شاعري

ديوان گل

”ديوان گل“: ٽالپر دور جي پھرئين غزل جي صاحب ديوان شاعر خليفي گل محمد ’گل‘ ھالائيءَ جي غزلن جو ديوان، پھريون دفعو جنوري  1859ع ۾ مطبع ممبئيءَ مان ليٿو پريس تي شايع ٿيو هو.  1933ع واري پنجين ڇاپي ۾ محمد صديق ميمڻ ’ديوان‘ گل جو تفصيلي ديباچو بہ لکيو هو، جنھن ۾ خليفي گل محمد جي ڪلام جي خوبين، بلاغت، فصاحت، تشبيھن، اصطلاحن، پھاڪن جي استعمال، وزن وغيره تي اجمالي بحث ڪيو ويو آھي. خليفي گل جي زندگيءَ جا حالات عبدالغفور ھالائيءَ لکيا هئا. ديوان گل ۾ الف- ب وار رديفن جي ترتيب سان 175 غزل شامل آهن. 

Title Cover of book ديوان گل

حصو ستون

(128)

حق[1] سڃاڻي حق کي اي شرڪ2 شَڪَ
تار ۾ تارو تري ري تور3 تَڪَ

پير کي پيري کڻي ڄاڻوُ وڏو
جت هجي ڀون گاھہ کرڙو جال جَهڪَ

ڀوميان4 جهاڳين ڏونگر ڏاکڙا
چوٽيون چاڙيون اڙانگيون لاھہ لَڪَ5

عشق جنکي آڪرو6 اُڪريا اُڪار
ڏيل کي ٿا ڏين ڏاھا ڏور ڏَڪَ7

سامھان سيني ۾ سورھہ ٿا جهلين
تيز تيرن يار جا، ريءَ ڍال ڌَڪَ

پوش ۾ پڌرا اُگهاڙا سِرّ ۾
حال محرم جي وتن منجهہ ستر ڍڪ

جي لڪل هوئي کٿوري گل ڳجهو
ٿي ڪري ٻاهر اُنھي تي بوءِ بڪ 8

________________________________________
(128) 1- سچ 2- ٻيائي 3- خيال 4- ملڪ جا رھاڪو 5- پيچرا 6- گهڻو 7- دلاسا 8- شاهدي

(129)

وڃ وڃڻ ۾ م ڪر چلڻ ۾ چِرِڪُ
راه رب جي مٿي اُٿي ڪي رِڙِهڪُ[2]

ڪر همت هل هنئين سين هوتن ڏي
هِنَ هُن کي ڏسي مَ ھارئا هِرِڪ

پنڌ ۾ هل پلڪ سين کڻ ٻئي پير
پرين جي پار پُرُ، مَ ڍولا ڍرڪ 3

وِھہ پري ڪيم، ٿي رڙھي ويجهو
صف صف مان اڳي سِرئو 4 ٿو سِرڪ

چيت سان هل چڱيان مٿي گپ چڪ
هوري هوري، م تاءَ تک ۾ تِرڪ

گل هڪو آه ٻيو سڀوئي غير
ڇڏ ٻئائي م ڪر خدا سين شرڪ

________________
(129) 1- هل 2- اجائي سڌ نہ ڪر 3- سست ٿي 4- هليو

(130)

پوک جنھن پاڻيءَ کي پيتو پوڄ 1 موڪ
ڪين ڪن ساوا سلا اُنجا ٿا سوڪ

منجهہ ٿڻن ڦَنڊِنِ جي هٿڙا ڪيم پاءِ
کير لئي سانگي سُوائون ٽِهل ٽوڪِ 2

ڪرم اوڌر جنس ڏيئي کڻ مَ کَڻُ
وٺ پھ ھا ٿو ھاٿ ڏي پڻ رتب 3 روڪ

منجهہ چرونءَ جان ٿانو پيءُ پاڻي پَسي
اونڌ ڪنڌ ڪؤنري جي ڏُنڊ نائي م ڏوڪ 4

پيٽ کي پيٽي مَڀرَ دُن نَڪَ ناءِ
کايو ڪک پن ڪيئين جئن ڪيم اوڪ 5

گنج گوهر جي مٿي گل ٿي گداءِ
پاڻيٽ پُنُ پُر 6، ٺلھا ٺڪر م ٺوڪ

________________
(130) 1- گهڻو 2- ڏھہ 3- ان مهل 4- پي 5- الٽي ڪر 6- ڀريل

(131)

آءٌ نہ گڏجون پاڻ ۾ ٻئي خوب پائي يار ٻک
خوش ڪريون دل پانھنجيءَ کي جڳ ڀلي پيو ماري جک[3]

ڪين رهّن ٿا جهليا ڪنھنجا جنين دل ويئي هڄي
توڻي متيون ڏين مائٽ مڙيو ميڙا ڪريو لک

جن پيالو عشق جو پيتو ڪيا مخمور2 ميء
ٿيا اُگهاڙا عقل کان عريانُ4 عالم ۾ الک

غرض دنيا جي ڪنان آجا ٿيا اُو رند گهوٽ
ويئي ٻڪيءَ جي ڪاڻ اُنکان ڪان ڪن پرھيز رک

سور آھي سينگار سورئن جو سدا سوريءَ جي سِر
چت جنھينجا چور ٿيا تنکان نہ اُڄھي چک مک

باھہ جنجي آھي سيني ۾ سدا دونهون دکي
تيئن ڪري شعلا ٻڙڪ 4 جئن جئن وجهي ڪوتن تي ڪک

گل پکي جو ٿيو سدا سورن سندي پڃري ۾ بند
ڪيئن اُڏامي ٻھر سو جنھنجا کسي ويا پر پک

__________________
(131) 1- واھيات بڪ 2- نشئي 3- ننگا 4- تکا يا وڏا

(132)

هل همٿ سين وڌائي واڌو وک
جلد ويرم م لاءِ لالن لِک[4]

چڙھہ پتڻ تي وڃي لنگهي پؤ پار
ٿو وھي بحر طرح ڏاڍيءَ تک

مِھر محبت ملاح ڪيا سُرھا
وئا سمي جي سھاڳ 2 ۾ سڀ کک 3

رھہ مٿي دين، وجهہ دنيا کي ڌوڙ
مال تي ڪيم ڏي مٿي جي مِک 4

سڀ سلامي آھين صاحب جا
گل مسلمان ڇا جي هندو سک

_______________
(132) 1- ٿورو ذرو 2- پيار 3- مڇيءَ جي ڌپ 4- ميڄايو

(133)

تُھہ نَھاري صاف ڪڍ ان، سڀ ڪڍي ڏاکر ۽ ڏاک1
آھہ معنيٰ سِرُ صورت ۾ نہ مورت دَکَ2 داک

پاڙَهَڻُ منجهہ ڀوُن، منھہ تي ٻھر پن ٽاريون ڪڍي
ڏس ڪَدُ نجي ڇانو نارنتي تھان وڌ واھہ ڊاک

رک سنگت صحبت سنئين سين، ٿيءُ م ڏنگن سان ڏنگو
ڪوڙ تي شاهد ۾ ٿيءُ کڻ ڏي مٿي سچ سَندُ ساک 3

رات جاڳن رنج وارا ٻئا سريو جن سور سور
لوڪ جاڳي لاءِ لالچ ٿي کلي جنھن وير باک

رنگ گل جي سان جُڙي ٿو ڪين ڪين ڪرمز 4 بَقَم 5
توڻي کهنبو آھي سينڌو ڇا مڃٺ گيڙو ۽ لاک

_________________
(133) 1- ڪڏا 2- ڏيک ويک 3- قسم 4- ڪرمزي رنگ 5- وڻ جو نالو

(134)

لوح[5] منھنجي تي لکيو ڪاتب ازل جي تنھنجو انگ
برھہ ڪيو بيران2 بت، دل کي لڳو ڪوٻاڻ ٻنگ

ڪو نَظُر راوي ڪناري ھير تي رانجهي وِڌو
تخت وسرئس بخت وسرئس ساڙُ ٿيڙس سيال جهنگ

راوَ3 سِرُ سڻ راڳ تي ڪاٽي ڏنو ڪنھن ريجهہ تي
چاھہ مان ڪنھن جنھن وڄايو چوري چارڻ چاڙھي چنگ

بوبڪر صديق اڪبر پرت کان پاسي نڪيو
پير ٻرکان پانھنجو توڻي هنيو ٿي نانگ ڏنگ

جا سُوا آھي سدا سا ڪيئن مڙي ريءَ لار ڦر
توڻي ميهر ٿو ٻُلھي5 اُنکي وجهي پيرن ۾ ڍنگ

جوداڻون منجهہ ڀون ڳري پاڻي پيئي سائو ٿئي
پوءِ بچي ڀَرَ ڀيل6 کان سو ٿو پچائي سال7 سنگ

آھي ڪپڙو جو صفا ڌوتو کٽيءَ کنڀ ۾ وجهي
سو رچي ٿئي لعل گل جي اُنکي ڏين ھالاري 8 رنگ

_________________
(134) 1- ڦرھي 2- حيران 3- راءِ ڏياج 4- ننڍي 5- سار مان ڦوڪ ڏيڻ 6- زيان 7- پورو 8- ڳاڙهو

(135)

ڪنھن سفر ويا چڙھي سٽاڻي [6] سانگ2
ميڙ مارو وٺي سڀئي ڌڻ ڇانگ3

جَت رھيا ڪين جوءِ ۾ جانب
وڳ4 ورائي رکي اُٺن تي لانگ

ڪيچي ويا ڪيچ کي ڇڏي سسئي
ننڊ ۾ رات کي چڙھي سر چانگ5

باغ مان ويا ڇڏي چتون چيھا
سڀ رھيا آھين وھيا ۽ ڪانگ

رات گذري ويئي پرھہ ٿي صاف
ننڊ ڇڏ گل ڏني ٻانگي ائين ٻانگ

___________________
(135) 1- سخت 2- مسافري 3- ٽولا 4- اٺن جو ٽولو 5- اٺ

(136)

لاهوتي لعل ڪڍيو ٿا وڃن لُنگ
ڪري سامي سناسي پاڻ ۾ سنگ

اُڏاميو ٿا وڃن مڪڙ ملڪ مان
ڇڏيو پنھنجن ٻچن جي ٻاچ 1 ۽ پُنگ 2

بٺيون چاڙھيو ڏين ٿا مڙس مانيون
پلائون ٻوڙ حلوا ڪيو ڍڳڙ ڍنگ

ڪري سؤدو صفا وٺ ٻول پنھنجي
مَ گهُرُ واڌو تھان پوءِ ريڙھہ ڪيو رُنگ

ڏين جت ٿا وراھيو ورڇيو ماپ
اُتي وٺجي ڏين جي لپ چُرون چنگ 3

اگهوري عشق جا اوتيو صراحيون 4
پيالا پٽ پيو چاڙھين ٿا دنگ

وڃن ٿا وبر 5 وحدت ۾ وڌيو گل
جريدا 6 جوش کان جولان ڪيو جنگ

________________
(136) 1- آنا 2- ڦٽل ٻچا 3- چونگي 4- گهگهيون 5- پھلوان 6- اڪيلا

(137)

قرب ريءَ قدرت نہ اُڄھي سچ جي ڌاران نانگهہ سگهہ
بيٺ[7] ۾ جي نانھہ ناڻو پوي ڪھڙا پار اگهہ

بخت معنيٰ هوش آھي بخش حق جي ري منٿ
ڪي ننڍا ٿيا نامور ڏکيا وتن ڪي جال ڏگهہ2

ٿانو پختو ٿو جهلي سڀ ٽول کي قابو ڪيو
ڪيئن رھي پاڻي اُنھي ۾ جنھن کي ٿيا چوطرف لنگهہ 3

گل وڏو سِرُ آھہ عالم علم اُن جو اَنت4 نالـﮧ
ڏس پرين پنھنجو پڌرو تي پَؤ مَ منجهہ ٻيلاٽ گگهہ 5

__________________
(137) 1- ھڙ 2- وڏا 3- ٽنگ 4- حد- گهاٽو

(138)

درد ۾ دلدار جي ڏس ڪئن ڪري ٿو ناز رينگهہ1
چاھہ ۾ چلهجئو چلڻ ۾ اُٺ مٿي ڪئن ٻار چينگهہ2

ٿي ٿئي خوش وقت تنھن جنھن ٿو چڙھي دلبر وھي
لاڏ مان لڏئو لڏي هن پار ۽ هن پار پينگهہ

ٿو وڻي سرمون سدا اک ۾ عجيبن جي عجيب
ٿي وڻي واڌُ تنھين کان منھن ۾ محبوبن جي لينگهہ 3

جيئن آھي جهڻ ڇاھہ گهاٽي، دِڳ دِڳ ڌنورو ڏھي
گرم سائي کاڄ کان پوءِ ٿي ٿڌي جيئن پگ ڦينگهہ 4

خيال جنھنجي دل تي خطرا سا خدا سان ڪئن رجهي
ڪئن جهلي گل ڦر اُهو وڻ جنھنکي ويڙهئو آھي گهينگهہ 5

_______________
(138) 1- آواز 2- رڙڻ 3- سنهو ليڪو 4- تمام پٽڙي 5- بي پاڙي ول يا گهنگهڻو

(139)

دوست تنھنجي ديدليء دلکي آھي ڪا تانگهہ تنگهہ [8]
ٿي نھاري لوڪ ۾ تنھنجا تہ سڀ لانگها ۽ لنگهہ

ٿيون پڪارن لاءِ تو ڪوهَن ۾ ڪَرڪئو ڪونجڙيون
منجهہ پٽن تتر تنوارن منجهہ بحر آڙيون ۽ منگهہ

جهنگ ۾ ڄانگها هرڻ ڳولين تنھنجون جهائيون
منجهہ هوا اُڏريو پکي پنھنجا هڻن چؤطرف ڦنگهہ

جي ڪُٺا تنھنجي محبت عشق جي تڪبير سين
سِر ڏيو سَرھا ٿين صادق نہ ٿا چورين چنگهہ2

شوق ۾ تنھنجي ڦلاريا ڦل ٽڙيا گل باغ ۾
سڪ ۾ ساوا ٿيا وڻ ٻھر آڻي مور3 منگهہ

______________
(139) 1- ڇڪ 2- آواز 3- نوان پن

(140)

آھي ننڊ ندوري ۽ آرس اَڀاڳ
سمهڻ سور ساڙو اُٿي يار جاڳ

چوري تند تنبور جي ڪر طلب
ريجهي راءُ ڏيندو لنگها توکي لاڳ

جنھنکي سڪ سيني اندر سوز سل ڪيو
سدا تَنھنجو سُر ٿيو رئڻ تنھنجو راڳ

وڇوڙي جي دل ۾ لڳي جنھن ڇري ڪا
وِرھہ ۾ وصل جي وِهو ڏي وِھاڳ[9]

پوي بوءِ ٻاهر ٿي کامڻ پچڻ جي
توڻي ڪو ڀڃي ٿو اندر دل ۾ داڳ

جاڳي جو ستو دل ڏيئي رب کي
ڀلي سو سمھي گل سنئون جنھن سڀاڳ

_____________
(140) 1- صبح تاءِ

(141)

ڪيئن ڪن ڳنڍ ويھہ ڌارا ڀڳ
ڪئن وٺن چور جوڻيت ريءَ سڳ 1

جؤءِ ۾ ٿا اچيو ٿين سڀ گڏ
ھيڏي هوڏي ڦريو وَلھرا2 وڳ

ٿا شڪاري هڻن چتاير گز
جلد تڪڙا ٻڌيو اَندازا اڳ

ويا سنجهي سڀ سوار ٿي ساٿي
ٿو کڻين پرھہ جو تون پيرا پڳ3

ٿا ڦرن محب لاءِ منھہ مشتاق
رهن محبوب لاڏ ۾ ٿا مَڳ4

ڪئن ٿين لپ چرونءَ مٿي چھرا
گل کاڌا جنيس سدائين کڳ5

___________________
(141) 1- ثابتي 2- مال ڇڄي ويل 3- پير 4- بي پرواھہ 5- گهڻو انداز

(142)

مَ ڪَنَ چير جوڳي اُٿي پاءِ جوڳ
بٺي[10] برھہ جي ٻار بٺ 2 کانئي ڀوڳ

کلي کاءُ رِهندو3 رزق ربَ جو
ارِهندو اَنڌا ڪيم وجهہ پيٽ روڳ

پيو کاءُ ڪر ياد حق ڇڏ رياءِ
ڇڏيو اَن ڇاکي پئين کيرُ دوڳ 4

رَلو راھہ وچڙال وک وجهي تکي
پرين جي طرف ڊاٻ 5 ڊڪ پوُر پوڳ 6

اندر جن جي اُستاد ٿيو عشق جو
پڙهڻ علم ايندو ڇڏيو اوڳ 7 توڳ

ڏسي حسن گل جو ٿي بلبل چري
ڏسڻ انکي ٿيو قوت پاڻي ۽ چوڳ

____________________
(142) 1- کوري 2- ميدان 3- حلال 4- ڌؤرو 5- جانچ 6- سرميدان 7- موڳو سياڻو

(143)

ڏسيو توکي دلبر اکيون ٿينِ ڳنڱ [11]
پيو صاف ميء کي وٺن خوب رنڱ

گهوڙي عشق جي تي سدا جي سوار
وتن چست چھرا سي ريءَ ٿاڪ 2 لنڱ

ٻاري درد جي ديگ ڏکئا3 وجهن
وڍيو ڏيل پنھنجا ڪريو تنھن ۾ ڏنڱ4

محبت ۾ موليٰ جي مانجهي ميا 5
فدا جان دل ڪيو اُتارين انڱ

اڳيان دوست جي عجز نوڙت چڱي
سائينءَ سين ڪھڙا گل سياڪا6 ۽ سنڱ

_________________
(143) 1- ٿڌيون 2- ٿڪ 3- دره وارا 4- ٽڪرا 5- پھلوان 6- مائٽي

(144)

هل همٿ سين هوت ڏي روءِ ڪيم رنڱ
ڏي م دنيا تي هڏن جي مِک منڱ 1

آھي منجهہ ڪاني منائي چاش چرس 2
جي کڻين لاھي مٿان اُن ڇيت ڇنڱ

جي دوا آھي ڪڙي توڻي ڪني
ٿو اچي ڪم ايريو ڏس ڪئن ٿنڱ 3

آھي منجهہ صورت حقيقت ھيڪ ٿي
جيئن هڏي ۾ مغز کل ۾ آھي سنڱ

ڏس تہ ڪيئن ظاهر ۾ ٿيو باطن ڳجهو
منجهہ ڪَپڙ ڪئن ويڙھيو اندام 4 لنڱ

ڪر همٽ منجهہ تات حق جي ڪر همٿ
مڙس ٿي گل مڙس ٿي گل مڙس ڌنڱ

______________
(144) 1- نرين جو گودو 2- لذت 3- اگرو 4- عضوا

(145)

بار کي باري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ
راند ۾ ساري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

ٿا رکيو ڪسرت[12] اُٺائن منڃريون
منجهہ دليءَ واري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

ھيڪلي پنھنجي مٿي کاھي رکي
اَن جي ھاري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

لوڪ جي بھتان ۽ خواريءَ سندي
سر مٿي کاري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

جهنگ ۾ هئل 2 ۾ وڃائي گل شڪار
پير کي ماري 3 کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

________________
(145) 1- ورزش 2- گهاٽو 3- شڪاري

(146)

اي يار دل آرام تون شل هئين سدا اي دوست گل
محبوب گل اندام تون شل هئين سدا اي دوست گل

تنھنجون اکيون گل، زلف گل، منھن گل، آهن رخسار گل
رنگ روپ ۾ گلفام 1 تون شل، هئين سدا اي دوست گل

ٻوٽين تہ مکري وات ٿيو اُپٽين تہ گل اثبات 2 ٿيو
موھيوسين مونکي ان مان3 تون شل هئين سدا اي دوست گل

تنھنجي هٿن ۾ جام گل مئي تنھن ۾ ٿي گلفام گل
گل ڏي ڀري مون جام تون شل هئين سدا اي دوست گل

تون منجهہ صفت گل ذات ۾ منجهہ ڏينھن گل تون رات ۾
آغاز 4 ۽ انجام 5 تون شل هئين سدا اي دوست گل

تو مان رسي گل تازگي خوشبوءِ ۽ دل سازگي
منھنجا سَريا سڀ ڪام تون شل هئين سدا اي دوست گل

تون جسم گل ۽ جان گل آءٌ اسم گل ديوان گل
ٻئي گل ٿيا هڪ نام تون شل هئين سدا اي دوست گل

_________________
(146) 1- گل جهڙو 2- ظاهر 3- رمز 4- اول 5- آخر

(147)

دل تخت حق عرش عُلا[13] جيڪي چوان سو آھہ دل
دل نور حق جو پُرضيا 2 جيڪي چوان سو آھہ دل

دل ۾ ڪتيون تارا کلن سج چنڊ اُت اڀرن لهن
سج چنڊ کان روشن صفا جيڪي چوان سو آھہ دل

دل ابتدا ۾ ذڪر ٿي وچ ۾ فنا ۾ فڪر ٿي
آخر ٿئي ٿي سا بقا جيڪي چوان سو آھہ دل

دل ٿي مريد قدير 3 حّيء4 موٽي عليم 5 ڪليم 6 ايء
سڻندڙ ۽ ڏسندڙ اصل کا جيڪي چوان سو آھہ دل

اول فنا فعلن7 ۾ ٿي پوءِ منجهہ صفت مثلن8 ۾ ٿي
پوءِ ذات ۾ ٿي او فنا جيڪي چوان سو آھہ دل

دل کلي ٿو اول ٿئي عروج9 منجهہ ذور حقجي ئي وُلُوج 10
پوءِ نيٺ ٿي مشھود11 سا جيڪي چوان سو آھہ دل

دل کي ٿو اول ٿئي شھود12 درويت13 ۾ ٿي ثابت وجود
آھي سا گل باغ لقا جيڪي چوان سو آھہ دل

_________________
(147) 1- مٿاهون 2- روشني 3- طاقت ور – خدا تعاليٰ جو نالو 4- جيئري – خدا تعاليٰ جو نالو 5- ڄاڻندڙ- ڌڻي تعاليٰ جو نالو 6- ڳالھائيندڙ – ڌڻيءَ تعاليٰ جو نالو 7- ڪمن 8- سڀني صفتن ۾ هڪجهڙو 9- مٿاهون درجو 10- گهڙڻ 11- شاهدي ڪيل 12- حاصر ٿيڻ 13- ڏسڻ