شاعري

ديوان گل

”ديوان گل“: ٽالپر دور جي پھرئين غزل جي صاحب ديوان شاعر خليفي گل محمد ’گل‘ ھالائيءَ جي غزلن جو ديوان، پھريون دفعو جنوري  1859ع ۾ مطبع ممبئيءَ مان ليٿو پريس تي شايع ٿيو هو.  1933ع واري پنجين ڇاپي ۾ محمد صديق ميمڻ ’ديوان‘ گل جو تفصيلي ديباچو بہ لکيو هو، جنھن ۾ خليفي گل محمد جي ڪلام جي خوبين، بلاغت، فصاحت، تشبيھن، اصطلاحن، پھاڪن جي استعمال، وزن وغيره تي اجمالي بحث ڪيو ويو آھي. خليفي گل جي زندگيءَ جا حالات عبدالغفور ھالائيءَ لکيا هئا. ديوان گل ۾ الف- ب وار رديفن جي ترتيب سان 175 غزل شامل آهن. 

Title Cover of book ديوان گل

حصو پنجون

(88)

چؤ چتائي سخن مَ ڪر لَڙ لَڙ
سالُ[1] سمجهي ادا نہ ڪر بڙ بڙ

واءُ توڻي ڪ آه راَ‎حَتَ روُحَ
وڻ پٽي جي لڳي ڪري جهڙ جهڙ

مينھن دڙڪي2 جي مان نٿو ٿئي گاه
جو وسي سخت ٿو ڪرئو ڪڙ ڪڙ

ڀون مٿي هَلُ ادب سين پير ڀَري
دل سندي ڌيان سان م ڪر دَڙ دَڙ

اَڻَ پُڇي ڳالھہ چوڻ نانھہ صلاح
اڻ سڌيو ڪنھنجي گهر وڃڄڻ سڙ سڙ 3

ڪئن اُڏامي پکي کٿل کنڀن
توڻي ڦٿڪي توڻي ڪري ڦڙ ڦڙ

گل ڪتو آه پاليل درجو
جي هڻو دوست جي ڪريو ھڙ ھڙ 4

______________
(88) 1- پورو 2- جلدي 3- اجايو 4- لوڌيو

(89)

ڪين ٻڌَن جنگ ۾ جوان مرد اَڙَ [2]
قرب ۾ ڪپيو ڪڍن ٿا ڪونڌ ڪَڙ2

جت اچن گرڙاٽ ڪيو گورا3 گُڙئو
ٿا پون عاشق اُتي ڪيو ڊانھن4 ٿَڙ

نارَ نيڻن جا وهن جر جال تت
جت ٺڪا ڪيو ڏين پاڻي پاڪ تڙ

راڳ ۾ چوري هڻن جي تند کي
ٿا هڻن پوءِ جوش ۾ سي جوان جهڙ5

پوٽـڙيون مصحف مٿي آھينِ پوش
پَرھيا6 قبرن مٿي پيرن جي پَڙ

پاڻ ڪر فاني خدا کي ڪر ثبوت
آه اَيُ احسان ڪَرِ وَڙ7 ساڻ وڙَ

مَن راَني8 قدريٰ الحق آه مام
گل ڳجهارت اي ٻجهن ڪي مڙس ڀڙ9

_____________
(89) 1- آڏ 2- سنڌو يا حد 3- گولا 4- فنا 5- تڪڙو وڄائڻ 6- ڍڪيل 7- مهرباني 8- جنھن مون کي ڏٺو تنھن ڏٺو حق کي 9- ڏاھا

(90)

جن کي حاصل پاڻ مان ٿيو پنھنجو رازُ [3]
تنجو تن طنبور ٿيو سُرُ سوز سازُ

نفيءَ مان حاصل ٿيو جن کي فناءِ
حڪم ۾ ماروُ 2 ٿيو شَھہ دست باز

عشق سائينءَ کي ڪري ٻانهون غلام
ڏسُ تہ ڪئن ٿيو شاه محمود و اياز

دين ملت عشق جو آھي جدا
وصل نيڪي ٿي مدائي امتياز3

گل جي توکي عشق مولا جو سچو
پؤ کلي پؤ ٻھر ڇڏ تون احتراز4

_______________
(90) 1- ڳجهہ 2- شڪار ڪندڙ 3- جدائي 4- بچاءُ يا پاسو

(91)

ڪين بس ڪن بکيا کِيَڻَ کان روز
پُر1 نہ اُڃيا ٿين پيڻ کان روز

ٿا تہ ورچن سخي بخشش کان
مڙس ڏاتار ڏن ڏيڻ کان روز

نانھن آرام صبر جميعت
عاشقن کي جهرڻ جهڄڻ کان روز

معشوقن کي ناھي قرب قرار
مان ۽ شان ۽ پُڻَڻَ 2 کان روز

سالڪن کي سلوڪ سير اندر
بس نہ آھي وڃڻ ورڻ کان روز

منجهہ صفت ذات آه شان ٻيو
عارفن کي ڏسڻ پسڻ کان روز

گل جو آھي سدا گلاب مدام
بس نہ اُنکي کِڙڻ ٽِڙڻ کان روز

__________
(91) 1- ڍاوا 2- وڏائي

(92)

ٿو وڻي لات[4] ۾ مٺو آواز
هر ڪنھين بات ۾ مٺو آواز

سر ڪلياڻ ۽ جمن ۾ جوڙ
پوءِ کنڀات ۾ مٺو آواز

منجهہ سُر راڳ سامونڊي سھڻي
سسئيءَ اڌ رات ۾ مٺو آواز

جوڳ، بروو، کاهوڙي، رامڪلي
رِپ، پرڀات ۾ مٺو آواز

منجهہ بلاول، ۽ مارئي، راڻي
گل ڳواّت ۾ مٺو آواز

_____________
(92) 1- ٻولي

(93)

عاشق اُڀو چئي واه واه ٻولي ڙڙڙڙ[5]
عاشق چوي ويو ساه ساه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ

توڻي ڪپي قطرا 2 ڪري عاشق وڍي ٽڪرا ڪري
پنھنجو جسو هڏ ماه ماه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ

جي دِل ڪڍي ڪانَون ڪُتن عاشق هِنيو ڏي سان هٿن
ڀؤن مان پٽي جئن لاه لاه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ

عاشق توڻي ڳرئو ڳري منجهہ ساڙ سڪ ٻرئو ٻري
ڏک ۾ ڪري بُتُ پاه 3 پاه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ

جي ٿئين مٿي پيرن پڻي 4 تندون ڪرين تن جي تڻي 5
گل ٿئين مٿي گس گاه گاه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ

____________
(93) 1- ويچارا ڏيڻ 2- ٽڪرا 3- فنا يا چوُر 4- کھہ 5- پردو

(94)

آھي دل تي دلبر جي دائم اُداسَ
پرين جي پسڻ جي پرت کان پياس

هنئين ۾ سدا ھيج هوتن سندو
اندر آنٽ اوساٽ ڪاڙهو اُڪاس1

درد دل مٿي سوز سيني اندر
سدا سور ساڙو وروهڻ وِماس2

سِڪي دل حبيبن جي ھيڪاند لئي
پوري ڪَر تون پينار جي پِير آسَ

منجهان ديگ پنھنجي بکئي کي ڍئيو
تہ پڻ پُر ٿئي جي چکايوس لاسَ3

لڳي جن خبر تن ٻئن نانھہ سُڌِ
هنئي هنڌ، خبر پئي قدر پئي قياسَ

نہ صورت مٿي گل جي ٿيو بيخبر
هنيو ڀولر کي بره جي بوءِ باس

______________
(94) 1- سڪ 2- فڪرات 3- ٿورو ذرو

(95)

جن چکي تنھنجي چپن مان يار چَسَ[6]
چاه2 ڪيا چريا رُلايا ريجهہ رَس

ناھہ راحت رهٽ3 ڪک ۽ ريج تي
جِن چُنا آھين ساوا گاه وس

آه سڀڪنھن کي طمع ۾ تانگهہ تات
لَڙَھہ مٿي لالچ وڃن ٿا لُرَ لَسَ

جنکي محبت حق جي من ۾ مدام
محو ڌاران منجهہ ملڻ ڪن ماٺ مس

جي ويا ٿيا منجهہ وڃي حق سان وصول
وٺ انھي جا گل گهمن گهٽ گهيڙ گس

___________
(95) 1- لذت 2- شوق 3- گاه جي پاڙ

(96)

اکين ۾ آءُ منھنجي وه اچي دوس1
ڏَجِڻ2 ڏک ۾ ڀلي پيئي ڪري ڊوس3

پرچ پنھنجو سڃاڻي پاڻ پريم
نہ گهرجي يار يارن سان ڪرڻ روس4

اچي وَٽِ وِهُ تہ اوريان حال توسان
مونکي آھي آزاريو لوڪ جي لوس5

سڙي کامي پچي شال کر ٿئي خوار
ڪري تَنھنجي ڪمائي رب مڙيئي کوس

محبت آه ٻارئو مچ مَن تي
اندر ۾ عشق جا آڙَهَ ٻرن اوس6

قريبن قربَ جا کوڙيا ڪينارا7
ڪلالن گَهر سدا قربانيون ڪوس

متارا مست ٿيا گل پي پيالا
ڏين سَٽ ۾ سِريون سانگا نہ ڪَن سوسَ8

_____________
(96) 1- دوست 2- ڏکي زال 3- ڌوڙ وجهي 4- رسڻ5 - طعنہ 6- سخت گرمي 7- گوشت ٽنگڻ جو اوزار 8- ڪنجوسائي

(97)

عاشقن کي عشق تنھنجو عيد عشرت[7] آه عيش
سُور سودو مُور محبت وڻج ووءِ ووءِ نفع نيش2

شوق شادي، سوز سڪ سينگار، ذلت 3 آه ذوق 4
وره واڌائي مبارڪ، رنج راحت، رحم ريشُ5

درد دنيا، دين دولت، ھاءِ ھيءِ ھيھات ھيج 6
نينھن نيت، برھہ بيعت 7، ميل ملت 8، قرب ڪيش 9

علم عبرت، حلم حيرت، فڪر فرھي باب بره
دورُ دلبو سارَ سينو، عجز همت زير پيش

روح صورت باغ ٻوٽو، انگ عضوا گل ڦل
ياد مولا يار سنگت، خيال خطرا ڪُڻم 10 خويش

______________
(97) 1- خوشي 2- ڏنگ يا تڪليف 3- بيعزتي 4- مزو 5- ڦٽ 6- خوشي 7- وفادار رهڻ جو انجام 8- شريعت 9- عادت 10- قبيلو

(98)

آءٌ ڏکيو ڇا جي هُئان تون شال هئين محبوب خوش
پوءِ مَٿي رندن[8] رُئان تون شال هئين محبوب خوش

سور ڏک تنھنجا وڃي ڪنھنکي چوان جاني مٺا
تنھنجا پڻ توکي چئان تون شال هئين محبوب خوش

جي ڌڪئين تون اي لُڏڻ 2 جي لاڏ مان مون لوڌئين
پڻ پُٺيءَ تنھنجي پُئان تون شال هئين محبوب خوش

عرض منھنجا دل اڳي مونکان اچي آنکي چيا
جي سُئان يا ناسُئان تون شال هئين محبوب خوش

تنھنجي نيڻن جي خنجر خوني هڻي رت ڪيو جسو
واري سورَتَ سپن ڌُئان تون شال هئين محبوب خوش

تنھنجي چشمن سيني گل جي کي هڻي ڪيو چاڪ 3 چاڪ
سو سبئو ٿيندو تُئان4 تون شال هئين محبوب خوش

____________
(98) 1- گس 2- لاڏ وارا 3- ڦٽ 4- توکان

(99)

ھيج 1 مونکي حبيب تنھنجو عيش
قرب مونکي قريب تنھنجو عيش

آه آزار عيد سوُري سيج
ايج 2 مونکي عجيب تنھنجو عيش

ديد3 تنھنجو دوا ٻڪيون ڦڪيون
ترس مونکي طبيب تنھنجو عيش

آه نافع نظر تنھنجو سڀ نور
ناز مونکي نجيب 4 تنھنجو عيش

پڻ اڱڻ تي ٽلڻ وهڻ وَٽ ۾
لاڏُ مونکي لَبيب 5 تنھنجو عيش

سور سينگار آه شادي شؤق
رنج مونکي رقيب 6 تنھنجو عيش

پوءِ اکن تي رکڻ ڳنڌڻ خوشبوءِ
گل مونکي غريب تنھنجو عيش

_____________
(99) 1- خوشي 2- ڏک 3- ديدار 4- بزرگ 5- عقلمند 6- دشمن

(100)

جي جيارين دوست مارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص[9]
خون بخشين ڇا جي ھارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص

دل ضعيفن جي هڻايو ٿو ڏئين ڏاڍن جي هٿ
پوءِ مٿي رَندن2 رُئارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص

ڪنکي ڪرٽن3 سان چرايو ڪنکي گهاڻن4 پيڙئين
ڪن جو سوريءَ سر اُتارين توتي چؤڪھڙو قصاص

سِنّ5 بالسّنّ و الجُروحُ آيو مڙوئي تنھنجو حڪم
ڏند ڏئّو ڏيل ڏارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص

من قَتَلُةُ6 ڪُهئو پوءِ اَنا ديُتـﮧ7 ٿئين بھا
عاشقن جا رت اُجارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص

پھرين گل کي ٺاه ڏاڍي سان کُلايو خوش ڪرين
پوءِ وجهيو باهن ۾ ٻارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص

___________
(100) 1- عيوض ساڳيو 2- گسن 3- حضرت ذڪريا 4- حضرت بلال 5- ڏند جي عيوض ڏند ۽ ڦٽ جي عيوض ڦٽ 6- جنھن کي مون ڪٺو 7- آءٌ هنجو عوض آھيان 8- روشن ڪرين

(101)

ٻانهو تنھنجو دلبر سڀ هوءِ عام خاص
توڻي ڪري خلق ۾ توڻي سلام خاص

ٿيو پاه تنھنجو پُڻيَلُ [10] تنھينجو وَڻلُ2 وَني3
ميرن پيرن مڙن وٽ آھي مدام خاص

وائي تنھنجي واه واه ٻولي تنھنجي ٻاڻ
ٿيو حرف حرف سڀڪو تنھنجو ڪلام خاص

خط جي خبر حقيقت توڻي ڪ آه خوب
پرين جي پار کان پڻ آھي پيام خاص

ڪئن عام اُت اچي جت جهل پل ڪرين دربان
محبوب تنھنجي منزل آھي مقام خاص

ڪو ڪنھنجو آه نوڪر ڪو ڪنھنجو چاڪر آه
گل تنھنجي دَرَ جو آھي گولو غلام خاص

_____________
(101) 1- ڇنڊيل يا چونڊيل 2- وڻندڙ 3- ڪنئار

(102)

ٿي خدا ساڻ حرص[11] ڇڏ حارص2
پس پنھنجو پاڻ حرص ڇڏ حارص

نانـﮧ ڪين ٻيو سواءِ سائينءَ جي
رک پڪو ڄاڻ حرص ڇڏ حارص

جيڪي ڀانئين ٿو پنھنجو ڀانئڻ تون
سو سڀوئي ڀاڻُ3 حرص ڇڏ حارص

اَن مان جو بچي ڪُٽئي ڇاڻئي
اُو چُنون ڇاڻ حرص ڇڏ حارص

سوئي اَن وڪڻندڙ ۽ ڳنھندڙ سو
سو مَئي ماڻ حرص ڇڏ حارص

تونھين کَٽَ، تون وِھين، تون واڻيندڙ
تون آھين واڻ حرص ڇڏ حارص

تونھين ٻج ٿڙ ۽ ٽارَ پن گل ڦَرَ
تونھين باغ وان حرص ڇڏ حارص

___________
(102) 1- لوڀ 2- لالچي 3- جو سائي کي سڪائي

(103)

ڪھڙو معشوقن کي عاشق تنھنجو پروا ۽ غرض
جي ٻڌي ٻانهون ڪرين سو بار لک ڀيرا عرض

توتي سر تسليم 1 جو تفويض 2 مورا اِختيار
ڏي سِري تا ساب پئي پاڻا لھي توتان قرض

آه ھي تڪبير اوليٰ3 فرض منجهہ اول نياز
چؤ چتائي چيت سان ڪر پانھنجو پورو فرض

عشق جو آزار ڏاڍو چيو طبيبن لا دوا4
جو ڪري انجي ٻُڪي پاڻا وڌي ٻيڻو مرض

ٿو ڪڍي سر ٻھر ڪنڊن مان هڻي ڪئو لار ڦاڙ
گُلَ تنھنجي ديد جو گل کي پئو آھي غرض

____________
(103) 1- قبوليت 2- حوالي ڪرڻ 3- پھرين 4- جنھن جو علاج نہ ٿي سگهي

(104)

آھہ سڀڪنھن ٽول ۾ گڏيو خدا آھي غرض
طرح ٻيءَ ڀَتِ ٻيءَ سڀت جڙئو جدا آھي غرض

مائٽ کي اولاد ۾ اولاد کي مائٽ اندر
ڪنھنکي اُڄُھين آھہ ڪنھن کي منجهہ سُڀا آھي غرض

مڙس زالون پاڻ ۾ گڏ ٿا وتن ڌاريا عزيز
ڀائر ڀائيءَ کان ڀلو هِن هّنکا آھي غرض

مرض موڙو[12] مھٽ جت محبوب جي آھي مراد
اُت ڪرڻ دارون دوا، پنّڻ دعا آھي غرض

منجهہ طلب جنکي دنيا ۾ آھہ مقصد شوق ذوق
آخرت ۾ عيش جنت جو لقا2 آھي غرض

نفي ۾ جت نامرادي عين آھي سڀ فناءُ
گل اُتي سَڌَ ديد جي ڳولڻ بقا آھي غرض

_________________
(104) 1- هڪ بيماري جو قسم 2- ديدار

(105)

تو منجهان جڳ کي ڏنو رحمان فيض[13]
جن مَلڪَ حيوان ۽ انسان فيض

سنڌ کي توکان سَرئو سڀڪين سخي
خوب وٺتو ساري هندستان فيض

لعل ٿيو لاهور لالن تو ڪنان
مفت نيو محبت منجهان ملتان فيض

سال ٿيو سرهند تنھنجي صدق ۾
تو ڏٺو تبريز ترڪستان فيض

ٿيا خراساني تنھنجا خالص خلوص
علم ۾ اُنکان ڊھيو 2 ايران فيض

چاھہ تنھنجي ۾ ٿيا چشتي چڱا
ياد تنھنجي ۾ لڌو يونان فيض

ڪئو عجم توکان عرب سڀ عيد عيش
گل کٽيو منجهہ باغ ۾ بستان فيض

_________
(105) 1- فائدو 2- مليو

(106)

اُڄ اچي قاصد ڏنو دلدار آڻي تنھنجو خط
ڏيئي لفافا پوٽڙيون سينگار آڻي تنھنجو خط

ڪي نياپا ٻيا زباني ۽ ڳجهيون ڳالھيون
سڀ ڏنئي ساري نشانيون پار1 آڻي تنھنجو خط

لوڪ کان آيو لڪي سالم2 سياڻو هوش ورُ
مونکي پڻ ڪوٺي ڏناءِ ڌار آڻي تنھنجو خط

خط ڏنئين مونکي نئين منھنجو ڦُري سڀ هوش عقل
ڏک ڏنئي منجهہ ڏيل سڪ ۽ سار 3 آڻي تنھنجو خط

ويئي خوشيءَ ۾ محو4 ٿي دل ذوق لذت ۾ جُسو
سڀ وساريئي يار ۽ گهر ٻار آڻي تنھنجو خط

منجهہ ڏسڻ شادي سَري5 ۽ منجهہ پڙهڻ اندوه درد
پوءِ جڏهن ڪيئي حڪم سڀ نروار 6 آڻي تنھنجو خط

گل ڏسي شرمائِيو منجهہ قول فعلن پانھنجي
ڦولي ڳولي سڀ ڏٺئين جنھن وار 7 آڻي تنھنجو خط

___________
(106) 1- نشان 2- سڄو 3- سارڻ 4- گم 5- حاصل ٿي 6- ظاهر 7- وقت

(107)

حق اَڻ پڇيو ڪنھنکي چوڻ آھي غلط[14] آھي غلط
اَڻ ڪوٺيو پٺ ۾ پوڻ آھي غلط آھي غلط

دلجي ڌيان بنا ڏُجهڻ 2 آھي اَنڌاري ۾ اُجهڻ 3
ري باھہ ڦلير کي ڌَوَڻَ آھي غلط آھي غلط

منجهہ تار ريءَ 4 ٽـُڙھي ترڻ منجهہ جهنگ ري سونھي ٽُرڻ
پاڻي بنان ڄيرو جَهوَڻ 5 آھي غلط آھي غلط

ڪيئن قرب ري پيوند ٿئي پيوند ريءَ سنڌ بند ٿئي
ري ماپ مُٺِن سين مَوَڻ آھي غلط آھي غلط

مرشد اڳيان ٻانهون ٻڌي هِن هُن ڪنان واڌو وڌي
نيت سچيءَ ڌاران نَوَڻ آھي غلط آھي غلط

سُڌ ٻُڌّ ريءَ سينو ڪڍي گل ڪوڙ تي وٺيو وڍي
منجهہ لات ڪانگل جي لَوَڻ آھي غلط آھي غلط

________________
(107) 1- نادرست 2- طلب ڪرڻ 3- ڳولڻ 4- وڏو پاڻي 5- وسائڻ

(108)

دين لئي دنيا ۾ آھي دل ٿيڻ ديوان[15] شرط
ھاج ۾ دنيا جي آھي پوءِ هجڻ حيوان شرط

لئي طلب مؤليٰ جي مرشد سان رکڻ آھي ضرور
هڪ ادب، ٻي دوستي، ٽيو ساڻ سچ ايمان شرط

معرفت حاصل ڪرڻ لئي عارفن جي پيش آههِ
علم سان جاهل هئڻ ۽ عقل سان نادان شرط

نانھہ هن صورت مٿي اِنسان جي حق جو عذاب
پر ٿيڻ صورت ۾ سيرت 2 سان اول اِنسان شرط

جت هڻي دلدار ٿو چيٺي چڱا چشمن جا تير
اُت کپي دلبر اڳيان دل سان ٿيڻ نيشان شرط

ميء هٿان محبوب جي پيڻ وڏي آھي مراد
پر ٽِڙيل مهندا اکن گل لاله و ريحان شرط

_____________
(108) 1- المست 2- اخلاق

(109)

منجهہ ديد تنھنجي دلبر آھي مدام خط1
منجهہ قول تنھنجي ڪامل آھي ڪلام حظ

مجلس ۾ دوستن جي آھي حضور نعمت
۽ پڻ سڻي سڻائڻ آھي سلام حظ

جي هوءِ خط هٿن جو لکيل تہ لک ڀلايون
محبوب جي مُھا2 پُڻ آھي پيام حظ

تسبيح توبھہ تقويٰ3 لئي عابدن4 موچاري
مجلس ۾ عاشقن ٿي ميء حرام حظ

تنھنجو وهڻ وڻي واه اُٿيڻ بہ عيد عاشق
آھي ٽلڻ اڱڻ تي وھہ خوش خرام5 حظ

مُکُ تنھننجو ٿيو سدا گل، گل تنھنجو تانھہ ڪين تل 6
گل کي وٺڻ مڪرّر7 ٿيو تنھنجو نام حظ

__________________
(109) 1- خوشي 2- واتان 3- پرھيزگاري 4- عبادت ڪندڙ 5- ٽلندڙ 6- مٽ 7- هر هر، وري وري.

(110)

دوست تنھنجو سدا ڌڻي حافظ[16]
ھيسَ2 ۽ ريس3 کا ڌڻي حافظ

ساج سينگار سونھن تنھنجي جو
اکِ ميريءَ4 ڪنا ڌڻي حافظ

صالحن کي چڱن ڪماين ۾
منجهہ عقل ۽ جَزا5 ڌڻي حافظ

زهد وارن کي منجهہ ڏکن سرن
منجهہ جفا6 ۽ صفا ڌڻي حافظ

سالڪن کي سلوڪ7 سير اندر
منجهہ قدر ۽ قضا ڌڻي حافظ

جذب وارن کي سير ذاتي ۾
منجهہ فنا ۽ بقا ڌڻي حافظ

عاشقن کي فراق وصلت8 ۾
منجهہ خوشي ۽ بلا ڌڻي حافظ

گل تنھنجي جمال جوت سندو
منجهہ صبوح ۽ مسا9 ڌڻي حافظ

_______________
(110) 1- نگهبان 2- ظلم 3- حسد 4- نظربد 5-عيوضو 6- ڏک 7- واٽ