حصو ٻيو
(25)
الف الله قد[1] قامت منھنجي دلدار جي صورت
حقيقت ذات وجہ 2 الله سھڻي يار جي صورت
آھي منھن والضحيٰ 3 والشمس 4 سج چنڊ کان گهڻو روشن
سورة والليل 5 ۾ ڀنڀرن وارن جي ڪار جي صورت
ڏنا زلفن 6 ۾ سھڻي سينڌ کيوڻ جئن عجب جهلڪا
ڪڪر اندر ٿي ظاهر يخطف الابصار7 جي صورت
پرون جاڙا ٿئا گڏ قاب 8 قوسين9 وانگ اوادنيٰ 10
خدا ظاهر ڪي منجهہ معراج ان اسرار11جي صورت
اکيون چشمو حياتيءَ جو مئن جي ڪاڻ ڪالڪوثر12
پيالي پر طهورا13 جي نشي سرشار جي صورت
وِلِنِ تنرن ۾ ڪي ولفجر14 واليان عجب مظهر
آھي منجهہ نورانور نور جي اظھار جي صورت
ٿئو نڪ شهد آنڱر شاهد اِلشق 15 القمر منھن ۾
ٻہ ڦاريون چنڊ ڪئو اي معجزي سردار جي صورت
مڙاھيون ڏند ڳاڙھا ۽ اڇا ڪاللو 16 لؤمرجان
ٿيا چپ لعل احمر 17 خنجر خونخوار جي صورت
بدن باغ بهشتي صوف ڏاڙهون گل منجهس قسمين
آھي جنات 18 عدن تحتھاالانھار جي صورت
نہ ڪيو گل ڪوڙ دل جيڪي ڏٺو منجهہ ديد دلبر جي
وما 19 ڪذب الفؤاد ما ايٰ مختار جي صورت
________________________________________
(25) 1- بيهڪ 2- ذات الله جي 3- ڏيڍ پھر 4- سج 5- رات 6- ڇتڙا 7- اکيون هڻندڙ 8- زھہ 9- گوشا ڪمان جا 10- ويجهو 11- ڳجهہ 12- تلاءُ 13- شراب جنھن ۾ نشو نہ ٿئي 14- سورت قرآن شريف 15- چنڊ جو چيرجڻ 16- اڇا ۽ ڳاڙھا 17- ڳاڙھا 18- عدن جو باغ
19- جيڪي ڏٺو سو دل ٿي و سھيو.
_______________
(26)
ويڻ[2] تنھنجو مون کي دلبر ٿيو مٺو ماکي جي ميٺ
ٻئن جي شاباس کان تنھنجي وڻي مون ھيٺ ڦيٺ 2
تو ڦٽي آھي عاشقن جي دل هڻي چشمن جا تير
پوءِ رکي پنيون اُنھي کي تون اچي دلدار چيٺ 3
ٿيون وسن برسات جئن دائم اکيون آگم 4 ڪيو
تھڙيون منجهہ آکاڙ سانوڻ تھڙيون ڪتي تھڙيون ڄيٺ
جي ڏئين توڻي نہ ڏئين وجهہ 5 پنھنجي ديد 6 جو
آئون تنھنجي نيھن جو نوڪر آھيان نروار نيٺ 7
جي آءٌ مسڪين عاجز آھيان پينو گدا
مونکي پرواه ناه منھنجو تون آھين سردار سيٺ
ڇا ڪريان قربان قاصد تان آيو جو دوست کون
ساه سِرُ صدقو ڪريان ٻيو ناه ڪي باالله 8 بيٺ 9
ٿيون اکيون رت ھاري ڳاڙھيون تن سڄو ٿيو لعل رنگ
تو سان اي گل جنھن ڏھاڙي ٿي منھنجي آه ڏيٺ
__________________
(26) 1- مهڻو 2- ڦٺ جٺ 3- ڇٽاءِ 4- جهڙ 5- موقعو 6- ديدار 7- ظاهر 8- قسم الله جو 9- ھڙ
(27)
رات ڏينھن رب ڳول ان لـﮧ لڙ تي لاٺ 1
گهورَ 2 ۾ وس 3 ڪر وڏو منجهہ ووڙ 4 واٺ
ڪڍ اندر مان غير ڏي اوجر5 صفا
ساڻ ڦٽڪي ڦول ڦيري آب آٺ6
ڪر اڇيون روئي اکيون لاھي غبار7
پرت ۾ پرين جي پنھنجا نيڻ پاٺ8
جي تکو ٿئي نفس ظالم ڪاٺ جئن
پھڻ محنت جي مٿي منھن اُنجو ماٺ9
قيد آھي قرب ۽ پيوند بند
ٿي م سوگهو پاڻ کي وجهہ ڪيم ڪاٺ
ڇڙت ٿي هسوار سانچي سنج رک
وجهہ گهمائڻ ۾ م گل گهوڙي کي گاٺ 10
_______________
(27) 1- قابو 2- ڳولڻ 3- ڪوشش 4- نھارڻ 5- صافي 6- ٺار 7- ٻيائي جو ڌنڌ 8- وجهہ 9- تکائي مارڻ 10- چٽو
(28)
پاڪ رک دل مَ ڪر ڪتي جي چَٺِ
هڻ ڪتي کي ٻنھين هٿن سان لَٺِ
دل خدا لئي کپي خلاصي خاص
ٺڪر ٺوڪي م ڪر اُنھي تي تَٺِ [3]
نفس جي خيال ڪي پليت جا دل
نہ ٿئي پاڪ جي ڌُئين منجهہ ڳَٺِ2
آه قاصد خيال حق جو حق
آيو حق ڏانھن ورائي حق ڏانھن پَٺِ3
گل محمد سوئي سو گل احمد
سي آهن ٽي ويهون سا آھي سَٺِ
________________
(28) ٺڪرن جي جاءِ 2- ناليءَ 3- منھن ڪر يا شڪل
(29)
سِر[4] کئا سؤره سپاھي سينڱ ساهئل سخت سوٽ
چال ۾ چالاڪ چهرا چست چاڙھيو ڏئن چوٽ
وڌ وڌن جيهر ٻڌن صف ڪيو سنئين سنڀرن جڏهن
وير وانجي 2 مير مانجي 3 مڙس ڏين ڪين موٽ
آم سامھان صف بصف سينگار ڪيو سيلا 4 ٻڌيو
سال 5 سٽڪن 6 جال جهٽڪن 7 ڪان ڪن اڙ 8 آڏ اوٽ
باه جي باري بنايو روح سان ٿا راند ڪن
جئن سڙن تئن تئن لڙن ڪڍيو اندر مان ٻھر کوٽ
دوستن جي دل وٺڻ لئي دشمنن کي ماريو
منجهہ ترارن ۽ ڪٽارن ٿا ڪپئو ڪن ٽڪر ٽوٽ
حڪم ۾ هشيار قابو منجهہ هلان همراه ٻيلهه
چاڙھيو توبون کٽن سوڀون ٿا وجهن ڪيرايو ڪوٽ
پاڻ فاني ڪيو فدا ٿا فتح ڪن في الحال ۾
جوان جنگي جئن فرنگي گهائجو 9 گل ٿِيِن گهوٽ 10
________________
(29) 1- چونڊيل 2- جوان مرد 3- پھلوان 4- ڪمر 5- پورا 6- جنگ ڪن 7- حملو ڪن 8- جهلو 9- ڦٽجو 10- ڳاڙھا
(30)
جوڳي وڃن جالٽ 1 کي ڇڏئو مڙيئي مائٽ مٽ
خوش نہ ڪيا ڪنھنجي دعائن نا ڏکويا ڪنھنجي پِٽَ
دونھين دردن جي دکائي دل ٿي ساڙي هوش عقل
ويا ويچارا وِرهه2 ڪنھن ۾ وار ٿيڙن ليڙ3 لٽ
اُنجي مڪتب ۾ رَھي ويراڳ ۽ بيراڳ ٿو
اَلف آين اڳ ۾ هوءَ جا پڙھيائون پھرين سِٽَ
پئا اندر ۾ پنھنجي پاهوڙيون ۽ ڪوڏاريون کڻي
ڪيئون ڀڃي ڀوري برابر صاف سڀ تودا4 ۽ اِٽَ5
وئا ڇڏي ناسوت6 کي لڙئا طرف لاهوت جي
بحر بيرنگيءَ جي ٻوڙيا محو7 ڪئائون رنگ چِٽَ
جي ڀائين جوڳي ٿيان گل ڇڏ تعلق8 پاءِ جوڳ
دل ۾ لوڙهج مڙس ٿي سڀ ڇڏ ڪوڙا کيٽا ۽ کِٽ
_________________
(30) 1- ميلو 2- غم 3- منجهيل 4- ھيٺاھين 5- دڙا 6- دنيا 7- ميٽيائون 8- لاڳاپا
(31)
اُپاڙي[5] چاڙه عاشق عشق جو ايٽُ2
ڪتي پوکي وڌائي ڪر مٿس چيٽُ
وسي مينھن محبت ۽ موهبت3 جو
ٻڌي پوٺن تي بند پوءِ کيڙ تون کيٽ
کائي پاڻي ڪناري جو جڏهن ڪو
مٽر مهري ڇڏي ڀر ڪڻڪ سان ريٽ4
لھي درياه جت لانگها ڪري لس
ڇٽي ٻج ترت هلڪو پوک تون ٻيٽ
صفا وجهہ ٻج نيت جو سڀت ۾
ڪنڌيون پوکي ڪنارا پوءِ م ڇڏ پيٽ
خدا ڏي وڄ خدا لئي ڇڏ خوديءَ5 کي
م لَبَ 6 ۽ لوڀ لالچ جي مٿي ليٽ 7
آھي هر جاءِ حق حاضر م ڪر سڏ
اڳيان بيھي ڪري جو ڪوڪ چؤ ڦيٽ 8
درد سان روئي ڪر صفا دل
مٿي پايو م وجهہ گل مھٽئو ميٽ
_____________
(31) 1- مٿي ڪري 2- نار 3- بخشش 4- دريا جي ڇڏيل زمين 5- هٺ 6- فائدي 7- لاڙو ڪر 8- چوڌاري
(32)
وچ ۾ ڇڏ ڪيم ڪر نيئي راس[6] رِٿَ
ڪر طلب حق جي ڇڏي سڀ تار تٿ2
جمع رک دل پنھنجي جانب ساڻ جوڙ
جي چيري ڦاڙي ڪريئي ڇُتَ3 چِٿَ
من تنھنجي جي آه محبت منھن ۾ گهنج
سَرُ4 ۾ وجهہ، سھہ سر مٿي سڀ سِٺَ سِٿَ
ڳنڍجي پؤ دل ڳنڍي ٿي ڪيم ڇُرڙ5
پوءِ پوندھين جي پيئي ڪا وار وِٿَ6
کڻ مٿي تي بار باري بره جو
خوش کلي گل ٿي مٿي تون خوار کِٿ7
_____________
(32) 1- پوري 2- تجويز 3- ذرا ذرا 4- منھن نہ گهنجاءِ 5- اڪيلو 6- تفاوت 7- حيران
(33)
هل سنئون حق ڏي ڇڏي گهہ گوٿَ1
منجهہ سڌن ڪيم کاءُ ٿاٻا ٿوٿَ
ڪر مَلائي ترار لا2 جي هٿ
نفس باري بلا سُڄي ٿي لوٿ3
سنگتي دين جا سڀيئي کڻ ساڻ
آه موذيءَ جي فوج ڏاڍي روٿ4
ساڻ همٿ حبيب حيدر جي
مار دشمن ڪپي ٽڪر ڪر چوٿَ5
پوک ملت متابعت6 جي گل
آه سائي سليم7 ٻي سڀ کوٿَ8
______________
(33) 1- نٽائڻ 2- نہ 3- وڏي 4- وڏي 5- چارٽڪر 6- تابعداري 7- ڪامل 8- کٿل
(34)
تنھنجي دلبر جاءِ هر جا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
تون سڀت ۾ سڀڪو توکا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
قال[7] الرحمان علي العرش استوي ڏَسُ تو ڏنو
قلب ۾ پڻ ٿاڪ2 تنھنجا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
تو چيو آھي خدا منجهہ ڀون ۽ فرمايوءِ پڻ
اَڀ ۾ آھي رب اعليٰ آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
گهر تنھنجو بيت المقدس ٿا چون ۽ ڪعبو پڻ
چون ٽئون معمور3 گهر ٿا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
لک نبين پڻ مٿس واڌو ٻيا چويھہ هزار
ديــــن مــلـــت پنھنجي وارا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
آيو منجهہ توريت احمد پوءِ محمد ٿيو نبي
منجهہ حقيقت احد آيا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
لم يلد4 پنھنجي صفت ڪيو پاڻ کي لا مثل5 چئين
پوءِ يدالله 6 ڏئين اشارا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
ذات پنھنجي غيب چائين پوءِ چوي ٿو اينما7
ثم8 وجه الله اي ڇا آءُ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
منجهہ ملاحت9 منھن ڏيکاريو منجهہ صباحت10 ٿو وٺين
ڪٿھين ڪبرا ڪٿ11 زليخا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
تون ڏيکاريو حسن گل جو ٿو هڻين بلبل جي دل
منجهہ هڻڻ هڻندڙ ڏسان يا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
______________
(34) 1- الله پاڪ جو تختگاه عرش آھي 2- جاءِ 3- بيت المعمور
(34) شاعر سڄي غزل ۾ جل جلالـﮧ جي ذات جي تعريف ٿو ڪري تہ اي پروردگار ڪٿي چوين ٿو تہ منھنجو تخت عرش آھي تہ ڪٿي چوين ٿو تہ ماڻھو جي دل آھي، ڪٿي پاڻکي پاڪ ۽ بي مثل چئين ٿو تہ ڪٿي وري الله جو هٿ چئي جسم جو اشارو ڪرين ٿو. 4- نہ ڄڻيائين 5- بي مثل 6- هٿ الله جو 7- جتي ڪٿي منھنجي ذات آھي 8- الله جي ذات جي جاءِ 9- حضرت محمد 10- حضرت يوسف 11 بيبي خديجة الڪبريٰ
_____________
(35)
دنيا ۾ دين ڳولڻ آھي عبث آھي عبث
کدڙن ۾ مڙس ڦولڻ آھي عبث آھي عبت
ريءَ درد سور دقت[8] ريءَ ريجهہ رحم رقت2
ڇپرن ۾ پاڻ ڇولڻ3 آھي عبث آھي عبث
تُرھي سوا طلب جي اوڪار ريءَ ادبَ جي
منجهہ بحر ٽنگ ٽولڻ آھي عبث آھي عبث
صنعانَ4 جي ذلت5 جي منصور6 جي ملت7 جي
مُلّن سين مام8 ٻولڻ آھي عبث آھي عبث
گل ريءَ وصال حق جي لاهڻ حجاب شڪ جي
ساڌن جو سرُ9 کولڻ آھي عبث آھي عبث
____________
(35) 1- تڪليف 2- نازڪي، باريڪي 3- پتوڙڻ 4- نالو 5- خواري 6- نالو 7- مذهب 8- رمز 9- راز
شيخ صنعان رحمة الله هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آھي. هڪ ڏينھن حضرت پير دستگير رحمة الله ارشاد فرمايو تہ جنھن وليءَ تي اسان جو قدم نہ هوندو، تنھن تي سوئر جو هوندو. شيخ صنعان انھي ارشاد کان انڪاري ٿيو. ٿوري وقت بعد هڪ يهوديءَ جي ڌيءَ تي عاشق ٿي پيو؛ نتيجو اهو ٿيو جو اسلام ئي کان خارج ٿي ويو. سندس مريدن حضرت پيرجن کي اچي التجا ڪئي، جن جي توجهہ سان توبھہ تائب ٿيو ۽ وري ساڳيو درجو عنايت ٿيس.
حضرت منصور رحمة الله ڪامل بزرگ ٿي گذريو آھي. الاھي عشق جي جذبي ۾ ”آءٌ الله آھيان“ جو نعرو هڻڻ لڳو. شريعت جي صاحبن چيو تہ ھي ڪفر ٿو ڳالھائي، تنھن ڪري مٿس تعزير آيو ۽ کيس سوريءَ تي چاڙھيائون. سندس رت جي هر هڪ ڦڙي بہ زمين تي ساڳيو لفظ لکيو.
_____________
(36)
محبت بنا ڳولڻ خدا آھي عبث آھي عبث
محبت ڇڏي ٿيڻ جدا آھي عبث آھي عبث
ڏک کان ٿو حاصل سک ٿئي ري ڏک ڪھڙو منھن مک[9] ٿئي
حاصل جفا2 ڌار صفا3 آھي عبث آھي عبث
ڌاران لڇڻ کامڻ پچڻ ھاڃي 4 هڄڻ 5 جهوري جهڄڻ
محبوب وٽ ڪا التجا 6 آھي عبث آھي عبث
محبت وٽڻ پڙھين ڪنا مصلحت 7 پڇڻ چرين ڪنا
ٻارڻ ڏيو انڌن اڳيا آھي عبث آھي عٻث
پاڻي پڇائڻ رُڃ ۾ سانگي ڏسائڻ سڃ ۾
ريءَ مينھن سانوڻ جي بنا آھي عبث آھي عبث
جنھنجي سخن کي نانھہ سچ وعدا ڪري جي قؤل ڳچ
ڦولڻ وفا 8 ڪوڙن ڪنا آھي عبث آھي عبث
گل ٿي فناتا آب9 ٿئيي خوشبوءِ ۽ رنگ تاب 10 ٿئيئي
مرڻ بنا ماڻڻ لقا 11 آھي عبث آھي عبث
____________
(36) 1- منھن مھاڙ 2- تڪليف 3- دل جي صفائي 4- مصيبت 5- ڳرڻ 6- سوال 7- صلاح 8- وفاداري 9- عزت 10- چلڪو 11- خدا جو ديدار
(37)
ڏيکاريو منھن لڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث[10]
سڪاين کي سڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث
ڪنھين کي هنج ۾ پنھنجي وھاري ٿو ڏئين عزت
ڌڪئو ڪن کي ڌڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث
اڳيان پنھنجي اٿارئو ڪن کي تڙئو ٿو ڪڍين ٻاهر
ڪوٺيو ڪن کي ٽڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث
هئڻ 2 جي ڪيو، هڻيو 3 تن کي ڪريو ھيڻو ڀڃيو حجت 4
اڳيان پنھنجي ڍڪائين 5 ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث
صبح ٿيو سوار مَهرِن تي ڏين جي هر طرف واهون
سانجهيءَ تنکي جهڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث
کُلايو گلَ کي ڏئو آب پنھنجي باغ ۾ خوش ڪيو
ورئو تنھنکي چڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث
______________
(37) 1- سبب 2- هٺ 3- تڪليف 4- گستاخي 5- گيسيون ڪرائڻ
(38)
ڏک ڏنا ڏاتر وجهي ڏکين[11] کي ڏوليءَ2 پائي ڏاج
سُور سهمن سوز سُوٽن جا سڀيئي سينگاري ساج
عاشقن جي هٿ هٿوڙيون ٻيا ڪڙو لا قرب جا
خوب سونھن ٻانھن محبوبن جي ٻانھيون صاف عاج
آهن ڪوڏئا جنگ اڪبر جا سدا عاشق امير
پايو پنھنجي سِر وتن پھريا طلب جا طوق3 تاج4
پاڻھي ٿئڙا سوُر پنھنجو پاڻ پنھنجو ڪئئون مريض
پاڻھي پنھنجي مرض جا ويٺا ڪرن دارو علاج
مئي ڪيا مخمور مولا جي سدا گِهڏندا وتن
گهوٽ گُلُ ٿيو گل وڃائي سڀ اوسيئڙا6 احتياج
__________
(38) 1- سوريتن 2- ڦرنڊ 3- هسلي يا ھار 4- ڇٽ 5- جهولندا 6- انتظار
(39)
سور ٿيو سينگار جنجو ڏک تنيجو آه ڏيج
وره ووءِ ووءِ ٿئو وروهڻ1 ھاءِ هئي هئي آھي ھيج2
مرض محبت جو اندر ۾ ڪوه ڪندو تنکي طبيب
درد ٿيو دارون دوا ٻڪيون ڦڪيون آزار ايج3
جوش جذبي4 ۾ زياده، منجهہ طلب واڌو وڌن
ڪونہ ڪن ٿا ٺاه ٺرئي جئن تپن ڪن تاءُ تيج
پوک تنجي پرت پڄرڻ ھيج هرلو نينھن نار
بره باھيون ڪُھڙ ڪاڍو آب اکين آه ريج
ٿئا سُڪي سرھا سدا آباد ۾ ارھا مدام
ٿا وتن گلزار گل کاڻن کٽئون ڪو کوب6 کيج7
___________
(29) 1- اورڻ 2- خوشي 3- ڏک 4- بي اختياري [12] 5- ٻرڻ 6- چڱو 7- سوڀ
(40)
تاڻئو جئن ٻڏن ٿا تن منجهہ تَينج [12]
ٿا اُٺائين تئن کڻئو منجهہ هنجَ
ٿئو ڍرو پئي ڊھيو ٻڌل ٻائِڙُ2
ٿو اُڀو ٿئي ڊٺل کڙو منجهہ کنجَ3
الف4 بي جيم دال ھي پنج حرف
هڪ ٻہ ٽي چار پوئِيون ٿيو پنج
مئي محبت جي ٿي حلال، حرام
خُمر افيون6 ٿيو ٿي ڀڙوي ڀنج7
ٻَڌُ سپاھي صلاح جا هٿيار
چڙھہ گهوڙي تي رکي سچائيءَ سنج
منجهہ کٽئي خوش م ٿئي ۾ ڏک ھارئي
گل آهن گاه8 رنج گاھي گنج
_____________
(40) 1- تنجڻ 2- نار جو ائٽ 3- ڇڪ 4- ابجد 5- شراب 6- آفيم 7- ڀنگ 8- ڪڏهن
(41)
سڏ سڻي سيد سچا سيگهون رسيج
جو کھي1 دشمن دَڙي2 دوٻي دسيج
کَرُ کھي تو هَڻُ کلو کر کي کڻي
جي ڦُرئا کر ٽول سي کر کان کسيج
واٽ وٿڙي مون هٿان اَوَجهڙ 3 پئس
واٽ تي چاڙھي سنئون ڏَسڙو ڏسيج
تون ڪرامت جو ڪڪر محبت جو مينھن
رحمتي ريلو ڪري مون تي وسيج
پرت ۾ عاشق پچي ٿئا تنھنجي پاه 4
پَرَ ڪنان پاسو ڪري پنھنجا پسيج
بلبلون عاشق گلن تي ٽوتي گل
گل اچي گلزار ۾ گل سان هسيج 6
____________
(41) 1- دشمني رکي يا کونسي 2- وڙھي 3- ٽي واٽو 4- فنا 5- ڌاريون 6- کلج
(42)
دل ڇڏي در دوستن جو ھيڏي هوڏي ڪيم اُجهہ [13]
جيڪي آيو سر تي سه، ڏي ڏيل2 ڏک کي، ڪيم ڏُجههُ3
فهم4 جي توکي آھي فرھي فڪر جي پڙھہ کڻي
لوح5 ۾ تنھنجي لکيو ڇا، ڪو تہ اُن مان حرف ٻُجهہ 6
تنھنجي صورت سِرُ7 حق جو ٿي حقيقت سِرُ سِرُ
چيو خدا انسان ڳجهہ منھنجو آھيان آءٌ اُنجو ڳجهه
توکي رب قوت ڏني قدرت8 مٿي مخلوق9 سڀ
پؤ مَ ھيڻو، ڪر همت، ھاريا10 اُٿي ڪي لوچ لجهه11
پاڻ ۾ ڏس پاڻکي تا پاڻ مان پاڻھي لھين
ھيڏي هوڏي ٿي م اولون12 روح پنھنجي ساڻ رجهه13
گل تون مکري ٿئو ٽڙين ڳاڙهو ٿيو رت ۾ سڄو
پوءِ ڳرئو پاڻي ٿئين ڪا ڏي حقيقت مون کي ڪجهه
_____________
(42) 1- رُلُ 2- بت 3- اَوات 4- سمجهہ 5- نصيب يا اصل 6- پروڙ 7- ڳجهہ 8- طاقت 9- خلقت 10- ھارايل 11- خيال رک 12- رول 13- مشغول رهه
(43)
وون وڃڻ ۾ م ڳول وارو [14] وَجههُ
ڪرم سِلَ 2 ٿئي سگهو جو سرڻو سَجهہ 3
ڇَرر 4 ٿي ڪيم ڇوڙ ٻڌ ۾ ڇالڊ5
منجهہ ٻڌڻ ٻانڌ 6 ٻول 7 پنھنجي ٻجهہ 8
پؤ پَڌرُ 9 واسري 10 چڙھي وس ٿي
روح خوش ڪر م روڪِ رُگهہ ۾ رجهه
عشق جو علم عرف 11 اور بيان
ڪين سمجهي تھين کي قاضي ججهه
گل جتي ڪم اچي ٿو ڦول صفا
اُت اچي ڪھڙي ڪار ڪيرو 12 ڪجهه
_______________
(43) 1- وقت يا مهل 2- دير يا گيسر 3- موقعہ 4- ڌار 5- اڪيلو 6- ٻڌي 7- اقرار 8- مضبوط ٿي 9- ظاهر 10- طرف 11- مشھور 12- گڏيل ان
(44)
پؤل پڻ جاڳ، جاڳ سھڻا سنجهہ 2
ٿا اچن سمجهہ مان ڏکئن کي ڏنجهہ 3
سر4 سڄي ۾ پکي سوين سھڻا
سوڌ5 سالم سچا همه6 ۾ هنجهه
وٽ ڪلالن7 ڪسڻ قبول ڪري
ڪنڌ نائڻ چڱو، نہ گهرجي ڪنجهہ 8
جت ڇِڪي سِيرَ، ڪُن ڪري ڪَڙَڪا
وِهُ سکاني9 م وار10 وانجهي ونجهه
آه وحدت وصال عرياني11
گل سمجهہ رک مَ ڏي ملن کي منجهہ 12
____________
(44) 1- آخر 2- سمجهو 3- ڏک 4- پکين جو ملڪ 5- سھڻا 6- سڀني 7- شراب وڪڻندڙ 8- ڏرمائڻ، ڪنجهڻ 9- سکان جهليندڙ 10- وراءِ 11- ظاهر 12- حال
(45)
ڪالھہ ويئي گذري نھاري ڪي تون ساجن آءُ اَڄ
اکيون عيدون ڪن ڏس توکي ڪري ڪو روحُ رَڄ [15]
تون وتين آرام جمعيت ۽ شادي ذوق سين
مونکي حاصل درد ٿيو ٻيو بره ٽيو بيراڳ هڄ2
صبر ڪر اي دل مٿي حق جي رضا مشڪور3 ٿي
ووءِ ووءِ ووءِ واءِ4 ڪرئو واءِ واڄٽ جئن م وڄ
ڪر تحمل، ٿيء جبل، چُرُ ڪيم ڪنھنجي چورئي
ھيڏي هوڏي ڦوڪ تي ۽ واو تي ڪک جئن م کڄ
جنھن ڏنيهءِ دل ڏي تون اُنکي، دل م تون دنيا کي ڏي
تا ٿئي دل پاڪ تنھنجي نہ تہ وڃي وجهہ ڌوڙ ڇڄ
گل ادا ڏي دل خدا کي پاڻ ڪنڊن سان م روڙ 6
سڀ ڇڏي گل ڦل تماشا باغ ۽ بستان ڀڃ
____________
(45) 1- ڍؤ 2- اوسيڙو 3- شڪرگذار 4- گهوڙا گهوڙا 5- کان 6- ڦٽ
(46)
ٿا چون گهڙ بَحَر ۾، پُسُ ڪيم پاڻيءَ ۾، مِ ڀڄُ
بار کڻ باري برھہ جو جيءَ پنھنجي تي م جهِڄُ
جي ڀائين هورو[16] هئان هلڪو پسان پڻ ڪين ڪي
ڳنڍ ۾ ٿيءُ ڌار، جملي ۾ جدا، منجهہ ڌار ڇڄُ
جي طلب توکي خدا جي منجهہ اُڀت 2 پئي ٿي سڀت 3
خؤف ۾ خوش بي ڊپو ٿي رک خوشيءَ ۾ ڊاءُ 4 ڊڄ
رنگ هڪ ۾ روپ ڪئين آهن تجليون سؤ هزار
منجهہ ڪڪر لڙ واچ آھي مينھن آھي گاج وڄ
گل تہ ڏس ڪئن ڏينھن مان ٿي رات ٿئي ڪاري سياه
رات مان ڪئن ٿو ٿئي ڏينھن ڪئن ورئو اڀري ٿو سڄ
______________
(46) 1- بي ڊپو، ٿوري بار 2- اوجهڙ 3- سنئون 4- ڊپ
(47)
وسن جئن مينھن ڇَرؤن ڇيڄَ1
پچن پوکون پين سانگي پلر2 پيڄَ3
اکوڙي ننڊ، سنجهي جاڳ رب لئي
ڀڄائي ڀنجُر4 پَر بَرُ5 جئن ڀڄي ڀيڄ6
محبت جو جَنين کي مرض جاڳيو
وئا ورچي مٿا تن ڊب کڻي ويڄ7
پرابت8 پرت جو پولير پسارو
پڇاڙي ڏين پيڙون9 مھڙ ۾ ھيڄ10
ڏکن ۾ جي سدا سنرا11 وتن گل
سکن جي سي سچا ماڻين ٿا سيڄ
___________
(47) 1- گهڻو پاڻي 2- پاڻي برسات جو لڙاٽيل 3- گهڻو 4- اکين جون پنبڻيون 5- ميدان 6- صبح ٿئي 7- طبيب 8- حاصلات 9- سور 10- قرب 11- راضي
(48)
آه جانب ريءَ جيڻ جک جاڙ[17] سڀ سؤنسار سڃَ
شھر بازو ڀينگ بيدي بحر بر ٿئو ريل2 رُڃ
درد ڌاران دانھن ناھي سڪ ٻاجهون ناھہ سوز
منجهہ طمع4 تعظيم ناھي منجهہ محبت مان مُڃ
تَرڪ 6 ڌاران ناھہ طاعت 7، ناھہ طاعت ريءِ طلب
کاڄ ٻاجهون ڪيئن وڃي بک، ڪيئن لھي ريءَ آب اُڃ
جي طلب توکي ادا وجهہ نفس کي تڪبير ترت
درد ۾ دل داڳ ڪر سالم رکي منجهہ لاس ڀڃ
وِجهہ ڇڙي چانور چڱائن جا سڻڀ سچ جو گڏي
پوءِ وڌي ڏي جال بکين کي تہ ڪن ڪي جوان بڃ
گل آھي گلزار ۾ ڪڏھين خزان ڪڏھين بھار
ٿيءُ ٽڙي خوش ڪيم، ڪومائي م منھن ۾ پاءِ ڳُڃَ
_____________
(48) 1- اجايو 2- ويران پوٺو 3- کامڻ 4- لوڀ 5- ناس 6- ڇڏڻ 7- عبادت
(49)
پنڌ پؤ، وڃه ساڻ ويندڙ، وهُ م وڃ
پڇ خبر ۽ چار ايندڙ وه ۾ وڃ
هل م پنھنجي هوش تي ڇڏ حجتون[18]
لاڙ2 نيست نال3 نيندڙ وه ۾ رڃ
ٽول تي ٿئي ڪيم سرهو سمجهہ رک
سرت 4 سان ڏس ڏانھن ڏيندڙ وه م وڃ
ميٺ لقمي5 جي ۾ ڏس تون بورچي
کاڄ ٿي ٿيء خوش م کيندڙ وه م وڃ
گل تہ ڏس ڇا اُڃ پاڻي ڇا ھي پاڻ
پاڻ ۾ پھه6 پاڻي پيندڙ وه م وڃ
___________
(49) 1- اميدون 2- هلاءِ 3- سان 4- خيال 5- گراهه6- اندر وڃ
(50)
جي وئا ڪالھہ اڄ نہ وريا اَڃَ1
ڏِس اَسُونھيء2 وئا نہ ڪئائون سَڃَ3
جي پُٺيءَ پئا پئا پئي نہ پٺيا4
وئا وئا تا ورئا وئا منجهہ وَڃَ
ترت تڪڙا تکا وڃن تاڻا5
تاءَ تَوَ ۾ پون نہ لانجها6 لَڃَ
ڇاٽ7 ڇوھي ملار محبت جي
ڪئا مَڃر8 ڳاه9 گهوٽئا ات ڳَڃَ10
گهوٽ ٿيا گهوٽ ڪئا ڪنوارن ڪاڄ
ٿئا ملي گل ڦل موتي ڃَڃَ
___________
(50) 1- اڃا 2- جنھن هنڌ جي خبر نہ هجي 3- صلاح 4- موٽيا 5- جيسين جيسين 6- گهٽ ۽ پوئتي 7- مينھن 8- پن ٻوٽو 9- ڍڳ 10- جهجها
(51)
اڱڻ منھنجي ٽلي[19] دلدار تون اَچُ
ڀلي منجهہ حاسدن جي دل پئي ڦَچُ2
ويھي ڪي اور3 مونسان نام ربَ جي
تہ تو سان اوريان آءٌ ڳالھين ڳچ
درد تنھنجي جو دونهون ٿو دُکي روز
محبت جو ٻري من ۾ منھنجي مچ
سوري 4 سينگار آھي عاشقن جو
صبر ۽ سڪ ساڙو سوز ۽ سچ
محبت آھہ موتي امل ماڻڪ
سڌون5 آھينِ ڪائو ڪوڙ ۽ ڪچ
محبت بحر اونهون عشق حق جو
گهڙي گل لعل ٿي اِن عشق ۾ رچ
___________
(51) 1- ناز مان هلي 2- ڦٽ 3- ڳالھاءِ 4- ڦاسي 5- اجايا خيال
(52)
ڪڍ رُخا گهوڙا پڌر تي شاه پنھنجو ڪيم آنچ1
ڌيان رک دشمن اندر مُهرا مڙيئي جوڙ جانچ
پوک ۾ رک پاڪ نيت منجهہ امانت مان شان
ٿو بچي جيڪي بٽائيءَ کان ڪري گڏ ڦالٽ2 ڦانچ
جيڪي ڀاڱي ۾ اچي وٺ شڪر ڪر جاني جوان
ڏي اول ڀاڱو خدا جو پوءِ نيئي ٻيو سانپ3 سانچ
چيٽ ڪيو ڪتيون مگر پوءِ رک م آڌاون تي آرُ
رات ڏينھن ان لڙ م لڳ ڪي لَڙ 4 ڌڻي جي لوچ لانچ5
گل ادا گوشو 6 چڱو هنجي ڳچي هنجي ۾ پؤ
هنجي گوڏي ھيٺ هنجي ھي م ھاريا پاڻ گهانچ
_____________
(52) ڦاساءِ 2- ورھاءِ يا پتيون ڪر3- قابو ڪر 4- رستي 5- خيال ڪر 6- پاسو 7- نقصان ۾