شاعري

ديوان گل

”ديوان گل“: ٽالپر دور جي پھرئين غزل جي صاحب ديوان شاعر خليفي گل محمد ’گل‘ ھالائيءَ جي غزلن جو ديوان، پھريون دفعو جنوري  1859ع ۾ مطبع ممبئيءَ مان ليٿو پريس تي شايع ٿيو هو.  1933ع واري پنجين ڇاپي ۾ محمد صديق ميمڻ ’ديوان‘ گل جو تفصيلي ديباچو بہ لکيو هو، جنھن ۾ خليفي گل محمد جي ڪلام جي خوبين، بلاغت، فصاحت، تشبيھن، اصطلاحن، پھاڪن جي استعمال، وزن وغيره تي اجمالي بحث ڪيو ويو آھي. خليفي گل جي زندگيءَ جا حالات عبدالغفور ھالائيءَ لکيا هئا. ديوان گل ۾ الف- ب وار رديفن جي ترتيب سان 175 غزل شامل آهن. 

Title Cover of book ديوان گل

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ڇھون ڪتاب نوٽ

ديوان گل هلندڙ سال 33-34 جو آخرين ڪتاب آھي. سنڌي موزون شعر پارسي بحر وزن تي مرحوم آخوند گل محمد کان اڳ ۾ بہ هوندو هو پر مڪمل ديوان جي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريائين آخوند گل محمد آندو. آخوند گل محمد کان پوءِ سنڌ ۾ ٻيا بہ 8 ديوان تيار ٿيا آهن جن جو مفصل احوال ادبي سوسائٽي جي تحفہ ۾ ڄاڻايو ويو هو. مرحوم گل محمد جو شعر بلڪل پختو ۽ سنجيدو آھي. سنڌي زبان جي لحاظ سان ٻئن ديوانن کان بلڪل نرالو آھي. منجهس ٺيٺ سنڌي ڪم آيل آھي جنھن ڪري هن وقت اھا ٻولي البت ڏکيري ٿي لڳي. ٺيٺ
سنڌي الفاظ ۽ محاورا قاضي عبدالغفور صاحب سمجهائي آسان ۽ عام فهم ڪيا آهن تہ بہ ڪي ڪي لفظ اڃا بہ سمجهاڻيءَ طلب آهن جن تي بہ قاضي صاحب کي توجه ڏيڻ کپندو هو. اميد آھي تہ سوسائٽي ڪنھن موقعہ تي قاضي صاحب کي انھيءَ باري ۾ عرض ڪري اهو ڪم پورو ڪرائيندي.
ديوان گل اڳ ۾ هڪ دفعہ ڇپيو آھي پر اصلوڪي نسخي نہ هئڻ ڪري ڪي ڪي اھڙيون غلطيون هن ۾ درج ٿي ويون آهن جو شاعر جو شعر ڪيترن هنڌن اڻ پورو پئي ڏسڻ ۾ آيو. قاضي عبدالغفور صاحب وڏي ڳولا ڪري اصلوڪو نسخہ ھالن پراڻن مان هٿ ڪيو ۽ وري نئين سر ديوان کي اصلوڪي صورت ۾ اُجاريو.
سوسائٽي هن صاحب جي محنت جي قدر شناسي ٿي ڪري ۽ اميد آھي تہ هو صاحب آئندہ بہ اھڙي قلمي امداد ڪندو ايندو.

محمد صديق محمد يوسف ميمڻ بي - اي
سيڪريٽري سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي
حيدرآباد سنڌ