حصو پھريون
پيالو ميء[1] سندو ڏي پر2 ڪري محبوب متوالا 3
تہ مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون هن هوش کي حالا 4
ڀَٽوُن5 آھينِ ايذائڻ ۾ دنيا جا مڙيئي مائٽ
توڻي ڀائر سڳا چاچا توڻي ڪي سؤٽ ۽ سالا
اٿيئي اي دل ڌڻيءَ جي دوستي ۽ شوق6 جي محبت
دنيا جي عيش عشرت7 کي ڀيري8 هڻ تون کڻي ڀالا
اندر ۾ عشق جنھنجي جاءِ پنھنجو ٿو وھي جوڙي
وسن برسات جئن دائم9 تنين جا نيڻ ٿيا آلا
جنين کي سڪ دلبر جي سدا ڏونگر وتن ڏوربون
پٿوُن10 ٿيا پير پھڻن ۾ ڇَپَرَ ۾ پيا ڇلي11 ڇالا12
محبت جھڙو ناھي ڪو مٺو ٻيو ٽول13 عالم14 ۾
خدا تنھنجي درد ۽ دُکہ جو دل ۾ شوق هئي شالا 15
ڏسڻ مان تنھنجي اي باغ حسن مون کي سرئا16 ٽي گُلَ
تنھنجو مک17 گل زلف سنبل منھنجي دل جيئن گل لالا18
________________________________________
(1) 1- شراب، محبت 2- ڀري 3- بي پرواه 4- حال کان 5- وڇون 6- قرب، ڪاڍو 7- خوشي 8- ورائي 9- سدائين 10- ذرا ذرا، ڦٽ 11- هلي، رلي 12- ڦوڦينڊا. 13- وٿ 14- جهان 15- هميشه 16- مليا 17- وات 18- لالا جو گل
(2)
دل ٿي پَچي پرت[2] ۾ توئيءِ پرين پيارا
آئين ڪين اڱڻ منھنجي محبوب جيءَ جيارا
راتيون لنگهئو وڃن جال2 ڏينھن ماه گذريو سال
لنگهئو بھار آرھڙ سانوڻ وڃن سيارا
غمزا3 سوين هزارين ماڻا4 ڳڻڻ کون ٻاهر
نت نوع5 لک تنھينجا ناز6 نِت7 نيارا
بيهوش ٿيا بره8 ۾ نينھن نيا هڻي نره9 ۾
ووءِ ووءِ ڪندا وره10 ۾ وئڙا هڄي11 هشيارا
ڏکئن جا ڏاج ڪھڙا رُلئن جا ڪھڙا روپ12
بکئن جا ڪھڙا ڀانڊا13 ولهن14 ڪھڙا ويارا 15
وڻ ماديون ٿين نَرَ گل ڇاڻيو جهلن ڦرَ
ميوا جهلين مند تي ليسوڙيون ليارا
________________
(2) 1- قرب 2- گهڻا 3- اک جو اشارو 4- ناٽ 5- نمونا 6- اشارا 7- سدائين 8- محبت 9- نااميدي، ڏک 10- يادگيري 11- تڪليف ۾ اچي 12- حالت 13- مار رکڻ جون جايون 14- غريب، سکڻن 15- ڪڙم.
(3)
خوب 1 خلقي تنھنجي صورت پاڪ خوش خاصي 2 خدا
منھن ملاحت 3 سونھن سلابت 4 سڀ ڪا سھڻي سدا
طالبن5 مولا جي منجهہ مورت مٺيءَ تنھنجي ڏٺو
صحي6 صورت حَقَ جي کي حَقَ7 باطل8 کان جدا
ياد ۾ ٿئا شاد9 تنھنجي پوءِ شاديءَ ۾ ڏکئا
وئا وچارن کانؤ وسري ماءُ پيءُ ڀيڻون ادا
جان جيءُ جند منھنجا جاني جان تنھنجي تان صدق 10
تون رھين باقي سلامت آءٌ مٿان تنھنجي فدا11
تات 12 تنھنجي ۾ ڪئي گل ترڪ 13 سڀڪا تانگهہ 14 تات
تون آھين منھنجو شهنشاھہ آءٌ تنھنجو پينو گدا15
______________
(3) 1- سٺي 2- عمدي 3- نمڪ واري 4- وڻ جهڙي 5- ڳولائن 6- پوري يا سچي 7- سچ 8- ڪوڙ 9- خوش 10- گهور 11- گهورجي 12- يادگيري 13- ڇڏي 14- خيال 15- سوال ڪندڙ
(4)
ٿي سڪي ساري سدا دل منھنجي توليءِ سَيَدا
ڏک ۾ راتيون ڏينھن سڄا دل منھنجي توليءِ سيدا
تاب[3] 1 تؤڙيءَ 2 سوڪ جي ۾ لاءِ سرڪيءَ 3 آب جي
جيئن اُڃيا آهن سلا دل منھنجي توليءِ سيدا
پھوُن4 پَٽَ ۾ ڍور ڍَٽَ5 ۾ روه6 ۾ روجهون هَرَڻَ
جئن سڪايا مينھن لا دل منھنجي توليءِ سيدا
منجهہ قرن7 منجهہ شھر بازارن بکئا جئن ٿا ڦرن
ٽڪر ٽيري ليءِ خدا دل منھنجي توليءِ سيدا
جيئن هڻي ٿو سئن سائل بيهو سڀڪنھن در مٿي
ڪي ڏهو نام خدا دل منھنجي توليءِ سيدا
جيئن چتون لاءِ باغ چانگاري8 ۽ بلبل لاءِ گل
قيس ليليٰ ليءِ ليلا دل منھنجي توليءِ سيدا
___________
(4) 1- گرمي 2- تاءُ ۽ تکائي 3- ذري 4- رڍون 5- چاري جي جاءِ 6- برپٽ 7- ڳوٺڙن 8- ڪاڍو ڪري.
(5)
آيو اڄ ڀار گهر پيھي وئا ڏکڙا وريا سکڙا
مليو پر [4]ڏيھہ ۾ ڏيھي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
مليو محبوب متوالو2 وئو ڏک ڏرت3 هڪ ٺالو4
ڀڳي دلدار دل ريھي5 وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
ڪرم ڪئڙو ڪمينيءَ سان لائي دل دوست سيني سان
ڳجهاندر 7 ڳالھہ ڪي ڪيھي 8 وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
ٿيو سُرتيا 9 سنگي 10 ساڄا 11 ڪريو واڄٽ کڙا واڄا
تننا تون چئو ويھي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
کلئون اڄ باغ گل رنگي هزارو ھيج 12 مان زنگي
نباھيو13 نينھن نرنيھي14 وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
____________________
(5) 1- محبوب يا ماڪي 2- بي پرواه 3- ڏک 4- گهڻو 5- ڳنڍي 6- مهرباني 7- ڳجهي 8- واه جي 9- خبردار 10- ساز وڄائيندڙ 11- تيار 12- خوشي 13- پورو ڪيو 14- پھلوان
(6)
دور 1 دليا جي مٿي اي دل ڪئين آيا ويا
سک مٿي سورن سٿي 2 اي دل ڪئين آيا ويا
ڪي سُوداگر راتو ڏينھان منجهہ وٺڻ وڪڻڻ خراب
ڪوڙ دنيا جا ڪَٿي 3 اي دل ڪئين آيا ويا
ڪن ڪيون پوکون ٿيون ڀرپور4 پي پاڻي جڏهن
پوءِ پڪي هنيئون هٿي5 اي دل ڪئين آيا ويا
ٻانڊ6 ڪيئين بحر ۾ لڙهندا وتن پاڻيءَ مٿي
پئا سڪي پاڻيءَ لٿي اي دل ڪئين آيا ويا
وئا دنيا جا شاه ڪئين دنيا ڇڏي منجهہ ھيٺ ڀوُن 8
پاڻ مھٽيندا کٿي9 اي دل ڪئين آيا ويا
گل حقيقت ٿو پڇين ڪھڙي دنيا جي دوُر جي
ڪا خبر ڪنھنکي اٿي اي دل ڪئين آيا ويا
_____________
(6) 1- وقت 2- ٺاھي رکڻ 3- ڳڻي 4- چڱي طرح 5- هٿن سان وڃايل 6- بنڊ 7- پاڻي، دريا 8- زمين 9- ارمان ڪندا
(7)
اچ دوست ڀري [5]پريت پيرا
ٿِي وير2 وندر3، ورونھن4 ويرا
منجهہ آس اکيون رھيون نھاري
ساجن تنھنجا سڀيئي سَيرا5
پستول پريت تنھنجي پائي
منجهہ جان جگر چلايا ڇيرا
سورن سر تي ڪَتي ڪتائي
ڍيرن مان وٽي وٽي ڪيا ڍيرا
دليون دلدار تو بنا ڌوڙ
مَنَ محب بنا تنھنجي ميرا
مِهِتَن6 ۾ ملان پڙهن مسئلا7
واسين8 هندو بتن جا ڏيرا9
المست عشاق حق جا ٻارئو
ٿا دل تي وتن ڏکن جا ڄيرا 10
شيخن ۾ ڪباب ڪيو پچائين
جوشن ۾ جگر جوان جيرا
محبوب وڍئو تنھين جو هڏ ماه
منجهہ شيخ ڪرئو هڻن ٿا ٻيرا 11
سؤ بار ڪرئو سچا صدق سر
گل گهور ڏيو ڏين ٿا گهيرا 12
____________________
(7) 1- هلي 2- بھادر، عقل وارو 3- دل پرڀائيندڙ 4- دل جو حال ٻڌندڙ 5- رستا،، گهمڻ جون جايون 6- مسجد 7- سمجهہ جون ڳالھيون 8- خوشبوءِ ڪرڻ 9- جايون 10- باه 11- ٽڪر، ذرا 12- ورور
(8)
جي هوا ڪالھہ ڏٺم اَڄ نہ ڏسان مان سڀا
جوءَ[6] ۾ جت جهجها آهن اَي 2 اَليا 3
وره 4 ويراڳ 5 وندر منجهہ رلائي سسئي
ڪيچ کي رات جو چاڙھي جت ويا پنھنجو ڀا
پئو اُلو عشق سندو اَوس 6 اُٺايو آتش
جهنگ کاڻو پٽ ٿئو پٽ لڳي باه اَڀا 7
واه تلوار سندي عشق ڪري ھيڪ هزار
رُڪَ جِي ٻن مان ڪري چار ڪپي ٽڪر ڳڀا 8
وصل ۾ آه ڏسڻ ھيڪ ٿيڻ پوءِ ڇڄڻ9
سڪ سانڍڻ ۽ سڙڻ گل ڪڇڻ ڪين ڄڀا 10
_____________
(8) 1- ملڪ 2- دوست 3- نہ لڀندڙ 4- ڏک 5- دنيا کي ڇڏڻ 6- سخت باه 7- آسمان 8- ڀاڱا 9- جدا ٿيڻ 10- زبان
(9)
آءُ پيھي محب مٺا منھنجي اڱڻ مهر منجها
نانھن ڪو ٽول منھنجي گهر ۾ تنھنجي سوُر سوا
سک ٿيو سور جنھين سور سڄڻ ڪئو سينڌو[7]
عيش آزار پرين ٻاجهہ آھي درد دوا
حب تنھنجي حل2 ٿي منھنجي هنئين ۾ ھادي
نانھن ڪي ٻھر اندر تنھنجي بنا پٺ اڳ کا
آه مؤجود سڀت صورت سڀ ۾ سھڻو
لامڪاني نہ رکي جاءِ آھي هر ڪنھن جا
محو ٿيا ذات ۾ ذاتي صفتن کان ٿي فاني
ويا لنگهي برپٽ رڻ لڌائون باغ بقا3
وصل ۾ دوست جي گل ٿيو گلزار کلي
گل کي گل نہ وڻن بهشت سندي باغ سندا
_________________
(9) 1- واقف 2- سمجهڻ 3- هميشہ وارو
(10)
ٿا پين عاشق خوشيءَ ۾ شوق جي رت جو شراب
ٿا پچائن پاڻ پنھنجو ڪيو جگر جيرو ڪباب
نفيء1 ۾ ڪيئون پاڻ فاني ٿيا فنا ۾ لا الله2
وئا نہ الا الله3 کي اوڏا گنھہ تنکي ثواب
لوڪ طالب ذؤق 4 جو شادي خوشيءَ جو سيڪڙو 5
اُنکي دائم سور سکه ٿيو عيش عشرت ٿيو عذاب
ڪين هڻّن تند طنبوري جي اُوهٿ تي کڻي
جان جسو سنڌ سنڌ رڳ رڳ اُنھيجي ٿي رباب
درد جي لوساٽ 6 اُڃ ۾ پاڻي چشمن جو ڪڍي
دفع تپ جي ليءِ گڏئو رت اُن ۾ ٿا جوڙن لعاب 7
اُن جيون اکيون حؤض ڪوثر آب خضر
رت رحيق 8 روح راحت جان جو ٿئو جئن گل آب
____________
(10) 1- نہ هئڻ 2- ڪلمه نفي جو يعني الله نہ آھي 3- ڪلمه اثبات يعني سواءِ الله جي ٻيو نہ آھي 4- شوق يا لذت 5- ڳولائو 6- سخت اڃ 7- مغز يا پاڻي 8- بهشتي شراب
(11)
حسن تنھنجي نئو هڻي ھينئڙو حبيب
لنؤ وڌو لاسين لڻي لاھي لبيب [8]
يار سڀ اغيار2 ٿيا جيڏا جدا
زهر قاتل جيئن ڪڙا قربا قريب
ميٺ ۾ محبوب تنھنجي ٿيا مٺا
رلج روهن3 ۾ رفيقن ۾ رقيب4
تنھنجي صحبت ۾ سلامت ٿيا سقيم5
ٿيا نظر سين تنھنجي نافع6 بي نصيب
جي پليتن7 ڪيا پري پر تان سڏي
پير ڪيا تو پاڪ پاڪيزا نجيب8
ٿيا سُرُوڻا9 سُرتيا ٻوڙا گنگا
عيد ڪي انڌن ڏسي توکي عجيب
ڪيا غني10 تنھنجي غنا11 مسڪين سڀ
گنج مان ٿئا گنج وارا گل گريب
_______________
(11) 1- دوست 2- دشمن 3- ڏک 4- دشمن 5- غريب- ضعيف 6- نفع وارا 7- بڇڙن يا دشمنن 8- بزرگ، شريف 9- ٻڌندڙ 10- شاهوڪار 11- تونگري
(12)
جنين کي شؤق حق جو سي نہ ڦرن مشرق[9] و مغرب 2
خدا دل ۾ محمد دل ۾ اُت مڪو اُتي يثرب 3
پنھون ٿيا پاڻ سسئيءَ جئن نہ رلن روه ۾ هرگز
منجهيئي ڪيچي منجهيئي آتڻ منجهيئي ويڙيون4 منجهيئي هب5
جنين کان غير 6 ويو ٿيا عين 7 ٿيا عريان 8 عالم ۾
نڪو خالق رکن پنھنجو نڪو مولا نڪو تن رب 9
چون جئن سو ٿئي تئن جيڪو ٻولن ٻول ٻولائي
اَمر آھي قلم اُنجو ٿيو سو ڪن جئن چورن لب 11
سدا گل جئن وتن سنرا 12 ٿيا رنگ روپ ۾ بنرا 13
اندر ٻاهر هڪو جهڙا تھڙا منجهہ ڏينھن تھڙا شب 14
___________________
(12) 1- اوڀر 2- اولھہ 3- مدينہ شريف جو نالو 4- سٽ جون ڦوريون 5- رڻ پٽ 6- ٻيائي 7- اک وارا (ڏسندڙ) 8- ظاهر، اگهاڙا 9- پاليندڙ 10- حڪم 11- چپ 12- خوش 13- گهوٽ 14- رات
(13)
آه سھڻي ستُر سان سٿڻ مٿي چادر جي ڏاٻ 1
منجهہ کيڻ چيٺي چٻاڙي ڏاٺ ڏند کي ڏيڻ چاٻ 2
جيڪو پنھنجي ريج کي ٿو ڪين اٽڪل 3 ۾ رکي
اُنجي ڌرتي کي ڊڪي ڊوڙي ڪريندا ڍور کاٻ 4
جي خزانا سؤ لٽي ڪو اهل دنيا جو هزار
ناھي تھڙو جهڙو ڏي مسڪين ٿو ڪا هڪڙي ڊاٻ5
عاشقن جي درد جي ناھي دوا ڪا وصل6 ري
پر دلاسو دوست جو آهِ جئن پاڻيءَ کي ڇاٻ7
ساريو ساريو ٿي سڙي دل دوست جي ديدار لئي
درد کان دانهون ڪري هئي هئي ڪريو آهون اُٻاٻ 8
باه محبت جي توکي اي گل پچائي لعل ڪيو
جئن رچي هڪرنگ ٿيا منجهہ اوس 9 ڪُشتن جي ۾ داٻ
________________
(13) 1- گوڏ 2- چٻاڙڻ 3- نظر 4- خراب، کٻ 5- دمڙي 6- ملاپ 7- روڪ يا جهلو 8- بيوس 9- گرمي
(14)
سُخن کي جنجي سچ ناھي وڃائي وات ڪيو لٻ لٻ
ٽويي ۾ ناه هڪ داڻو ڌنيو بيٺو ڌ نئي دٻ دٻ
ڪلر کاڌي بنا[10] جنھنجي آھي ري ٿنب ري ٿوڻي
ڪري اوءَ اوچتي ڪڏھين مٿا ڪن پئي ڪري ڍٻ ڍٻ
پيئي جا ٽُڪر ٿو ٻي ٿي چاڙھيو اُنکي تون دوٻين2 ٿي
هن ۽ هن کي ڇو لوئين3 ٿي ڀڃئو هٿ سان ڪريو ٿٻ ٿٻ
جنھنجا ويا جوءِ مان جهانگي وڃي پرڏيھہ ٿيا سانگي
مٿي تي او ٻڌئو ڪانگي 4 پڇي پھرون 5 خبر پٻ پٻ
ڏيکاري گرھہ ڏوران ٿو نہ ڏي هٿ ۾ سو موران ٿو
کڻئو اکيون ڏي گهوران ٿو چوي بيٺو چريا چٻ چٻ
آھين جي مڙس گل تون درس6 گهڙ منجهہ تار ڏي تاريون
ڇاکي ٿو ڇوڪرن جئن ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ڪرين ڇٻ ڇٻ
_______________
(14) 1- بنياد 2- سخت باه ڏيڻ 3- ڏوه ڏيڻ 4- ڪپڙي ٽڪر 5- ماڻھو 6- برابر
(15)
نِيرُ رنگ واڌو ڪڍي منجهہ جهڳه[11] جهُٻ
عشق وارو وڌ وڌي منجهہ لوس2 لٻ3
پاڻيءَ تي ٽھڪي تپي جئن جئن ڪنو
ٿو رجهي تي کاڄ جئن سانڀينِ4 اُٻ
ڀون مٺيءَ تي ٿا ٿين پوکون پُڙا
گاھہ وِي ٻيلا ڪلر ۾ ٿُٻ ٿُٻ
ٿي پڪي عادت وڏي جا پيئي ننڍي
لئا پڪي پختا ڪچي پيا جنھنکي ڪٻ
ڪين نڪرن ٿا سلا سالم اتي
جت هجي ڀون گاھہ کڙرو کٻ کٻ
تڙ تڪڙ ۾ ڪئن وجهي وک ترت ۾
پير ۾ گل جنھنجي نڪتي آه گهٻ
_____________
(15) 1- لتاڙڻ يا گهمائڻ 2- ڇينڀ 3- ٿڪ ڙپ 4- سوگهو
(16)
دل جي توکي سور ساجن جو تہ سکن لي مَ کَپُ 1
ھيج 2 لئي ھيڻي3 مَ ٿي هم غم ڏسي هرگز مَ هَپُ4
ڏي سري عاشق اڳيان معشوق جي تا ٿئين شھيد
جي ڪوٺي توکي ڪنھنن سين قرب ڏيئي ڪنڌِ ڪپ
پي سروُ5 ٿي پيش تون مخمور 6 حق جي ذوق ۾
پوءِ مڇڻ 7 ڪو اوچتو کائي وجهيئي نانگ سپ 8
جنکي محبت ياد مولا جي اندر ۾ آه آنٽ 9
تانگهہ تن کي تات تاري تَنَ مٿي تاريڪ 10 تپ
ٿئو وظيفو جنکي روزي رات ڏينھن رويت 11 حبيب 12
سي ٺھن ڪئن ٺاھہ ڪنھنجي، پئي انھين کي ٺام 13 ٺپ
جيڪي راضي ٿئا رضا تي صبر مان تن سرئو 14 سود 15
توڻي چاڙهن انکي سوري16 پڻ نٿا چورين چپ
سور سانڍڻ سوز سيني ۾ جنين کي سرئو سِر17
توڻي ڦٽجن سام سٽجن گل تا اُنکي گهاءُ گهپ 18
_______________
(16) 1- ارمان ڪر 2- خوشي 3- نا اميد 4- موٽ 5- خدائي محبت جو شراب 6- متوالو، نشڻي 7- متان 8- بلا 9- جوش 10- سخت 11- منھن 12- دوست 13- فرحت 14- حاصل ٿيو 15- فائدو 16- ڦاسي 17- ڳجهہ يا رمز 18- اونهو
(17)
براه[12] جي پيئي جنھن تي باري ڇيپَ ڇِپَ
چور2 ٿيئڙو چوڙ3 منجهہ چيپاٽ چپَ
نينھن جا پيا منجهہ نِرن4 جنھنکي نير
تئن ٽڪر ٿئي تنگ جيئن ڏي ٽيڙ5 ٽِپ
درد منجهہ دل دوست تئن دُرُ6 درس ٿئي
جئن ڦڙو موتي ٿئي منجهہ پيٽ سپ
عشق پڌرو ڄاڻ ڄيري جي ڄڀي7
پوءِ ڳجهو تلوار جئن منجهہ کل کپ 8
جا مڪي ٻاري جڏهن لب9 تي رکن
ٻھر ساڙئو پون ٿا تنـﮧ ٽير لپ
زهر افعيٰ کي اکن ۾ آه اور
جو ڏسي ڏورا اُٿي ڏي ساه لپ11
ڪين پرچن پَٽَ12 تي گل پي سرو13
جي پيا ڪا ٿا14 پين پُر پوڄ15 پپ16
_________________
(17) 1- محبت 2- چپيل 3- تڪليف 4- چيلھہ 5- لچ 6- موتي 7- لاٽ 8- مياڻ 9- چپ 10- ڪارو ن انگ 11- يڪدم 12- ٿوو ذرو 13- شراب 14- پيئندڙ 15- ڍؤ تي 16- دنگ
(18)
ماريو ماريو جنکي مارين تنجو پئڙو توتي پاپ
ڏاريو ڏاريو جنکي ڏارين تنجو پئڙو توتي پاپ
لوڻ جئن پاڻيءَ ۾ وجهيو پوءِ گهمائي آڱريون
درد سان دلڙيون ٿو ڳارين تنجو پئڙو توتي پاپ
ڄيرو ٻاريو عشق جو جنجو ٿو کائين هوش عقل
پوءِ نہ واريو انکي ٺارين تنجو پئڙو توتي پاپ
واعدا ڏيو وصل جا دلڙيون وجهين ٿو شؤق ۾
قول ڪيو جن سان نہ پارين تنجو پئڙو توتي پاپ
ڪنکي ڏنءِ دؤق[13] دنيا ۾ ڪنين کي آخرت
جن کي ٻنھين کان ٿو کارين تنجو پئڙو توتي پاپ
چاڙھيو چاڙھيو آب2 عزت ۾ مٿان چوٽيءَ جي
واريو واريو ھيٺ ڍارين تنجو پئڙو توتي پاپ
پھرين ڏيو آبرو گل جئن ڳچيءَ پنھنجي وجهين
پوءِ ڪنڊن جئن ٿو ٻارين تنجو پئڙو توتي پاپ
____________
(18) 1- خوشي 2- مان
(19)
ديد[14] تنھنجو دوستن لئي ٿوڀ 2 ٿاهر 3 ٿوڻيون ٿنڀ
دشمنن جي حق ۾ ڏينڀو ڏنگ ڏاٽا آه ڏنڀ
چشم تنھنجا آهن چشمو لاءِ تاسئل 4 عشق جي
آب ڪوثر جو اُڃين لئي حاسدن ليءِ ٺار ٺنڀ
شؤق تنھنجي ۾ هڻيو هٿڙا ڄنگهون ٻانهون هڻان
ڪين پھچان ٿي پريم 5 کُسي سڀ کنبڙ کنڀ
ديد تنھنجي لاءِ دلبر دل ڦاٽئون دانهون ڪري
جئن گابو ڳئون لاءِ ڳئون لئي ڦر ڪري ٿي راڙ رنڀ
لاھہ گهونگهٽ وِهُ کلي گل عاشقن جي پيش تون
مکري وانگر منھن لڪايو ڇو ڪرين ٿو چار ڇنڀ6
_____________
(19) 1- ديدار 2- پٺيان آڌر 3- فرحت واري 4- اڃايل 5- دوست 6- پکڙيون
(20)
اي تون مالڪ ملڪ جو توکي سريو سردار سڀ
تولئي پيدا عرش ڪرسي ٿيو تولئي ڀون ۽ اَڀ
آه تنھنجي امر ۾ لوح و قلم جئن ڪئن لکي
جوڙ تنھنجي مان جُڙيو سڀ ٽول 1 ڇاجي ڳوڀ 2 ڳڀ 3
يا محمد آءُ تون ٻئو سڀڪين خلقيم لاءِ تو
چيو خدا منجهہ شان تنھنجي تنھنجو شاني 4 ٿئو الڀ 5
تنھنجو تابع 6 ڇا جي مسلم تنھنجو هندو ٿيو مطيع 7
امر ڌاران تنھنجي عالم ۾ نہ چري ڍور ڊڀ
گنج احمد جو لٽئو پينون پني ٿيا پادشاه
اي ادا گل تون بہ وڃ ڪاھي اُنھي تي پوءِ چُڀ 8
_______________
(20) 1- شئي 2- ظاهر پيدا ٿيل 3- ماءُ جي اندر ۾ 4- ثاني 5- ناپيد 6- مڃيندڙ 7- ڪنڌ نوائيندڙ 8- منجهہ وڃ
(21)
ڏي مَ هِنَ هُن کي هنيون حق ساڻ پنھنجي رهج رُڀُ[15]
شڪر ڪر منجهہ نعمتن 2 پوءِ منجهن بلائن ڪيم ڏڀ 3
وجهہ وک واڌو وڌائي دل رکي سين ڌيان درس
ڪرم پاسو ھيڏي هوڏي وڃ سئون منجهہ چال چڀ
رک خدا جو خيال هڪ دل تي ڪڍي خطرا خلل 4
منجهہ وڃڻ ڏس ڪيم ڪيڏنھنہ منجهہ ورڻ وٺ سال سڀ
نفيءَ ۾ ڪر پاڻ ثابت منجهہ عدم موجود ٿي
رنجڪي 5 کي ريج ڏي وڍ جو وڌي ٿو لاڀ لڀ
باغ بيرنگيءَ 6 جو ٻوٽو تون وجودي واه گل
واس تنھنجي واسئو گل عرش ڪرسي ڀون اُڀ
______________
(21) 1- رنڀيل 2- مهرباني 3- پريشان 4- ٻيائي 5- فڪرات 6- هڪ سمان
(22)
آءُ منھنجي من ۾ دلبر تنھنجي تاري تنھنجي تات
ٻي نہ ٻولي ڪاٿي اُڄھي ووءِ ووءِ ووءِ وائي وات
ڪيو اکيون آگم وسن ھاريو هنجون هم غم ۾
ڪين اوڪارين 1 سانوڻ مينھن جئن منجهہ ڏينھن رات
جئن ڪري تاڙو تنوارون ڪوئل ڪڇ ۾ ڪونج روه
لاءِ تو عاشق پڪارن هنڌ سنڌ ڪابل قلات
جن کي آھي شوق سڪ سيني ۾ ثابت يار جي
سي نہ منھن موڙين محبت کان ڪنھن جي تنکي ڪات
درد آھي دل ۾ دائم درد مندن کي ضرور
صبر وارا پاڻ پيڙن ڪين وجهن ڪنھن سين چات 2
گل جنين کي شوق مولا جو ٿيا شادان سي
ريءَ حسب اُن ريءَ نسب 4 ڏوري لڌي ڏاتر کان ڏات
______________
(22) 1- ماٺ ڪن 2- دشمني 3- خانداني درجو 4- ذاتي وڏائي
(23)
قول جي تو ڪيا پريم سي پار پنھنجا پنھنجي پت
جئن ڪئائي تئن ڪري تڪرار سان تنھن ڀير ڀَتَ [16]
تون بہ دل رک ڌيان تنھنجي جت چيئون توکي الست 2
ٿي بليٰ 3 توتي بلا ڪر فھم 4 دان 5 ٿي مدت
سور ساجن جا اٿيئي سارور 6 ۽ سينگار ساج 7
کڻ مٿي تي ٿي مَ ھيڻي پؤ مَ ڪنھنجي سام 8 ست
جي کلن تو سين خوشيءَ مان جي وھارن هنج ۾
ٿي م سرھي سهج 9 ماڻي سڀ مڻي ڇڏ لاڏ 10 رت
ٿي مڙھيءَ 11 ۾ ڪيم ماندي مهت 12 ۾ محفوظ 13 ڪيم
منجهہ محبت ڪرم ماڻو وٺ چڱي ھيءَ منھنجي مت
ٿو وجهي ڦاھي شڪاري منجهہ رسيءَ رکيو ڌيان
ٿو چڙھي مٽ تي مھاڻو هٿ رکي ٿو ڇاڙ 14 ڇت
ٿو ٽڙي گل ويل جنھن بلبل ڪري تنھن وقت دانھن
ماٺ منجهہ ماڻي15 ڪري گل سڻ چڱيان ھي ڳالھہ ڳت
_______________
(23) 1- رب پاڪ جڏهن سڀ روح خلقيا، تڏهن روحن کي امر فرمايائين تہ ”الست بربڪم“ اوھان جو رب نہ آھيان ڇا؟ روحن عرض ڪيو ”بليٰ!“ ھائو. شاعر ان تي چوي ٿو تہ جو بليٰ چئي پاڻ تي بلا وڌي تنھن تي ڪو ويچار ڪيو اٿئي؟ 2- نہ آھيان (اوھان جو رب)؟ 3- ھائو 4- خيال 5- ڏاهو 6- نازڪ ڪپڙو 7- سامان 8- پناري 9- خوشي 10- انگل 11- مندر 12- مسجد 13- پناه وارو 14- شڪار جي ڪاٺي 15- بي پرواھي
(24)
مئا جي محبت ۾ ماريا نہ موت
وتن جال[17] جئرا فنا ڪيا نہ فوت
رَڏئو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ ٻيءَ
هڻن جئن ٿا ھاري کراڙا ۽ روت
سدا سبز ساوا هِتي پڻ هُتي
منجهان پاڻ پاڻي پين اوت 2 اوت
منجهان پاڻ پنھنجو پرين ڦولھہ 3 پس
آھين تون توھين تون مَ ڏي ٻھر جهوت 4
ڪپھہ سٽ ٿيو سٽ ڦري ٿيو ڪپڙ
ڪپڙ مان ٿيا پٽڪا ۽ پيرهن پوت 5
پائي پيچ تاڃي ۾ پيرن پڌار
ٿيا ڳنڍجي گل مڙيئي ڳوپ ڳوت
فڪر هٺ ٿيو هٿ ملن جوڙ گلَ
جوڙيندڙ منجهان جوڙ ڏس ڪير ڪوت
_____________
(24) 1- هميشہ 2- گهڻو 3- ڳول 4- رُل 5- چنيون 6- ماڻھو