن تائين ڦهليل آهي. هو هر تصوير کي شروع ڪرڻ کان اڳ ڪيترائي دفعا ان جي مشق ڪندو هيو ۽ جڏهن اهو ان کي باقاعدي پينٽ ڪرڻ شروع ڪندو هيو ته مسلسل ڪئي ڏينهن کاڌي پيتي بنا پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهندو هيو. هو پورو ڏينهن پنهنجي ٺاهيل تصوير جي سامهون ويٺو هوندو هيو ۽ ان کي ٽي دفعا برش سان واضح ڪندو هيو. ڪڏهن ائين به ٿيندو هيو ته ٻئي ڏينهن پنهنجي پوري تصوير کي رد ڪري، وري نئي سر ڪم جي شروعات ڪندو هيو. هو پنهنجي ڪنهن به ڪم مان مطمئن نه ٿيندو هيو، اهو ئي سبب آهي جو هن جي ڪنهن به تصوير تي هن جا دستخط موجود نه آهن.
    ان سموري وقت ۾ جڏهن ڊاونچي هڪ ديوتا جيان تصويرن ۾ ويٺو رنگ ڀريندو هيو، هو پاڻ سائنس جي ذريعي دنيا کي فتح ڪرڻ جا خواب پڻ ڏسندو هيو. آسمان هن جي سوچن جي اڏام لاءِ ڪڏهن به حد نه بڻجي سگهيو ۽ سمنڊ جون گهرايون هن جي تجربن لاءِ لامحدود حد تائين وسيع هيون. هو تصور ئي تصور ۾ آسمان ۽ سمنڊ ۾ اڏامندو ۽ ٽٻيون هڻندو رهندو هيو، ان يقين سان ته هڪ نه هڪ ڏينهن انسان جو وجود انهن حدن کي ٽوڙي ڇڏيندو.
    هوا تي فتح پائڻ جي ڪوشش کان پهريون ليونارڊو اڏامندڙ پکين جو مطالعو ڪيو. پکين جو مشاهدو ڪندي هن اها ڳالهه سکي ته پکي هوا جي مدمقابل ڪيئن اڏامندا آهن. انهن جي پرن جي وچ ۾ موجود وٿين جي اهميت ڪهڙي آهي، جڏهن اهي پنهنجن کنڀن مان هوا کي پوئتي ڌڪيندا آهن ته هوءَ ان جي ردعمل ۾ انهن کي اڳ تي ڌڪيندي آهي.
    اڏامندڙ مشين لاءِ هن جي ٺاهيل خاڪن ۾ ائين لڳي ٿو، اها هڪ تمام وڏي مک يا چمڙي سان ملندڙ جلندڙ آهي، هو ان مشين جي ٻانهن کي هوا ۾ پرن جيان ڦڙ ڦڙائڻ جي توقع رکندو هيو. هن جانورن جي چم مان هڪ اهڙو پرندار ڍانچو به تيار ڪيو، جيڪو ماڻهوءَ کي پارائي اڏاري سگهجي پر هو توانائيءَ جو ان ۾ ڪو ترت وسيلو مهيا ڪري نه سگهيو، سواءِ ان جي ته انسان پنهنجن عضون ۽ مشڪن سان ان کي حرڪت ڏئي، جيڪو ڪارگر ثابت نه ٿيو. هن جنهن کان پوءِ هواباز جو تصور ائين پيش ڪيو جو هو هڪ وڏي مشين ۾ اونڌو سمهي ان جي پرن کي پنهنجن هٿن سان ٻيڙيءَ جي ونجهن جيان هوا ۾ هلائيندو.
    ليونارڊو وڻن جي پنن جي مٿان گول چڪر ڏئي ڦري هيٺ ڪرڻ واري عمل ذريعي هوا جي رنڊڪ واري عمل جو مشاهدو ڪندي هڪ اهڙي پراپلر جو خاڪو تيار ڪيو جيڪو هڪ ڦرڻيءَ ذريعي متحرڪ ٿي مٿي کڄي ٿي سگهيو. اهڙي طرح هن صحيح معنيٰ ۾ هيلي ڪاپٽر جو تصور پيش ڪيو. هن هڪ اهڙو رانديڪو به تيار ڪيو جنهن جو اسپرنگ جيئن ڍلو ٿيندو پئي ويو ان جو پکو تيئن تيزيءَ سان ڦرندو وزن کي مٿي پئي ڇڪيندو ويو. هن ان ايجاد لاءِ اها ڳالهه واضح ڪئي ته نه ان لاءِ رن وي جي ضرورت هوندي ۽ نه سازگار هوا جي، پر اها مشين سڌي مٿي اٿندي اوچائيءَ تي پهچي ويندي.
    ليونارڊو جي ياداشتن مان ڪجهه اهڙا اشارا ملن ٿا ته هڪ دفعو هن اڏامڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اهو سڀ هن اهڙي رازداريءَ سان ڪيو هيو جو خبر پئجي نٿي سگهي ته ان لاءِ هن ڪهڙي قسم جي مشين استعمال ڪئي پر گهڻو ڪري هن هڪ گلائيڊر استعمال ڪيو، تمام احتياط ۽ رازداريءَ سان اهو هڪ وڏي عمارت جي ڇت تي تيار ڪيو ويو هيو ۽ ليونارڊو ان تي چڙهي اڏامڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هو ان اڏام ۾ ناڪام ٿيو هيو ۽ هن جي حياتي بچي وئي هئي، جنهن کان پوءِ هن وري اڏامڻ جي ڪوشش نه ڪئي، هن جي ناڪاميءَ جو ايترو فائدو ضرور ٿيو جو هن هوائي ڇٽي ايجاد ڪري ورتي جنهن جو ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪامياب مظاهرو به ڪيو.
    ليونارڊو جون ايجادون بي شمار آهن، انهن ۾ زمين ۾ سوراخ ڪرڻ وارو برمو، ٺهيل جڙيل هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ٿيندڙ جڳهيون، لوهي سيخون ٺاهڻ واري مشين، پيچ ٺاهڻ واري مشين، بورنگ مشين، بلڊوزر، سيمينٽ ملائڻ واري مشين، سٽ ڪتڻ وارو چرخو، بندرگاهه جي تهه مان گندگي صاف ڪرڻ واري ٻيڙي، ان کان سواءِ هو پهريون شخص هيو جنهن ڪنهن به ڳالهه کي واضح ڪرڻ لاءِ گراف ايجاد ڪيو. مقناطيسي سئي وسيلي قطب نما جو تصور ڏنو. هن ڏنديدار چڪرين جي ذريعي اهو معلوم ڪيو ته ڦيٿو هڪ منٽ ۾ گهڻا دفعا گول ڦري ٿو، اهڙي ئي نموني جيئن، اڄڪلهه جي ڪارين ۾ فاصلي ماپڻ جو اوزار لڳل هوندو آهي. هن بادپيمان Barometer پڻ ايجاد ڪيو.
    هن ننڍين آبدوز ٻيڙين کان وٺي ويندي تمام وڏين آبدوز ٻيڙين جا خاڪا تيار ڪيا. ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ کان پوءِ ته انهن مان انسان ذات کي ڪيترو نقصان پهچندو هن پنهنجا اهي سڀ خاڪا تباهه ڪري ڇڏيا. ڇو جو هو چوندو هيو ته انسانن جي دلين ۾ ايتري ڪمينائپ موجود آهي جو اهي راز انهن جي حوالي نه ٿا ڪري سگهجن، ائين نه ٿي جو سمنڊ جي تهن ۾ جنگيون شروع ٿي وڃن.
    نيوٽن کان گهڻو اڳ ليونارڊو ڪشش ثقل Gravity جي اصول کي پيش ڪيو. پهاڙن جي مٿاڇرن تي جيڪي سامونڊي سپون يا ٻيون جاندار شين جي هڏائن پڃرن نما شيون نظر اينديون هيون انهن متعلق ماڻهو اهو رايو ڏيندا هيا ته اهي نوح جي طوفان جون نشانيون آهن. ليونارڊو انهن جي وضاحت ائين ڪئي ته اهي انهن نابود ٿيل جانورن جا نشان آهن جن جو ڪڏهن دنيا ۾ وجود هوندو هيو جڏهن اهي پهاڙن جون چوٽيون سمنڊ جو تهه هونديون هيون. زمين جي باري ۾ هن ماڻهن کي ٻڌايو ته اها صرف پنج هزار سال پراڻي نه آهي، جيئن انجيل ۾ ٻڌايو ويو آهي، پر تمام قديم آهي، هن اهو سڀ زمين جي مشاهدي ۽ تحقيق مان معلوم ڪيو ته آرنو درياهه کي پنهنجو پيٽ ٺاهڻ ۾ ٻه لک سال لڳي ويا.
    اها ليونارڊو جي خوشقسمتي هئي جو مذهبي ٺيڪيدارن کي هن جي نظرين جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي، انهن هن جي ڳالهين کي وهمي ۽ غير ضروري سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيو نه ته هو به اهي ئي نظريا بيان ڪري رهيو هيو جن جي ڪري گيليلوءَ کي عذاب سهڻا پيا، يعني زمين سج جي چوڌاري بيدوي مدار ۾ چڪر لڳائي ٿي، سج حرڪت نٿو ڪري جيئن بظاهر نظر اچي ٿو. زمين ڪائنات جو مرڪز نه آهي، اها صرف هڪ گرهه آهي جنهن جي شمسي نظام ۾ اها ئي حيثيت آهي جيئن زمين جي مقابلي ۾ چنڊ جي. چمڪندڙ ننڍڙا ستارا پري تائين ڦهليل دنيائون آهن ۽ اهي پنهنجي مقدار ۾ تمام وڏا آهن پر اسان کي هڪ ٽبڪي جيان نظر اچن ٿا. سج به انهن ستارن مان هڪ آهي جيڪو زمين کي ويجهو هجڻ ڪري ٻين کان وڏو نظر اچي ٿو. انڊلٺ ۽ پڙاڏن تي تحقيق ڪري ليونارڊو روشني ۽ آواز جي نظرين کي بيان ڪيو. هن ٻڌايو ته روشني کي موڙي سگهجي ٿو. هن ڌماڪي وارن بمن ۽ جوهري نظرين طرف غير واضح اشارا پڻ ڪيا آهن ۽ اهي انديشا ظاهر ڪيا ته اهڙا تجربا انسان ذات لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا. هن چيو: ”زمين جي اندران اهڙيون شيون ظاهر ٿينديون جيڪي پنهنجن هيبت ناڪ ڌماڪن سان انسانن کي بيهوش ڪري ڇڏينديون، جيڪي انهن جي ويجهو هوندا يا ان جي پکيڙ ۾ موجود هوا ۾ ساهه کڻندا اهي مري ويندا. آسمان ۾ هڪ نئين تباهي جو نظارو ڏسڻ ۾ ايندو، مٿان شعلا وسندا نظر ايندا. سج جا ڪرڻا زمين کي باهه وانگر وڪوڙي ويندا، جنهن ڪري آسمان هيٺ موجود هر شيءِ سڙي ڀسم ٿي ويندي. ماڻهو خود پنهنجي تخليق ۽ محنت کي تباهه ٿيندو ڏسي خوشي ۽ مسرت محسوس ڪندا“.
    اهي اکيون جيڪي مستقبل جي باري ۾ ايترو ڪجهه ڏسنديون رهيون جلدي ٿڪجي پيون، هن 1501ع ۾ خود پنهنجن هٿن سان جيڪا پنهنجي تصوير چاڪ سان ٺاهي آهي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ليونارڊو اٺونجاهه سالن جي عمر ۾ ئي پوڙهو ٿي چڪو هيو، هن جي چهري جي نقشن مان جسم جو تقدس ۽ عمر جي بزرگيءَ سان گڏ ٿڪاوٽ ۽ ڪنهن حد تائين مايوسي پڻ واضع هئي. ائين معلوم ٿئي پيو جيئن هن هڪ ئي وقت جيڪي گهڻيون زندگيون گذارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ان هن جي جسم کي ٿڪائي وڌو هيو.
    ليونارڊو جا اهي ڏينهن ڏاڍا تڪليف ۽ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذريا، جڏهن ميلان تي فرانس حملو ڪيو ته سفورزا کي اتان ڀڄائي ٻاهر ڪڍيو. ليونارڊو به ميلان کي ڇڏي هليو ويو. هو وينس پهتو اتي گهڻو وقت فالتو ويهي گذاريائين. پوءِ روم هليو ويو ۽ اتي ڏاڍا تڪليف وارا ڏينهن بسر ڪيائين. هو فلورنس ويو ۽ جڏهن هن ميلان ۾ حالتون سڌريل محسوس ڪيون ته هو واپس موٽي اتي آيو. ميلان ۾ حڪومت تي هڪ دفعو وري ”مور“ قابض ٿي چڪا هيا، پر انهن ليونارڊو جي مالي امداد بلڪل بند ڪري ڇڏي. ليونارڊو مفلسن واري زندگي گذارڻ لڳو. هن وٽ جيڪي رهيل سهيل پئسا هيا هو وڏي بدحاليءَ مان انهن تي گذارو ڪرڻ لڳو. پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ هن عجيب ۽ غريب ڪم سرانجام ڏنا. هو ڪڏهن انجنيئر جي حيثيت سان ڪم ڪندو هيو ته ڪڏهن فري لانس آرٽسٽ جي حيثيت ۾ روزي ڪمائيندو هيو. ان سلسلي ۾ هن فلورنس جي ميئر گيوڪنڊا جي زال ليزا جي تصوير ٺاهي. جنهن کي اڄڪلهه اسين موناليزا جي نالي سان سڃاڻيون ٿا. موناليزا مالدار ۽ فيشن ايبل عورت هئي، پر ان تصوير ۾ هوءَ ڪارن ڪپڙن ۾ ملبوس آهي ۽ هن جي آڱرين ۾ منڊيون به ڪو نه آهن. هوءَ پنهنجي هڪ ٻار جي موت جي غم ۾ ماتمي انداز اختيار ڪيو ويٺي آهي. هوءَ ان وقت ايڪويهن سالن جي عمر جي هئي جڏهن ليونارڊو جي سامهون تصوير ٺهرائڻ لاءِ ويٺي هئي، جڏهن ليونارڊو تصوير مڪمل ڪئي ته هن کي ان عمل ۾ پورا ڇهه سال لڳي ويا. ان جي باوجود هن نه ئي ان جي ماتمي لباس ۾ ڪا تبديلي ڪئي ۽ نه پس منظر جي سحر انگيز غمگيني ۽ اداسيءَ ۾ ڪو فرق اچڻ ڏنو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته موناليزا جي تصوير هڪ حقيقي عورت جي شبيهه کان هٽي ليونارڊو جي خيالي تصور جي ويجهو نظر اچي ٿي. ماتمي لباس ۽ اداسيءَ جي پس منظر ۾ ٺاهيل ان عورت جي چپن تي کيڏندڙ اڌ مرڪ Halfsmile جنهن ان کي نه ختم ٿيڻ واري شهرت بخشي آهي، پنهنجي جاءِ تي عجيب پڻ آهي، ڇو جو پنهنجي ٻار جي موت تي غمخوار ماءُ ڪڏهن به مرڪي نه ٿي سگهي، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هر پس منظر کان هٽي موناليزا ليونارڊو جو تصوراتي شاهڪار آهي جنهن کي هن ڪنواس تي پکيڙي ڇڏيو. توهان موناليزا جي تصوير کي غور سان ڏسو هوءَ توهان جي سڄي ڪلهي پويان ڪنهن شيءِ تي مرڪندي نظر ايندي، توهان پوئتي مڙي ڏسندا توهان کي ڪجهه به نظر نه ايندو ۽ موناليزا ائين ئي مرڪندي رهندي.
    جڏهن تصوير مڪمل ٿي ته ليونارڊو اها تصوير موناليزا جي حوالي نه ڪئي. نوجوان بادشاهه فرانسس (پهرين) هن کي تڏهن فرانس اچي رهڻ جي دعوت ڏني ته هو ان تصوير کي هڪ انتهائي قيمتي اثاثي طور اوڏانهن کڻي ويو. فرانسس اها تصوير ٻارهن هزار فرينڪس ۾ خريد ڪري لائبريري ۾ نصب ڪرائي ڇڏي. اها تصوير اتي 29 آگسٽ 1911ع جي صبح اٺين بجي تائين رهي. ان جي چوريءَ سان اهي افواهون ڦهلجي ويون ته ڪوئي شخص ان تصوير جي سحر انگيز مرڪ تي چريو ٿي ان کي چوري ڪري ويو آهي. اٽڪل ٻن سالن کان پوءِ هڪ شخص کي اٽليءَ ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن تصوير چوري ڪرڻ جو مقصد اهو بيان ڪيو ته اها تصوير اٽليءَ جي ملڪيت آهي جنهن ڪري هو ان کي واپس اٽلي کڻي آيو آهي.
    ليونارڊو جا آخري ڏينهن وچ فرانس ۾ امبوئيءَ جي ويجهو هڪ علائقي ۾ گذريا. اهي ڏينهن هن ڏاڍي آرام ۽ سڪون سان گذاريا. هن عظيم آرٽسٽ ۽ جديد سوچن جي قديم انسان ٻه مئي 1519ع ۾ وفات ڪئي.


    چارلس ڊارون

    جڏهن برطانيا جو شاهي جهاز ”بيگل“ 1831ع ۾ دنيا جي چوڌاري سروي مهم تي روانو ٿيو ته ڪنهن جي خواب ۽ خيال ۾ به نه هيو ڪو ڪولمبس جي نئي دنيا جي دريافت کان پوءِ اهو سفر اهڙو ئي اهميت وارو ثابت ٿيندو ۽ نه ئي ان جهاز جي نوجوان حياتيات جي ماهر ڊارون جي وهم ۽ گمان ۾ اها ڳالهه هئي ته ان جي هٿئون علم جو نئون براعظم دريافت ٿيڻ وارو آهي.
    ڊارون جي عمر ان وقت ٻاويهه سال هئي ۽ اهو تازو ئي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نڪتو هيو. هن جي طبعيت اڪيلائي پسند هئي، هو ماڻهن سان گهٽ ملڻ پسند ڪندو هيو، هو حساس ۽ گهٽ ڳالهائڻ وارو هيو. سفر جي دوران گهڻو وقت هن جي طبعيت بي مزي رهي. هو گهڻو ڪري پنهنجي تنگ ڪيبن ۾ حياتيات جي انهن نمونن جي سار سنڀال ۽ درجي بنديءَ ۾ مصروف هوندو هيو جيڪي هن ستن سمنڊن مان گڏ ڪيا هيا.
    هن کي طبعي حياتيات جي باقاعدي ڪا به تربيت نه ملي هئي. هو ننڍپڻ کان ئي ٻوٽن ۽ جانورن کي گڏ ڪرڻ جو بي حد شوقين هيو. دينيات جي پڙهائي دوران ئي هو حياتيات جي ڪجهه سبقن لاءِ وقت ڪڍي وٺندو هيو ۽ ائين هو حياتيات جي تعليم سان وابستا رهيو.
    جڏهن برطانوي شاهي جهاز ”بيگل“ روانو ٿيڻ وارو هيو ته اعليٰ اختياري وارن کي سفارش ڪئي وئي ته ان جهاز سان گڏ ڊارون کي به موڪليو وڃي. تعجب جي ڳالهه اها هئي ته ڊارون جي سفارش ڪرڻ وارا جيڪي ان وقت جا مڃيل ماهر حياتيات هيا خود پاڻ وڃڻ پسند نه ڪيو، ان جي هڪ وجهه اها هئي ته ان خدمت جي ڪا به پگهار نه هئي ۽ ٻئي ڳالهه اها هئي ته سڙيل بسڪوٽن ۽ پاروٿي پاڻيءَ تي ڪوئي ڪيستائين گذران ڪري پئي سگهيو. اهو ئي سبب هيو جو ان وقت جي ٻين ماهر حياتيات ان جهاز ۾ سفر ڪرڻ پسند نه ڪيو، انهن چيو ته ”ان سفر مان ٻيو ڇا ٿو حاصل ڪري سگهجي سواءِ ڪجهه هزار ٻين نمونن گڏ ڪرڻ جي“. اٽڪل هڪ صديءَ کان سائنسدان نمونا گڏ ڪندا پئي آيا پر انهن جو تجزيو ڪنهن نه ڪيو هيو. ڊارون اهو معلوم پئي ڪرڻ چاهيو ته آخر ٻه ۽ ٻه ڇاجي ڪري چار ٿيندا آهن. هن جو ذهن تجسس سان ڀريل هيو ۽ هر ڳالهه جي تشريح ڪرڻ جو هن وٽ ڏانءَ پڻ هيو. هو ڪنهن به واقعي کي صرف واقعي جي حيثيت مان قبول نه ڪندو هيو جيستائين ان جو ڪو بنيادي ثبوت حاصل نه ٿي وڃي. جيتوڻيڪ هن ان علم ۾ ڪا خاص تربيت حاصل نه ڪئي هئي تڏهن به هو جڏهن ڏکڻ آمريڪا کان سوين ميل ڏور ايٽلانٽڪ سمنڊ جي انتهائي خاموش ۽ غير آباد علائقي گيلا پيگس تي لٿو ته هو لپولس ڪتي جيان تجسس سان ڀرپور هيو.
    گيلاپيگس ٻيٽن جو سلسلو جنهن کي اسپيني زبان ۾ ”جنن ۽ ڀوتن جو آستان“ سڏيندا هيا ماضيءَ جي ابتدائي دور جو جيئرو عجائب گهر هيو هتي تمام وڏيون چچيون هيون جن کي دنيا جي ٻين علائقن جيان فنا ٿي وڃڻ گهربو هيو پر اهي اتي موجود هيون ۽ تمام وڏا ڪڇون وڏن وڏن ڪيڪڙن سان گڏ ريڙهيون پائيندا نظر ايندا هيا. اتان جا جانور ۽ پکي سياحن سان ايترا ته مانوس هيا جو اڏامندڙ بدڪون انهن جي ڪلهن تي اچي ويهنديون هيون.
    ڊارون انهن الڳ ٿلڳ ۽ دريافت ٿيل دنيا کان پري ٻيٽن ۾ جيڪا خاص ڳالهه ڏٺي اها هيءَ هئي ته آب و هوا ۽ زمين جي لحاظ کان انهن ملندڙ جلندڙ ٻيٽن ۾ مختلف قسمن جا جانور موجود هيا، هڪ ٻيٽ تي موجود جانور ٻئي ٻيٽ جي جانورن کان مختلف هوندي به پاڻ ۾ ملندڙ جلندڙ هيا، جيئن قسمن جي لحاظ کان مختلف هوندي به ساڳئي بڻ بنياد سان وابستا هجن، هڪ ئي قسم جي جهرڪين جون ڪيتريون ئي ٽوليون اتي موجود هيون جن جو نسل جي لحاظ کان هڪ ٻئي سان ويجهو تعلق نظر اچي رهيو هيو. اهڙي طرح اتان جي ڪبوترن، ڪڇوئن ۽ ڪيڪڙن تي به اها ئي ڳالهه واضع ۽ صاف هئي، پر سوال اهو هيو ته آخر قدرت هڪجهڙن ٻيٽن ۾ مختلف قسمن جا اهڙا جانور ڇو پيدا ڪيا آهن جن جو هڪ ٻئي سان ايترو قريبي تعلق آهي؟ ڇا اهي سڀ هڪ ٻئي جون ڦريل گهريل صورتون آهن جيڪي حالتن پٽاندر پنهنجي جيئڻ جي جدوجهد ۾ هڪ صورت مان ڦري ٻئيءَ ۾ تبديل ٿي ويون آهن؟ ڇا اها ڦير گهير صدين کان جيئرن شين تي لاڳو رهي آهي.
    ڊارون لاءِ اهي سڀ نيون سوچون ائين هيون جيئن انجيل جي پهرين باب کان منڪر ٿيڻ، جنهن ۾ اهو لکيل آهي ته دنيا جي پيدائش کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين جيڪي صديون گذريون آهن، انهن جو جاندار قسمن جي تعداد يا بناوٽ تي ڪوئي اثر نه پيو آهي ۽ نه ئي انهن ۾ ڪا تبديلي آئي آهي. ڊارون پوءِ به همٿ ڪري انهن پراڻن نظرين خلاف آواز اٿاريو. هن پنهنجي ڊائري ۾ لکيو. ”اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته هڪ قسم جي ڪنهن به جاندار کي پنهنجي مقصدن جي حاصل ڪرڻ جي خواهش ۾ مختلف شڪلين ۾ تبديل ڪري ان جي حياتيءَ کي آسان بنايو ويو آهي. انهن ننڍن، غير آباد ۽ پهاڙي ٻيٽن ۾ تخليق جي قوت جو جيڪو نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان کي پرکي اسان ان اسرار کي سلجهائڻ جي ويجهو اچي سگهون ٿا ته ڌرتيءَ تي زندگي جو ظهور ڪيئن ٿيو”.
    پنجن سالن تائين ”بيگل“ تاهٽي، نيوزيلينڊ، تسمانيه، آسٽريليا ۽ سينٽ هلينا جو سفر ڪندو رهيو. هر جڳهه ٻيٽن تي ڦهليل زندگيءَ ڊارون جي ذهن ۾ اهو ئي سوال اٿاريو ته زندگيءَ جو ظهور ڪيئن ٿيو آهي؟ ۽ زندگيءَ جي برقرار رهڻ جي جدوجهد جو فلسفو هن جي ذهن ۾ واضع ٿيندو ويو.
    ڊارون جڏهن انگلستان جي ڪناري تي قدم رکيو ته هن کي پنهنجي لکيل خطن، ٻوٽن ۽ جانورن جي گڏ ڪيل تمام وڏي ذخيري سبب ڪافي شهرت ملي چڪي هئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جي سمنڊ جي مخلوق متعلق ڪيل تحقيق سبب اڃان به شهرت ۾ اضافو ٿيو.
    هن جي نئي نظريي جي راز کان صرف هن جو هڪ دوست واقف هيو، اهو نظريو هڪ ننڍڙي نوٽ بوڪ ۾ درج ٿيل هيو، جنهن کي هو هميشه پنهنجي کيسي ۾ رکندو هيو. ان نوٽ بوڪ تي هو صرف صبر سان اهي سڀ شهادتون ۽ ثبوت درج ڪندو رهندو هيو جيڪي هن کي پنهنجي نظريي متعلق هٿ لڳندا هيا. هن مختلف قسمن جا ڪبوتر وٺي انهن کي پالي مطالعو ڪيو ۽ انهن جي چيڙ ڦاڙ ڪئي. اها حقيقت هوندي به ته سڀ پالتو ڪبوتر اصل ۾ يورپ جي جهنگلي نيري رنگ جي ڳيري جي نسل مان هوندي به مختلف آهن، ڪوئي لقي قسم جو آهي ته ڪوئي قاصد يا ٻئي قسم جو، اهي بنيادي طرح ساڳي نسل سان تعلق رکندي به جدا قسمن ۾ ورهايل آهن، ڊارون اهڙا راز صرف دل ۾ ئي سانڍيندو آيو ۽ هن انهن جو اظهار ان وقت ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. هن ڪڻڪ جي مختلف قسم جي ٻجن ۽ ڪتن جو مطالعو پڻ ڪيو، جن سان ساڳي ڳالهه لاڳو هئي، هن انهن کي سمجهي اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته ارتقا اڄ کان هزارين سال پهريون رونما ٿي ختم نه ٿي وئي هئي پر اسان جي اکين اڳيان اڃا به جاري ۽ ساري آهي ۽ تجربي طور اهو عمل ڪري به سگهجي ٿو ۽ ان عمل کي ڪنهن حد تائين روڪي به سگهجي ٿو.
    ويهن سالن تائين ڊارون پنهنجا تجربا ڪندو رهيو، هن انهن جو ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو سواءِ هن جي هڪ دوست ”هوڪر“ جيڪو هن جو همراز ۽ ساٿي هيو.
    آخر هڪ ڏينهن ڊارون پنهنجي نظرين جو اعلان تمام مختصر نموني ڪيو، هن چيو ته ”مان پنهنجي ان راءِ جي برعڪس ته جاندار شين ۾ وقت ۽ حالتن موجب ڦير ڦار نه ٿي اچي، جيڪو منهنجو شروعاتي رايو هيو ان نتيجي تي پهتو آهيان ته صدين کان هر جاندار شيءِ پاڻ کي برقرار رکڻ جي جدوجهد ۽ حالتن مطابق هڪ قسم مان ٻئي قسم ۾ ڦري وڃي ٿي“. اهو سڀ ائين هيو جيئن ڪو قتل جو اعتراف ڪري.
    هڪ ڏينهن صبح جو هو نيرن ڪري رهيو هيو ته هن کي هڪ خط مليو. ان خط ۾ هڪ اهڙي نظريي جو خاڪو پيش ڪيو ويو هيو جيڪو هن جي پنهنجي نظريي سان ايترو ملندڙ جلندڙ هيو، جيئن ان خط لکندڙ هن جي ذهن جو مطالعو ڪري پوءِ اهو لکيو هجي ۽ هن جي اڻ ڇپيل ڪتاب ”جاندار قسمن جي اصليت“ جو مطالعو ڪيو هجي. هندي سمنڊ جي ٻيٽن تي جانورن جا نمونا جمع ڪندڙ هڪ ماهر الفرڊ رسل ويلس بيمار ٿي پيو، ان بيماريءَ جي حالت ۾ هڪ خط ڊارون کي لکيو جنهن ۾ هن پنهنجن نظرين جي وضاحت ڪئي. ويلس پوءِ ان بيماريءَ مان بچي ويو ۽ انگلينڊ موٽي آيو جتي هن ڊارون سان ملاقات ڪئي پر اهو خط ڊارون لاءِ پريشانيءَ جو سبب بنجي ويو، ڇو جو هاڻي ارتقا تي گهري نظر رکندڙ صرف هو اڪيلو ئي نه هيو پر ان ۾ ويلس به شامل هيو. ويلس پنهنجي خط ۾ ڊارون کي لکيو هيو ته ”پراڻي ڳالهه جي خلاف ڦير ڦار جي ڪا به حد مقرر ٿيل نه آهي، جهنگلي جانورن جي زندگي مسلسل جيئري رهڻ جي جدوجهد تي قائم آهي. ڪنهن به جاندار قسم جي گهڻائي يا ٿورائي جو انحصار ان قسم جي پنهنجي برقرار رکڻ لاءِ حالتن موافق پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۾ آهي. اهڙيون تبديليون جيڪي ان لاءِ فائديمند آهن انهن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيندو رهندو، بيڪار يا نقصان واريون تبديليون آهستي آهستي ختم ٿي وينديون. ارتقا جي ذريعي مٿي اڀري ايندڙ سٺا نسل پنهنجن اصلوڪن نسلن جو خاتمو آڻي ڇڏيندا. ارتقا جو عمل قدرتي طرح تمام سست ۽ صدين تائين ڦهليل آهي“.
    ”جيئري رهڻ جي جدوجهد“ ”حالتن مطابق تبديليون“، ”آهستي آهستي ترقيءَ جو رجحان“. اهي سڀ ڄڻ ڊارون جا پنهنجا استعمال ڪيل لفظ هيا. ڊارون لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿي پيو ته هو پنهنجي ڪتاب ”جاندار قسمن جي اصليت“ کي ڪيئن شايع ڪرائي، جڏهن ته هڪ ٻئي سائنسدان به اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هيو. ڇا هو پنهنجن ويهن سالن جي ڪيل تحقيق تان هٿ کڻي وڃي؟ هن کي پنهنجي هڪ دوست هوڪر ان جو مناسب حل پيش ڪيو. هن ڊارون ۽ ويلس کي صلاح ڏني ته هو ٻئي گڏيل ڪم جي صورت ۾ پنهنجي ڪم کي لينن سوسائٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪن، جنهن تي هو راضي ٿي ويا. اهڙيءَ طرح ارتقا جو نظريو دنيا جي سامهون انهن پنهنجي شخصي ڪارنامي طور پيش ڪيو ويو. آگسٽ 1858ع جي هڪ رات جيڪو نظريو سوسائٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو. ان جو عنوان ”قدرتي چونڊ جو نظريو“ رکيو ويو. ان جون ڪي خاص ڳالهيون هي هيون.

    * سڀ جاندار ڌرتيءَ جي پکيڙ جي تناسب سان وڌن ٿا.
    * کاڌي ۽ جاءِ جي حد محدود هئڻ سبب پيدا ٿيندڙ جاندارن جو نتيجو انهن جي بقاجي جدوجهد جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
    * سڀ جاندارن ۾ حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ اڻ ٺهڪندڙ فرق موجود آهن.
    * اهي جاندار جن جا فرق حالتن سان ٺهڪندڙ آهن، اهي وڏي پيماني تي جيئرا رهي سگهن ٿا انهن جي بنسبت جن جا فرق حالتن موافق نه آهن. ٻين لفظن ۾ بقا جي جدوجهد ۾ قدرت ٺيڪ شين جي چونڊ ڪري ٿي.
    * هڪ نسل جا جاندار ايندڙ نسل جا ابا آهن ان ڪري سٺيون تبديليون هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿين ٿيون.
    * هر نسل ۾ حالتن موجب ماحول جي چونڊ ڪرڻ جي سست پر اڻ ٽر پهچ موجود آهي.
    * سٺيون تبديليون جيڪي هڪ نسل کان ٻئي نسل طرف ڊگهي عرصي تائين منتقل ٿين ٿيون اهي جاندار ۾ ايتري حد تائين گڏ ٿين ٿيون جو اهو هڪ نئين قسم جي جاندار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.

    ڊارون مٿين لفظن جي وضاحت ڪندي چيو ته ڌرتيءَ جي تناسب سان جاندارن جي واڌ ٿئي ٿي، هاٿي جيڪو کير پيئاريندڙ جانورن مان سڀ کان گهٽ ٻچا ڄڻيندو آهي، اهو ٽيهن سالن جي عمر ۾ ٻچن ڏيڻ جي قابل ٿيندو آهي ۽ لڳاتار نوي سالن جي عمر تائين وڌ ۾ وڌ ڇهه ٻچا ڄڻيندو آهي. ڊارون حساب ڪيو ته هاٿين جو هڪ جوڙو ست سو پنجاهه سالن ۾ اڻويهه ملين هاٿين جو اضافو ڪري سگهي ٿو، سيهڙ جيڪو ڇهن مهينن ۾ ٻچا ڏيڻ شروع ڪري ٿو اهو هاٿيءَ جي حساب سان اڻ ڳڻت تعداد ۾ نسلي اضافو ڪري ٿو. ڪوڊ مڇي پنهنجي عمر ۾ ست ملين آنا ڏئي ٿي جيڪي جيڪڏهن مڇين ۾ تبديل ٿي وڃن ته دنيا جا سڀ سمنڊ صرف انهن جي وجود سان ڀرجي وڃن. اڻ ڪرنگهي وارن جاندارن ۾ نسلي واڌ جي قوت اڃا به وڌيڪ آهي. گهونگهو Oyster هڪ موسم ۾ نوي ملين آنا ڏيندو آهي. جيڪڏهن هڪ گهونگهو جيئرو رهي پنجن نسلن تائين ان مقدار سان آنا ڏيندو اچي ته ان جي آنن جي ڇلڙن جو تعداد ڌرتيءَ جي مقدار کان اٺوڻو ٿي وڃي. پيراميشيم ڏينهن ۾ ٽي دفعا ٽٽي الڳ جاندار جي صورت اختيار ڪندو آهي، جيڪڏهن اهو ان رفتار سان پنجن سالن تائين جيئرو رهي ته ڌرتيءَ جي مقدار کان ڏهه هزار دفعا گهڻو ٿي وڃي. اها ڳالهه ٻوٽن جي ٻجن مان پڻ لاڳو آهي. ان ڪري گهڻو نسل پيدا ڪندڙ جاندارن جي حياتي انهن کان گهٽ آهي جيڪي وڏي عمر ۾ ٿورو نسل پيدا ڪن ٿا.
    ڌرتيءَ جي تناسب سان نسلي واڌ ڪري هر جاندار پاڻ کي برقرار رکڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪري ٿو. اها جدوجهد جاءِ، کاڌي ۽ زندگيءَ جي ٻين ضرورتن متعلق ٿئي ٿي. اها جدوجهد پڻ آس پاس جي طبعي ڦير ڦارن، وڌيڪ گهم يا خشڪي، ٿڌ يا گرمي، روشني، طوفان ۽ زلزلن خلاف ٿئي ٿي، ان ڪري هن جي بناوٽ ۾ ان لحاظ سان ڦير ڦار ٿئي ٿي جيئن اهو حالتن جو مقابلو ڪري سگهي.
    سڀني جاندارن ۾ بناوٽ، پکيڙ، رنگ، جسماني سرشتن ۽ عادتن جو واضح فرق موجود آهي. ڊارون جي بقول اهي فرق حالتن موجب تبديل ٿيندا رهن ٿا، انهن مان ڪجهه فرق جاندارن لاءِ فائديمند آهن، ڪجهه غير فائديمند ۽ ڪجهه نقصانڪار، ڊارون، مورثي ۽ غير مورثي فرقن ۾ تفاوت بيان نه ڪيو آهي، هن ايترو چيو آهي ته سڀ فرق مورثي هوندا آهن جيڪي بقا جي جدوجهد ۾ اڳتي هلي ظاهر ٿيندا آهن، پر ٻين سائنسدانن ڊارون کان پوءِ غير مورثي فرقن کي پڻ پڌرو ڪيو.
    اڻ ڳڻت جانورن جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ انهن ۾ هڪ مقابليدار بقا جي جدوجهد شروع ٿي وڃي ٿي، جيئن ته سڀني جاندار قسمن ۾ واضح فرق موجود رهن ٿا، جن وٽ فائدي وارا فرق ٿين ٿا اهي پنهنجي پسگردائيءَ واري ماحول ۾ ٺهڪي اچن ٿا. بنسبت ٻين جي جيڪي انهن صلاحيتن کان محروم آهن، ان ڪري فطرت ٺهڪندڙ شين جي چونڊ ڪري ٿي. ٺهڪندڙ جاندار ڊگهي عرصي تائين جيئرا رهن ٿا ۽ پنهنجا ڪمائتا فرق پنهنجن نسلن ڏانهن منتقل ڪن ٿا. چونڊ جو اهو عمل نسلن کان نسلن تائين جاري رهي ٿو ۽ ڊگهي عرصي کان پوءِ اهي فرق ان حد تائين گڏ ٿي ظاهر ٿين ٿا جو جاندارن جو اهو قسم مڪمل طور نئي قسم ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ ان کي ئي ارتقا چئجي ٿو.
    ڊارون جڏهن پنهنجو نظريو لينن سوسائٽيءَ ۾ پيش ڪيو ته ان هجوم ۾ موجود ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ نئي هلچل مچي وئي. ڪجهه ماڻهو شڪ جي انداز ۾ پنهنجين ڏاڙهين تي هٿ ڦيرڻ لڳا ته ڪجهه ڏاڙهيون ان جي مخالفت تي لهي آيون. جيڪڏهن اهو نظريو صحيح هيو ته سڀ مذهبي ماڻهو ان وقت تائين اوندهه ۾ جيئرا ۽ مرندا آيا هئا. ان نظريي سان ڌرتيءَ جي گولي جي انهن لکين سال اڳ فنا ٿي ويل جاندارن جي ڍانچي ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو جيڪي اڃا تائين هڪ ڳجهارت جي صورت ۾ عجائب گهرن ۾ محفوظ هيا. ڊارون جي نظريي ۾ اهڙي پختگي هئي جو اهو انجيل جي تشريح کان به گهڻو حيرت ۾ وجهندڙ هيو. ان اجلاس کان پوءِ اهي سڀ ڳالهيون سائنسدانن تائين محدود رهيون ۽ عوام تائين نه پهچي سگهيون.
    ٻئي سال ڊارون پنهنجي نظريي تي ”اصل جاندارن جا قسم“ جي نالي سان ڪتاب شايع ڪيو. ڪتاب جو پهريون ايڊيشن ان جي پڌري ٿيِڻ واري ڏينهن ئي ختم ٿي ويو. ان کان پوءِ بحث ۽ مباحثي جو هڪ واچوڙو مٿي ٿي هر طرف ڦهلجندو ويو. ”اهو شخص پاڳل آهي“. ”ڪافر آهي“. ”قتل جي لائق آهي“. ”ان کي قيد ڪري موت جي سزا ڏني وڃي“.
    ڊارون خلاف جتي نفرت جو طوفان اٿيو اتي هن جا ڪجهه حامي به پيدا ٿيا. هن جو نالو يورپ کان وٺي آمريڪا تائين گونجڻ لڳو.
    ڪليسا جا پادري چوڻ لڳا ”جيڪڏهن انجيل جي پيش ڪيل حقيقت کي قبول نه ڪندوءُ ته بي دينيءَ جي دروازن کي کولي ڇڏيندئو جيڪي اخلاقي معيار کي وهائي هليا ويندا“.
    ”بڪواس بند ڪيو“. ڪجهه سڃاڻ ذهن فلسفين چيو. ”اهو سڀ خدا جي عبادت جي نئي آزادي جو فلسفو آهي”.
    ان بحث جي سلسلي ۾ بشپ سيمونيل ولبر فورس 1860ع ۾ ڊارون جي هڪ جوشيلي حامي ۽ حياتيات جي نوجوان ماهر ٿامس هسڪلي سان ان موضوع تي هڪ مناظري جي چيلينج قبول ڪئي. آگسٽ جي ان منجهند جو آڪسفورڊ جو هال مڪمل طرح ٻڌندڙن سان ڀريو پيو هيو. آڪسفورڊ جا شاگرد ڪنهن نه ڪنهن ڌر جي حوصلا افزائي ڪرڻ يا مذاق اڏائڻ لاءِ موجود هيا. هڪ طرف سائنسدان ۽ ٻئي طرف ڪليسا جا پادري ويٺا هيا.
    ولبر فورس پراڻن ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ نظرين جي بنياد تي اهڙا مثال ڏئي رهيو هيو جيڪي سائنسدانن لاءِ عجيب هيا، هو سائنس کي انجيل جي پيداوار چئي رهيو هيو. انجيل کي هڪ مڪمل ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪري رهيو هيو جنهن ۾ سڀ سائنسي نظريا سمايل آهن پر هن جون اهي ڳالهيون ويهه سال پراڻيون هيون، ڊارون جو نظريو هر طرح سان انجيل کي ٿڏي رهيو هيو. بشپ ولبر آخر ۾ هسڪلي طرف اشارو ڪندي چيو ”ڇا منهنجو دوست اهو ٻڌائيندو ته هو پنهنجي ماءَ جي طرف کان ڀولي جي نسل مان آهي يا پيءُ جي طرف کان؟”.
    اهو ٻڌي نوجوان هسڪلي ٽپ ڏئي پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ ولبر فورس ڏانهن ڪاوڙ مان ڏسندي وراڻيو. ”مان پاڻ کي ماءَ ۽ پيءُ ٻنهي جي طرف کان ڀولي جي نسل مان هوندي هڪ اهڙي انسان تي ترجيح ڏيان ٿو جيڪو ڀولي کان به بدتر آهي“.
    ڪليسا جي پادرين جون ڪاوڙ مان رڙيون نڪري ويون ۽ آخرڪار هڪ وڏي بحث کان پوءِ نوجوان هسڪلي پادرين کي هار مڃڻ تي مجبور ڪري وڌو. ٻين لفظن ۾ اها ڊارون جي فتح هئي.
    انهن سڀني هنگامن کان ڏور ڊارون سيسڪس جي علائقي ۾ پنهنجي آبائي ڳوٺاڻي جاءِ ۾ رهيو پيو هيو. هن چيو ته هو آڪسفورڊ جي مناظري ۾ شريڪ ٿيڻ کان موت کي ترجيح ڏئي ها. هو ڪڏهن به منظر عام تي اچڻ پسند نه ڪندو هيو. هن ڪڏهن به ڪو سائنسي اعزاز قبول نه ڪيو. سائنسي انعامن جي هن مٿان ائين بارش ٿيڻ لڳي جيئن گارين جي خطن جي، انهن خطن جا جواب هو صبر ۽ شرافت سان ڏيندو هيو جنهن جا اهي مستحق نه هيا.
    ڊارون شرميلو ۽ محنتي شخص هيو، جنهن ڪري هو اڪيلائي پسند هيو. ”بيگل“ جهاز جي پنجن سالن واري سفر دوران هن تي جيڪو بيماريءَ جو حملو ٿيو هو. ان ڪري هن جي صحت ڪڏهن به ٺيڪ نه ٿي. ٿورو به گوڙ گمسان يا دوستن جي ملاقات جيڪا اڌ ڪلاڪ تائين مس هوندي هئي هن کي بيمار ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي، امن ۽ سڪون هن جي لاءِ تمام ضروري هيو. تقريبن هر سال هن جو هڪ نئون ڪتاب ضرور شايع ٿيندو هيو. هنجي ڪتاب ”انساني نسل“ “Descent of man” ۾ انساني جانورن جو شجرو ڏنل آهي. جنهن تي ڪليسائن جي طرف کان سخت تنقيد ۽ ملامت ڪئي وئي. ڊارون انهن ڳالهين کان متاثر ٿئي بغير ”انسانن ۽ جانورن ۾ جذبن جو اظهار“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ انسان جي جمالياتي احساسن کي هن جانورن ۾ پڻ ڳولي لڌو.
    ڊارون جا مخالف ٻيو ڪو رستو نه ڏسي هن جي زندگيءَ جي اخلاقي ڪمزورين کي ڳولڻ لڳا. اهي بس ايترو ئي معلوم ڪري سگهيا ته ڊارون هڪ انتهائي شريف ۽ ضعيف ماڻهو آهي، جنهن علم جي خدمت ۾ پنهنجا وار اڇا ڪيا آهن ۽ جيڪو پنهنجو سمورو وقت گلن ۽ ٻارن ۾ گذاري ٿو جيڪي هن کي تمام پيارا آهن. جيتوڻيڪ هو پنهنجن نظرين جي بنياد تي لادين ٿي ويو هيو ۽ هن ڪليسا وڃڻ ڇڏي ڏنو هيو. تڏهن به هن جي زبان مان هڪ اهڙو حرف به نڪتو هيو جيڪو خدا جي وجود يا انساني روح جو انڪاري هجي.
    سائنسدانن مان ڊارون جيتري عزت شايد ئي ڪنهن ٻئي کي ملي هجي. هو جڏهن به ڪنهن سائنسي گڏجاڻيءَ ۾ ويندو هيو ته سڀ ٻڌندڙ هڪ ئي وقت اٿي بيهندا هيا ۽ جوش مان تاڙيون وڄائي هن جي آجيان ڪندا هيا. هن جي ذات گذريل صديءَ جي متضاد ۽ نئي موضوع جي بحث جو مرڪز رهي، اها هڪ اهڙي جنگ جو مرڪز رهي جيڪا نئي فلسفي جي فتح جي جنگ هئي. حقيقت ۾ هن ذاتي طرح ان جنگ ۾ ڪو به حصو نه ورتو. هو هڪ محنت ڪش مالهيءَ جيان هر سال زرخيز خيالن جا باغ پوکيندو رهيو ۽ هن انهن لڙ ۽ گوڙ ڪندڙ پکين ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو جيڪي هن جي ڀريل باغ کي نقصان پهچائڻ لاءِ هن مٿان لامارا ڏيندا هيا، ڪليسا جي پادرين جي تهمتن جي ڀيٽ ۾ هو سائنسي تنقيد کي غور سان ٻڌندو هيو ۽ چوندو هيو ته جيڪڏهن ڪو به هن جي نظريي کان بهتر ڳالهه پيش ڪري ته هو پنهنجي نظريي تان بخوشي دستبردار ٿي ويندو.
    چارلس ڊارون 12 فيبروري 1809ع ۾ ان ڏينهن پيدا ٿيو جنهن ڏينهن آمريڪا ۾ غلاميءَ جو خاتمو ڪندڙ عظيم انسان ابرهام لنڪن جنم ورتو. هن 1882ع ۾ وفات ڪئي. هن مرڻ کان اڳ وصيت ڪئي ته هن کي پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ۾ دفن ڪيو وڃي پر برطانوي قوم (جنهن هن کي ته ”نائٽ“ جي اعزاز کان محروم رکيو پر هن جي ٽن شاگرد سائنسدانن کي اهو اعزاز بخشيو) مرڻ کان پوءِ لاش کي پنهنجي امانت ۾ ورتو،. هن جو تابوت ويسٽ منسٽر ايبي آندو ويو. تابوت جي جلوس ۾ هسڪلي، هوڪر، ويلس، سرجان ليڪ، ارل آف ڊربي، ڊيوڪ آف آرگائل، ڊيوڪ آف ڊيون شائر شامل هيا. هن کي نيوٽن جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 758
    ڪتابن جو مشاهدو: 1275984
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 389479
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ